ٻوڏ متاثرن جي سهائتا جا اعلان ۽ دعائن جا در بند ٿيڻ جو امڪان
تازي برسات لڳ ڀڳ سڄي سنڌ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. سنڌ جو اهڙو ڪو به ٽڪرو يا حصو نه بچيو آهي، جتي برسات سبب تباهي نه آئي هجي. ڪٿي ڳوٺن جا ڳوٺ لڙهي ويا آهن ته ڪٿي وري شهرن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. روڊ، رستا ۽ پليون پاڻي ۾ لڙهي تباهه ٿي ويون آهن. برسات سان واسطو رکندڙ حادثن ۾ سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته برسات بند ٿيڻ بعد بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن ڪري روزانو متاثرن جي ڪئمپن، شهرن، وسندين ۽ ٻين مٿانهن هنڌن تي پناهه وٺي ويٺل ماڻهو خاص ڪري ٻارڙا ۽ عورتون مختلف بيمارين سبب موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. اخباري اطلاعن موجب فقط ڪالهوڪي ڏينهن اندر 5 6 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻي نه ملڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجن پيارن آڏو تڙپي تڙپي دم ڏئي رهيا آهن. حڪومت متاثرن کي بيمارين کان بچائڻ ۽ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن. متاثر علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه پهچڻ ۽ دوائن جي کوٽ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
سنڌ حڪومت هڪ ته آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن کي مڪمل طور تي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل ضلعن کي مڪمل طور بدران مخصوص شهري علائقن، ڳوٺن ۽ وسندين جي ٻوڏ سٽيل طور نشاندهي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن جا ڪيترائي متاثر علائقا نظرانداز ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ اتي رهندڙ مصيبت ماريل ماڻهو حڪومت جي اڀري سڀري امداد ۽ ٻين رعايتن کان محروم رهڻ جو انديشو آهي.
حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب جن 0 1 ضلعن کي اڌورو آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ به باقي سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ضلعا آهن، جن کي حڪومت مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو آهي. هونئن ته سڄي سنڌ پاڻي هيٺ آهي، پر عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعا ته ايترو ئي متاثر ٿيا آهن جيترو نوابشاهه، گهوٽڪي، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان ٻوڏ جي تباهڪارين جو شڪار ٿيا آهن. آخر حڪومت جو اهو منطق اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ته حقيقي طور متاثر ٿيل سنڌ جي باقي 8 ضلعن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڇا ان پٺيان ڪا سياسي چال ۽ حڪمت عملي لڪل آهي. سنڌ ۾ آيل مصيبت کي منهن ڏيڻ آڏو سياسي چالبازيون ۽ چالاڪيون رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي حياتي بچائڻ جو سوال آهي.
سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب آفت سٽيل ضلعن کي مڪمل طور تي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي، جنهن سبب هزارين ڳوٺن جا متاثر پيپلز رليف ڪارڊ ۽ ٻي امداد کان رهجي وڃڻ جو انديشو آهي. اسان ڌيان ڇڪائيندي گذارشن ڪنداسين ته ان نوٽيفڪيشن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ سنڌ جي انهن مڙني علائقن کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي برساتي ٻوڏ سبب حقيقي طور تي سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اتان جو عوام ملڪي توڙي عالمي امداد جو مستحق آهي. ٻوڏ متاثر علائقن بابت ڪاٿو لڳائڻ وقت سنڌ حڪومت جي ڪامورن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو يعني وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪجهه ئي ڏينهن اندر آيل بيانن جو ته ڀرم رکڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا سرڪاري اهلڪار وقت بوقت ميڊيا آڏو اهو چوندا رهيا آهن ته برساتي ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي ۽ ٻوڏ متاثر سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هوندو، ان کي حڪومتي امداد پهچائي ويندي، کين سندن مستقبل جي اڏاوت لاءِ سهائتا فراهم ڪئي ويندي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ان وقت پڌرو ٿيو آهي، جنهن وقت ڪاڇي ۾ نئين گاج وهي اچڻ سبب تاريخ جي وڏي تباهي جاري آهي. نئين گاج جي ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ، شهر ۽ رستا تباهه ٿي ويا آهن. ڪيترائي ماڻهو پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي فوت ٿي ويا آهن. جن جا هاڻي لاش هٿ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ وڻن تي چڙهي ويٺل آهن. جن جي بک وگهي مرڻ جو انديشو آهي.
گذريل سال آيل ٻوڏ دوران ته متاثرين جي واهر واري معاملي ۾ سياسي وابستگيون رنڊڪ بڻيون هيون، جنهن سبب حڪومت سخت تنقيد جو نشانو بڻي هئي. هاڻ به جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجي روش تبديل نه ڪئي ۽ متاثرن جي بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سار نه لڌي ته پوءِ سندن لاءِ دعائن جا در بند ٿي سگهن ٿا. پاڻي ۾ ڦاٿل ۽ ڪئمپن ۾ ماني ڳڀي ۽ دوائن جا منتظر ماڻهو سياستدانن جون هيٺانهيون مٿانهيون، ترجيحون ۽ تڪرار سمجهڻ کان قاصر آهن، بکيا پيٽ حڪومتي دعوائن سان ڍاپجي نه ٿا سگهن، پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
(ڇپيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 22 آگسٽ 2011ع)