سئٽزرلئنڊ هڪ نرالو ملڪ
پهريون پاڻيءَ جو جهاز جنهن تي مون سفر ڪيو ان جي انجڻ سئٽزرلئنڊ جي ٺهيل هئي. اها مون لاءِ نئين ڳالهه هئي ته سئٽزرلئنڊ ۾ اهڙيون ڳريون انجڻيون پڻ ٺهن ٿيون ۽ اهو معلوم ڪري ويتر تعجب لڳو ته سئٽزرلئنڊ افغانستان وانگر آهي جنهن جي چوڌاري ڪو به سمنڊ ناهي. سندس اتر ۾ جرمني آهي ۽ ڏکڻ ۾ اٽلي. ساڄي پاسي اوڀر ۾ آسٽرياآهي ته کاٻي پاسي فرانس. ان ڪري سئٽزرلئنڊ باءِ ايئر يا باءِ روڊ ته وڃي سگھجي ٿو پر سامونڊي رستي هرگز نه.
اخبارن رسالن ۾ فرانس، جرمني ۽ انگلنڊ جي مقابلي ۾ سئٽزرلئنڊ جي بنهه گھٽ خبر چار نظر ايندي. شايد ان ڪري جو سئٽزرلئنڊ ۾ ايترو ته امن آهي جو ڪا ڳالهه- چوري چڪاري يا مار ڌاڙ جي واردات بنهه نه برابر ٿئي ٿي.
سئٽزرلئنڊ بيحد سهڻو ملڪ آهي ۽ ڪيترن ٽوئرسٽن لاءِ دلچسپي جو سبب ثابت ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مهانگائيءَ جي ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جو ماڻهو هيڏانهن ڪو ورلي نظر اچي ٿو. گھڻا تڻا امير ملڪن جا ڦرندا نظر ايندا. هن ملڪ جون ڪجھه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي کيس ڪيترن ئي ملڪن کان نرالو ۽ نمايان بڻائين ٿيون.
انگلينڊ ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ته فرانس ۾ فرينچ ۽ جرمني ۾ جرمن وغيره. پر سئٽزرلئنڊ جي ڪهڙي زبان آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو فوجي توڙي شهري امتحانن جي عام معلومات ۾ پڇيوويندو آهي.
سنگاپور وانگر سئٽزرلئنڊ اهو ملڪ آهي جنهن جي ڪا به پنهنجي زبان ناهي پر ڀروارن ملڪن جون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سئٽزرلئنڊ ۾ هڪ بدران ٽي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جرمن، فرينچ ۽ اٽلين.
يورپ جي وچ ۾ سئٽزرلئنڊ هڪ تمام ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو اسان جي ٿرپارڪر ضلعي جيڏو مس ٿيندو. سڄو جبلن سان ڀريو پيو آهي ۽ اهو جبلن وارو حصو جيڪر ڪڍي فقط ماڻهن جي رهائش وارو حصو سارجي ته دادو يا شڪارپور ضلعي کان به ننڍو آهي. سڄي سئٽزرلئنڊ جي پکيڙ سورهن هزار چورس ميل آهي (سنڌ جي چوونجاهه هزار کن پاڪستان جي ٽي لک چورس ميل آهي.) ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سئٽزرلئنڊ ڪيڏو ننڍو ملڪ آهي.
سئٽزرلئنڊ ۾ نه هڪ جهڙي زبان آهي نه مذهب. نه ساڳيو ڪلچر آهي نه شڪل شبيهه. ويندي ڌرتي به هڪجهڙي ناهي. ڪٿي رڳو جبل ئي جبل (جن کي Alps سڏجي ٿو) ته ڪٿي ماٿريون ۽ سڌا پٽ. پر اهو سو ڪمال آهي ته سڄي ملڪ جي پاڻ ۾ ايڏي ٻڌي ۽ پيار محبت آهي جو هڪ ٿيو پيو هلي. ايامن کان جمهوريت ۽ امن امان قائم آهي. ڇا اها ڪمال جهڙي ڳالهه ناهي ته ست سؤ سالن کان سئٽزرلئنڊ ڊيموڪريسي قائم رکندو اچي. دنيا توڙي اوسي پاسي جي ملڪن ۾ جنگيون فساد ٿيندا رهيا، پر هن ملڪ جون سرحدون 1815ع کان اهي ئي قائم دائم آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ به سئٽزرلئنڊ نيوٽرل رهيو، نه هن پاسي نه هُن پاسي. اسان جي هڪ پاڪستاني يار کي سئٽزرلئنڊ جي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. چوندو آهي: “سئٽزرلئنڊ ڀاڙي ملڪ آهي.”
“ ڇو ڀلا؟” اسان پڇندا آهيونس.
“اها به ڪا زندگي آهي جو ڪنهن سان جھيڙو جھٽو نه ڪجي. ڪنهن اوسي پاسي جي ملڪ جي معاملن ۾ نه پئجي. اسان کي ڏسو اسرائيل ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙن ڏُورانهن ملڪن سان ته جھڳڙا اٿئون پر پاڙي وارن ملڪن کي به نٿا بخشيون. هندستان سان ڦڏو. افغانستان روس سان ڦڏو. ايران سان... ٻيو ڪو عمل ڪري يا نه پر اسان ان چوڻيءَ تي عمل ڪريون پيا ته مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.”
