ڪالم / مضمون

سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق رُڪ سنڌيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو سھيڙيل مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان بہ موجود آهن تہ ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون بہ پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن.
  • 4.5/5.0
  • 409
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

پاڻيءَ تي پساهه ڏيندڙ هيءُ ماڻهو

بدين ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ تلاءُ جو بيٺل پاڻي پيئڻ سبب 34 ماڻهو بيهوش ٿيڻ واري خبر سياسي دنگل جي چٽپٽين خبرن جي ڳولائو اخبارن ۾ ڪا اهم جاءِ والاري نه سگهي آهي. ججن ۽ حڪومت ۾ مٿڀرائپ لاءِ هلندڙ جنگ سبب عام ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏولائن ڏانهن آخر ڪنهن جو ڌيان ويندو. بدين جي ڳوٺن جا ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب ڪهڙي ويڌن جو شڪار آهن، ان جي نه ته حڪومت ۽ نه وري مخالف ڌر جي قيادت کي پرواهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ ماڻهن جي مسئلن کان وڌيڪ اهميت پاڻ لاءِ وڌيڪ فائدا وٺڻ ۽ هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ وارن معاملن کي آهي. سنڌ جي سامونڊي ضلعن خاص ڪري ٺٽي ۽ بدين ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي نه پهچڻ سبب اتي بيٺل پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ کوهه زهريلا بڻجي رهيا آهن. مال متاع ته ڇا پر ماڻهن کي هاڻي ته پيئڻ لاءِ تازو پاڻي به ميسر نه آهي. بيٺل زهريلو پاڻي پيئڻ سبب هزارين ماڻهو پيٽ جي بيمارين ۽ خاص ڪري چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ٻار، عورتون، جوان ۽ ٻڍا گيسٽرو سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن. پاڻي لاءِ پساهه ڏيندڙ ماڻهن جي ڪوبه واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، کين ڪير به اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته کين سنڌوءَ جي پاڻيءَ کان ان ڪري محروم ڪيو ويو آهي، جو بدقسمتيءَ سان هو سنڌ جهڙي ننڌڻڪي ديس جا ڄاوا آهن. بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ سمنڊ جي مهڙ ۾ ايندڙ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سوين ڳوٺ ۽ وسنديون سمنڊ جي پيٽ ۾ هليون ويون آهن. هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن. پر سندن بحاليءَ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوبه بندوبست نظر نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ جو هو ڪو وزيرستان يا سوات جي خاص مخلوق ته نه آهن، جو سندن لاءِ حڪومتي سطح تي خاص فنڊ قائم ڪيا وڃن، يا کين آفت سٽيل قرار ڏئي سندن ڪنهن ٻئي هنڌ تي آبادڪاريءَ جو انتظام ڪيو وڃي. بدين ۽ ٺٽي واسي ته پنهنجي ئي شهر ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ جا به رهواسي نه آهن، جو سندن دانهن ۽ ڪوڪ ايوان صدر جا در کڙڪائي سگهي. سندن لاءِ اسلام آباد جا ايوان پريشان ٿين. هيءُ ڀٽائي ۽ سچل جي ديس جا سادا سودا ماڻهو پاڻ ۾ ئي پٽڪو ۽ ماتم ڪرڻ تي اڪتفا ڪري سگهن ٿا.
بدين ۽ ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪا قدرتي آفت ناهي، جنهن کي رب جي رضا سمجهي صبر ڪجي. پر سنڌ کي سڪائڻ، تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي خوفناڪ منصوبابنديءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي. پنجاب طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ سميت پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي زور زبردستي کڻڻ سبب اڄ سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به تڙپي رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جو ڪو انت ايندو نظر نه ٿو اچي. پنجاب طرفان پنهنجا ٽي درياهه ڀارت کي وڪرو ڪرڻ کان پوءِ سنڌوءِ تي قبضي وارو باب بند ٿيندو نظر نه ٿو اچي. سنڌ جا حڪمران پاڻيءَ واري مامري تي پنجاب جي ارهه زورائي آڏو بند ٻڌڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ تي سڀ معاهدا يا ٺاهه پنجاب آڏو ڪا به حيثيت نه ٿا رکڻ. ڇاڪاڻ ته هو هن ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي. هو آقا آهي ۽ ٻيا سندس غلام آهن، ان ڪري غلام ته معاهدن جا پابند هوندا آهن پر ڏاڍي جي اڳيان سڀ معاهدا ۽ قانون ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ڪمزور ثابت ٿيندا آهن.
