جت نانگن جا ديرا
پر ملائيشيا ۾ نانگ بلائون توهان کي ائين عام طرح نظر ايندا جيئن پاڻ وٽ ڪانگ ڪبوتر.
هڪ ڏينهن آفيس ۾ آيس ته در مٿان ڀت تي هڪ سائي رنگ جو ٻه فوٽ کن ڊگھو نانگ چچيءَ وانگرسُري رهيوهو. خبر پيئي ته اهو اڏامندڙ نانگ آهي. هونءَ ته نانگ مارڻ لاءِ ڪو نه ڪو مالهي هليو ايندو آهي پر هن نانگ کي مارڻ لاءِ خاص تجربيڪار مالهي ڊگھي لٺ کڻي آيو ۽ اسان سڀني کي پري ٿي بيهڻ لاءِ چيو ويو.
هڪ ڏينهن چئين بجي ڌاري آفيس مان نڪري ڪار پارڪنگ ڏي وڃي رهيا هئاسين ته ڏسون ته هڪ ٿلهو متارو ڀوري رنگ جو نانگ اسان جي اڳيان پيو وڃي. ڳالهين ۾ اسان جي مٿس نظر ئي نه پئي. اوچتو کڻي ڏسون ته اسان کان فقط پنج ڇهه قدم اڳيان اسان جي رفتار سان اسان سان گڏ گڏ نانگ پيو سُري. هيڏانهن هوڏانهن ڪافي هَڪلون ڪيونسين ته ڪنهن وٽ بانٺو هجي ته ان کي ماري، پر اسين هئاسين ٻاهرين ملڪ جا ليڪچرر.اسان کان علاوه هتي جا ملئي ۽ چيني شاگرد پڻ هئا، پر انهن لاءِ ڪو نانگ بلا ڪا اهميت نٿو رکي. مئو ته مئو نه ته اهڙا نانگ هتي، جتي ڪٿي پيا هلن. جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ ٽنڊڻ ۽ شهرن ۾ ڪاڪروچ. هتي سڄو ملائيشيا گھاٽن وڻن ٽڻن ۽ ڊگھن ٻوڙن سان ڀريو پيو آهي. ايتري قدر جو ملائيشيا کي دنيا جو جھنگل سڏجي ٿو ۽ دنيا جا سڀ کان گھڻا نانگ هتي ملائيشيا ۾ چيا وڃن ٿا. ان ڏينهن، ان سرندڙ نانگ کي ائين اکين اڳيان ويندو ڏسي ڪجھه خوف ٿيو. ظاهر آهي اسان جي آفيس جي ڀرپاسي کان نڪتو هو، يعني وري اتي ئي پيو هلندو ۽ هر وقت احتياط رکڻ ضروري ٿي پيو. چوڌاري وڏا وڏا پٿر پيا هئا. پر هتي نانگ به ته سوين قسمن جا آهن. اڏامندڙ، اکين ۾ پچڪاري هڻندڙ، حملو ڪندڙ، مري وڃڻ بعد به ماريندڙ کان بدلو وٺڻ جو بندوبست ڪندڙ- سو ائين پٿر هڻڻ سان نانگ نه مري يا فقط زخمي ٿي پوي ته اهو ويتر وڌيڪ خطرو سمجھيو وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن ته ڪار جو دروازو کوليان ته ڪار ۾ پوئين سيٽ تي نانگ ويٺو آهي. ڏاڍي ڳالهه ٿي. چڱو جو ويهڻ کان اڳ مٿس نظر پيئي. پوءِ کڻي هو چڪ نه هڻي ها پر جي ڊرائيونگ وقت نظر اچي ها يا پيرن ۾ اچي پوي ها ته في الحال ڪيترو به قابل ڊرائيور هجي منجھي پوي ها ۽ ڪار ڪنٽرول مان نڪري وڃي ها.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪار ۾ نانگ ڪيئن آيو؟ بنگلاديش هجي ها ته سڀڪو چوي ها ته ڪنهن جونيئر آفيسر دشمني پارڻ لاءِ هٿ سان نانگ وڌو هوندو يا ڪنهن بنگالڻ عشق جو بدلو وٺڻ لاءِ ائين ڪيو هوندو يا هوءَ پاڻ دوشيزه نانگ بڻجي آئي هوندي. پر هتي ملائيشيا ۾ ڪار مان نانگ نڪرڻ به هڪ عام ڳالهه آهي. هتي ڪار جا شيشا چوريءَ کان گھٽ، پر نانگ جي ڏنگ کان وڌيڪ چاڙهيا وڃن ٿا. ان ڏينهن فٽ بال مئچ دوران پارڪنگ جي جاءِ نه ملڻ ڪري، پري وڻن جي جھنڊ هيٺيان پنهنجي ڪار بيهاري آيس. پويون شيشو ڪو اڌ گابرو بند ٿيل هو. اهڙي حالت ۾ گاهه ۾ سرندڙ يا وڻن تي هلندڙ نانگ بلائون ڪار ۾ به گھڙيو پون. نه فقط نانگ بلائون پر چچيون، سانڍا ۽ ٻيا جيت پڻ.