سئٽزرلئنڊ جي نيوٽرل پاليسي هجڻ ڪري هن ملڪ ۾ انٽرنئشنل ايمنسٽي کان وٺي يونيورسل پوسٽل يونين جهڙا ٽي سئو کان به مٿي بين الاقوامي ادارا آهن.
هونءَ سئٽزرلئنڊ جو آفيشل نالو ڪجھه ٻيو آهي جيڪو اسان جهڙن لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيو ته لکڻ ۾ به ڏکيو. اهو آهي Schweizerische- Eidgenossenschaft. انهن ٻن لفظن جي معنيٰ آهي: سويز ڪنفيڊريشن. اسان لاءِ ڏکيو آهي پر سويز ماڻهن لاءِ اهو نالو چوڻ ائين سولو آهي جيئن اسان لاءِ “خدا داد ممڪت پاڪستان” يا ”ڍينگاڻو بوزدار“ چوڻ. (مثال الائي ٺهيو به يا نه).
سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٻي ڌيان ۾ ڌرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته جپان وانگر سندس ڌرتيءَ ۾ نه لوهه آهي ۽ نه ٽامون پتل. نه تيل آهي نه ڪوئلو گئس جنهن مان ڪو اپراسو ٿئيس. جپان کي ته وري به سمنڊ آهي جنهن ۾ هو جهاز راني ڪن ٿا. مڇيون مارين ٿا. سرسبز جبل ۽ ٽڪريون آهن جن تي ڪجھه نه ڪجھه پوک ٿئي ٿي. پر سئٽزرلئنڊ جا ٽڪر ٽڪريون حيدرآباد جي گنجي ٽڪر جهڙا آهن- سڪل ۽ خالي خولي. پر ان هوندي به سئٽزرلئنڊ ٽوئرزم ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ آهي. ماڻهن جي رهائش جو معيار بلند ترين آهي جيڪي ڪويت ۽ برونائي وارن سان ذري گھٽ ڪلهو ملائي سگهن ٿا.
ملڪ ۾ امن امان ۽ Stability هجڻ ڪري هتي جي ناڻي- سويز فئنڪ جي ساک قائم آهي. ان جو اگھه ڪِري نٿو. هر ڪو ماڻهو حفاظت محسوس ڪري ٿو. ملڪي ماڻهو ته ملڪي پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو به هتي جي بئنڪن ۾ پئسو رکائيندي خوف نٿا محسوس ڪن. ماڻهو هتي جي برفاني جبلن تي Skiing لاءِ اچن ٿا. سڄو ملڪ هوٽلن سان ڀريو پيو آهي جن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو گھمڻ دوران خرچ ڪن ٿا ۽ هتي جا ماڻهو ۽ هوٽلون ڪمائين ٿيون. هونءَ به سويز ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته خرچ گھٽ ڪن ٿا. هو پئسو ڪمائڻ بعد بچائين ٿا. بچيل پئسي کي واپار ۾ لڳائين ٿا. پوءِ ان مان جيڪو فائدو ٿئي ٿو ان جو فقط ڪجھه حصو خرچ ڪن ٿا.
سئٽزرلئنڊ ۾ رهڻ يا گھمڻ اسان جهڙي ملڪ جي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي جو اتي هر شيءِ تمام مهانگي آهي. چانهه يا ڪافيءَ جي ڪوپ جي قيمت به چاليهه رپيا کن آهي. ڊبل روٽي مهانگي، ڪپڙو مهانگو، پيٽرول مهانگو. هوٽل جو ڪمرو مهانگو. پارڪ يا مندر ۾ رهڻ جي اجازت نه. ڀڳڙا يا ڇولا ملن نه. تڏهن ته اسان سئٽزرلئنڊ جي ڪنهن به شهر ۾ رات رهي نه سگھياسين. جڏهن به ايندا هئاسين ته جهاز تان ماني کائي صبح ساڻ نڪرندا هئاسين ۽ واپسيءَ تي وري اچي جهاز تي ماني کائيندا هئاسين. جهاز جڏهن به اٽلي يا فرانس ۾ هوندو هو ته ريل يا بس ذريعي سئٽزرلئنڊ جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. جيئن جدي ۾ جهاز بيهڻ وقت جهازي حج ڪرڻ لاءِ مڪي مديني هليا وڃن ٿا. بهرحال سئٽزرلئنڊ ۾ کاڌوسين يا خرچيوسين ڪجهه به نٿي. رڳو اکين جو ڍءُ ڪري موٽي ايندا هئاسين. افسوس جو سئٽزرلئنڊ جي ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ جي ڪمائيءَ ۾ اسان ڪو به جوڳو واڌارو ته پري پر جهڙو تهڙو به نه ڪري سگھياسين. وڌ ۾ وڌ ڪافي يا چانهه جو ڪوپ پيتو هوندو سين. سو به وس پڄي ها ته جهاز تان ٿرماس ۾ کڻي سئٽزرلئنڊ اچون ها. هوٽل جو باقي مينو فقط پڙهندا هئاسين.
