هالا تنهنجا رنگ هزار
هالا آسپاس جي علائقي لاءِ وڏو شاپنگ سينٽر ٿي ويو آهي. هانگ ڪانگ وانگر هالا جي هر گھٽي ۽ هر رستي تي دڪان ئي دڪان آهن. ڪراچي جهڙي شهر جا دڪان به صبح جو ڏهين يارهين کان اڳ نٿا کلن ۽ بدامنيءَ ڪري شام جو ستين ڌاري ئي بند ٿيو وڃن، پر هتي هالا ۾ صبح جو نائين بجي نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن، اٺين نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن. ستين نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن. رات جو نائين بجي تائين ته سڀ دڪان کليا پيا آهن پر ڏهين ساڍي ڏهين تائين به ڪيترائي دڪان ۽ هوٽلون کليل نظر اينديون ۽ گانن جي ڌم ته سڄي سنڌ ۾ جاري آهي.
خريداري ڪير ڪن ٿا..؟ هالا شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ٻهراڙيءَ ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جا ماڻهو نظر اچن ٿا ... سعيد آباد، سڪرنڊ، اڏيرو لعل ۽ ٻيراڻيءَ جا، شهدادپور، ڀاڻوٺ ۽ خاڻوٺ کان کنڊو ۽ کيبر پاسي جا نظر اچن ٿا، جيڪي واپار وڙي ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هالا اچن ٿا. اڄ ڪلهه مهانگائيءَ جو زمانو آهي، هر ڪو چاهي ٿو ته شيءِ سٺي ۽ گھٽ اگھه تي جتان ملي اتان وٺجي. ڪراچيءَ ۾ اسين جوڙيا بازار، جھونا مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر جو رخ رکون ٿا، جتي ٻَڌي اگھه جا واپاري آهن. مال جي گھڻي کپت ٿئينِ ٿي ۽ گھٽ فائدو رکڻ تي به ڪمائين ٿا. هالا جا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڳوٺ اچڻ تي پنهنجن مائٽن يا واقفڪارن جي چوڻ تي انهن لاءِ ڪراچي مان ئي سيڌو سامان وٺي اچن ٿا. هن دفعي هالا جي مارڪيٽ جي هڪ ٻن دڪانن تان ٻه چار شيون وٺڻيون پيون. هنن مون کي ان ئي اگھه تي ڏنيون جيڪي ڪراچي جي جوڙيا بازار جهڙن هنڌن تي هول سيل واري اگھه تي ملن ٿيون.
“هي اگھه ڀلا فقط مون لاءِ آهي يا سڀني لاءِ” مون رفيق نالي نوجوان دڪاندار کان پڇيو.
“سڀني لاءِ، ڇو ته هتي جنهن مارڪيٽ ۾ ويٺا آهيون اتي مقابلو تمام سخت آهي. رپيو اڌ قيمت وڌيڪ رکڻ سان به گراهڪ کري سگھي ٿو.” هن ٻڌايو.
“پوءِ ڇا ڪمايو..؟” مون پڇيو.
“مارجنل پرافٽ رکڻ سان ۽ گھڻي کپت ڪري فائدو ٿيو وڃي”. هن ٻڌايو.
ملائيشيا جي شهر ملاڪا - جتي آئون رهندو هوس، ان جي ڀر واري شهر “سُنگائي اُڊانگ” ۾ هڪ هندو سنڌيءَ اچي ڪپڙي جو دڪان کوليو، جتي رڳو چيني واپاري هئا. اسان ته چيو ته هن جو هي دڪان هلندو ڪيئن؟ پر پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي ايڏي ته هاڪ هُلي وئي جو اسان به پنهنجي شهر مَلاڪا بدران سنگائي اُڊانگ مان هن وٽان وڃي خريداري ڪندا هئاسين ۽ هونءَ به اسان جو اتان لنگهه ٿيو ٿي ۽ ڪيتريون ئي شيون اتي جي چيني واپارين کان وٺندا هئاسين. هڪ ڏينهن هڪ چيني دڪاندار هن سنڌيءَ دڪان دار جي شڪايت مون سان ڪندي چيو: “هن سنڌي دڪاندار اسان جا گراهڪ ٽاهي ڇڏيا آهن. هو ڪپڙو ان اگھه تي پيو ڏئي جنهن تي هول سيل ۾ اسان خريد ڪيون ٿا. خبر ناهي ڪيئن ٿو ڪمائي”.