پوءِ ڪار مان نانگ کي ڪئين ڪڍيو ويو؟- پوئين ڊڪي ۽ پارٽيشن کولي.
ملائيشيا ۾ نانگ نه فقط رات جو پر ڏينهن ڏٺي جو رستن ۽ کلئي ميدانن تي پيا هلن. هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو، آفيس اڳيان پڪي رستي تان، هڪ وڏو ڪارو نانگ- جنهن لاءِ ٻين جو چوڻ هو ته واسينگ نانگ (Cobra) ٿي سگھي ٿو، رستو ٽپي رهيو هو. مون ڪار تيز ڪري ان مٿان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ آرسيءَ ۾ ڏٺو. هو اڃا جيئرو هو. ڦيٿن جي وچ ۾ اچڻ ڪري بچي ويو هو ۽ ساڳي آرام ۽ رفتار سان چري رهيو هو. گيئر بدلائي ڪار کي هڪدم پويان ڪيم ۽ وري اڳيان جيئن هو منهنجي ڪار جي ڦيٿن هيٺان اچي مري وڃي. پوءِ دريءَ جو شيشو کولي ٻاهر ڏٺم. پر نانگ نظر نه آيو- نه مئل، نه جيئرو! خبر ناهي رستو ٽپي ويو يا بقول ڪنهنجي ڪار جي هيٺان لڪي ويو. بهرحال هتي جي ماڻهن ائين دري کولي ڏسڻ کان منع ڪئي. ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن نانگ پڇ تي اڀو ٿيو وڃي ۽ چڙ ۾ ڏنگي سگھي ٿو. يا وات مان زهر جو ڦوهارو هڻي سگھي ٿو. هتي ڪيترا اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ نانگ زهر جي پچڪاري هنئي هوندي. ان پچڪاريءَ سان اکيون خراب ٿيو پون. ان ڪري چوندا آهن ته نانگ کي سنهيءَ ڄاريءَ پويان به نه ڏسجي. چڙيا گهرن ۾ به انهن کي شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيو وڃي ٿو.
رستو ٽپندي، هتي ڪيترائي دفعا نانگ، ڪميون، ڳوهه، سانڍا، ڀولڙا ۽ اگوانا نظراچن ٿا. پوءِ ڪي ڪار هيٺان اچيو مريو وڃن ته ڪي رستو اُڪريو وڃن. نانگ جي صورت ۾ ڪار هلائيندڙ جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته ڪار جا ڦيٿا ان جي مٿان چڙهي وڃن. هڪ رات، هتي جي ڀر واري هوٽل تجنگ بدارا مان موٽڻ وقت جنهن نانگ کي ڏٺم اهو وساري نه سگھندس. نانگ ته نه هو پر ازدها (Python) هو- جيڪو نانگ ڏنگ هڻڻ بدران پنهنجي شڪار کي وڪوڙي، چيڀاٽي، ماري پوءِ سڄو ڳهي ڇڏيندو آهي. ڪار جي بتين تي پري کان ائين لڳو ڄڻ جهاز تي تيل سپلاءِ ڪرڻ وارو منو فوٽ ڊايا ميٽر وارو، ٿلهو، ڪارو پائپ هجي جيڪو چري رهيو هجي. ساڄي پاسي کان رٻڙ جي پوک مان نڪتو هو ۽ رستو ٽپڻ لڳو. سندس پيٽ هڪ ٻن هنڌان تمام گھڻو اڀاميل هو. يعني هو هينئر هينئر ڪنهن ڳوٺاڻي جون بدڪون يا ڇيلو پيٽ اندر ڳهي نڪتو آهي. يا ٿي سگھي ٿو ڪو جھنگ جو رول جانور کاڌو هجيس. بهرحال هو آهستي آهستي چري رهيو هو ۽ مون کي سندس مٿان ڪار چاڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي. منهنجي پويان ايندڙ نيول آرڪيٽيڪٽ جي ليڪچرار ٻڌايو ته نانگ زخمي ضرور ٿي پيو پر رستو ٽپي گھاٽن ٻوڙهن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ڪار منهنجي پٺيان پٺيان پئي آئي.
