الطاف شيخ ڪارنر

خبرون کيڙائن جون

الطاف شيخ اٽڪل  پندرهن سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾جهاز هلائڻ بعد اٺ سال کن ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي ۾ جھازن جي “ڪئڊٽن،  انجنيئرن ۽  ڪئپٽنن کي پڙهايائين.  هن ڪتاب  (خبرون کيڙائن جون)  جا گهڻا تڻا ليک ملاڪا (ملائيشيا)  وارن ڏينھن جون يادون آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشيا جي اهم ماڳن، مڪانن، هنڌن جو ذڪر نھايت سھڻي پيرايي ۾ معلوماتي مواد سان درج ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 2
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خبرون کيڙائن جون

لاش کي ڳجھن حوالي ڪرڻ

ڪوالالمپور کان ڪراچي MAS هوائي جهاز جي اڏام ڪلاڪ ٻن لاءِ دهلي به ترسي ٿي. مون سان گڏ ان ڏينهن سفر ۾ گھڻي ڀاڱي سک هئا، جن کي دهليءَ جي “اندرا گانڌي” هوائي اڏي تي لهي پنهنجي وطن امرتسر وڃڻو هو. ڪجھه پنجاب پاسي جا پاڪستاني پڻ هئا. منهنجي بلڪل اڳئين سيٽ تي هڪ پارسي ويٺل هو جنهن کي دهليءَ ۾ لهي، پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ بمبئي وڃڻو هو.
“توکي ڪوالالمپور سٺو لڳي ٿو يا بمبئي؟” ڀر ۾ ويٺل سک، شايد وقت گذارڻ خاطر کانئس سوال ڪيو. اسان پڻ پنهنجو ڌيان ان ڏي ڌريو.
“نوڪري يا ڪمائڻ لاءِ سنگاپور، ڪوالالمپور جهڙا هنڌ سٺا آهن، پر رهڻ ۽ مرڻي پرڻي لاءِ بمبئي يا ڪراچي سٺو لڳي ٿو.” پارسيءَ ٻڌايو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟ اسان سکن کي ته هِتي توڙي هُتي هڪجهڙو ئي مزو اچي ٿو.”
“ان ڪري جو توهان سک جتي به رهو ٿا ته سون هزارن جي حساب سان گڏ رهو ٿا. ولايت ۾ به توهان جا پنهنجا عبادت گھر آهن جتي خوشيءَ توڙي غميءَ جون جملي ڌرمي ريتون رسمون پوريون ڪيون وڃن ٿيون. اسان پارسين جو هتي پرديس ۾ ڪو مري وڃي ته اسان لاءِ وڏو مسئلو ٿيو پوي. توهان وانگر نه ساڙي سگھون ٿا ۽ نه مسلمانن وانگر زمين اندر دفن ڪري سگھون ٿا...”
سوال پڇندڙ سک کي شايد اها ڄاڻ نه هئي ته پارسي ڌرم جا ماڻهو لاش کي دفن ڪرڻ بدران ڳجهن حوالي ڪندا آهن جنهن جو بندوبست بمبئي ۽ ڪراچيءَ جهڙن شهرن ۾ سالن کان آهي.
پارسي هڪ ننڍڙو ڌرمي فرقو آهي جيڪو باهه جي پوڄا ڪري ٿو. اسلام کان اڳ ايران جو اهو سرڪاري مذهب هو. هنن جو نبي (زورو هسٽر) حضرت عيسيٰ کان ٻه ٽي هزار سال اڳ ڄائو هو. اسلام جي اثر ۽ ايران تي عربن جي ڪاهن بعد، پارسي مذهب ايران جي فقط هڪ ٻن شهرن تائين وڃي رهيو. ٻارهين صديءَ ڌاري، گھڻي ڀاڱي پارسي، ايران ڇڏي هندستان جي الهندي ڪناري وارن شهرن ۾ اچي رهيا، خاص ڪري گجرات ۾. ان ڪري هنن تي گجراتي زبان ۽ ڪلچر جو اثر ٿيو. اڄ تائين هندستان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ڪيترائي پارسي گجراتي ڳالهائين ٿا.
