انتساب
آپا شيرين جي جلد سڃاڻپ لاءِ اڄ ڪلهه ڪو به ائين چئي سگھي ٿو ته هوءَ امتياز شيخ (سيڪريٽري سنڌ حڪومت) ۽ مقبول شيخ (مسلم ليگي وزير) جي ڀيڻ آهي، پر آپا شيرين جي پنهنجي ڌار سڃاڻپ ۽ تمام اهم حيثيت ۽ شخصيت آهي - خاص ڪري تعليم و تدريس، سماجي خذمت، ريڊيو، ٽي وي ۽ ادب جي حوالي سان.
منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ (69-1968) ڌاري اوچتو ٿي. منهنجي تعليم سال اڌ اڳ ختم ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ جهاز تي انجنيئر جي حيثيت سان رهي SAIL ڪري رهيو هوس. منهنجو والد انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو. کين ڪا خبر پئجي وئي ته جهاز ڪراچي پهچڻ تي آئون بنا لائسنس جي ڪار هلايان ٿو. پاڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ گھاٽي دوست سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ان بابت ٻڌايو ته هو مون کي بنا لائسنس ڊرائيونگ کان منع ڪن ۽ ڪراچي ٽرئفڪ جي DIG سمي محمد خان سان آئون يڪدم ملان. نياپو ملڻ سان ٻئي ڏينهن مئڪلوڊ روڊ (آءِ آءِ چندريگر روڊ) تي پوليس آفيس ۾ سمي صاحب وٽ پهتس. سندس آفيس ۾ ڪنهن ڪاليج جا ڪجھه مرد ۽ عورتون ليڪچرار ڪنهن ميٽنگ جي سلسلي ۾ ويٺا هئا. خالي ڪرسي جنهن عورت جي ڀر ۾ هئي، جتي مون کي ويهڻ لاءِ چيو ويو، ان کي سنڌي به آئي ٿي جو ڊي آءِ جي سان اڙدوءَ ۾ بحث ڪرڻ وقت سنڌيءَ جو ڪو لفظ استعمال ڪيم ٿي ته هن اڙدو جو صحيح لفظ ٻڌايو ٿي. مون بنا لائسنس گاڏي هلائڻ جا سبب ٻڌايا ته ڊرائيونگ جو ٽيسٽ وٺڻ وارا پوليس انسپيڪٽر سڄو سڄو ڏينهن بيهاري انتظار ٿا ڪرائين ۽ پوءِ صحيح ٽيسٽ ڏيڻ تي به پاس نٿا ڪن. سمي صاحب مون کي سمجھايو ته هر شيءِ ملڪ جي قاعدي قانون موجب ڪرڻ کپي ۽ غير قانوني طرح منهنجو گاڏي هلائڻ نه هن کي پسند آهي ۽ نه منهنجي والد کي. “توکي گاڏي هلائڻ اچي ٿي ته انسپيڪٽر ڪڏهن به فيل نه ڪندئي.” پاڻ ان ئي وقت انسپيڪٽر کي گھرايائين ۽ مون کي ٽيسٽ لاءِ موڪليائين. (مون اها ڳالهه ان ڪري به ڪڍي آهي جيئن اڄ جو نوجوان انهن ڏينهن جي Law & Order جو اندازو لڳائي سگھي. منهنجو پيءُ ته اصول جو سخت هو پر سمي صاحب جيڪو ٺٽي ۾ بابا سان گڏ وڏو عرصو پوليس ۾ SP ٿي رهيو ۽ اسان کيس چاچا چوندا هئاسين، تنهن به ائين بنا ٽيسٽ جي ڊرائيونگ لائسنس نه ڏياريو. باقاعدي ٽيسٽ وٺرائي پوءِ ڏنو.)
