ڇا توهان به فيشني نالي جي ڳولا ۾ آهيو
اڄ کان ڏهه پنڌرهن سال کن اڳ هڪ دور هو جنهن ۾ رضيه بٽ جهڙين ليکڪائن جا ناول تمام گھڻو Hit هئا. نه فقط شهرن جون پر ڳوٺن جون سنڌي ڇوڪريون پڻ اهي شوق سان پڙهنديون هيون جيئن اڄڪلهه اخبار جهان جو ڪالم “تين عورتين تين ڪهانيان” پڙهن ٿيون. انهن ناولن جا ڪردار وڏن گھراڻن جا ڏيکاريل هوندا هئا. هيروئن جو آئيڊيل هڪ عدد خوبصورت ۽ امير نوجوان هوندو هو جيڪو وڏي نوڪري ۽ مال ملڪيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ خوش اخلاق، خوش پوشاڪ، وڏي گاڏي ۽ وڏي بنگلي وارو هوندو هو. ڇوڪريون اهي ناول گھرن جي پينگھن ۾ ليٽي پڙهنديون هيون يا ڪلاس روم ۾ ڪنهن ڪاپي نوٽ بڪ اندر لڪائي. گھر جي صفائي، رڌ پچاءُ ۽ سبڻي ڀرڻي جهڙي پورهئي يا ڪلاس روم جي حسابن ۽ فزڪس ڪيمسٽري جهڙن بور سبجيڪٽن کان اهي ناول وڌيڪ دلچسپ لڳندا هئا، جن کي پڙهڻ وقت ڇوڪريون هڪ خيالي دنيا ۾ گم ٿي وينديون هيون ۽ اهڙي آسائشي ۽ عياشيءَ واري زندگي جي سڌ ۾ آسائتن سپنن جي اُڻت ۾ رڌل رهنديون هيون.
انهن ناولن ۾ نه فقط نرالي دنيا هئي پر ناولن جي ڪردارن جا نالا پڻ چونڊي چونڊي نرالا رکيل هوندا هئا. پوءِ اهي نالا، ناول پڙهندڙ ڇوڪريون وڏي فخر سان پنهنجي ڪٽنب يا پاڙي ۾ ڄمندڙ ٻار تي رکڻ جي صلاح ڏينديون هيون. ڪاشف، عاشي، فريال، ارسلان، نومي جهڙا نالا- جيڪي هاڻ ته عام ٿي ويا آهن پر انهن ڏينهن ۾ اهي پهريون دفعو ٻڌا ويا ۽ ماڻهن کي بي حد فئشني لڳا. ٻار ڄمڻ تي ان جو نالو رکڻ لاءِ، ٻار جا مائٽ گھر يا پاڙي جي وڏي کان ڪو نيڪ اسلامي نالو پڇڻ بدران اِنهن ڇوڪرين کان پڇندا هئا جيڪي درسي ڪتاب نه پڙهڻ ڪريامتحانن ۾ ته فيل ٿينديون هيون، پر اي آر خاتون، رضيه بٽ، شاهينه وغيره جا ناول ضرور پڙهنديون هيون.
۽ پوءِ ٻار جي مبارڪ ڏيڻ وارا اهڙي نئين نالي رکڻ تي داد ڏيئي پڇندا هئا ته اهو نالو ڪٿان هٿ ڪيانوَ؟
“فلاڻيءَ ڏسيو. هن فلاڻي ليکڪا جي فلاڻي مشهور ناول ۾ پڙهيو هو. ان ناول تي فلم به ٺهي رهي آهي.”
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اڙدوءَ سان گڏ اسان جا ڪجھه سنڌيءَ جا نوجوان ليکڪ پڻ- خاص ڪري ليکڪائون، پنهنجن افسانن ۾ ڳولي ڳولي نوان نالا ٽنبڻ لڳيون. افساني جي ڪردارن، پلاٽن يا منظر ڪشي ۽ بيهڪ تي محنت ڪرڻ بدران هنن جو سڄو زور نوان نالا ڳولڻ تي هوندو هو. اهي نوان نالا گھڻو ڪري ايران ۽ عرب ملڪن کان امپورٽ ٿيندا هئا، جيڪي انهن ايراني ۽ عرب رياستن کان گھمڻ يا پورهئي بعد موٽڻ تي اسان جي ماڻهن جي واتان ٻڌبا هئا. ٻاهر رهڻ ڪري، ڪجھه منهنجا واقفڪار، اهڙا نِت نوان نالا مون کان به پڇندا هئا. جهاز جو سفر پورو ڪري موٽڻ تي منهنجو هڪ ڳوٺائي اديب ته هڪدم چوندو هو: “يار افسانو تيار آهي، بس ڪي چند ماڊرن نالا ٻڌاءِ.”
