پيش لفظ : جمال ابڙو
الطاف شيخ تي مون هميشه رشڪ ڪيو آهي ته هو ڪيئن محض سفرنامن ذريعي مسلسل ترقي پسند ادب ڏئي رهيو آهي. ترقي پسند ادب تي ڪنهن وڏي نامياري جگادري قسم جي اديب جي نڪي هڪ هٽي آهي ته نه ميراث. نه وري ترقي پسندي ڪو مشڪل افلاطوني فلسفو آهي جنهن تي ڪنهن خاص گروهه يا ڪنهن مخصوص آئڊيالاجي جو ٺپو لڳل هجي. بس سڌو سنئون معلوماتي ادب، جو سوچڻ تي مجبور ڪري، بهتريءَ جيچاهنا پيدا ڪر ي ۽ ان لاءِ راهون کولي ڏئيته اسان جهڙي ملڪ ۾ ان کان وڌيڪ ترقي پسند ادب ڪهڙو چئبو. انڪسوٽيءَ تي الطاف شيخ جو ڏنل ادب نج سون ثابت ٿيندو. سندس نگاهه تمام گھري، خلوص واري، ڇنڊ ڇاڻڪرڻ واري، ميٺاج ۽ مزاح سان ڀلائي ۽ برائيءَ جون آنڊا گجيون ڪڍڻ واري ۽ پيار سان ڏاهه ۽ ڏس ڏيڻ واري آهي.
ڪو دؤر هو جو ڪيئي کنڊ کائو مجنون ٻرن مان نڪري ترقي پسند جو ٺپو هڻائي هنبوڇيون هڻندا وتندا هئا. نه علم نه ڄاڻ، نه مسئلن تي نظر، نه عوام سان ڳوڙهي وابستگي، نه ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ حقيقي ترقي پسند ته وڃي جيلن ۾پيا يا عذاب ڏيئي ماريا ويا. پوءِ مڪو متو هٿرادو ليڊر پسند، شهرت پسند ۽ ناماچار پسند ڄامڙن جو جن جي پيداوار اڄڪلهه جا ڌاڙيوال يا خوشامندي سرڪاري صلاحڪار آهن. لفاظي ۽ نعري بازي ڪري، پئسا ڪمائيندا، ڏاڪڻ چڙهندا وڃي ليڊري ۽ صلاحڪاريءَ تي پهتا. انهن جا به ڪيئي نمونا هئا. ڪي مهذب، ڪي بڪواسي، ڪي چرچائي۽ گاريل. مقصد سڀني جو هو سرڪار سان سنمک ٿيڻ ۽ ماڻهن ۾ معتبر بڻجڻ. سچو ترقي پسند ۽ انقلابي ٿيڻ ته سندن پهچ کان ٻاهر هو ڇو ته ان لاءِ قرباني، تڪليفون، عذاب، مفلسي ۽ پڪڙ پڇاڙ کانسواءِ ڪجھه پلئه نٿي پيو. ان لاءِ سولو بنهه آسان طريقو ايجاد ڪيائون ته مذهب ۽ الله تبارڪ تعاليٰ جي شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهايو ته هڪدم ترقي پسند ۽ جي ڪنهن سرڪاري کاتي يا سپاهي صوبيدار کي هيسائڻ لاءِ مٿس جلهه ڪيو يا ڪنهن شريف جي ڏاڙهيءَ پٽ ڪيو ته توهان انقلابي. انهيءَ دور ۾ مولوي نذير حسين جتوئي جا ٽوٽڪا ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ مولوي صاحب لٺ کنيو ڏاڍائي ۽ زبان جي زور تي ڪليڪٽري ۽ انجنيئري کاتي جي آفيسن ۽ ماڻهن لاءِ لانڍ وٺيو ڪم ڪرائيندو وتندو هو. ٻئي پاسي ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ حيدر بخش، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڪامريڊ رسول بخش پليجو جهڙا سلجھيل، سمجھدار، چيڙهالا ورڪر ورهين جا ورهيه جيلن ۾ پيڙجندا رهيا. ٻيا ته ٺهيو پر شيخ اياز جهڙو نج اديب ۽ پيارو ماڻهو پڪاري اٿيو ته “سچ وڏو ڏوهاري آهي”، “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو ڄڻ ڪاريءَ تي پير پيو”. ٻاٻري ڪنڊ تي هلندي رتو ڇاڻ ٿي گھرٻار ڌنڌو ڌاڙي رلائي وڃي جيلن جو واسي ٿيو. هن صديءَ جو ههڙو عظيم اديب ۽ عجب انسان به اهو مقام ئي پائي نه سگھيو جيڪو ٻيا سڌڙيا پائي ويا. مٿيان سڀ عظيم ۽ سچا ترقي پسند اڄ تائين لعن طعن جو شڪار آهن ۽ هرڪو کانئن ڇرڪي ٿو. ڪامريڊ عبدالقادر ۽ حيدر بخش ته الله کي پيارا ٿي ويا ته به اڄتائين لوئجن پياته اٻوجھه هئا، چنده خور هئا وغيره وغيره. اها وڏيڪاسرڪاري چال هئي جا اسان سمجھي نه سگھياسين. اهڙيون قداور شخصيتون مشڪل سان ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿينديون آهن. قادر بخش نظاماڻي غضب جو ذهين ۽ با عمل انسان ته ماڳهين ملڪ ڇڏي ٻارين ٻچين وڃي لنڊن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪو. جمال الدين بخاري به چريو ٿي مري ويو. اڄلاڙڪاڻي پريس ڪلب تان سندس نالي جي تختي به لاٿي وئي آهي. عثمان بلوچ روهه رلا مٿي کلا، برڪت آزاد گمنامي، گوشه نشينيءَ ۽ بيماريءَ ۾ گھاري رهيو آهي. محترم محمد ابراهيم جويو ته هڪ مثالي ڪردار آهي جنهن کي مان ۽ اياز ڪرائسٽ (Christ) چوندا آهيون.
