ڪاش مون وٽ ڪو جواب هُجي...
۽ اهي حالتون يا ماحول Conditions) سهولتون) جن جو مٿي اشارو ڪيو اٿم ڪي خاص Extraordinary به نه آهن. بس اهي نارمل قسم جون جيڪي اسلامي معاشري ۾ هجڻ کپن: حق حلال جي روزي ڪمائڻ جو بندوبست، انصاف، جان ۽ مال جي سلامتي، عزت جي رهائش وغيره.
اسان جا ڪيترائي هم وطن ولايت ۾ خوش هوندي به، پنهنجي وطن کي ساريندا رهن ٿا. پنهنجي ملڪ جي معمولي ترقي به هنن لاءِ وڏي خوشي آهي ۽ وطن بابت غلط ڳالهه ٻڌڻ تي اداس ۽ غمگين ٿيو وڃن.
“پاڪستان ۾ ڌنڌي ڌاڙيءَ جون پر امن حالتون هجن ته آئون جيڪر هتي سڄو بزنيس Windup ڪري هليو وڃان.” سئيڊن ۾ پنجويهه سالن کان رهندڙ مسعود ضيغم هڪ ڏينهن پنهنجي اندر جو حال مون سان اوريندي چيو جيتوڻيڪ سندس زال سئيڊن جي آهي. اسان پاڪستان جهڙي “اسلامي” ماحول ۾ رهي نماز نٿا پڙهون پر هوءَ سئيڊن جهڙي يورپي ملڪ ۾ رهي پنج وقت نماز باقاعدگيءَ سان پڙهي ٿي. پنهنجي مادري زبان سئيڊش کان سواءِ انگريزي ۽ پنجابي لس ئي لس (Fluent) ڳالهائي ٿي. شلوار ۽ چولو پائي فخر محسوس ڪري ٿي.
“مون ۽ منهنجي ڌيءُ سڄي عمر ڪراچيءَ ۾ ٻارن کي پاڙهيو”. ڪئناڊا جي اتراهين شهر سينٽ جان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ڪرسچن ماسترياڻيءَ مون کي ٻڌايو. “مون ڪراچي نٿي ڇڏڻ چاهي، پر گذريل سال جي مذهبي هنگامن ۾ عيسائين کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو مجبور ٿي اسان کي ملڪ ڇڏڻو پيو.”
مئٿلڊا جهڙيون محنتي، هوشيار ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ واريون سادگيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ واريون ماسترياڻيون، اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽبيون وڃن. هن کي اڄ به پنهنجو وطن ۽ پنهنجا شاگرد، جن ۾ گھڻائي مسلمان جي آهي، ياد ٿا اچن.
لنڊن جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ وڪڻي گذر ڪرڻ واري مجتبا حسين جي پڻ ساڳي ڪهاڻي آهي. هو غربت ۽ ڏکن ۾ به پنهنجي اباڻي وطن ۾ خوش هو. ٻه سال اڳ پنجاب جي ان شهر ۾ جتي هي سالن کان رهيل هو ، سندس پٽ ۽ ڀاءُ کي ڪجھه ڪٽر سني ماري ويا. ”ڇا اسلام اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته هڪ ٻئي کي قتل ڪريون؟” هن ڏک مان مون کان سوال ڪيو. ”سعودي عرب، ملائيشيا، ڪويت، بنگلاديش پڻ مسلمان ملڪ آهن. اتي ته ڪير به مذهب جي نالي ۾ قتل نٿو ڪري. سني شيعا ته ڇا پر عيسائي، ٻڌ، سک ۽ هندو به امن سان رهيا پيا آهن. مڪي ۽ مديني کي ڇڏي سعودي عرب جي باقي وڏن شهرن ۾ انيڪ هندو، سري لنڪا جا ٻڌ ۽ فلپين جا ڪرسچن رهيا پيا آهن اتي ته ڪو به عرب اسلام جي نالي ۾ انهن کي نٿو ماري پوءِ پاڪستان ۾اها ويڌن ڇو آهي؟“هن غم ۽ غصي مان مون کان وري پڇيو.
