اين ايف سي ايوارڊ ۽ امير سنڌ جا غريب ماڻهو
جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا.
آخر سنڌ جي ماڻهن ملڪ جي آزادي واري ڏهاڙي تي جشن ملهائڻ ۽ عيد وانگر خوشيون ڪرڻ بدران ماتم ڇو پئي ڪيو. ان طرف انهن حڪمرانن جو ڌيان وڃڻ مشڪل هوندو، جن جا ڀڀ سدائين ڀريل رهيا آهن. جن کي اها خبر نه هوندي آهي ته گهر ۾ هڪ ويلي جي ماني نه هجڻ تي ٻارڙن جا مرجهايل مک ڪيئن هوندا آهن، بي وس ماءُ جي اداس چهري ۾ پيل گهنج ڪيئن وڌيڪ گهرا ٿي ويندا آهن. بي وس بڻيل بابو ڪيئن پنهنجن ٻچن سان اکين ۾ اکيون ملائڻ جهڙو نه رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن وٽ ته خالي دلاسا به کٽي ويندا آهن. جنهن ديس جا ماڻهو بي گهر هجن، يا ورهيه گذرڻ بعد به پنهنجن ڪکن ڪانن واري جهوپڙي جي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڏنل پراڻو لوڙهو ڪنهن ڪچي ديوار ۾ بدلائڻ جي سگهه نه رکندڙ هجن، سندن گهر ۾ موجود ڪنواريون ناريون ڪيئي خوبصورت بهارون فقط ان ڪري ماڻي نه سگهنديون هجن جو سندن والد يا ڀاءُ وٽ کين ڏاج ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ نه هجن. ڊگريون کڻي وزيرن ۽ وڏيرن جي در در جا ڌڪا کائيندڙ نوجوان جتان ڪٿان مايوسي پلئه پوڻ بعد پاڻ کي مارڻ يعني خودڪشيءَ کي ئي آخري سهارو سمجهندا هجن. جن وٽن هن ڪرڀ ڀرئي سماج مان ڇوٽڪاري ملڻ جو اڪيلو رستو فقط آپگهات ئي نظر ايندو هجي. اهي آخرڪار ڪيئن ٿا خوشيون ملهائي سگهن.
سنڌ جي ماڻهن کي جهنم جي هن ڪنڌيءَ تي پهچائڻ وارا اڃا ڇو ڪنهن احتساب کان آجا آهن. انهن کان پڇاڻي جي نوبت ڇو نه آئي آهي، جن قوتن پاڪستان جي استحڪام جي نالي تي سنڌ جهڙي سائي ستابي ديس جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي ڇو ملڪ جي خدمت جي نالي تي آزاديءَ واري ڏهاڙي تي ايوارڊن سان نوازيو پيو وڃي. ڇا اهي ماڻهو ايوارڊن جا حقدار آهن، جن سنڌ جي وسيلن جو پنهنجن ديس واسين بدران پنجاب کي ڌڻي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. قانون جوڙيندڙ ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي ۽ مالڪي ڪرڻ بدران هميشه ملڪي وحدت جي نالي هن ديس جا وسيلا نيلام ڪري آيا آهن. سنڌ جي ماڻهن جون ملازمتون هڪ صوبي جي جهوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيون آهن. 62 سالن کان هر سطح تي ٿيندڙ ارهه زورائي کي مفاهمت جي نانءَ تي ڪشاده دليءَ سان مرڪي قبوليو آهي. اڃا به سنڌ جو رهيل کهيل رت ۽ ست ڌارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ مفاهمت جو ناٽڪ بند ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي. سينيٽ ۾ سنڌ ۾ جون سڀ سيٽون غير سنڌين حوالي ڪرڻ کي ملڪ جو عظيم تر مفاد قرار ڏنو پيو وڃي. ناڻي ايوارڊ لاءِ نمائندگي خاطر به ڪو سنڌي ماڻهو کين هٿ نه ٿو اچي. اها مفاهمت ۽ عظيم تر ملڪي مفاد فقط ئي فقط اقتدار کي چند ڏهاڙا وڌيڪ برقرار رکڻ جون ڪوششون آهن. جيئن اصل اقتدار ڌڻي يعني پنجاب جا واڳ ڌڻي کين ڪجهه عرصو وڌيڪ قبوليت جو شرف بخشن. پر ڇا شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير کي اهي ساڳيون پاليسيون بچائي سگهيون، جو موجوده حڪمران سڄي سنڌ کي هڪ صوبي جي مفادن لاءِ قربان ڪرڻ خاطر سندرو ٻڌيو بيٺا آهن.