بهرحال جيسين انسپيڪٽر اچي ۽ اسان لاءِ آيل چانهن پيتي وڃي ڀر ۾ ويٺل محترمه مون کان پڇيو ته آئون ڪير آهيان ۽ پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته هن جو نالو شيرين فاروقي آهي. شڪارپور جي هڪ شيخ فئملي سان واسطو آهي. هن وقت هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ عورتن جي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ سندس مڙس هوائي فوج ۾ آهي. پاڻ سندن گھر جو فون نمبر ڏنائين ۽ ساڻس ۽ سندس مڙس ظفر فاروقي صاحب سان ملڻ لاءِ گھر اچڻ جي دعوت ڏنائين. ان دفعي ته منهنجو جهاز جلدي ۾ وڃڻ وارو هو سو هليو ويس ٻئي دفعي جهاز ڪاچي اچڻ تي آئون سندن گھر آيس. مون کين پاڻ جهڙو مست، ڪيئر فري ۽ سادو سودو محسوس ڪيو پر ٻنهي (زال مڙس) وٽ علم جو ڀنڊار ڏٺم. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي آدمشماري ايتري ڪا گھڻي ڪانه هئي ۽ ان ۾ ڄاڻ سڃاڻ وارا اڃا به ٿورا هئا. منهنجا واقفڪار سڀ ساٿي ڪلاس ميٽ جهازن تي وڃي چڪا هئا يا ڌارين ملڪن ۾ هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪو ڪڏهن هڪ ٻه نظر ايندو هو، ان ڪري آپا شيرين وارن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پاڻ شروع کان ڏاڍا قربائتا، مهمان نواز ۽ سخي دل جا هئا ۽ منهنجو ڏاڍو خيال رکندا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪو به فنڪشن ٿيندو هو يا ظفر ڀائي يا آپا شيرين جي مائٽن يا سڃاڻپ ۾ ڪو ڪاڄ ٿيندو هو ته هو مون کي اتي به گھر جي ڀاتيءَ وانگر وٺي هلندا هئا. ظفر ڀائيءَ جهڙن سان ملي احساس ٿو ٿئي ته عظمت ان ۾ هرگز نه آهي ته ڪو سنڌي آهي يا مهاجر، ڪارو آهي يا اڇو، شيعو آهي يا سني، غريب آهي يا امير - پر وڏو ماڻهو اهو ئي آهي جيڪو سٺو انسان آهي.
آپا شيرين جن کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو (۽ اڃا تائين آهي)سندن گھر ۾ ڪيترائي سنڌي، اڙدو، انگريزي، فرينچ ۽ جرمن زبانن جا ڪتاب نظر ايندا هئا. بلڪه جتي ڪٿي ڪتابن جو راڄ هو. ڪچن ۾، ڊرائنگ روم ۾، ٽيبلن تي، ڪرسين تي، درين تي، بوٽن جي رئڪ مٿان،،، جتي ڪٿي ڪتاب ئي ڪتاب هوندا هئا. فرينچ ۽ جرمن زبانن کان ته فقط ظفر ڀائي واقف هو باقي ڪتاب آئون به ڀريون ٻڌي پڙهڻ لاءِ کڻندو هوس. سندن گھر ڪڏهن ڪڏهن مسافرخانو ۽ مهمان خانو هوندو هو. مهمانن جي ڀڄ ڊڪ ۽ ڪم ڪار لاءِ آپا شيرين جا ننڍا ڀائر: مقبول ۽ طارق (امتياز) هوندا هئا. مقبول ڀيڻن بعد پهريون ڀاءُ ڄمڻ تي ننڍي هوندي کان سڪيلڌو هوندو هو ان ڪري گھڻي ڀڄ ڊڪ طارق کي ئي ڪرڻي پئي ٿي. طارق انهن ڏينهن ۾ ٻارنهن تيرهن سالن جو مس هو ۽ شايد ستين ڪلاس ۾ هو. آپا شيرين ۽ ظفر ڀائي جي ڪري منهنجي سنڌ جي ڪيترن ئي اهم شاعرن، اديبن، ٽي وي ۽ ريڊيو وارن، سياستدانن، فوجي آفيسرن ۽ سرڪاري ڪامورن سان ملاقات ٿي جن جو وڏو تعداد سندن مائٽيءَ ۾ ئي آيو ٿي ۽ سندن خاندان ماشاء الله ڪافي وڏو ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. ظفر ڀائيءَ جون اڄ به مون کي سڀ ڳالهيون وڻنديون آهن سواءِ بحث جي! خاص ڪري اهو بحث جنهن ۾ هو صحيح نه هوندو آهي ته به اسان جي ننڍي هجڻ ڪري هو اسان کي زوريءَ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