اهڙا وڏا نانگ (Python) پڻ هتي ملائيشيا ۾ جام نظر اچن ٿا، خاص ڪري جتي ڪڪڙيون، بدڪون يا انهن جا آنا يا ٻچا ٿين ٿا ته اتي سندن خطرو گھڻو آهي. پکين جي آنن تي ته ننڍا نانگ بلائون به اچيو نڪرن. هڪ ڏينهن لئبريري وڃان ته زردي رنگ جا ٻه پکي- نر مادي دانهون ڪري ڀر واري وڻ تي هليا وڃن، وري اتان لئبريري جي در تي اچيو ويهن. آئون ڀر ۾ بيٺو هوس ته به پکي نه پئي ڊنا ۽ منهنجي ڀر مان لنگھي ٿي ويا. آئون اڃا اهو تماشو ڏسي رهيو هوس ته هنن پکين کي ڇا ٿيو آهي جو ائين رڙيون ڪري وڻ کان لئبريريءَ جي در تائين چڪر پيا هڻن ته ايتري ۾ هڪ ملئي ليڪچرر-جيڪو اتان اچي لنگھيو، تنهن مون کي لئبريريءَ جي در وٽان هڪدم ڇڪي کڻي پري ڌڪو ڏنو. خبر پيئي ته ڇت تي هڪ نانگ ويٺو هو جيڪو ڪام ۾ پکين جي آکيري مان بيدا يا ٻچا کائڻ جي نيت سان آيو هو، پر پکين هن کي ٺونگا هڻي منجھائي رکيو هو ۽ هاڻ سندس هيٺ ڪرڻ يا حملي ڪرڻ جو انديشو هو.
جانورن جي ڄاڻن مطابق فقط نانگ ئي هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو شروع کان پنهنجي ساڳي شڪل قائم رکندو اچي. نانگ جو ذڪر سڀني آسماني ڪتابن ۾ ملي ٿو. هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ته هن کي ديوتا جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ هو هن جي پوڄا به ڪن ٿا.
بائيبل مطابق “نانگ حضرت آدم ۽ حوا کي جنت مان ڪڍائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ابليس حضرت آدم تائين پهچڻ چاهيو ٿي، پر جنت جي دروازي تي سخت پهرو هو. هن مور اڳيان پنهنجي ڏکيائي بيان ڪئي ته هن کيس نانگ وٽ وڃڻ جي صلاح ڏني. نانگ ڪجھه تن من هنيو ته ابليس چيس ته تون رڳو پنهنجو وات کول ته آئون ان ۾ گھڙي وڃان. جنت جي اندر پهچي مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏجانءِ. نيٺ نانگ شيطان کي پنهنجي وات ۾ وجھي، جنت جي چوڪيدار کان لڪائي، هن کي جنت اندر پهچايو.
“شيطان اندر پهچي حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي منع ٿيل وڻ جي ميوي کائڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پوءِ وري نانگ ذريعي جنت کان ٻاهر نڪري آيو. نڪرڻ وقت هن اجوري خاطر نانگ جي وات ۾ کڻي پيشاب ڪيو جنهن پوءِ زهر جي صورت اختيار ڪري ورتي. منع ٿيل وڻ جو ميوو کائڻ جي ڪري حضرت آدم ۽ حوا کي جنت مان نڪرڻو پيو. ان موقعي تي هنن نانگ کي اهو پاراتو ڏنو ته اسان جو اولاد هميشه تنهن جو منهن چچريندو رهندو.”