پ پ جي موجوده حڪومت صوبن ۽ مرڪز ۾ ناڻي ورڇ لاءِ تازو نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو سربراهه خزاني وارو وفاقي وزير جناب شوڪت ترين هوندو. جڏهن ته غير سرڪاري ميمبرن ۾ سنڌ مان قيصر بنگالي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. شوڪت ترين سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽ تي بنا مقابلي چونڊجي ان منصب تائين پهتو آهي يا پهچايو ويو آهي. ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ فقط اسان جناب قيصر بنگالي ۽ شوڪت ترين سميت اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندي آڏو سنڌ جو ڪيس رکڻ جي هجت ڪنداسين.
اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ جو اعلان ٿيڻ بعد خزاني واري وفاقي وزير شوڪت ترين پاڻ ماضيءَ ۾ سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو ذڪر ڪيو آهي. هن موجب گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ کي مالي وسيلن جي ورڇ ۾ پنهنجو حصو پتي نه مليو آهي. يعني سنڌ سان هر دور ۾ ناانصافي ٿي آهي. خزاني واري وفاقي وزير ان ڏس ۾ ڪجهه انگ اکر به ڏنا آهن. جن موجب سنڌ هر سال وفاق کي ٽيڪسن جي مد ۾ 180 ارب روپيا ڏئي ٿي، جڏهن ته کيس موٽ ۾ فقط 23 ارب روپيا ڏنا وڃن ٿا. اهڙي طرح مرڪز سنڌ مان 157 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪري ٿو. سنڌ سان هيءَ ٽريجڊي گذريل 40، 50 ڏهاڪن کان جاري آهي. پر ڪيئي دور بدلجڻ باوجود ان جو تدارڪ نه ٿيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جهڙي سکئي ستابي ديس جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن غريب ۽ مسڪين ٿي رهيا آهن.
اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي ملڪي وفاق ۾ موجود مظلوم قومن جا هميشه مرڪز ۽ خاص طور پنجاب سان اختلاف رهندا آيا آهن. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان اڳ ملڪي وفاق کي هلائڻ لاءِ پنجاب جي حڪمران طبقي وٽ پيمانا الڳ هيا. ان وقت بنگالين جي عددي اڪثريت سبب پنجاب ڪا به ورڇ يا فيصلو آباديءَ جي بنياد تي ٿيڻ جو سخت مخالف هيو. بنگال سان برابري ڪرڻ لاءِ ون يونٽ قائم ڪرڻ ۾ به دير نه ڪئي وئي. پر جڏهن اوڀر پاڪستان آزاد ٿي ويو ته ان بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ پنجاب پنهنجي آدمشماريءَ جي بنياد تي اڪيلو اڪثريتي صوبو بڻجي ويو. جنهن ڪري هن ملڪ کي هلائڻ ۽ باقي صوبن سان وهنوار ڪرڻ لاءِ آباديءَ کي اڪيلو فيڪٽر قرار ڏئي ڇڏيو. وفاق ۾ ملازمتن ۾ حصو به کيس نه رڳو آباديءُ جي بنياد تي ڏنو ويو پر هن پنهنجي فوجي ۽ سول ڪامورا شاهيءَ جي زور تي باقي صوبن جي ملازمتن تي به زبردستي قبضو ڪري ورتو. مظلوم قومن سان ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڦرلٽ واري عمل کي ملڪي وحدت ۽ استحڪام جو نالو ڏنو ويو. اهو رينگٽ اڃا به بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
ملڪ جي مظلوم قومن سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو ڪافي وقت کان اهو مطالبو رهيو آهي ته ناڻي ورڇ لاءِ اڪيلي آباديءَ کي فيڪٽر قرار نه ڏنو وڃي. سنڌ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي آهي ته ناڻي جي ورڇ ۾ صوبن مان اوڳاڙي ٿيندڙ ٽيڪسز کي به بنياد بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ مان وفاق باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ 6 ڀيرا وڌيڪ ٽيڪسز اوڳاڙي ڪري ٿو. پر 6 ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪو هن ديس جو سڏ ورنائڻ وارو ناهي. ٻيو ته ڇڏيو پر سنڌ جو مينڊيٽ رکندڙ حڪمرانن به سنڌ جي هن حقي مطالبي يا گهر کي اقتدار کسجڻ يا اصل اقتدار ڌڻين جي ناراضگيءَ جي خوف کان نظرانداز ڪيو آهي.