آپا شيرين جي اها ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته هن ان دور ۾ تعليم حاصل ڪئي جڏهن اڃا سنڌ ۾ مردن جي تعليم به ايتري عام نه هئي. 1959ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ۾ جن ڏينهن ۾ آپا “شيرين شيخ” جي نالي سان ايم اي ڪئي، سنڌ جي ڳوٺن جون ڇوڪريون ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هيون. تن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي هو ۽ سندس پروفيسر هئا مظهرالحق صديقي صاحب، ڊاڪٽر هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر ممتاز. ايم اي ڪرڻ بعد آپا شيرين حيدر آباد جي انجمن اسلام اسڪول جي KG سيڪشن جي انچارج ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ محترمه عائشه عمر پرنسپال جي حيثيت سان سکر جو گورنمينٽ گرلس ڪاليج کوليو جنهن ۾ پڙهائڻ لاءِ هن کي قابل ماسترياڻين جي ضرورت هئي. آپا شيرين جي ايم اي ۾ سيڪنڊ پوزيشن هئي ۽ ساڻس گڏ رشيده فاخر ۽ مهر نور محمد (حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول جي بانيءَ جي ڌيءُ) ۽ ٻيون سٺي پوزيشن کڻڻ واريون گريجوئيٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ سکر آيون. آپا شيرين 1960ع کان وٺي 1964ع تائين سکر جي هن ڪاليج ۾ پڙهايو ان بعد حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ آئي. انهن ڏينهن ۾ ان ڪاليج جي پرنسپال آپا شمس عباسي هئي ۽ پڙهائڻ وارين مان ڪجھه هي هيون: اسلامڪ اسٽڊيز ۽ ڪلچر لاءِ پروفيسر مريم نوحاني، فارسي لاءِ خورشيد ميمڻ، انگريزي لاءِ زيب، جيڪا اڄ ڪلهه ان ئي ڪاليج جي پرنسپال آهي. باٽني لاءِ اختر شاهه، جيڪا هينئر ڪراچي جي وومين ڪاليج جي پرنسپال آهي. انهن ڏينهن 65-1964ع ۾ آپا شيرين جي شادي ظفر فاروقيءَ سان ٿي جنهن جي ڀيڻ خالده فاروقي سندس ڪلاس ميٽ هئي جيڪا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي چيئر پرسن ٿي.
شادي بعد آپا شيرين جن ڪراچي اچي رهيا ۽ 1965ع کان وٺي 1977ع تائين هوءَ گورنمينٽ ڪاليج فار وومين (شاهراهه لياقت) ۾ پروفيسر ۽ ان بعد پرنسپال ٿي رهي. آپا شيرين جون ٻه ننڍيون ڀينرون پڻ ڪافي وقت کان ساڳي ڪاليج ۾ پڙهائي رهيون آهن. تاني (سلطانا) زولاجي ۽ فخري (فخر النساء) اسلامڪ هسٽري پڙهائي ٿي. (آپا جي باقي ٽن ڀينرن مان ساحره انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ گلنار ۽ سڀ ۾ ننڍي شاهين ڊاڪٽرياڻيون آهن). ڊاڪٽر گلنار جي شادي سندس ڪزن غلام علي سان ۽ ڊاڪٽر شاهين جي سندس سوٽ جميل شيخ سان ٿي آهي - جيڪو ڪي اي ايس سي ۾ چيف انجنيئر آهي ۽ سليم گل جو ننڍو ڀاءُ آهي.