شروع شروع ۾ پارسي ايترو امير نه هئا. هو ٻني ٻارو ڪندا هئا. انگريزن جي اچڻ بعد هنن انگريزي زبان، انگريزي پوشاڪ ۽ ڪلچر کي پنهنجو ڪيو. اوائلي ايران کي پرشيا سڏبو هو. پرشن گلف، پرشن ڪارپيٽ يا ڪراچيءَ جي پرشين بيڪري ان نالي تان آهن.
ڪراچيءَ ۾ به هن وقت پنج هزار کن پارسي رهن ٿا ۽ صدر ۾ يونائيٽيڊ هوٽل واري رستي ۽ پاڪستان چوڪ ۾ ميٺارام هاسٽل سامهون سندن باهه جي پوڄا جا مندر آهن. هو اڄ به پنهنجيون ڪيتريون ئي جھونيون رسمون قائم رکندا اچن. باهه جي پوڄا ڪرڻ انهن مان هڪ آهي. پر سڀ مان عجيب رواج- يا ڌرمي ساٺ سوڻ، پارسيءَ جي مرڻ تي ٿئي ٿو، جنهن ۾ مئل پارسيءَ جو لاش ڳجھن کي کارايو وڃي ٿو.
هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مٿئين پارسي همراهه ٻڌايو ته بمبئي شهر ۾ (جتي هو رهي ٿو) روزانو چار يا پنج کن پارسي مرن ٿا جن جا لاش صبح جو ستين ڌاري يا شام جو چئين وڳي مينار (Tower) تي پهچايا وڃن ٿا. ڳجھن کي ٽائيم ٽيبل جي خبر آهي ۽ صبح ۽ شام جو انهن وقتن تي بمبئي شهر مٿان انيڪ ڪاريون ڳجھون پَر ڦڙڪائينديون نظر اينديون.
انهن مينارن مان هڪ مالابار ٽڪريءَ تي آهي جيڪو اڄڪلهه بمبئيءَ جو خوبصورت رهائشي علائقو آهي. بمبئيءَ ۾ پارسين جا اهڙا نَو مينار آهن، جن مان پنج اڄ به استعمال ۾ آهن. اهي ماٺ جا مينار “Tower of Silence” سڏبا آهن. اتي پارسين کان علاوه ٻئي ڪنهن کي وڃڻ جي اجازت نه آهي.
پارسيءَ جي موت تي کيس وهنجاري سهنجاري سوٽي اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهي، ماٺ جي هن مينار وٽ آندو وڃي ٿو. اتي، لاش کي پهرين مينار جي منهن وٽ ٺهيل هال ۾ رکبو آهي جنهن جي اڳيان ڪجھه ٻاوا ڌرمي گيت ۽ منتر پڙهي لاش جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا آهن، جيڪي جادوءَ جا ست ليڪا ٿيا جنهن مان ڪو به بدروح ٽپي نٿو سگھي. ان بعد لاش کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ هڪ گھٽ ذات جا شڪاري ايندا آهن. پوءِ پارسين جي پاڪ باهه، ان لاش جي ڀرسان رکي ٻاوا وري ڪجھه پڙهي چؤطرف شوڪاريندا آهن. مائٽن مٽن، دوستن يارن کي ان لاش جو پري کان آخري دفعو ديدار ڪرايو ويندو آهي. ان بعد کين هٿ لائڻ جي به اجازت نه هوندي آهي.
هڪ ڪتي کي ان لاش جي ويجھو آندو ويندو آهي جنهن بابت پارسي ٻاون جو چوڻ آهي ته ان سان لاش مان نڪرندڙ شيطاني چقمقي ڪرڻا فقط ڪتي جون اکيون ڏسي سگھن ٿيون ۽ کين زنده انسان ڏي پکڙجڻ کان جهلين ٿيون.
پارسين جو اهو به عقيدو آهي ته ڪتي کي اها خبر پوي ٿي ته آيا ماڻهو واقعي مري چڪو آهي يا نه. اهو تمام ضروري آهي ڇو جو لاش کي وچ مينار ۾ آڻڻ بعد وري موٽائي نٿو سگھجي. پوءِ ڀلي اتي پهچي خبر پئي ته اهو جيئرو آهي.
