ملئي ٽوئليٽ
ملائيشيا گذريل ڏهاڪو سالن ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن يورپ ۽ آمريڪا ٿيندو وڃي، پر هن ملڪ جا “پبلڪ ڪاڪوس خانا” اڃا ان ئي اسٽيج تي آهن جتي پهرين هئا. دڪانن، آفيسن، ريسٽورنٽن ۽ بس اسٽاپن وغيره جا ٽوائليٽ بيحد گدلا ۽ ڀڳل ڀُريل آهن جن جو نه در سڄو نه ڪموڊ صحيح سلامت. نلڪن مان پاڻي ته ڇا سندن نل به غائب ملندا. بجلي جي تار هوندي پر بلب ۽ سوئچ گم. يورپي ٽوئرسٽ جتي ملائيشيا جي ٻين ڳالهين جي تعريف ڪن ٿا اتي ڪاڪوس خانن جي گلا ڪندي اٻڙاڪ ڏين ٿا. پر بقول هڪ ايشين ٽوئرسٽ جي ملائيشيا ۾ وري به جھڙا تهڙا ڪاڪوس خانا به آهن ته سهي! اسان وٽ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش توڙي برما ۾ ته اهڙا به نه آهن. شل نه ڪنهن کي گس پنڌ تي ٽوائليٽ جي ضرورت پوي. ان کي ڪيڏي نه پريشاني ٿئيٿي. خاص ڪري عورتن لاءِ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ ٻاهر نڪرڻ عذاب آهي.
ملائيشيا جي ڪاڪوس خانن جي هڪ تعريف واري ڳالهه ضرور آهي ته ڀتين تي اهي گاريون گند ۽ فاحش قسم جا جملا ۽ ڊرائنگون ٺهيل نه ملنديون، جيڪي اسان جي ملڪن توڙي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ته ڪڏهوڪو عام آهن پر ويندي جپان ۾ به شروع ٿي ويون آهن. ملائيشيا جي آفيسن جي انهن ڪاڪوس خاننن جون ڀتيون به ان شعر شاعريءَ کان صاف نظر اينديون جيڪي مردن ۽ عورتن لاءِ ساڳيا آهن.
بهرحال اهي ته ٿيا پبلڪ ڪاڪوس خانا، باقي ملئي گھرن جا ڪاڪوس خانا گھر کان ٿورو پرڀرو ٿين. ڳوٺاڻن گھرن ۾ ته اهي بلڪل سادا ٿين- انبن جي کوکن واري ڪاٺ جهڙين پٽين جا ٺهيل جن جو در به سنئون سبتو نه ٿئي. ڪيئن خبر پوي ته ان ۾ ڪو پهرين کان ماڻهو موجود آهي؟ ان لاءِ هتي جي وهنوار ۽ اخلاقيات موجب ٻاهرين ماڻهوءَ کي ڪاڪوس خاني جي ٿورو ويجھو پهچي کنگھڪار ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن اندر ڪو ماڻهو آهي ته اهو به موٽ ۾ کنگھڪار ڪندو، جي کنگھڪار جو آواز نه آيو ته معنيٰ اندر ڪير ڪونهي. 1958ع تائين هالا جي هاءِ اسڪول جا ڪاڪوس خانا به اهڙا هوندا هئا. پوءِ جي خبر ناهي جو آئون پيٽارو هليو ويس.