هند ويل انيڪ ساٿين جو ذڪر ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وجھڻ وارو مان به ناهيان. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جنهن کي اسين نانگو سڏيندا هئاسين، بک ڏک ۾ برن برپٽن۾، جھنگن نانگن بلائن ۾ غريبن ۽ هارين نارين جو ساٿاري ٿيو بيٺو هوندو هو. گھڻن فرعونن قارونن سان مهاڏا ڏنائين ۽ نيٺ هٿين خالي هليو ويو. تاج صحرائي انگريزن جا جيل ڪاٽي اڄ به صحرا بيابان ۽ جيل پيو جھاڳي.
آزاديءَ کان پوءِ ادب جي ميدان ۾ پختو ۽ پائدار جاکوڙي محنت جو سهرو آهي ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ مرحوم پير حسام الدين ۽ پير علي محمد راشديءَ تي. انهيءَ بڻ بڻياد کي ڇڏينداسين ته يتيم ٿي رلي وينداسين. انهن نئون رخ ۽ نئون موڙ ڏنو. انهي کان انڪار مورکيائي آهي. ڪن جوانڙن جو چوڻ آهي ته انهن صاحبن تخليقي ادب نه ڏنو. اهو بحث طلب معاملو آهي. انهيءَ بحث کي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن بنئش. انهن پهاڙ جهڙين هستين تي بنئش ڪرڻ آهي، جبل سان مٿو ٽڪرائڻ. مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي ترقي پسند اديب ئي چئبو. اهي صاحب توڙي ڪاڪو ڀيرو مل ۽ ڪشنچند بيوس (انهن ٻن جا نالا نه کڻان ها ته پاڻ کي ڪڏهن معاف ڪري نه سگھان ها.) ترقي پسند ادب جو بڻ بڻياد وجھندڙ آهن. اها ٻي ڳالهه آهي جو مٿن ڪڏهن عتاب نازل نه ٿيو ۽ هميشه معزز رهيا. انهن جو سبب اهو آهي ته انهن مزاحمتي ادب پيش نه ڪيو. پوءِ ائين ته ڪونه چئبو ته ترقي پسند ادب صرف مزاحمتي ادب آهي. ائين سوچڻ ۽ چوڻ سان ڏاڍا عجيب نتيجا نڪرندا. مثال طور: پوءِ ائين چئبو ته هوندراج دکايل ترقي پسند شاعر هو ۽ ڪشنچند بيوس رجعت پسند. اها مورکپائي آهي.پوءِ ته والٽ وٽمن جهڙو عظيم اديب به جڏهن چوي ٿو ته “آئون ويٺو آهيان ۽ ماٺ ڪري ويٺو ڏسان” به معيار کانڪري پوندو. ائيننهآهي، سندس ان “ويٺو ڏسان” ۾ به وڏو انقلابي نياپو آهي. شاهه سائينءَ به چيو ته “سي ستا ئيسونهن، ننڊ عبادت جن جي.” يا ملٽن به چيو ته “جي چپ بيٺا آهن ۽ ترسيا پيا آهن سي به ڪرت سان آهن.”(They also serve who only stand and wait )سچل سائينءَ چيو ته “ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر”. سڀني عظيم انسانن جي سوچ هڪ ٿيندي آهي.