“ تن ڏينهن ۾ منهنجو گھڻو وڃڻ روس، رومانيا ۽ بلغاريا جهڙن ملڪن ۾ ٿيندو هو جتي جا خروشيف ۽ برزنيف جهڙا بدهضمي پئدا ڪندڙ ۽ غير رومانوي نالا، ڀلا ڪير پنهنجن افسانن جي ڪردارن کي عطا ڪندو. يا وري جپان ويندو هوس جتي جا ڪميڪو، تائيڪو ۽ مچيڪو جهڙا نالا کڻي رومانوي آهن پر کنڊ يا ڳڙ جهڙا ڳرندڙ به نه آهن جيڪي سنڌي يا اڙدو افساني جي شربت ۾ ملي وڌيڪ ميٺاج پيدا ڪن. ٻيراڻي يا ٻٻرلوءِ ڳوٺ جي نار تي جيڪا ميهارن جي نينگري پنهنجي ڪاٺير محبوب جو اوسيئڙو ڪري رهي آهي ان ٻهراڙيءَ جي ڇوڪريءَ جو ڀلا اهڙو جپاني نالو ڪيئن ٿو رکي سگھجي! اهڙو نالو ته ان ڇوڪريءَ لاءِ به نٿو ٺهڪي جيڪا بيحد ماڊرن آهي ۽ لاهور جي خوبصورت علائقي جي خوبصورت بنگلي ۾ رهي ٿي- جيڪا پنهنجي ڪارڊ ليس (بنا تار واري) فون تي ڳالهائي رهي هئي ته هيٺ ڪار جو هارن وڳو. هن پنهنجي ڪمري جي دريءَ جي ٽنٽيڊ شيشي مان هيٺ ڏٺو ته پورچ ۾ سليٽي مرسيڊيز ڪار بيٺي هئي ۽ سندس ساهيڙي گچي ڪمپنيءَ جو پرس لوڏي کيس کيڪاري رهي هئي.
“چلو ڀي يار ڊولي! ان ڪا برٿ ڊَي هَي. هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل مين،”
“ اوه، آئي ايم سوري! عنبر، مجھي تو اس وقت P.I.A ڪَي فلائيٽ نمبر پَي ڪَي 241 سي پنڊي پهنچنا هَي.”
_ هاڻ سائين ڏيو منهن.
بهرحال ڊولي يا عنبر وغيره ته ضرور هلي سگھي ٿو، پر ڪميڪو ۽ مچيڪو جهڙا اوپرا نالا ته مٿئين سيٽ- اپ ۾ به جذب نه ٿي سگھندا ۽ پڙهندڙ هاضمي خراب ٿيڻ جي دٻ جھلي نه سگھندا.
ملائيشيا (جتي گذريل چئن پنجن سالن کان ٽڪيل آهيان) جي هڪ ڳالهه آهي ته هتي جي مسلمان ملئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪيترا اهڙا نالا آهن جيڪي اسان وٽ عام نه آهن ۽ نه وري ڪي اوپرا آهن. اسان جي ماحول ۾ نه فقط هلي سگھن ٿا پر نواڻ جو احساس به ڏين ٿا. ٿي سگھي ٿو ڪنهن ناول نويس يا افساني نگار کي پنهنجي ڪردارن لاءِ اڄ به هي نالا ڪم اچي وڃن.
ڪجھه ڇوڪرين جا نالا:
جيلتا JELITA
ماهنوم MAHNOM
عذيله AZILA
عيدا IDA
زئني ZAINI
لينا LINA
مارلينا MARLINA
عذورا AZURA
ممتاز MUMTaz
نورمالاوتي NOOR MALA WATI
ليزاوتي LIZA WATI
سيتي حوا SITI HAWA
سيتي ذوليخا SIT ZULEKHA
روزناح ROSNAH
روزلينا RIS LINA
سالاسيا SALASIA
روگيا ROGAYAH
زيتون ZAITUN
عائيدا AIDA
جليتا نج ملئي نالو آهي جنهن جي معنيٰ آهي خوبصورت. اهو نالو ائين آهي جيئن سنڌ ۾ ڇوڪرين جو نالو ملوڪان يا سهڻي آهي.