۽ پوءِ ٻئي دفعي سنڌي دڪاندار کان معلوم ڪيم ته وراڻيائين: “توهان ماٺ ڪري ويهو. هنن چينين جا اسين بابا آهيون. ڪپڙو واقعي هول سيل واري اگھه تي پيو وڪڻان ۽ وال تي ٽڪو به فائدو نه پيو ٿئيم. پر روزانا هيترا تاڪيا کپايان ٿو انهن جي ڪاٺ جي پئڪنگ ۽ ڳوڻيون جيڪي بچن ٿيون سي فائدي ۾ آهن ۽ ان کا علاوه سئو تاڪين تي ٽي تاڪيا مفت ملن ٿا جيڪي انعام طور فئڪٽري وارا ڏين ٿا. هاڻ جي آئون اگھه وڌائي وڪڻندس ته ڪهڙو گراهڪ پراڻا دڪان ڇڏي مون وٽ ايندو. هينئر گھٽ ۾ گھٽ بجليءَ جو بل ته ڪڍيو ويٺو آهيان.”
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺائي دوستن سان ڳالهه ڪيم ته توهان کي ته ڳوٺ لاءِ، ڪراچي مان خريداري ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هالا ۾ هر شيءِ سستي آهي. مون سمجھيو هنن لاءِ اها News هوندي، پر هنن کي اڳهين خبر هئي.
“اسين بولٽن مارڪيٽ يا ايمپريس مارڪيٽ ۾ پيٽرول ساڙي ۽ وقت وڃائڻ بدران ڳوٺان (هالا) کان هر شيءِ ڪراچي وٺي اچون. سيڌي سامان کان وٺي پلاسٽڪ جي سامان ۽ ڪپڙن بوٽن تائين.” هنن ٻڌايو.
سيوهڻ جو منهنجو هڪ دوست ڪموڊور زين العابدين شاهه ۽ سندس زال ڊاڪٽر جميلا ڪجھه هٿ جي اوڄي جا ڪپڙا ۽ رلين جا تهه مون کي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريا.
“هي اسان هالا مان وٺي آيا آهيون. هونءَ اسان سيوهڻ کان ايندي حيدرآباد مان خريداري ڪندا آهيون پر هن دفعي هالا هليا وياسين. هڪ هڪ ڊريس تي ٽيهه پنجٽيهه رپيا گھٽ قيمت پئي”. هنن ٻڌايو ۽ پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائون:“ ادا هڪ دڪاندار ٻه رپيا وال تي تنهنجي ڪري به ڇڏيا. کيس چيوسين الطاف شيخ کي سڃاڻين؟ اسان هن جا دوست آهيون.”
“پر منهنجي ته ڪنهن مائٽ کي ڪپڙي جو ڪو دڪان ڪونهي.” مون ٻڌايو مان.
“هن تنهنجا سفرناما اخبار ۾ پڙهيا آهن.” ڪموڊور شاهه ٻڌايو.
“ يو لڪي مئن!” مون وراڻيومانس.
۽ واقعي اسان جو يار لڪي (ڀاڳ وارو ) هو. هالا جي جنهن دڪان تي چڙهي مون سوسي ۽ کاڌيءَ جو ڪپڙو ورتو تنهن کان پڇيم ”ادا الطاف شيخ کي سڃاڻين؟”
“نه” هن ٺهه پهه وراڻيو.
“هن جو ڪو سفرنامو پڙهيو اٿئي؟” مون ور ڏئي پڇيومانس.
“نه”
“ڀلا عبرت يا ڪا ٻي اخبار پڙهين؟” مون پڇيو مانس.
هن بيزار ٿي پهرين مون کي گھوري ڏٺو ته هي ڪير بيوقوف مٿو کائي ويو آهي ۽ پوءِ چيو:
“سائين اسين دڪاندار ماڻهو هتي اسان کي ڪو اخبار پڙهڻ جو وقت آهي؟ صبح کان گراهڪن سان مٿو هڻون ٿا ته وڃيو رات ٿئي. جمعو آچر به موڪل نه ڪيون. پڙهڻ لاءِ ڪنهن کي ٽائيم آهي؟”
دل ۾ چيم: “وڏو خوشنصيب آهين. توکي نه فاروق لغاري ۽ نواز شريف جو اونو نه لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ۽ سجاد علي شاهه جي ڄاڻ. نه ڊالر پائونڊ جي اگھه لهڻ چڙهڻ جو فڪر نه IMF ۽ F-16 جي سڌ سماءُ. ڪڏهن ڪڏهن اِگنورنس از بِلس”.