ٻيو ته اڄڪلهه ائين به سمجھيو وڃي ٿو ته هراديب دانشور آهي، ائين ناهي. اديب ته سونهن پسي وٺي ٿو ۽ ان جي جھلڪ ٻين کي پسائي ٿو. اڄ جنهن صاحب جي ڪا تخليق اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي ٿي ته هو اديب ۽ دانشور ٿيو پوي. مان ته پاڻ لاءِ اعلان ٿو ڪريان ته ڀائي مان دانشور ڪونه آهيان. اسان علم جي راهه جا پانڌيئڙا آهيون. شل الله علم زياده ڪري. ها ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀو گيانچنداڻي وڏا اديب ۽ دانشور آهن. ڇو ته هو عالم ۽ اسڪالر به آهن. پويان چار ساٿاري آهن. سچو اديب آهي ئي اهو جيڪو عوام جو آواز ۽ ضمير بڻجي ۽ سندن جدوجهد جو ساٿاري هجي ۽ عوامي تحريڪن کي صحيح لاڙا ۽ موڙ ڏئي. ڪجھه ڏينهن اها گونج ٻڌڻ ۾ آئي ته جيڪا به سٽ لکجي ٿي سا ادب آهي ۽ لکندڙ اديب.هاڻي ڏيو منهن!هو بندش کان آزاد جيڪو وڻيوَ سو لکو. جانسن چيو هو ته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن هر جاهل کي لکڻ اچي ويندو. الحمدلله هاڻ اهو رجحان ختم ٿيڻ لڳو آهي.هاڻ وري نئون چوٻول هليو آهي ته هر اديب لٺڙيو هئڻ گھرجي. ڄڻ سندس لفظ لٺ، بندوقيا گوليءَ کان گھٽ آهن. امر جليل ته چوي ٿو ته ڌاڙيل سان منهن به اديب ڏين. ڀائي ڏاها ٿيو. پوءِ ته هاري هر ڦٽو ڪري، پورهيت مترڪو هٿوڙو ڇڏي ڏئي. ڪامورو نوڪري ڇڏي نعريباز يا سياستباز ٿئي. ٻيلي هرڪو وس ۽ وت آهر پنهنجي مخصوص دائري ۾ ڪم ڪندو ته هو اتي ڪارائتو ۽ لاڀائتو آهي. سياستدان جڏهن ڄنڊا پٽ ڪري ناڪام ٿا ٿين ته رُخ موڙين ٿا اديبن ڏانهن. ادب ۽ ترقي پسنديءَ جو مطلب فوجي سپاهي يا بندوق باز ٿيڻ نه آهي. هو سڀ ڪجھه هوندي به محض اديب آهي.
مون ڳالهه پئي ڪئي الطاف جي لکڻين جي. سفرناما ٻين به گھڻا لکيا پر انهن مان پڏڻپائي ۽ پنهنجي ذات جو اظهار ٽپڪا پيو ڏئي.الطاف وٽ اها ڳالهه نه آهي. هو اجايو عالماڻو اظهار به ڪونه ڪري. هو ٻين ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جون اوڻايون خوبيون چڱيءَ طرح جاچي پرکي پنهنجا نتيجا ڪڍي اسانکي چڱائي مٺائي جا ڏس پتا پيو ڏئي. معمولي موضوع مان اهڙا سبق ڪڍي ٿو ڏئي جو واڄٽ وڄي وڃن. سندس “ڪجھه ڪاڪوسن بابت” پڙهي ڏسو پوءِ چئو ته، ڪپاٽ کلي وڃن ٿا ڪهِ نه.
الطاف هڪ منفردليکڪ آهي.هو منهنجي ديرينه ۽ معزز دوست گل محمد شيخ جو فرزند آهي. شيخ صاحب به هر ڳالهه ۾ منفرد. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ “گڏهه” تي هڪ معلوماتي ڪتابڙو لکيو ته شيخ صاحب ڪاليج جي زماني ۾ ئي “ماکيءَ جي مک” تي اهڙو ئي معلوماتي ۽ لاجواب ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ ان بعد “ماڪوڙي” ۽ “ ڪوريئڙي” تي پڻ. شيخ صاحب نهٺو، ٿورو ڳالهائو، ڳوڙهي سوچ رکندڙ، خوش مزاج ۽ سچ جو ساٿاري هئو ۽ آهي. سادي طبيعت ۽ سادگي پسند. آفيسري ۾ به گيڙي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو. مونکي الطاف ۾ شيخ صاحب واريون سڀ جھلڪيون نظر اچن ٿيون. سندس زور قلم اڃا به زياده آهي.
هن سڄي پٽاڻ جو مقصد آهي ته الطاف جون لکڻيون_ ترقي پسند ادب جو لاجواب حصو آهن.
جمال ابڙو
ڪراچي 1992-7-27
House no. 70th Street
Off Khayaban e Badban
Phase V. Defence Society
Karachi. (Tel. 5777333)