پنهنجي ئي ديس ۾ ويڳاڻا بڻيل سنڌي ماڻهو
موت جو راڪاس سنڌ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي ههڙو ننڌڻڪو ديس ڪو ورلي ملندو. جتي موت کي روڪڻ لاءِ ڪير به موجود ناهي، بي يارومددگار، نٻل ۽ هيڻا ماڻهو موت جو سولو کاڄ بڻجي رهيا آهن. روز ڪيپمن مان 50 کان 60 جنازا کنيا پيا وڃن، ٻڏندڙ شهرن ۽ ڳوٺن مان لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. پر اسان جا حڪمران وڏي فخر سان اها دعوى ڪري رهيا آهن ته ”خدا جو شڪر آهي، اسان ٻوڏ دوران ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.“ سنڌ جي حڪمرانن طرفان ٻوڏ سبب هڪ مهيني اندر ٿيل موتن جو انگ ايترو پيو ٻڌايو وڃي، جيترا ماڻهو روز فقط ڪيمپن ۾ دوائن جي کوٽ سبب پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن.
سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ بدترين تباهي کي منهن ڏئي رهي آهي. برصغير جي ورهاڱي وقت جيڪا ننڍي کنڊ ۾ لڏپلاڻ ٿي هئي، سنڌ ۾ ان کان به وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي. سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب سنڌ ۾ آيل تباهيءَ جا جيڪي ابتدائي انگ اکر جاري ڪيا آهن. سي انتهائي حيرت جوڳا آهن. سنڌ سرڪار موجب فقط 27 آگسٽ تائين آيل تباهي ۾ 70 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن مان 13 لک ماڻهو سرڪاري ڪيمپن تائين پهتا آهن، باقي 50 هزار ماڻهو بندن ۽ ٻين محفوظ جاين تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. سنڌ جي ناڻي کاتي واري صلاحڪار قيصر بنگالي موجب ٻوڏ سبب سنڌ کي مجموعي طور تي 4 کرب 46 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو آهي. دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ آيل تباهيءَ کي ڇڏي، باقي سڄي سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 7 هزار 274 ڳوٺ، 43 وڏا شهر ۽ 22 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن. ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ پڪو توڙي ڪچو مڪمل طور متاثر ٿيو آهي. ٻوڏ سبب 179 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻوڏ سبب 300 رائيس ملون ۽ ٻيا ڪارخانا تباهه ٿيا آهن. زراعت کي هڪ کرب، 22 ارب جو نقصان ٿيو آهي. 3 لک ميٽرڪ ٽن جو فصل نقصان هيٺ آيو آهي. لائيو اسٽاڪ جي مد ۾ 11 ارب 40 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي. 2 لک جانور مري ويا آهن. بندن کان سواءِ آبپاشي کاتي کي 52 ارب روپين نقصان ٿيو آهي. 8 هزار ڪلوميٽر روڊ ۽ رستا ختم ٿي ويا آهن. جنهن سبب 37 ارب 50 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. سنڌ حڪومت موجب سنڌ ۾ 10 لک 21 هزار گهر ڊهي پيا آهن. جنهن سبب هڪ کرب 34 ارب 30 ڪروڙ نقصان ٿيو آهي. 100 صحت مرڪز تباهه ٿيا آهن. جن جي ماليت 2 ارب 30 ڪروڙ روپيا آهي. 4 هزار 600 اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن. جن جي ماليت 20 ارب 90 ڪروڙ روپيا آهي. جڏهن ته سرڪاري عمارتون ڊهي پوڻ سبب 10 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. زراعت ۽ چانورن جي تباهي سبب 28 ارب 90 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. ڪمند جي ڪري 11 ارب 60 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. ڦٽي جي تباهيءَ سبب 32 ارب 20 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي. چڻن ۽ ٻين ذخيرن جي تباهيءَ سبب 13 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. اسٽاڪ کي 10 ارب روپين جو نقصان رسيو آهي. 4 ارب روپيا واٽر ڪورسن جي مد ۾ نقصان رسيو آهي. فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جي مد ۾ 11 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. 160 پليون ۽ موريون تباهه ٿيون آهن.
هي انگ اکر ان عرصي جا آهن، جڏهن اڃا دادو ۽ ٺٽو ضلعو متاثر نه ٿيا هئا. انهن انگن اکرن بعد دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ٻوڏ جي تباهي جاري آهي. خاص ڪري دادو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ سنڌ جي مٿين ضلعن کان ٻيڻ تي وڏي تباهي آئي آهي. ٺٽي ضلعي جا 9 ئي تعلقا ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن جي اداري موجب شهدادڪوٽ ۽ ٺٽي ضلعي مان هڪ ئي ڏينهن 10 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي. جنهن جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي.