ان دڪان تان لهي ٻئي تي چڙهيس.
“احسان شمس ڪلاٿ اسٽور” نالي دڪان تي ٽنگيل رنگين ڪپڙن جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ دڪاندار کان موڪل ورتم.
“اچو اچو سائين، هڪ ڇا ڏهه ڦوٽو ڪڍو.” هن وراڻيو. فوٽو ڪڍي بس ڪيم ته هن ٻه چار رلين جا تهه کڻي اڳيان کوليا.
“نه. خريداري نه ڪرڻي اٿم” مون کيس صاف ٻڌايو.
“ پر سائين ڏسي ته سگھو ٿا. ڪالهه ئي نئون مال آيو آهي. بابا ڇوڪرا هڪ چانهه ته کڻي اچ.” هن اعليٰ Salesmanship جو مظاهرو ڪيو.
“چانهه لاءِ جھلجوس. آئون نه پيئندو آهيان.” مون ڪوڙ کان ڪم ورتو.
“پر سائين ڪپڙا ته ڏسي سگھو ٿا نه”. هن تيستائين هڪ ٻه ٻي رلي کولي. وٺڻ مون نٿي چاهي پر رلي جي برائيٽ ۽ چهچ رنگن منهنجي دل موهي رکي. مون دڪاندار ۽ پنهنجي دل کان جان ڇڏائڻ لاءِ کيسي ڏي اشارو ڪري هڪ دفعو وري ڪوڙ ڳالهايو.
“ هن وقت پئسا به نه آهن.”
“سائين پئسن جي ته ڳالهه ئي نه پيا ڪريون”. دڪاندار هڪ ٻيو تهه کولندي چيو، “پئسا ته پوءِ به ملي ويندا، هن وقت فقط ڏسي ته سگھو ٿا.”
مون نٿي سمجيو ته هي ڳوٺن جا دڪاندار ايترا Aggressive Salesmenship ڪري سگھن ٿا جيڪا ڪراچي جا بوهري، اسماعيلي يا سنگاپور، هانگ ڪانگ جا چيني ۽ سنڌي هندو ڪن ٿا.”
“گھڻي ٿا ڏيو.” رليءَ جو هڪ تهه ڏسندي مون کان وات مان نڪري ويو.
“سائين ڪا خاص قيمت ناهي فقط ٻه سئو رپيا.” دڪاندار وراڻيو.
“واقعي قيمت ته خاص ناهي.” مون دل ۾ سوچيو، “اڄ ڪلهه هڪ بيڊ شيٽ جي قيمت ئي ٻه سئو رپيا آهي. هڪ ٻن دوستن لاءِ وٺي وڃان. هنن تي ٿورو به ٿيندو ۽ هالا جي نشاني به هنن وٽ رهندي. وڻين ته چٽن گلن وارو هي تهه ڀت تي ٽنگي ڇڏين، وڻين ته بيڊ شيٽ طور استعمال ڪن يا رلي بڻائينس.”
“هن کان بهتر به اٿانو؟” مون دڪاندار کان پڇيو. هن ٻه ٻيا تهه ڏيکاريا جيڪي ٽي ٽي سؤ وارا هئا.
“سائين مون وٽ ڏيڍ ڏيڍ هزار رپئي واريون به رليون آهن، توهان جيڪا پسند ڪريو.” هن جھڪندي چيو.
“نه نه، اهي آئون افورڊ نٿو ڪري سگھان.” مون کيس مٿين تختن تي ٻيا تهه لاهڻ کان منع ڪندي چيو.
“پر سائين ڏسي ته سگھو ٿا.” دڪاندار چيو.
مون ٻه ٽي ٽي سؤ وارا تهه کڻندي کيس جلدي پئڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هي “ڏسي ته سگھو ٿا، ڏسي ته سگھو ٿا” جي تسبيح پڙهي مون کي وڃي trap ڪندو. مون دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ قيمت لاءِ وري پڪ ڪئيمانس.
“قيمت ته صحيح آهي نه؟ يا حيدرآباد مان ان کان به سستي ملي ويندي؟” مون پڇيو.
“سائين بي فڪر رهو. سوال ئي نٿو پئدا ٿئي ته ان کان سستي ملي” هن وڏي اعتماد سان چيو.
“پاڻ ڪير آهين؟” پئسا ڏيندي آخري سوال ڪيومانس.