ماهوم، مزيلا، عدا، زائني، لينا، مرلينا ۽ عذورا روايتي ملئي نالا آهن جنهن جي ڪا به معنيٰ نظر نٿي اچي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عزيلا ۽ عذورا تمام مشهور نالا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ ملئي فلم ٺهي آهي جنهن جو ته نالو ئي هيروئن جي نالي پويان “عذورا” رکيو ويو آهي.
ملائيشيا ۾ ممتاز نالو پڻ مشهور آهي. پر پاڻ وٽ ممتاز ڇوڪريءَ جو نالو به ٿئي ته ڇوڪري جو به. پر هتي اهو نج زنانو نالو آهي. نتيجي ۾پاڪستان جي فٽ بال ٽيم جڏهن هتي ملائيشيا جي شهر اپوح ۾ کيڏڻ آئي هئي ته هتي جي ماڻهن کي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته پاڪستان جي هڪ مرد رانديگر جو نالو ممتاز آهي. ايتريقدر جو اها ڳالهه هتي جي اخبارن ۾ خبر طور پڻ ڇپي هئي.
ممتاز نالو هتي جي ماڻهن لاءِ ائين مادي نالو آهي جيئن پاڻ وٽ راڻي. پر هتي ملائيشيا ۾ راڻي وري نج نَر آهي. يعني اهو نالو مرد رکائين. شروع شروع ۾ مردن جا مسٽر راڻي ۽ ڪمانڊر راڻي نالا ٻڌي اسان کي به اوترو ئي تعجب لڳو هو. هتي جي ڇوڪرين جو ٻيو مشهور نالو آهي_ نور عاشقين_ جيڪو اسان وٽ مرداڻو لڳي ٿو.
نورجهان ۽ نوربانوءَ وانگر هتي نور نالي واريون ڪيتريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون. نور زيني، نوريجا، نور عاظمي، نورزلينا، نور ميمي وغيره. نور ميمي يا ٺلهو ميمي به مشهور ملئي نالو آهي. اسان جي اڪيڊمي جي پرنسپال داتڪ ڪئپٽن حمزي جي زال جو نالو پڻ ميمي(Mimi) آهي. پڇڻ تي نور جي معنيٰ اها ئي پاڻ واري ٻڌائينديون- يعني روشني، جنهن کي ملئي زبان ۾ ڇايا (Chaya) چون، باقي نالي جي ٻئي حصي جي معنيٰ جي خبر شايد ڪنهن کي هجي.
ملائيشيا ۾ هڪ ٻيو نالو “نورمالا وتي” پڻ مشهور آهي. ملائيشيا، برونائي، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جي ڪيترن ئي مسلمان ڇوڪرين جي نالي جو آخري حصو “وتي” (Wati) ٿئي ٿو. ڪن نالن جي اڳيان وري سيتي (Siti) آهي، جيئن ته ليزا وتي، سيتي حوا، سيتي ذواليخا وغيره. سيتي ته ائين آهي جيئن پاڻ وٽ بيبي، يعني بيبي ذواليخا، بيبي بصران وغيره.
راس (Ros) پڻ هتي جي ڇوڪرين جو عام نالو آهي. اهو راس انگريزي لفظ وارو روز (Rose)- يعني گلاب جو گل آهي. جيئن پاڻ وٽ بصر، ٿوم، عربي لفظن تان کنيل آهن تيئن ملئي دنيا ۾ راس يا “اپول” (Apol)انگريزي لفظن روز ۽ ائپل تان کنيل آهي. گلاب جي گل سان گڏ صوف (Apple) پڻ انگريزن ملايا آندو جنهن کي ملئي زبان ۾ هاڻ Apol سڏين. پاڻ وٽ ماڻهن جا نالا: گلاب، بصر، بادام، ٽوهه ايترا مشهور نه آهن جيترو هتي راس (Ros) آهي. پر راس نج زنانو نالو آهي. ڪن ملئي ڇوڪرين جي نالي ۾ راس سان گڏ ٻيو به نالو ٿئي جيئن ته روسناح يا راسناح، راس لينا، راس مالا وغيره.