بمبئيءَ ۾ اهڙن ڪيترن ئي لاشن جون ڪهاڻيون آهن، جن کي جنهن وقت ڳجھن حوالي ڪيو ويوته اهي جيئرا ٿي پيا. پر پوءِ کين واپس موٽڻ بدران، لاش ڍوئيندڙ شڪارين خنجر هڻي پورو ڪري ڇڏيو. ڇو جو هڪ دفعو مينار جو اندريون حصو ڏسڻ بعد ڪو به ٻاهر جي دنيا سان تعلق نٿو رکي سگھي.
ڪتي جي سونگھي وڃڻ بعد، لاش کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ، ان کي هڪ لوهي کٽ تي ليٽايو وڃي ٿو ۽ مئل پارسي ان بعد پنهنجي عزيزن دوستن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويندو آهي. ويندي ويجھن عزيزن کي به اڳتي وچ مينار ڏي وڃڻ جي موڪل نه هوندي آهي. مڙدي کي کٽ سوڌو کڻي وڃڻ لاءِ ٻيا شڪاري ايندا آهن، جن جو سڄي عمر اهو ڪم هوندو آهي. اهي رهن به ان مينار جي آس پاس ۾. سندن مري وڃڻ بعد، اهو ڪم سندن اولاد ڪري. اهي ماڻهو نيچ درجي جا سمجھيا ويندا آهن. اهي نه مندر ۾ اچن ۽ نه ڪنهن پارسيءَ جي شادي مراديءَ ۾ حاضر ٿين.
مينار جي اندر، ڳجھن حوالي لاش ڪرڻ لاءِ، چوٽيءَ تي ٽي گول ٿلها هڪ ٻئي اندر ٺهيل آهن. مٿانهون ۽ ٻاهريون گھيرو مرد ماڻهن جي لاشن لاءِ آهي. ٿورو هيٺاهون ۽ وچ وارو گھيرو عورتن لاءِ، ۽ بنهه وچ وارو ۽ آخري ڏاڪي وارو، ٻارن لاءِ. اهي ڏاڪا گھڻو اونها نه آهن. ڇو جو ڳجھه هڪ ڳرو پکي آهي. لاش کائڻ بعد ويتر ڳرو ٿيو پوي ۽ هن کي اڏام لاءِ سنوت وارو پٽ هجڻ ضروري آهي. جيئن هوائي جهاز وانگر ٽيڪآف ڪري سگھي. گھڻو اونهو کوهه ٺاهڻ تي هن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي.
لاش هنن ٿلهن تي پهچائي، شڪاري به پري ٿي ويندا آهن. پوءِ لاش کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ فقط ڳجهون هونديون آهن، پارسين وٽ مرڻي جون رسمون ۽ روڄ راڙو چار ڏينهن هلندو آهي. چوٿين ڏينهن مئل جو دلپسند کاڌو ٺاهي غريبن ۾ ورهايو ويندو آهي. تيسين انهن چئن ڏينهن اندر لاش جو ذرو ذرو کاڄي ويندو آهي. لاش جي چوڌاري ويڙهيل ڪپڙو، ڳجھون پنهنجين طاقتور چنهنبن سان ڦاڙي، لاش جون پهريناکيون ڪڍنديون آهن. ان بعد لاش سان جيڪو حشر ٿيندو آهي اهو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
ڳجھون جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪري وينديون آهن ته ان بعد بچيل هڏا وغيره، اس ۾ ڏينهن ٻه سڪائي پوءِ وچ ۾ ٺهيل کوهه ۾ اڇليا ويندا آهن. ان وچئين کوهه نما کڏَ ۾، وقت به وقت چُن ۽ گندرف وڌو وڃي ٿو جيئن انسان جا بچيل وکا، ڇيڇڙا ۽ آنڊا، گجيون سڙي کپي وڃن ۽ چوڌاري گھٽ کان گھٽ ڌپ رهي. سانوڻيءَ جي ڏينهن م، جيڪا بمبئي ۾، جون کان سيپٽمبر تائين هلي ٿي، مينهن جو پاڻي ان سڄي بچيل مال کي پاڻ سان کڻي گٽرن ۽ زمين دوز پاڻيءَ جي تهن تائين پهچايو ڇڏي.