آپا شيرين جي شاديءَ وقت سندس گھوٽ ظفر ڀائي (ونگ ڪمانڊر احمد ظفر فاروقي) سنڌ يونيورسٽي ۾ هيڊ آف فزڪس ڊپارٽمينٽ هو. ظفر ڀائي هندستان جي مشهور شاعر ۽ سرڪاري ڪاموري محمد غضنفر عليءَ جو فرزند آهي. غضنفر علي صاحب هندستان جي يوپي صوبي جي فتح پور ضلعي ۾ 1890ع ۾ ڄائو. مسلم ائنگلو اورينٽل اسڪول ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ظفر ڀائي سندن وڏو پٽ آهي ۽ 1932ع ۾ ڄائو. پاڻ الله آباد جي بئائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. سندس ڪلاس ميٽن مان هندستان جو اڳوڻو پرائم منسٽر وي پي سنگھه پڻ آهي. هي اهو اسڪول آهي جنهن مان هندستان جو مشهور فلم ائڪٽر اميتاڀ بچن پڻ پڙهيو آهي ۽ پنهنجن انٽرويوز ۾ اڪثر ان جو نالو کڻندو رهي ٿو. ظفر ڀائيءَ جو پڙهائيءَ ۾ ماشاء الله ننڍي هوندي کان وٺي ڪو مقابلو ڪري نٿي سگھيو. پاڻ پهرين درجي کان وٺي B.Sc. تائين هر سال فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. پاڻ بي ايس سي ۾ فزڪس ۽ پوسٽ گريجوئيشن ۾ نيوڪليئر فزڪس سبجيڪٽ کنيائين ۽ اها پڻ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ 1954ع ۾ پاڪستان آيو ۽ حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي ۾ اچي ليڪچرار ٿيو ۽ پوءِ ٻئي سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهن ڏينهن جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هن نوجوان جي محنت ۽ ذهانت مان متاثر ٿي ٻن سالن بعد (1957ع ۾) فزڪس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو. ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ 1958ع کان 1962ع تائين (چار سال) سئٽزرلئنڊ ۾ رهيو جتي هن جرمني ۽ فرينچ زبانن تي عبور حاصل ڪيو. سندن تعليم جو خاص سبجيڪٽ “ائٽم بم” هو. پاڻ پهريون مسلمان هو جنهن کي فيلڊ ۾ “ائٽم بم تي ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو.
سئٽزرلئنڊ بعد ظفر واپس سنڌ يونيورسٽي آيو ۽ 1965ع تائين وري هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. ان بعد اسڪاڊرن ليڊر جي رئنڪ سان هوائي فوج (پاڪستان ايئرفورس) ڀرتي ڪيائين جتي ايئروناٽيڪل ڪاليج آف انجنيئرنگ ۾ چوڏهن سال فزڪس ۽ اٽامڪ هٿيارن بابت پڙهايائين. ان دوران پاڻ ونگ ڪمانڊر به ٿيو. 1979ع ۾ ايئرفورس مان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد قطر جي ملٽري اسڪول ۾ اٺ سال پڙهايائين. ان بعد 1988ع کان 1991ع تائين آمريڪا جي مئريلنڊ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. 1992ع کان 1994ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿي رهيو. اڄ ڪلهه هو باٿ آئلنڊ تي رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. ظفر ڀائيءَ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان آهي. سندس مختلف عنوانن تي مضمون، عملي ۽ معلوماتي خط “ڊان” ۽ “جنگ” اخبارن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. کيس شاعريءَ جو پڻ شوق آهي. ڪلهه جي جنگ ۾ آيل سندس نظم جون ڪجھه سٽون آهن:
“گهرائيون مين مثل سمڪ ڊوب ڪر تو ديک
تاريڪيون مين ڪيا هي چمڪ ڊوب ڪر تو ديک
پرواز گر شاهين ڪي طرح ڪر نهين سڪتا
لهرون مين هي ڪس قدر لهڪ ڊوب ڪر تو ديک”
ظفر ڀائي ۽ آپاشيرين کي ٻه پٽ آهن. فرخ 1965ع ۾ ۽ فرحان 1968ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. فرخ مئٽرڪ طرابلس (لبيا) مان ۽ اڪائونٽس ۾ بي ايس آمريڪا جي يونيورسٽي آف مئري لئنڊ مان ڪئي. ان بعد نيويارڪ يونيورسٽي ۾ بزنيس مئنيجر ٿي ڪم ڪيو ۽ ان نوڪريءَ دوران ايسٽرن اسڪول آف مئنيجمينٽ مان MBA ڪئي. اڄ ڪلهه پاڻ وال اسٽريٽ جي انويسٽمينٽ بئنڪنگ (نيويارڪ USA) ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڀر واري رياست نيوجرسي ۾ رهي ٿو. سندس زال جؤن JOAN)) “آئرش آمريڪن” آهي جيڪا نيويارڪ جي چئن وي آءِ پي هوٽلن جي ڪنٽرولر اڪائونٽس آهي. کين ٻه ٻار: آمنا (ڌيءُ) ۽ مارڪ نالي پٽ آهي.