سلاسيا نالو پڻ ڇوڪريءَ جو آهي جيڪو شايد ڏينهن جي نالي تان کنيل آهي. احد، اثنين، سلاسا، ربو، خميس، جمعت ۽ سبتو هتي ڏينهن جا نالا آهن جيڪي عربيءَ تان کنيل آهن. اثنين، خميس ۽ سبتو هتي جي مردن جا نالا آهن جيئن پاڻ وٽ خميسو، آچر، جمعو مردن جا نالا مشهور آهن.
هتي جي ڇوڪرين جو نالو روگيا ۽ عافيضا پڻ آهي جيڪو لڳي ٿو ته اصل ۾ رقيا ۽ حفيظا هوندو پر ڳوٺن جي پوليس اسٽيشن تي ٻار ڄمڻ وقت نالو رجسٽر ڪرڻ وارو منشي گھٽ پڙهيل هجڻ ڪري غلط لکي ويو هوندو. شناختي ڪارڊ توڙي اسڪول جي سرٽيفڪيٽ تي ٻار جو نالو اهو ئي لکيو وڃي ٿو جيڪو ڄمڻ وقت پوليس اسٽيشن تي لکجي ويو. بعد ۾ جيتوڻيڪ نالي جي درستي ٿي سگھي ٿي، پر ان تي وڏو خرچ ۽ وڏي ڪاغذي ڪاروائي ٿئي ٿي. ان ڪري ڪيترا ئي ماڻهو وڏي پوسٽ تي پهچڻ بعد به ساڳيا نالا هلائين. اهو غلط نالو ڪڏهن ڪڏهن ايڏو مشهور ٿيو وڃي جو ٻيا ماڻهو به پنهنجن ٻارن تي اهو ئي نالو رکن. هتي جا شريپا، زينپ، يوسپ، زالحا، مصطپا جهڙا عام نالا ان غلطيءَ جو مثال آهن جيڪي اصل ۾ شريفان، زينب، يوسف، صالحان ۽ مصطفيٰ هئا. هونءِ به ملئي نالن ۾ ف، پ، ب ته هڪ ٻئي سان بدلبا رهن ٿا. پر وري به زينب جي ب جيڪڏهن پ يا ف ۾ بدلجي وڃي ٿي ته مڙيئي خير آهي پر ابوبڪر لاءِ ته سراسر ناحق ٿيندو جي ب بدلجي ف ٿئي. اپوح شهر جي انڪگو عمر پوليٽڪينڪ جي هڪ مئرين انجنيئرنگ شاگرد سان اهو ويل هو. هو چوندو هو: “سائين منهنجو اصل نالو ته بڪر آهي پر هاڻ ڇا ڪريان، ڳوٺ ۾ ته وري به ايڏي خواري نٿي ٿئي پر هتي جهاز تي جڏهن ولايت وڃان ٿو ته ڪنهن کي پنهنجو نالو ٻڌائيندي شرم اچيم ٿو.”
ملائيشيا جي ڇوڪرين جا عربي نالا پڻ آهن. جهڙوڪ: زيتون، قمريا، حياتي، شمسيا، ذبيحا، ايمان، ثانيا، حديبا، بصران، سلوا وغيره. ان کان علاوه حسلينا، مزناح، انيتا، انتان (معنيٰ هيري جي ڪڻِي)، حليزا، آئيداح، نازما پڻ عام نالا آهن.
مردن جا نوي سيڪڙو عربي نالا آهن جن ۾ اڳيان عبداچي ٿو. مثال طور: عبدالله، عبدالڪريم، عبدالقادر وغيره يا نبين ۽ اصحاب سڳورن جا نالا آهن. جيئن ته : ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ، عثمان، علي، ابوبڪر- جيڪي اسان وٽ به عام آهن. ڪجھه اهڙا نالا جيڪي اسان وٽ عام نهآهن يا بنهه ڪونه آهن، پر هتي ملائيشيا ۾ آهن: سفيا، حارث، عبدالقهار وغيره. راملي ۽ ذوالقفلي پڻ هتي جي مشهور نالن مان آهن. ان کان علاوه بحر دين، قمر دين، شمس دين، خالد ۽ طارق پڻ آهن. مرزوڪي، سهيني، مَر اَسود، شُڪري، حِل مي، عظمن، مهت، مهنات پڻ عام نالا آهن. ساعت پڻ مرد جو نالو آهي. ساعت لفظ پاڻ وٽ به آهي، معنيٰ ٿوري دير.