پارسي، جيڪي امن پسند چيا وڃن ٿا، پنهنجن وڏن جي لاشن سان هن قسم جو وحشي برتاءُ ڇو ٿا ڪن؟ هڪ سوال.
اسان سان هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ پارسيءَ موجب:
“ڳالهه ساڳي آهي. هر صورت ۾ لاش جيت جڙن، جانورن پکين ۽ مڇين جو کاڄ ٿئي ٿو. زمين ۾ دفن ڪرڻ سان هن کي ڪينئان کائين ٿا، سمنڊ ۾ اڇلڻ سان مڇيون. انهن کان وري به پکين جو کاڄ ٿيڻ بهتر آهي. ڪينئان ته لاش کي ختم ڪرڻ ۾ مهينا لڳائين ٿا، پر ڳجھون ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪريو ڇڏين.”
ڪراچيءَ جي هڪ پارسي ٻائي ان جو جواب هن ريت ڏنو: “پارسي ماڻهن کي هن ڌرتيءَ سان پيار آهي. هو لاش کي ان ۾ دفن ڪري ڌرتيءَ کي خراب ڪرڻ نٿا چاهين ۽ نه وري لاش کي ساڙي ان ڌرتيءَ جي هوا (Atmosphere) خراب ڪرڻ گھرن ٿا ۽ نه سمنڊ يا درياهه ۾ لاش کي اڇلي پاڻي خراب ڪرڻ گھرن ٿا.”
پارسين جو اهو يقين آهي ته ڳجھن کي قدرت ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ هو “آسماني ڀنگياڻيون” آهن جن جو ڪم آهي ڌرتيءَ تي انسانن ۽ جانورن جي لاشن جي صفائي ڪرڻ. ساڳي وقت انهن بکايل پکين حوالي لاش ڪرڻ، هڪ خير جو ڪم آهي. جيڪو ثواب مري ويل، آخري وقت تي ڪمائي ٿو.
پارسي پنهنجي پيغمبر Zoroaster جي نصيحتن تي عمل ڪن ٿا. هو جڏهن ايران کان هندستان جي اولهه ڪناري ڏي، ننڍڙين ٻيڙين ۾ آيا ته پاڻ سان پنهنجي پاڪ باهه به کڻي آيا ۽ ان کي ٻرندو رکندا اچن. هنن جو ان ڳالهه ۾ اعتماد هو، ۽ اڄ به آهي ته باهه سچائي، پاڪائي ۽ عقلمنديءَ جي علامت آهي. اها خراب خيالن ۽ خواهشن کي هضم ڪريو ڇڏي.
پارسين جا ٻار ستن سالن جي ڄمار تي پهچڻ بعد پارسي مذهب ۾ داخل ٿين ٿا. جنهن لاءِ هنن کي هڪ خاص فنڪشن ۾ ٻائي پٺيان ڪجھه منتر پڙهڻا پوندا آهن. ان بعد ڍڳيءَ جي پيشاب جو ڍُڪ پيئڻو پوندو آهي جنهن کي هڪ قسم جو Purifier صاف / پاڪ ڪندڙ سمجيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ رهندڙ پارسي اها رسم ادا نه ٿا ڪن- يا گھٽ ۾ گھٽ هو ان کان انڪار ڪن ٿا.
پارسي هڪ ختم ٿيندڙ قوم آهي جنهن جو لک کن هندستان ۾ رهي ٿو ۽ اڌ لک کن ٻين ملڪن ۾. ۽ ان اڌ لک جو به اڌ ايران جي شهر يزد (Yazd) ۾. باقي بچيل اڌ پاڪستان، اوڀر آفريڪا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهي.