سنڌ ۾ ٻوڏ ڪيتري تباهي ڪئي آهي، ان جا صحيح انگ اکر سرڪار وٽ ناهن. سنڌ حڪومت اڃا سوڌو تباهي جي باضابطا سروي نه ڪرائي آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ٻوڏ جون تباهيون اڃا جاري آهن. حڪومت جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، نقصان ان کان چئوڻو ٻڌايو پيو وڃي. حڪومت فقط مٿاڇري سطح تي انگ اکر ڏئي، پنهنجي جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حڪومت جي مشينري جو ته اهو حال آهي جو هو ڪيمپن ۾ آيل ماڻهن جي به صحيح نموني سروي ڪري نه سگهيا آهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته جنهن ڪيمپ ۾ 5 هزار ماڻهو موجود آهن، اتي رجسٽريشن فقط 2 هزار ماڻهن جي ڏيکاري وئي آهي ۽ 5 هزارن بدران 2 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته باقي ماڻهو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن. حڪومتي مشينري انهن ماڻهن تائين به پهچي نه سگهي آهي، جيڪي ڪيمپن بدران ٻڏي ويل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مٿانهن هنڌن يا بندن يا وري گهرن جي ڇتين تي ويٺل آهن. جن کي غير سرڪاري ادارا کاڌو فراهم ڪري رهيا آهن. خاص ڪري سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان جيڪي ڪچي جا ڳوٺ متاثر ٿيا آهن ۽ اتي گهر تباهه ٿيا آهن، انهن جا به سربستا انگ اکر ڪٺي نه ڪيا ويا آهن.
نادرا طرفان رجسٽريشن جو شرط به انتهائي ڏکيو قرار ڏنو ويو آهي. جنهن متاثر وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهي، ان کي رجسٽر نه پيو ڪيو وڃي. آخر نادرا جي ڪامورن کي ڪير سمجهائي ته ٻيلي جيڪي ماڻهو فقط سر بچائي گهرن مان نڪتا آهن، انهن کي موت ۽ حياتي جي جنگ دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڳولڻ جو وقت ڪٿان مليو هوندو. جيڪي ماڻهو مصبت ۾ پنهنجي جگر جا ٽڪر به لڙهڻ کان بچائي نه سگهيا، انهن لاءِ رجسٽريشن ڪارڊ سنڀالڻ جي ڪهڙي اهميت هوندي. ڇا سرڪار ٻڌائي سگهي ٿي ته ٻهراڙي جي ڪيترن ماڻهن وٽ رجسٽريشن ڪارڊ آهن. رجسٽريشن جو اهو طريقو اصل ۾ مصيبت ماريل ماڻهن سان هڪ شرمناڪ مذاق آهي. ڀلا ڪوبه ماڻهو بنا ڪنهن مصيبت جي اچي ڪيپمن ۾ يا کليل آسمان هيٺ ويهڻ لاءِ تيار ٿيندو. ڪوبه ماڻهو سرڪار جي سڪل ۽ اڻڀن چانورن کائڻ لاءِ پنهنجا ٻچا هينئن رولڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. پنهنجن ننگن جي بيپردگي برداشت نه ڪندو. ان ڪري رجسٽريشن جو اهو طريقيڪار متاثر ماڻهن سان انتهائي بيهودي مذاق آهي.
سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن جا جيڪي ابتدائي انگ اکر ڏنا ويا آهن، ان کي ڪو به عقلمند ماڻهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن کان چئوڻ تي وڏي تباهي آئي آهي. ٻوڏ بابت سروي ڪنهن غير ملڪي اداري کان ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو سرڪاري انگن اکرن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته حڪمران پنهنجي اڪابري ڏيکارڻ لاءِ نقصانن جو ڪاٿو گهٽ لڳائي رهيا آهن، هو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ متاثر ماڻهن جو صحيح انگ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هڪ مهينو اڳ جنهن ڏينهن غوثپور وٽ ٽوڙي بند ٽٽو هو، ان ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير نقصان بابت جيڪي انگ اکر ڏنا هئا، انهن تي اڌ مهيني تائين ڳت ڏيو بيٺو رهيو. ان جي وچ ۾ اڌ سنڌ ٻڏي وئي پر سيد قائم علي شاهه وڌيڪ ٿيل نقصانن جا انگ اکر اڳين نقصان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سنڌ حڪومت جو سڄو زور ان تي هو ته هو ٻوڏ سبب تباهي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. پر حقيقتون ان جي بنهه ابتڙ هيون.
گڏيل قومن جو ادارو ۽ ٻيا عالمي ادارا دانهون ڪري رهيا آهن ته ٻيلي سنڌ مڪمل تباهه پئي ٿئي، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سڌي طرح متاثر ٿيا آهن. دنيا جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ سنڌ ۾ ٿي آهي، پر سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ نقصان کي گهٽائي پيش ڪري رهي هئي.