موجوده تحقيقاتن موجب نانگن جا ڏهه هزار کن قسم ۽ جنسون دنيا جي هن گولي تي موجود آهن. سواءِ نيوزيلنڊ ۽ آئرلينڊ جي، نانگ دنيا جي هر ملڪ ۽ هر ٻيٽ تي نظر اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي سمنڊ ۾ پڻ ٿين. سڀ کان گھڻا نانگ آفريڪا کنڊ ۾ آهن پر جيترا ملائيشيا، برما ۽ ٿائلينڊ ۾ آهن اوترا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. بنگلاديش جي ڪن حصن ۾ پڻ ننڍا ۽ سنها نانگ جام چيا وڃن ٿا پر اتي ڪڏهن به هنن ملائيشيا وانگر جتي ڪٿي، رستن ميدانن تي ۽ ڏينهن ڏٺي جو نظر نه آيا. بنگلاديش ۾ هڪ شاپوريا قبيلو آهي جنهن جون سهڻيون عورتون نانگ کڻي گھر گھر ۾، ريل گاڏين ۽ اسٽيمرن ۾ مسافرن کي ڏيکاري پئسا پننديون آهن. هنن جو چوڻ آهي ته سندن جادو نانگ جي ڏنگيل کي بچائي سگھي ٿو. ٽٽل عشق جوڙي سگھي ٿو، خانداني جھيڙا ختم ڪري سگھي ٿو، وغيره وغيره.
چون ٿا ته نانگ کي نه ٻاهريان ڪن ٿين نه وري اندريان. ان ڪري هو آواز هوا جي لهرن ذريعي هرگز ٻڌي نٿو سگھي. باقي زمين تي ڪنهن جي پيرن يا لٺ جو آواز هن جي جسم جي کل محسوس ڪري ٿي. مرليءَ جي آواز تي نانگ جي مست ٿي نچڻ ۾ ڪا حقيقت ناهي.
نانگ جي اکين مٿان ڇپر ٿين ئي ڪونه. ان ڪري اهي هر وقت کليل رهن. ڪن ڪن نانگن جي اکين ۾ هئپناٽزم واري ڪشش پڻ چئي وڃي ٿي. وڻ تي ويٺل ننڍا جانور ۽ پکي اهڙن نانگن جي اکين جو تاب نه جھلي اچي سندن اڳيان ڦهڪو ڪن ٿا. ڪيترا دفعا اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته فلاڻو ماڻهو جھنگل مان اڪيلو پئي ويو ته هن کي ڪاري نانگ ڏسي ورتو. هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر نانگ هن کي ڄڻ پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو. آخر ۾ نانگ هن کي ڏنگ هڻي ڪيرائي رکيو. چون ٿا ته حقيقت ۾ ائين ممڪن آهي. ڪوبرا نانگ جي اکين ۾ قدرت هڪ خاص قسم جي هئپناٽزم رکي آهي. هو شڪار جي اکين ۾ اکيون وجھي هن کي اهڙو ته منڊيو رکي جو هيڏانهن هوڏانهن چرپر نٿو ڪري سگھي، ۽ پوءِ هو هن تي آسانيءَ سان حملو اچيو ڪري. اهڙي وقت تي اهو ئي هڪڙو طريقو آهي ته انسان نانگ جي اکين سان اکيون ملائي هرگز نه ڏسي يا وري جيڪڏهن ٿي سگھيس ته مٿي تي رکيل ٽوپي، رومال يا ڪا ٻي شيءِ نانگ ڏي اڇلائي جيئن نانگ جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن هليو وڃي ۽ کيس گهورڻ ڇڏي ڏئي.
اڪثر اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته نانگ کي مارڻ بعد سندس اکيون چڱيءَ طرح ڦيهي ڇڏجن- خاص ڪري ماديءَ جون. ڇو جو هوءَ مرندي وقت پنهنجي قاتل جو چهرو پنهنجي اکين جي پتلين ۾ محفوظ ڪريو ڇڏي. ۽ پوءِ نر جڏهن هن کي مئل ڏسي ٿو ته سندس اکين مان قاتل جو چهرو پڙهيو وٺي. پوءِ ان جي ڳولا شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ جڏهن به ۽ جتي به کيس اهو قاتل نظر اچي ٿو ته هن کي ڏنگي بدلو ضرور وٺي ٿو.
