موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان
موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان
نه سي، دؤر درياهه جا، نه سي سڙهه سکان
لٽيا اتر واءُ ۾، ناتاريون، نيشان
ڪنهن تڙ ملي ڪانه، خبر کيڙائن جي
(تاجل بيوس)
الطاف شيخ اٽڪل پندرهن سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾جهاز هلائڻ بعد اٺ سال کن ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي ۾ جھازن جي “ڪئڊٽن، انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن کي پڙهايائين. هن ڪتاب (خبرون کيڙائن جون) جا گهڻا تڻا ليک ملاڪا (ملائيشيا) وارن ڏينھن جون يادون آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشيا جي اهم ماڳن، مڪانن، هنڌن جو ذڪر نھايت سھڻي پيرايي ۾ معلوماتي مواد سان درج ڪيو آهي.
موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان
نه سي، دؤر درياهه جا، نه سي سڙهه سکان
لٽيا اتر واءُ ۾، ناتاريون، نيشان
ڪنهن تڙ ملي ڪانه، خبر کيڙائن جي
(تاجل بيوس)