Akunet نالي ڪراچي جي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي گرئجوئيٽ انهن پاڪستاني ڊاڪٽرن جو انٽرنيٽ تي Network آهي جيڪي هتي آمريڪا ۾ بيحد سٺين نوڪرين تي آهن ۽ خوشحال زندگي گذارين ٿا. اڄ ڪلهه هو Internet تي پنهنجا مسئلا هڪ ٻئي کي ٻڌائين ٿا ۽ Discuss ڪن ٿا ۽ انهن مان هڪ اهو به آهي ته آيا آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي پئجي يا پنهنجي وطن موٽي هلجي. هو اڄ جي حالتن جي روشني ۾ پنهنجا پنهنجا خيال ۽ معلوماتي رايا هڪ ٻئي تائين پهچائي رهيا آهن.
”پاڪستان موٽي هلڻ يا آمريڪا ۾ ئي رهي پوڻ“ جي سوال تي هڪ جو خيال پڙهي پنهنجي ملڪ جي افسوسناڪ تصوير سامهون اچي ٿي. هن آمريڪا ۾ رهي پوڻ جي حق ۾ دليل ڏنا آهن.
“آئون آمريڪا ۾ ان ڪري رهڻ چاهيان ٿو جو آمريڪا جو ماحول ۽ سوسائٽي اسان جي پاڪستاني سوسائٽي کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ وڌيڪ اسلامي آهي.”
آمريڪا ۾ رهندڙ هن پاڪستاني ڊاڪٽر ان بابت هن ريت وضاحت ڪئي آهي:
آمريڪا ۾ ماڻهو گھڻو ڪري سچ ڳالهائين ٿا.
هو ان تي ئي يقين رکن ٿا ته ٻيو به سچ چئي رهيو آهي.
ماڻهن کي قانون لاءِ عزت آهي ۽ ملڪ جو قانون غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي.
قانون کي قائم رکندڙ ايجنسيون پنهنجن شهرن جي حفاظت ڪن ٿيون.
واپار وڙي ۾ ٺڳي يا دولاب ناهي. هڪ ٻئي سان مقابلو صاف ۽ کليل نموني جو هلي ٿو.
ٻارن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ هنن جي بنيادي تعليم لاءِ حڪومت طرفان خاطري مليل آهي.
انصاف نه فقط ملي ٿو پر جھٽ پٽ ملي ٿو.
ملڪ ۾ ڊيموڪرئسي آهي. مذهبي اقليتن جو به خيال رکيو وڃي ٿو ۽ کين مڪمل آزادي مليل آهي.
هتي جي حڪمران طبقي پنهنجي ٻارن لاءِ خاص ڪوٽا نه رکي آهي. غريب توڙي امير جو ٻار برابر آهي. جيڪو محنت ڪري ٿو ان کي ڪاليج ۾ داخلا ملي ٿي ۽ جيڪو پاڻ کي قابل ثابت ڪري ٿو ان کي نوڪري ملي ٿي.
محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
هتي آمريڪا ۾ محنت ۽ پورهيو ڪري توهان به امير ٿي سگھو ٿا ۽ اهڙا ڪئين مثال نظر اچن ٿا جن ۾ غريب به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ کين پنهنجي اصليت تي به فخر قائم آهي.
آمريڪا ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي اجازت آهي. هر ماڻهو آزاد آهي ته هو پنهنجي دين ڌرم تي هلي ۽ هن کي ڪنهن به ڳالهه جو اجايو خوف خطرو نٿو رهي....
“آمريڪا ۾ اهڙين سٺين ڳالهين جي لسٽ تمام وڏي آهي. توهان کي انهن مان ڪا ڳالهه ڇا پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ نظر اچي ٿي...؟”
آخر وارو اهو سوال هن پاڪستان ۾ رهندڙ اسان کان ڪيو آهي.
ڪاش مون وٽ يا ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ وٽ ان جو ڪو جواب هجي!
ڪراچي_1995