سنڌ حڪومت ٻوڏ تباهڪارين جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ متاثر علائقن جي ماڻهن کي ڪراچي ۾ وڃي آباد ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ ٻين وزيرن ۽ صلاحڪارن اعلان ڪيا هئا ته ڪراچي ۾ متاثرن کي مستقل بنيادن تي آباد ڪيو ويندو. کين اتي گهر ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ملازمتون مهيا ڪيون وينديون. پر انهن اعلانن جي اڃا مس ئي نه سڪي ته سنڌ حڪومت پنهنجي اتحادي ڌر جي بليڪ ميلنگ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. سنڌ سرڪار جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پهرين ڏينهن کان سنڌي ماڻهن جي پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ اچي رهڻ جي سخت خلاف هئي. ايم ڪيو ايم ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ انهن مٿان حملا ڪرايا، سندن لاءِ هر طرح جون مشڪلاتون ۽ مصيبتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ آڻڻ واري حڪومتي فيصلي کي روڪڻ لاءِ الطاف حسين طرفان فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. جيئن حڪومت کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ڪنهن به طرح سنڌي ماڻهن جي ڪراچيءَ آمد کي روڪيو وڃي. جنهن ۾ نسل پرست ٽولو وڏي حد تائين ڪامياب ويو آهي. پ پ سرڪار هاڻي ڪراچيءَ ۾ متاثرن کي ڪي به سهوليتون ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي. جيئن هو واپس اندرين علائقن ڏانهن هليا وڃن. ڪراچيءَ ۾ متاثرن کي گهر ۽ روزگار ڏيڻ وارن پراڻن اعلانن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن سان سنڌ جي عوام منجهه حڪومت لاءِ نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.
ڪراچي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر آهي. جتي روزگار جا موقعا موجود آهن. هيءُ شهر سڄي پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پناهگيرن کي تاتي ۽ نپائي رهيو آهي. پر هن شهر جا دروازا انهن ماڻهن جي چوڻ تي ڌرتي ڌڻين لاءِ بند ڪيا پيا وڃن، جيڪي ان جا وارث ۽ مالڪ نه آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ آيل غير سنڌين کي پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جا بندوبست ڪري ها، بنگلاديش، بهار، ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن کان آيل ماڻهن کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي آباد ڪرڻ جي رٿا جوڙي ها، پر پ پ سرڪار سنڌي ماڻهن کي گوڏي جو گاهه سمجهي ٿي، جنهن کي لتاڙڻ ۾ کين ڪنهن به تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوندو. سنڌ حڪومت جيڪا مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، ان هڪ سال اڳ پختون خواهه صوبي مان لکين ماڻهن کي نه فقط ڪراچيءَ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، پر سندن آمد جي مخالفت ڪندڙ سنڌ واسين جي سينن کي گولين سان پروڻ ڪيو هو. ڇا سنڌ جو وڏو وزير ۽ گهرو وزير اسان کي ٻڌائي سگهندا ته مالاڪنڊ ۽ سوات کان آيل لکين ماڻهن مان ڪيترا هزار ماڻهو واپس موٽي ويا. اڄ به ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، ڄامشوري ۽ ٻين شهرن جي پسگردائيءَ ۾ هزارين سواتي ۽ مالاڪنڊ واسي آباد آهن. جن جي غير قانوني رهائش تي ڪنهن جو به هڏ نه ٿو ڪرڪي. پر سنڌ جا اصل وارث پنهنجن ئي شهرن مان بيدخل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت متاثر ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ مستقل آباد ڪري روزگار فراهم نه ڪيو ته عوام جي نظرن ۾ سندن وقار ۽ عزت هميشه لاءِ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. پ پ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته جن اتحادي ڌرين جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي پ پ پنهنجن ئي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي، سي سندس ڪانڌي به ڪين ٿيندا. ماضيءَ جي تاريخ شاهد آهي ته پ پ کي سدائين انهن ئي اتحادين دوکو ڏنو آهي ۽ سندس پير ڪڍڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيا آهن. ٻيلي پنهنجن ماڻهن سان منافقي ۽ مڪاري گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه ٿي سگهي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت جنهن اذيت ۽ تڪليف مان گذري رهيا آهن، ان درد کي گهٽائڻ بدران وڌيڪ وڌايو يا شديد ڪيو ويو ته پوءِ بکيا ماڻهو سرڪاري فرمانن ۽ پروانن جي پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪندا. هو پنهنجن ئي شهرن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ ڪنهن وزير يا مشير جي منهن ۾ نهارڻ بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي وڌيڪ ڀروسو ڪندا. ٻوڏ متاثر سنڌي ماڻهو ايڏا هيڻا ۽ لاچار نه سمجهيا وڃن. ساڻن ڪنهن به قسم جون ارهه زورايون مستقبل ۾ خوفناڪ نتيجن کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين کي ڪراچيءَ مان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ان تي غيرقانوني قبضو ڄمائي ويٺل ماڻهو به پنهنجي دعا اگهامڻ لاءِ ٻيا در تلاش ڪن.
(ڇپيل: روزاني سنڌ، 4 آڪٽوبر 2010ع)