اچو ته صوبن جي وچ ۾ ناڻي ورڇ واري معاملي جو ڇيد ڪريون: مرڪز صوبن مان مختلف قسمن جو ٽيڪس اوڳاڙي ٿو. جنهن ۾ انڪم ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس، ويلٿ ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز شامل آهن. صوبن مان اوڳاڙجندڙ ان ٽيڪس مان مرڪز پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ 62.5 سيڪڙو پاڻ وٽ رکي ٿو، جڏهن ته باقي 37.5 سيڪڙو رقم ورڇ جوڳي ناڻي جي پول ۾ وڃي ٿي. جيڪا رقم صوبن ۾ ورهائي وڃي ٿي. صوبن ۾ اها رقم آباديءَ جي بنياد تي ورهائي وڃي ٿي. ان فارمولي هيٺ پنجاب کي 23 سيڪڙو، سنڌ کي 9 سيڪڙو، سرحد کي 6 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 2 سيڪڙو، جڏهن ته وفاق کي 59 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ٿو. هاڻي اچو ته ڏسون ته ورڇ جوڳي ان ناڻي ۾ صوبا پنهنجو ڪيترو حصو وجهن ٿا يا مرڪز کي صوبن مان ڪيتري اوڳاڙي ٿئي ٿي. سنڌ مان مرڪز 65 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙي ٿو، جڏهن ته پنجاب مان 25 سيڪڙو، سرحد مان 7 سيڪڙو ۽ بلوچستان مان 3 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيون ٿين ٿيون. اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته وفاق کي وڌ کان وڌ اوڳاڙيون سنڌ مان ٿين ٿيون. سال 1999-2000ع جي انگن اکرن موجب مرڪز کي سنڌ مان ٽيڪسز جي اوڳاڙي 180 ارب روپيا ٿي، جڏهن ته پنجاب مان 78 ارب، سرحد مان 22 ارب ۽ بلوچستان مان 8 ارب روپيا وفاقي ٽيڪسز جي مد ۾ اوڳاڙيا ويا. انهن اوڳاڙين جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي موٽ ۾ فقط 23 ارب، پنجاب کي 58 ارب، سرحد کي 13 ارب ۽ بلوچستان کي 5 ارب روپيا ورچ جوڳي ناڻي پول مان ڏنا ويا. هيءُ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ناڻي ورڇ جي اڪيلي آباديءَ جي بنياد تي فارمولي واري ورڇ سان سنڌ پنهنجي جائز حصي کان محروم ٿي وڃي ٿي. وفاق کي 180 ارب ڏيندڙ صوبي کي موٽ ۾ فقط 23 ارب ڏيڻ کان ٻي ڪهڙي وڏي ناانصافي ٿي سگهي ٿي. هنن مڙني انگن اکرن تي نظر وجهڻ بعد اها حقيقت کلي طور سامهون اچي ٿي ته سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار سنڌ جي ڏوڪڙن تي هلي ٿو. وفاق جا سڀ خرچ اڪيلو سنڌ برداشت ڪري ٿي. جڏهن ته ٻين صوبن مان وفاق کي جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي سا واپس انهن ئي صوبن کي ڏني وڃي ٿي. ان صورت ۾ ملڪ جي مٿان مالڪي واري دعوى پنجاب جي هجڻ گهرجي يا سنڌ جي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. جنهن جو سنڌ جا ماڻهو حڪمرانن ۽ خاص ڪري پنجاب کان جواب طلب ڪن ٿا. سنڌ مرڪز جو سڄو ڪار وهنوار هلائڻ باوجود ان جي انتطاميه ۾ حصيدار به نه بڻائي وئي آهي. وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ کي پنهنجو حصو نه ٿو ڏنو وڃي. وڏين وڏين ڪارپوريشنز ۽ خاص ڪري مالياتي ادارن، فوج، پي آءِ اي، سفارتي ملازمتن، ريلوي، ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ادارن، بينڪنگ سيڪٽر ۽ ملڪ جي ٻين اهم شعبن تي پنجاب جي بيوروڪريسي جو قبضو آهي. ملڪ ٺهڻ کان اڄ تائين مرڪز جي نالي ۾ به سڀ فائدا پنجاب جي جهوليءَ ۾ وڌا ويا آهن.
اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن مان نڪرندڙ معدني وسيلن تيل ۽ گئس جي مد ۾ مرڪز کي صوبن مان ٿيندڙ آمدنيءَ کي به شامل نه ٿو ڪيو وڃي. خاص ڪري سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي. گئس ۽ تيل جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن، انهن جي سڄي آمدني مرڪز کنيو وڃي ٿو. ڇا سنڌ جي مينڊيٽ جي دعوى ڪندڙ اقتدار ڌڻي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پنهنجي مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو آواز بلند ڪندا؟
هن وقت جڏهن اين ايف سي ايوارڊ لاءِ تياريون زورن تي آهن، ان وقت اسان سنڌ جي حڪمرانن ۽ خاص ڪري اقتدار جي اعلى ايوانن اسلام آباد ۾ ويٺل سنڌين کي گذارش ڪنداسين ته ٻيلي هاڻي اقتدار کي سگهه بخشڻ جي ترڪتالن کي ڇڏي حقيقي معنى ۾ سنڌ جي وارثي ڪئي وڃي. نه فقط اين ايف سي ايوارڊ آمدني جي بنياد تي ورتو وڃي پر سنڌ کي پنهنجن مڙني قدرتي وسيلن تي به مالڪي وارو حق واپس ڏياريو وڃي. هن ڏس ۾ سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين، سماجي فورمن ۽ سڄاڻ ڌرين کي به آواز بلند ڪرڻ گهرجي، جيئن ايندڙ پنجن سالن تائين اين ايف سي ايوارڊ جي پراڻي فارمولي تحت سنڌ جي ٻيهر ڦرلٽ ڪرڻ جي جيڪا تياري ڪئي پئي وڃي ان جي آڏو بند ٻڌي سگهجن.
جيڪڏهن حڪمرانن ۽ خاص طور پنجاب جي قيادت مظلوم قومن سان انصاف جو بنياد نه رکيو ۽ پنهنجي پراڻي هوڏ تي قائم رهي، اين ايف سي ايوارڊ جي ڏس ۾ پراڻي فارمولي تي بضد رهي زبردستي ان کي لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان سان اڳ ئي بحرانن جي ور چڙهيل ملڪ جا بنياد ويتر ڪمزور ٿي ويندا. بلوچستان ۾ دکندڙ باهه جو سنڌ جي سرحدن تي به سيڪ محسوس ٿيڻ لڳندو. ڇاڪاڻ ته پيٽ بکايل ماڻهن جو هاڻي خوبصورت نعرن سان پيٽ ڀري نه ٿو سگهجي. ساوا، نيرا ۽ پيلا جهنڊا انگ اگهاڙن ماڻهن جو اوڇڻ ٿي نه ٿا سگهن. بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جي شهرن ۾ پنهنجي جگر جا ٽڪرا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندڙ مائرن جي اندر مان هن گهر جي سلامتي لاءِ ڪا دعا نڪري نه ٿي سگهي.
(ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 20 آگسٽ 2009، روزاني هلچل حيدرآباد، 21 آگسٽ 2009ع)