“هالا پراڻا جو ميمڻ آهيان.”
“ سٺو واپاري آهين،” کيس ڪامپليمينٽ ڏيندي سندس دڪان تان لٿس.
هالا جي شاهي بازار اڄ کان نه پر گذريل سئو سالن کان مشهور آهي. حيدرآباد جي بازار وانگر ڍڪيل آهي. سندس ڇت ڪئنچي ٽائيپ سڏجي ٿي. اونهاري ۾ اس کان ۽ سياري ۾ سيءُ کان ۽ مينهن ڦڙيءَ کان خريدار هميشه بچيل رهي ٿو. ان ڪري گراهڪ هڪ دفعو درگاهه وٽان، مارڪيٽ کان يا چونڪ کان بازار اندر گھڙي ٿو ته پوءِ سڄي بازار ۾ سيف آهي.
هالا بازار جي خريدارن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون آهن. ايتريون عورتون ته ريشم گلي ۾ به نظر نٿيون اچن. پر هالا شهر جي ڪا عورت ورلي نظر ايندي ( اهي سوزوڪيون ڀري حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ شاپنگ لاءِ وڃن، جيئن عربياڻيون پئرس ۽ لنڊن وڃن) باقي هالاجي اوس پاس ۽ ٻهراڙي جون عورتون رنگين ۽ ڀرت جي وڳن ۾ سون جي تعداد ۾ نظر اينديون. هنن لاءِ هالا جي هيءَ بازار حيدرآباد جي ريشم گلي ۽ ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۽ طارق روڊ کان گھٽ ناهي، جتان کين هر شيءِ ڪپڙي گندي، ڳهه ڳٺي کان سيڌي سامان ۽ ٿانو ٿپي تائين ملي وڃي ٿو ۽ تمام مناسب اگهه تي. مردن جو وڏو تعداد وري هالا جي مارڪيٽ ۾ هوندو آهي، جتي هوٽلن، پڪوڙن ۽ ڇولن وارن جي دڪانن تي سڄو ڏينهن پيهه پيهان متل رهي ٿي. آڌي رات کان نان پاون ۽ چانهه جا هنڊا رڌڻ شروع ٿين ٿا ۽ رات جو ڏهين يارهين تائين ڪوابن ۽ پڪل گوشت جي پَچڻ تي وڃي پُڄاڻي ٿيندي آهي.
عبدالغفار جوئيلرس جي دڪان تان پڇايم ته انگريزن جي ڏينهن جا چاندي جا رپيا ملي سگھندا جن تي انگلنڊ جي بادشاهه جارج ۽ راڻي وڪٽوريا جون شڪليون آهن.
“اسان وٽان ته سون جون گنيون به ملي سگھن ٿيون” دڪاندار وراڻيو.
پراڻن پينگھن ۽ درن کان پراڻا ڳهه ڳٺا وٺن لاءِ ماڻهو هالا جو رخ رکن ٿا، پر هالا ۾ سڀ کان گھڻو گُٻيت، ماکي ۽ ڌاڻي وڪرو ٿئي ٿي. ڪراچيءَ کان آيل هڪ فئملي کان پڇيم ته هنن کي هالا جي ڪهڙي شيءِ پسند آهي.
“پڪوڙا”. هنن وراڻيو. “هالن جي ٺهيل پڪوڙن جهڙا سنهان، مرچائي، ميهن پٽاٽن وارا لذيذ پڪوڙا ڪٿي به نه ملندا. گھر ۾ ٺاهيل پڪوڙا به تيل ۾ چڪڙ رهن ٿا، پر هتي (هالا جي مارڪيٽ) جا پڪوڙ اخسته (Crispy) ۽ ٽيسٽي آهن.”
هڪ پنهنجي پاڙيسري (هالن نون) جي دڪاندار کان پڇايم ته هالا ۾ واپار، يعني دڪان هلائڻ ڪيئن آهي.
“ڏاڍي محنت ڪرڻي پوي ٿي.” هن وراڻيو. “هالن پراڻن جي “ميمڻ” دڪاندارن سان مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هو سٺي ۾ سٺي شيءِ ، سستي ۾ سستي اگھه تي ۽ تمام وڏي مقدار ۾ خبر ناهي ڪٿان وٺيو اچن جو ريزڪي Retail تي به هنن جي قيمت ايتري گھٽ آهي جو ٻين وٽ ٻَڌي (Whole Sale) تي به نه ملي.”