ڪجھه ڏينهن اڳ هتي ملائيشيا (جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان) جي وزير جو هڪ بيان پڙهي پنهنجا هي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن 1968ع ڌاري ساڍا چار سؤ رپيا ماهيانو پگهار تي نوڪريءَ لاءِ جهاز تي چڙهيو هوس. هتي جي وزير موصوف ملائيشيا ۾ ٽوئرزم وڌائڻ بابت زور ڀريندي چيو “ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن جو اسان آڌرڀاءُ ڪريون ٿا جو انهن مان اسان جو ملڪ ناڻو ڪمائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ کي يورپ کان ايندڙ انهن “ڪوڪا ڪولا ٽوئرسٽن” مان ڪو به فائدو ناهي جيڪي فقط اسان جي مهيا ڪيل مفت جي سهوليتن مان فائدو وٺن ٿا. پارڪن ۾ گھمن ڦرن ٿا. پبلڪ ٽوائليٽ استعمال ڪن ٿا. ريلوي اانتظار گاهن ۽ هوائي اڏن جي ايئرڪنڊيشن هالن ۾ فرحت وٺن ٿا. باقي پنهنجي هڙ مان خرچ ڪجھه به نٿا ڪن. ماني به پاڻ سان آندل کائين ٿا. هو وڌ ۾ وڌ فقط ڪوڪا ڪولا خريد ڪري پيئن ٿا.”
چئبو ته اهي ڌنڌا فقط اسان جهڙن غريب ايشيائي ملڪن جي ماڻهن جا نه پر هاڻ پيٽرول جو اگھه چڙهڻ بعد يورپين جا به وڃي ٿيا آهن. سبحان الله!
سئٽزرلئنڊ جي ڳالهه پئي هلي ته اسان جهڙن “ڪافي يا چانهه نموني جي ٽوئرسٽن” لاءِ سئٽزرلئنڊ ۾ هر شيءِ مهنگي آهي پر اتي جي ماڻهن لاءِ مهنگائي هوندي به ڪا پريشاني ناهي جو کين پگھار تمام وڏا ملنٿا. عام مزور يا ورڪر به مهيني ۾ ويهه هزار رپيا کن ڪمايو وڃي. انڪم ٽئڪس جو چڪ بگھڙ وارو چڪ ناهي. دوا درمل، اسڪول ۽ ٻيا بار سرڪار کنيو بيٺي آهي. ٻيو ڇا کپي.
سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٻي ذڪر جوڳي ڳالهه اها ته کيس ڪنهن به ملڪ کان جنگ جو خطرو ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بري ۽ هوائي فوج ضرور اٿس. ملڪ جي آدمشماريءَ جو ڏهه سيڪڙو ماڻهو هر وقت فوج ۾ آهن. سئٽزرلئنڊ جهڙي ننڍڙي ملڪ جي ايڏي وڏي فوج هجڻ ڪري اهو مثال مشهور آهي ته سئٽزرلئنڊ کي فوج ناهي پر سڄو ملڪ آهي. فوجي سکيا هر صحتمند ماڻهوءَ لاءِ ضروري ڪئي ويئي آهي ۽ ويهن کان پنجاهه سالن جي ڄمار تائين هر ماڻهو سال جا ٽي هفتا فوج ۾ رهي ٿو.
سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هرگهر ۾ هڪ کان وڌيڪ بندوق آهي. سئٽزرلئنڊ جي اڄڪلهه آدمشماري ستر لک آهي ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب ماڻهن وٽ پنجٽيهه لک بندوقون آهن- يعني هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ بندوق آهي. انهن هٿيارن مان ويهه لک بندوقون، رائفلون ۽ پستول شڪار لاءِ آهن يا نشاني بازيءَ لاءِ باقي آٽوميٽڪ فوجي بندوقون آهن جيڪي سرڪار طرفان فوجين ۽ انهن کي مليل آهن جيڪي سال جا ڪجھه ڏينهن شهري دفاع لاءِ فوج ۾ سکيا وٺن ٿا.
خوشقسمتيءَ سان سويز ماڻهو ڦڏيباز نه آهن. ملڪ ۾ ڏوهن جو تعداد نه برابر آهي. هڪ ٻئي سان غلط فهمين، ساڙ ۽ نا انصافين جا فيصلا پنهنجو پاڻ ڪرڻ بدران ڪورٽن ۾ ڪيا وڃن ٿا. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هو بندوق نه رکن. هو بندوقون رکن ٿا پر انهن جو غلط استعمال هرگز نٿا ڪن. بقول انگريزيءَ جي هڪ چرچائي ليکڪ جارج ميڪس جي: سويز ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو بندوق ڪڍي ٿو- ڪنهن کي مارڻ لاءِ نه - پر ان کي پاليش ڪرڻ ۽ تيل مکڻ لاءِ.