ٻه نالا جيڪي هتي تمام عام آهن پر پاڻ وٽ بنهه نه آهن اهي آهن: يتيم ۽ يزيد. پاڻ ڪريم صلعم جن يتيم هئا ان ڪري هتي جا ماڻهو پاڻ کي يتيم سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. ۽ ٻيو نالو يزيد اهڙو آهي جيڪو انڊونيشيا، برونائي توڙي آفريڪي عرب ملڪ: لبيا، ماريطينيا، الجزائر وغيره م ته ضرور آهي پر پاڻ وٽ ڪنهن ٻار جو ته ڇا پر افساني جي ڪردار تي رکڻ بابت به سوچي نٿو سگھجي. پر هتي ملائيشيا ۾ يزيد نالو عام آهي. اسان جي ڀر واري “بئنڪ بوميپترا ملائيشيا برحد” جي مئنيجر جو نالو پڻ يزيد آهي. کيس پاڪستان گھمڻ جو ڏاڍو شوق آهي. چوندو آهيانس “ايران ۽ پاڪستان جا پڪچر ڪارڊ ڏسي شوق پورو ڪري ڇڏين ته سٺو. ڀلا جي هروڀرو اچڻ چاهين ٿو ته محرم ۾ اچڻ کان پاسو ڪجانءِ.”
انهن مڙني نالن کان علاوه جيئن پاڻ وٽ ادل، عدلو، پوڙهو، گھوٽ، شمون، شمس جهڙا نالا مشهور آهن جيڪي اصل ۾ ڪوٺائڻ جا ٿين تيئن هتي ملائيشيا ۾ پڻ عبدال، بجانگ (ڪنوارو)، مات (خاص ڪري محمد احمد تاج دين بدران مات سڏين)، جنتان (نر)، حطام (ڪارو)، پوتيح (گورو) وغيره آهن.
اسان وٽ ته ڪوٺائڻ جا نالا کڻي ڇا به هجن پر پاسپورٽ يا اسڪول جي رجسٽريشن تي صحيح سبتا هوندا. پر هتي ڪوٺائڻ جا نالا به اهي ٿيا ته اصل به. ڪوٽا ڪنابالو ۾ هڪ ملئي همراهه- جيڪو چيف منسٽر جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي- جڏهن ڄائو ته سندس والد بزرگوار (داتو زين العابدين) ٻانگ ڏئي نالو رکيس “تيرهن” - يعني نمبر 13 (داتو هتي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ مير، پير يا خان) سو هي همراهه هتي اڄ ڏينهن تائين نمبر سان مشهور آهي ۽ جتي ڪٿي 13 بن زين العابدين لکائي. هتي ملائيشيا ۾ هر آفيس توڙي فئڪٽري ڪارخاني ۾ نوڪر ڪلارڪ کان وٺي چيف منسٽر ۽ پرائم منسٽر کي پنهنجي نالي جو ٽئگ کيسي مٿان هڻي اچڻو پوي ٿو. سو هي اسان وارو ڊائريڪٽر صاحب D-13 جو ٻلو هڻي ايندو آهي. همراهه پنهنجي نالي مان بلڪل مطمئن آهي. ڪي ماڻهو ملئي ۾ نمبر تيرهون- يعني “داتو تيگا بلاس” سڏين ته ڪي انگريزيءَ ۾ داتو ٿرٽين. ته ڪي وري فقط ڊي ٿرٽين.“
هونءَ ته تيرهون نمبر نڀاڳو سمجھيو وڃي ٿو، پر داتو تيرهن جو چوڻ آهي ته هن لاءِ اهو نمبر ڀلارو ثابت ٿيو آهي. کيس نوڪري ان تاريخ تي ملي. پروموشن ان تاريخ تي ٿي. پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ ولايت 13 تي ويو. هن کان اڳ هو تعليم کاتي ۾ هو ۽ ان نوڪريءَ جو آرڊر به 13 تاريخ تي نڪتو. پاڻ همراهه چرچائي به آهي. پڇيومانس: “توتي اهو نالو ڪيئن پيو. تيرهن تاريخ ڄائو هئين ڇا؟”
“ڄائو ارڙهين تاريخ هوس، ڄمڻ ۾ سو ٽي ڏينهن دير ڪري ورتي هيم.” هن ٻڌايو.