سندن تعداد ۾، هر سال پنج ڇهه هزار ماڻهن جي کوٽ اچي ٿي. ڇو ته هي اهو ڌرم آهي جنهن ۾ ڪو ڌاريون اچي نٿو سگھي. پارسيءَ جو اولاد ئي پارسي ٿي سگھي ٿو. اڄڪلهه جا ڪيترا پارسي نوجوان يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهي، پنهنجي مذهب کي وساري ويٺا آهن. هو لامذهب يا عيسائي (ڪرسچن) ٿيڻ کي فئشن سمجھن ٿا. ان کان علاوه ڪو پارسي ڇوڪرو ٻاهران شادي ڪري ٿو ته هو پارسي رهي ٿو پر پارسي ڇوڪرِي ڌارئين سان شادي ڪرڻ سان پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ مڙس جي ميمبرشپ وڃايو ڇڏي.
انڊيا ۾ (۽ پاڪستان ۾ پڻ) پارسي واپار ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ هڪ وڏي طاقت رکن ٿا. هو پنهنجن کي ئي ورسائين، همٿائين، خير خيرات ڏين ۽ ٻي جي مدد ڪن ٿا. نتيجي ۾ غريب کان غريب پارسي به عام مڇي ماني واري کان خوشحال نظر اچي ٿو. پارسين جا پنهنجي قوم لاءِ ٺهيل مسافر خانا، اسپتالون، غريب گھر، اسڪالرون ۽ خيرات جا ڪم عام جام ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪجھه پارسين جو اهو به خيال آهي ته خير خيراتن غريب پارسين کي هڻي سست ۽ ڪاهل بڻائي ڇڏيو آهي.ڪيترائي ترقي پسند پارسي لاش جي ان بي حرمتي- يعني “ماٺ جي مينار” کي پڻ ختم ڪرڻ چاهين ٿا، پر پارسي ڌرم جا ٻاوا ان کي مذهب سان لازم ملزوم سمجھن ٿا. هو لاش کي ختم ڪرڻ جو اهو تيز ترين طريقو سمجھن ٿا. ان کان علاوه ان کي جمهوري نمونو پڻ سمجھن ٿا. جنهن ۾ امير توڙي غريب کي، ڳجھن جي کاڄ لاءِ، هڪ ئي ٿلهي تي رکيو وڃي ٿو. ڳجھون صحيح معنيٰ ۾ Levelers آهن جيڪي سڀني کي ائين سڌو ڪريو ڇڏين جيئن ڳرو رولر کڙ کٻڙ واري رستي کي.
بهرحال ماٺ جي مينار جي وحشانيت ۽ خوف پنهنجي جاءِ تي، پر هن مرڻي جي رسم جا ڪجھه مسئلا پڻ آهن. مالابار هِل (ٽڪري) واري مينار کي ڇڏي، بمبئيءَ جي ٻين مينارن جو گھير ايترو ته سوڙهو آهي جو ڳجھن کي واپس اڏامڻ ۾ سخت ڏکيائي ٿئي ٿي. جيڪي اڏامڻ وقت، جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هيليڪاپٽر وانگر نه پر هوائي جهاز وانگر سڌو ڊوڙي ۽ پوءِ مٿي چڙهن ٿيون. نتيجي ۾ تمام گھٽ ڳجھون انهن مينارن (ٽاورن) تي لهن ٿيون ۽ لاش مان ڏينهن جا ڏينهن بدبوءِ نڪرندي رهي ٿي.
۽ هيڏانهن ڪراچيءَ جو شهر ۽ ان جي ٽرئفڪ ايڏي وڌي ويئي آهي جو ڊفينس مارڪيٽ وارو “ماٺ جو مينار” وچ شهر ۾ ٿي پيو آهي. گوڙ گھمسان ڪري ڪيتريون ئي ڳجھون هيٺ لهڻ جي همت ئي نٿيون ڪن ۽ هوائي حادثن بعد، هوائي ڪمپنين ڪراچيءَ جي آس پاس جون ڪيتريون ئي ڳجھون مارائي ڇڏيون آهن. جنهن جي ڪري پڻ، ڳجھن جي سخت کوٽ ٿي پيئي آهي ۽ لاش کي کائڻ لاءِ فقط ڪانگ ڪٻرون ئي اچن ٿيون جيڪي اهو ڪم ان اڇتائيءَ سان نٿيون ڪري سگھن- جنهن سان ڳجھون ڪن ٿيون.