خبر ناهي انهن ڳالهين ۾ حقيقت آهي يا فقط افسانوي رنگ پر هتي ملايئشيا ۾ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻي شخص کي هر سال نانگ اچي ڏنگ هڻي ٿو، پر اهو ماڻهو مري نٿو. ڳالهه هن ريت آهي ته ڪجھه نانگن کي قدرت هڪ خاص وصف عطا ڪئي آهي، اها هيءَ ته مادينانگ، شهواني حالت ۾ ماڻهوءَ کي ڏنگڻ وقت زهر سان گڏ پنهنجي شهواني خوشبو پڻ انسان جي جسم ۾ داخل ڪريو ڇڏي. پوءِ جيڪڏهن اهو ڏنگيل انسان بچيو وڃي ته هر سال مقرر موسم ۾ سندس جسم مان “مادينانگ” جي جنسي خوشبوءِ ايندي رهي ٿي، جنهن کي ڪو نه ڪو نانگ سونگھي ان ماڻهوءَ تائين پهچيو وڃي ۽ پوءِ جڏهن هو اهو ئي ڏسي ٿو ته ماديءَ بدران اها خوشبوءِ انسان جي هٿ يا پير مان اچي پيئي ته هو فقط سونگھي موٽيو وڃي. هن کي ڏنگ هرگز نٿو هڻي- جيتوڻيڪ خوف ۽ هراس ۾ اهو ماڻهو اهو ئي سمجھي ٿو ته کيس نانگ ڏنگ هڻي ويو.
نانگ جي وات جون ڄاڙيون انسان يا جانورن وانگر مقرر ماپ جون نه آهن. ان جي هڏين جو ڳنڍ ڍرو ۽ نرم هجڻ ڪري هو تمام وڏو وات کولي سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي قد بت کان به وڏيون شيون ڳهيو وڃي. گهريلو هر قسم جا نانگ ڏيڏرن ۽ جھرڪين کان علاوه ڪڪڙين ۽ بدڪن کي به آسانيءَ سان ڳهيو وڃن. ڏکڻ آمريڪا ۽ ملائيشيا جا ازدها (وڏا نانگ) ماڻهوءَ ۽ هرڻ کي به سڄو ڳڙڪايو وڃن. هنن جو هاضمو ايڏو طاقتور ٿئي ٿو جو سخت کان سخت کاڌو به ڪلاڪن ۾ هضم ٿيو وڃين.
ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ جتي چيني رهن ٿا، ٻين شين سان گڏ، هوٽلن ۾ نانگن، نوريئڙن ۽ ڪُمين جو گوشت عام طرح پچائي گراهڪ اڳيان پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪوالالمپور، جوهور بارو ۽ پينانگ جهڙن شهرن جي ڪن خاص هوٽلن ۾ جيئرا نانگ نظر ايندا. وڏا نانگ (Pythons) ملڻ تي اهي پڻ گراهڪن اڳيان حاضر ڪيا وڃن ٿا. انهن جو اطلاع خاص ماڻهن کي اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو. نانگ جا ڪجھه حصا جسماني ۽ شهواني طاقت لاءِ ڪارگر چيا وڃن ٿا. مثال طور نانگ جو تازو نڪتل رت، جيرو، مثانو (Gall Bladder) وغيره، جيڪي چيني نانگ ڇلڻ وقت ڪچا کائين.
نانگ جي وات ۾ ڇهه ڏند ٿين ٿا. ٻه مٿي، ٻه هيٺ ۽ ٻه تارونءَ ۾ جيڪي ڊاڪٽر جي سئيءَ وانگر سوراخ وارا، چهنبدار ۽ اندرين پاسي مڙيل ٿين ٿا. نانگ اهي ٻه ڏند شڪار کي فقط بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. جيئن اهو پوءِ ڀڄي نه سگھي. نانگ جي وات جي ڇت ۾ لڳل ڳوٿرين ۾ زهر ٿئي ٿو جتان انهن تارونءَ وارن ڏندن ذريعي جسم ۾ انجيڪشن وانگر داخل ٿئي ٿو ۽ پنهنجينوعيت موجب دماغ، رت جي دوري ۽ دل وغيره تي اثر ڪري موت جو سبب بڻجي ٿو.