آپا شيرين جو ننڍو پٽ فرحان جيڪو هينئر ٽيهن سالن جو آهي، مون ويجھڙائيءَ ۾ وڏي عرصي بعد ڏٺو. ننڍي هوندي هو ڪافي ضدي هوندو هو. (وڏو فرخ بيحد ماٺيڻو هو). فرحان سال کن جو مون ڏٺو. پاڻ ڳالهائڻ ڪجھه دير سان شروع ڪيائين. آپا کي ڏاڍو فڪر هوندو هو. هڪ دفعي جهاز جي ٽرپ هڻي موٽڻ تي فرحان جو پڇيم ته هاڻي ڳالهائي ٿو.
“ڀلا بابا امان چوي ٿو؟” مون پڇيو.
“شڪر آهي هاڻ ٽيليويزن جو نالو وٺي ٿو.” آپا ٻڌايو ۽ پوءِ ان ئي وقت ظفر ڀائيءَ چيو: “ان لاءِ فقط هڪ اکر “ٽي” چوي ٿو.”
بهرحال فرحان، پوءِ جلد ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ننڍي هوندي هو جيترو ظفر ڀائي وانگر ضدي هو اوترو ئي هن وانگر پڙهڻ ۾ هوشيار ثابت ٿيو. پاڻ آمريڪا جي مئري لئنڊ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف جسٽس ۾ ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ جي حيثيت سان ست سال نوڪري ڪئي. اڄ ڪلهه AMRO’ABN بئنڪ ڪراچي ۾ مئنيجر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر شهزين شيخ سان ٿي آهي جا امداد علي شيخ (تعليم کاتو) ۽ ڊاڪٽر نيلوفر جي ڌيءُ آهي. ڊاڪٽر نيلوفر شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊين آهي. شهزين جو ڏاڏو عبدالغفور شيخ صاحب (جيڪو آپا شيرن جو سڳو چاچو به ٿئي) سنڌ حڪومت ۾ چيف انجنيئر ۽ گڊو بئراج جو پروجيڪٽ ڊئريڪٽر ٿي رهيو.
آپا شيرين کان پڇيم ته جن ڏينهن ۾ هن ڳوٺ (شڪارپور) ڇڏي حيدرآباد يونيورسٽي ۾ اچي داخلا ورتي، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڳوٺن مان ڇوڪرا به گھٽ آيا ٿي. “توهان کي تعليم لاءِ شوق ۽ همٿ افزائي ڪنهن ڏياري، ماءُ يا پيءُ؟”
“منهنجي ماءُ پيءُ کي ته شوق هو ته آئون ۽ منهنجيون ٻيون ڀينرون پڙهن”. آپا شيرين ٻڌايو، “پر مون کي پنهنجو به شوق هو. منهنجيون سوٽون جيڪي حيدرآباد ۾ رهيون ٿي انهن کي اسڪولن ڪاليجن ۾ ويندو ڏسي اسان کي به ڏاڍو شوق ٿيندو هو. هونءَ به اسان جي فئملي شڪارپور جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان هڪ آهي. منهنجي والد (جناب عبدالرحمان شيخ) بمبئيءَ مان پڙهي وڪالت ڪئي ۽ ڏاڏو سنڌ جي مشهور شخصيت الاهي بخش شيخ هو جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو. منهنجي وڏي چاچي سردار بهادر محمد بخش کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي خاص ڪري حيدرآباد ۽ خيرپور پاسي جا ماڻهو جتي هن ڪيترائي تعليمي درسگاهه ٺهرايا.”