چشما جهلم لنڪ ڪينال تي پنجاب جي تازي هوڏ اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي، ته هو آقا هجڻ ڪري ڪنهن به قانون جو پابند نه آهي. پاڻي واري 1991ع واري لولي لنگڙي ٺاهه تي به پنجاب عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ان ٺاهه تي سنڌ جي ماڻهن جا سخت اعتراض آهن، سنڌ جا ماڻهو پنجاب کان پاڻيءَ جي 1945 ع واري ٺاهه تي عمل جا گهرجائو آهن. پر پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ٺاهه ۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال ٺاهڻ جو ڪٿي به ذڪر موجود ناهي، ان باوجود چشما لنڪ ڪينال نه فقط زبردستي جوڙيو ويو پر ان کي ٻوڏ جي مند بدران زبردستي 12 ئي مهينا وهايو پيو وڃي. سنڌ جا حڪمران پنجاب جي پاڻيءَ واري ڌاڙي تي ڪيتري وقت کان ڪک رکندا آيا. پر تازو پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ديناداستي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هو چشما لنڪ ذريعي ٻوڏ واري موسم نه پر ٻارنهن ئي مهينا پاڻي کڻندا آهن. پنجاب جي حڪمران طبقي نه فقط غيرقانوني جڙيل لنڪ کي ٻارنهن ئي مهينا وهائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پر هاڻي پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ان تي پاور پلانٽ جوڙڻ جي به رٿابندي ڪئي پئي وڃي. جنهن تي سنڌ جي عوام ۽ موجوده پ پ حڪومت سخت اعتراض واريا آهن. پر پاڪستان جي اصل آقائن کي سنڌ جي احتجاج جي ڪابه پرواهه نه آهي.
سنڌ اسيمبلي چشما جهلم لنڪ ۽ ان تي پاور پلانٽ جوڙڻ خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ به منظور ڪري چڪي آهي. پر ان باوجود پنجاب جو لنڪ ڪينال کي 12 مهينا وهائڻ ۽ ان تي پاور پلانٽ اڏڻ وارو ضد اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۽ ان جي چونڊيل ايوان جي هن ملڪ ۾ ڪابه اهميت نه آهي. جيڪڏهن سنڌ سان هن ملڪ ۾ برابريءَ وارو سلوڪ ٿيندڙ هجي ها ته سنڌ جي احتجاج باوجود ارسا طرفان پنجاب جي مرضيءَ تي چشما لنڪ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو فيصلو آڏو نه اچي ها. آخر پنجاب جا حڪمران سنڌ کي ڪهڙو نياپو ڏيڻ گهرن ٿا.
ڀارت سان پاڻي معاملي تي گڏجاڻيون ڪندڙ حڪمران آخر پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن سان ساڳي معاملي تي ٻٽو معيار ڇو رکيو ويٺا آهن. هڪ طرف ڀارت طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي ان بنياد تي مخالفت ڪئي پئي وڃي ته ان سان پاڪستان پاڻيءَ کان محروم ٿي ويندو ته ٻئي طرف ساڳيو موقف رکڻ تي سنڌ کي ملڪ دشمنيءَ جا طعنا ۽ مهڻا ڏنا پيا وڃن. مسلم ليگ نواز جو پنجاب ۾ وڏو وزير اسيمبلي ايوان ۾ بيهي سنڌ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مسلم ليگ جا اهم اڳواڻ سنڌ ۾ پاڻيءَ تي ٿيندڙ احتجاج کي رد ڪري هتان جي قومپرستن کي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن. پنجاب هن کان اڳ به بنگالي عوام کي سندن جائز جدوجهد تي قصوروار قرار ڏنو هو. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ بنگال پاڪستان سان گڏ نه رهيو آهي. ڇا پنجاب جا حڪمران پنهنجن مفادن خاطر هن ملڪ جا بنياد به اکوڙڻ چاهين ٿا. آخر هن صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي. جڏهن کين ڪنهن به ملڪي قانون هيٺ حق ملڻ جو ڪو دڳ نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي بي وسي به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. وفاقي ادارن هيل تائين پنجاب جي ڪمداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. ارسا جو هڪ طرفو فيصلو يا سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهرائن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ان تي وفاقي حڪومت جي خاموشي ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ملڪي قانون هيٺ يا هتان جي ادارن جي وسيلي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ جوڳو نه رهيو آهي. سنڌ جي هر گهٽي، شهر ۽ واهڻ ۾ پنجاب خلاف پاڻيءَ تي ٿيندڙ احتجاج ڪو نياپو ڏئي رهيو آهي. جنهن جي ترت ورندي نه ملي ته پوءِ تاريخ جيڪو فيصلو ٻڌائيندي اهو ڏاڍو بي رحم هوندو. ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو ورجاءُ به ڪندي آهي.

(ڇپيل روزاني سنڌ 18 فيبروري 2010ع)