نانگ جي چڪ پائڻ ۽ ڏنگڻ ۾ فرق آهي. نانگ جلدي ۾ جڏهن ڪنهن کي چڪ هڻي ٿو ته زخم مان فقط ٿورو رت نڪري ٿو جيڪو بعد ۾ سُڪي وڃي ٿو ۽ ڳالهه ختم ٿيو وڃي، يعني انساني جان بچيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مريض نانگ جي دهشت کانبيهوش ٿي وڃي، يا دل جو ڌڙڪو ٿي پويس، پر اها انسان جي پنهنجي نفسياتي نستائي آهي. جيڪڏهن نانگ پنهنجو زهر ڪنهن جي جسم ۾ داخل ڪري ته ان کي ڏنگڻ چئجي ٿو. ان جي نشاني اها آهي ته ان هنڌ تي نانگ جي ٻن ڏندن جا اونها نشان هوندا. جيڪڏهن نانگ تمام گھڻو زهريلو آهي ته پوءِ هڪ ئي نشان هوندو. زخم سڄي پوندو. سور ٿيندو۽ اها جاءِ ڪاري يا نيري ٿي پوندي.
اهڙي صورت ۾ زخم کان گرانٺ کن مٿي ڇڪي ڪپڙو ٻڌجي جيئن زهر مٿي دل تائين نه پهچي. پوءِ سڻڀي پني يا چمڙي جي ٽڪر ۾ ٽنگ ڪري ان زخم مٿان رکي وات سان زهر چوسڻ کپي ۽ ان سان گڏ اهو ٿوڪاريندو رهجي. اهو ضروري آهي ته چوسڻ واري وات ۾ ڪو ڦٽ ڦرڙي نه هجي. مريض کي روئڻ هرگز نه ڏجي ۽ کيس جاڳائي رکڻ کپي. دل جي تقويت لاءِ شراب جهڙي شيءِ هرگز نه ڏجيس. جيسين مريض ڪنهن اسپتال تائين پهچي يا ڊاڪٽر اچي، اهي فرسٽ ايڊ جون ڳالهيون اهڙيون آهن جن کان هتي جا ماڻهو چڱيءَ طرح واقف آهن.
نانگ جو زهر دوائن ۾ پڻ ڪم اچي ٿو. نانگ جي وات مان زهر نپوڙي ڪڍڻ کي ڏهڻ (Milking) سڏجي ٿو. زهر ڏهڻ وارا ڪاريگر نانگ کي وات کان جھلي مٿي تي زور ڏيندا آهن ته تارونءَ وارن ڏندن مان ٽيپو کن زهر جو ڳڙي اچي گلاس ۾ پوندو آهي. اهو زهر تمام گھڻو مهانگو وڪامي ٿو. فقط چمچو ٻه هٿ ڪرڻ لاءِ پنجاهه سٺ نانگ ڏهڻا پون ٿا.
ملائيشيا جي جھنگلن ۾ رهندڙ ڪي ماڻهو وڏي ۾ وڏا نانگ (ازدها) ڦاسائي شهر جي هوٽلن ۾ وڪڻن. ازدها ڦاسائڻ جو هنن وٽ سولو ۽ اڇت طريقو اهو آهي ته شڪاري ڪنهن ڇيلي يا دنبي جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي پاڻ ڪنهن ڳوڻ ۾ لڪي ويهندو آهي. نانگ ڇيلي کي جھلي ڳهڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ جيئن ئي اهو سندس نڙيءَ تائين پهچندو آهي ته شڪاري رسيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نانگ کي جھلي وٺندو آهي. اهو وقت اهڙو هوندو آهي جو نانگ ڇيلي کي نه اندر ڪري سگھندو آهي ۽ نه ٻاهر ٿوڪاري سگھندو آهي. پوءِ شڪاري نانگ کي تکي ڪپ سان چيري ڇيلي کي آزاد ڪري ٻئي Python کي ڦاسائڻ جي ڪندو آهي.