جناب سردار بهادر محمد بخش سنڌ جي انهن ذهين شاگردن مان آهي جن هميشه اعزازي درجا حاصل ڪيا. پاڻ بي اي ۾ پوزيشن کڻڻ بعد سرڪاري نوڪريءَ ۾ آيو. ڪجھه عرصو SDM رهڻ بعد ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ٿي رهيو. 1947ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ انهن ڏينهن ۾ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو چيئرمئن هو. کيس هڪ ڌيءُ (هدايت نالي) ۽ هڪ پٽ ٿيو جنهن تي سندس ( ۽ آپا شيرين جن جي ) ڏاڏي جو نالو الاهي بخش آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت گھڻا تڻا اسڪول ۽ ڪاليج هندن يا عيسائين جا هئا يا انهن تي ڌارئين ڪلچر جو اثر هو. آپا شيرين جو وڏو چاچو سردار بهادر محمد بخش انهن مان هڪ هو جنهن پنهنجي هڙان پئسا ڏئي سنڌ ۾ تعليم جو واڌارو ڪيو. سندن ٺهرايل تعليمي ادارن مان ڪجھه هي آهن: حيدرآباد جو انجمن حمايت اسلام اسڪول، سردار بهادر محمد بخش ڪاليج، ۽ حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ سچل سرمست ڪاليج.
جباب سردار بهادر محمد بخش کان علاوه آپا شيرين جي ٻين چاچن جا نالا هي آهن: ڪريم بخش شيخ جيڪو جھونا ڳڙهه مان پڙهيو ۽ تعليم کاتي ۾ ڊئريڪٽر ٿي رهيو. (ڊاڪٽر ممتاز، غلام علي، روشن، شهناز، آفتاب، دلشاد ۽ سعيده سندس ٻار آهن). چاچو رحيم بخش شيخ پڻ جهونا ڳڙهه مان پڙهيو ۽ سيشن جج ٿي رهيو. (غلام هادي، علي نواز، نياز حسن، ديدار احمد ۽ اقبال احمد سندس ٻارن جا نالا آهن) ان بعد آپا شيرين جو والد عبدالرحمان شيخ آهي ۽ آخر ۾ سڀ ۾ ننڍو عبدالغفور شيخ آهي. پاڻ بمبئيءَ مان پڙهيو ۽ چيف انجنيئر ٿيو هو. (سندس ٻارن جا نالا هن ريت آهن: گل رشيده، جنهن جي شادي پنهنجي سؤٽ اقبال سان ٿي، سليم گل جنهن جي شادي پنهنجي پڦاٽ (غلام محمد ڏاوچ جي ڌيءَ) پروين سان ٿي. آپا شيرين جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر شاهين جو مڙس جميل گل، گل حميده، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، جاويد شيخ، اعجاز احمد شيخ، نرگس ۽ سڀ ۾ ننڍيءَ جو نالو زيبا آهي). آپا شيرين کي فقط هڪ پڦي دولت بيگم آهي جنهن جي شادي انور شيخ صاحب سان ٿي. سندن ٻارن جا نالا هن ريت آهن: زيب النساء، خورشيد (ڌيءُ) غلام سرور، رضيه (جنهن جي شادي دادو جي ڊاڪٽر گل محمد ڏاوچ جي ڀاءُ غلام محمد ڏاوچ سان ٿي). ڊاڪٽر سڪندر (ڌيءَ) خورشيد (پٽ).