“مسلمان جو اهڙو نالو-نمبر وارو، ٻڌي عجيب ٿو لڳي.”
“يار ڪمال ٿو ڪرين. مسلمانن ۾ ته نمبرن وارا نالا تمام عام آهن. اثنين، خميس، جمعون، سبتو- اهي ڇا آهن؟ اهي ڏينهن جا نالا در اصل نمبر ته آهن-يعني ٻه، پنج، ڇهه، ست وغيره. باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته عربيءَ ۾ ڪنهن کي نمبر سان سڏ ته اهو مسلمان ٿيو باقي ملئيءَ ۾ ڪنهن کي نمبر ڏيڻ معنيٰ غلط ٿيو ڇا؟”
ڳالهه ته لاجيڪل ڪيائين. رهيو سوال ته اهو نمبر وارو نالو اسان واري يار تي ڪيئن پيو. ان لاءِ داتو 13 ٻڌايو:
“اسين ڪل پنڌرهن ڀائر ڀينر هئاسين، اٺ ڀائر ۽ ست ڀينرون جن مان فقط آئون ئي بچيو آهيان. باقي ٻيا ڄمڻ کان پوءِ ڪو ڏينهن ٻه جيئرو رهيو ته ڪو سال ٻه مس. آئون جڏهن ڄائس ڪوٽا بلوڊ شهر جي ڊسٽرڪٽ اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر منهنجي پيءُ کي صلاح ڏني ته ٻار جيئري نه رهڻ جهڙي ان نڀاڳ ۽ برائيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ اهو ئي سوڻ وڃي رهيو آهي ته ٻار جو نالو نمبر وارو رک. سوجيئن ته آئون ماءُ پيءُ کي تيرهون ٻار هوس سو بابي منهنجو نالو داتو 13 بن داتو زين العابدين رکيو. ان کان علاوه مون کي گھر ۾ رکڻ بدران نيپاج لاءِ هڪ چيني فئمليءَ ۾ رکيو ويو جتي آئون ست سال رهيس. ان بعد پنهنجي فئملي ۾ آيس. مون کان پوءِ ٻه ٻار ٻيا به ڄاوا جيڪي پڻ گذاري ويا. انهن تي عام نالا رکيا ويا هئا.”
“ڇا توهان سمجھو ٿا ته نالي بدران نمبر هجڻ ڪري جيئرا آهيو؟” مون پڇيومانس.
“ آئون پڪو مسلمان آهيان.” داتو تيرهن وراڻيو. “منهنجو انهن وهمن ۽ ٽوڻن ڳنڍن ۾ ڪو يقين ناهي. سڀ ڪجھه رب جي اختيار ۾ آهي.”
D-13 جو پوڙهو پيءُ داتو زين العابدين ۽ ماءُ ويجھڙائي ۾ گذاري ويا آهن. داتو 13 کي ملئي ۽ انگريزيءَ کان علاوه چيني زبان به سٺي اچي ٿي جو هو ننڍپڻ جو چڱو عرصو چيني گھر ۾ رهيو هو. پاڻ هن وقت پنجٽيهن سالن جو آهي ۽ چار ٻار اٿس. ٻه ڇوڪرا: داتو محمد فارس ۽ داتو محمد نذردين ۽ ٻه ڇوڪريون: دايانگ نورلين ارداواتي ۽ دايانگ نور فاريسا. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ننڍي نالي جي ڪسر هن پنهنجي ٻارن جا وڏا نالا رکي پوري ڪئي آهي. کانئس پڇيم ته سندس ٻار پنهنجي نالي سان گڏ “ولد ڊي تيرهن” لکائيندي ڇا ٿا محسوس ڪن.
“هو خوش آهن،” ڊي 13 وراڻيو. “ اسان جي ڪٽنب جي سڃاڻپ هاڻ منهنجو نمبر وارو نالو آهي. باقي اها خبر نه اٿم ته انهن جو اولاد ڇا محسوس ڪندو جڏهن هنن کي ڄاڻ پوندي ته سندن ڏاڏي جو نالو “نالو” نه پر “نمبر” هو.