اڄ ڪلهه آپا شيرين رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ اهي ڪم ڪري رهي آهي جيڪي انگريز ڪن ٿا - يعني سمنڊ جي ڪناري تي ويهي سمنڊ جي لهرن ۽ لڏندڙ لمندڙ جهازن جو لطف وٺن ٿا يا ملڪ جي تعليمي معيار جي سڌاري جو سوچين ٿا، جنهن لاءِ ڀلي کين کيسي مان به ڏيڻو پوي. آپا شيرين جن جي سڄي فئمليءَ کي آمريڪا جي شهريت مليل آهي پر هو هتي پاڪستان ۾ پنهنجن ئي ماڻهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. آمريڪا جي گرين بيلٽ علائقي واري گھر کي هو في الحال تالو هڻي ڪراچي ۾ رهڻ لڳا آهن ۽ ٻئي زال مڙس ڪلفٽن تي ٻارن جو اسڪول هلائي رهيا آهن. اسڪول جو نالو پنهنجي آمريڪن گھر واري علائقي پٺيان “گرين بيلٽ آمريڪن اسڪول” رکيو اٿن. بهتر کان بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ هر ڪلاس ۾ ٿورا ٻار رکيا اٿن. تعليم يافته، محنتي ۽ ٻارن جي نفسيات ڄاڻندڙ ماسترياڻيون ۽ ٻارن لاءِ بهترين تعليم سان گڏ بهترين تربيت ۽ ماحول مهيا ڪيو اٿن. سڄو ڏينهن پاڻ به مغز ماري ڪن ٿا ۽ ٻن سالن کان هي اسڪول علائقي جو بهترين اسڪول مڃيو وڃي ٿو. اسڪول جي بلڊنگ جي ڳري مسواڙ، بجلي ۽ پاڻي جو بل، چوڪيدار ۽ پٽيوالن جا پگھار ۽ ماسترياڻين جي ڳري “پي اسڪيل” هڪ طرف ۽ ٻارن کان ملندڙ فيون ٻئي طرف. حساب ڪتاب ڪرڻ بعد، بقول آپا شيرين جي “هر مهيني ڏهه ٻارهن هزار رپيا پنهنجي کيسي مان به ڏيڻا پون ٿا”. پر هي زال مڙس خوش آهن. شونق جو ڪو ملهه ناهي. وندر سان گڏ ان مان کين سڪون ملي ٿو.
“اسان کي خوشي آهي ته اسين ٻارن کي بهترين تعليم سان گڏ تربيت به ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان جو اسڪول نه فقط پاڪستان جي بهترين اسڪولن جو پر آمريڪا جي اسڪولن جو به مقابلو ڪري سگھي ٿو. اسان کي يقين آهي ته اسان جي اسڪول جا اڄ جا ٻار سڀاڻي جا سٺا شهري ٿي ڏيکاريندا.” آپا شيرين ٻڌايو.
آپا شيرين جو واسطو نه فقط ٽيچنگ سان رهيو آهي پر ادب، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان پڻ. سنڌ جي بهترين رسالن مان “سوجھرو” پڻ هڪ آهي جنهن ۾ هن وڏو حصو ورتو. ٽي وي تي اڄ جيڪو “روشن تارا” پروگرام ڏسون ٿا ان جي شروعات ان ئي نالي سان اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ آپا شيرين ئي ڪئي. پاڻ 1969ع ۾ ٽي وي تان سنڌي پروگرام شروع ڪيا. هڪ “رس رهاڻ” راڳن جو پروگرام جنهن ۾ روبينا، رونا ليليٰ، مائي ڀاڳيءَ جهڙين جڳ مشهور ڳائڻين کي ٽي وي ذريعي متعارف ڪرايو ويو. ٻيو ٻارن جو مٿيون پروگرام “روشن تارا” ۽ ٽيون ڪرنٽ افيئر جو پروگرام هوندو هو جنهن ۾ خاص ڏينهن تي پروگرام هوندا هئا، جيئن ته: عيد، عاشورو، ميلاد وغيره. سنڌيءَ جو مشهور پروگرام “شاديءَ جون ريتون رسمون” پڻ آپا شيرين پهريون دفعو سنڌي ۾ ترتيب ڏنو جيڪو پوءِ اردو ۾ به ڪافي دفعا هليو. هوءَ اٽڪل ڏهه سال کن ٽي ويءَ سان وابسته رهي.
آپا شيرين فاروقي اڄ ڪلهه ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊئريڪٽر آهي.
الطاف شيخ
ڪراچي 5 ڊسمبر 1998