هڪ دڪاندار انگريزي ۾ ڳالهائي رهيو هو. “پڙهيل آهين؟” مون پڇيومانس.
“هالا ۾ سائين ڪير آهي جو پڙهيل ناهي. ڇولن وڪڻڻ وارو به ڊبل ايم اي آهي! آئون ته ڊاڪٽر آهيان.”
“پوءِ ڊاڪٽري نه ڪيانو؟” مون پڇيومانس.
“سرڪاري نوڪريون ڪٿي آهن. اجايو انتظار ڪري هڏ حرام ٿيان ان کان دڪان کولي ڪِرت ۾ لڳي ويو آهيان.” هن ٻڌايو.
“منهنجو مطلب آهي ته هن دڪان بدران ڪلنڪ کولين هان”. مون چيومانس.
“ڪهڙي گھٽي آهي جنهن ۾ ڪلنڪ ڪانهي، جتي آئون کڻي کوليان؟ هالا اهو شهر آهي جتان هر سال مرد ڊاڪٽر ته ڇڏيو رڳو ليڊي ڊاڪٽر به ويهارو کن ٿيون ٿين. هن وقت ٻه سئو کن ڊاڪٽر MBBS ڪريو ويٺا آهن. پوءِ انهن مان ڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويا آهن ته ڪي نوڪرين جي انتظار ۾ آهن. اهو ئي حال B.E ڪيل انجنيئرن ۽ MBA وارن جو آهي.”
منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ هالا اهو آهي جنهن ۾ سڀ کان گھڻو تعداد تعليم يافته ماڻهن جو آهي. سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرتوهان کي هالا جا ماڻهو هر آفيس ۾ نظر ايندا. فوج ۾ پڻ هالا جا ماڻهو ٻين ڳوٺن جي ماڻهن کان گھڻا آهن. خاص ڪري نيوي ۽ آرميءَ ۾! مرد ته ڪموڊور ۽ برگيڊيئر رئنڪ جا ملندا پر ڪيتريون ڇوڪريون به ميجر رئنڪ تي پهچي ويون آهن.
پر يارو سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هالا جي تعليم جو معيار به اڄ اهو نه رهيو آهي. اهو ڳوٺ جنهن ڊاڪٽر حسن، ڊاڪٽر عبدالرحمان (V.C)، پروفيسر عبدالرزاق (دائود ڪاليج جو پرنسپال)، پروفيسر عبدالقدوس علوي (وي سي NED )، پروفيسر احمد علي انصاري، رسول بخش راهو (جنرل مئنيجر KPT) مسعود ارباب، حاجي قادر بخش ميمڻ، محمد خان ميمڻ جهڙا ذهين هوشيار، قابل چيف انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ عالم انيڪ پيدا ڪيا. اهي سڀ غريب مائٽن جا ٻار هئا ۽ پنهنجي مڙسي سان جهڙن تهڙن قلمن، ڪاپين ۽ ڏيئي جي روشني ۾ پڙهي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو مٿي ڪيو. اڄ ان ڳوٺ جا شاگرد انٽر بعد جڏهن ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ پهچن ٿا ته هنن کان انگريزي جو جملو نٿو ڳالهايو ٿئي! ويهن تائين کوڙا نٿا اچن! نائين ڪلاس جو علم بدن، انگي حساب ۽ فزڪس ڪيمسٽري سمجهه ۾ نٿي اچين! پوءِ اُهي تعليمي ادارا جتي سڄي پاڪستان جي شهرن جا شاگرد آهن اتي اسان جي سنڌ جا شاگرد جهڙا وائڙا وائڙا! علمي معلومات کان بنهه يتيم، باقي بورڊ جي رزلٽ شيٽ ۾ ڏسو ته سندن هر سبجيٽ ۾ سڀ کان گھڻيون مارڪون نظر اينديون. اهو ئي حال هاڻ هالا جي شاگردن جو آهي. اهو شهر جنهن جي هر گھٽيءَ ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽرن کان علاوه پي ايچ ڊي وارا ڊاڪٽر نڪتا ٿي. ۽ شايد ئي ڪو پنهنجي خرچ تي پڙهيو هجي سڀ پنهنجي قابليت تي، اسڪالرن تي پڙهيا. پوءِ ڪنهن روس مان جيولاجي سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ته ڪنهن انگلنڊ مان ڪيمسٽري، فزڪس ۾، ڪنهن اليڪٽرانڪس ۾ ته ڪنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾. ڪنهن سول انجنيئرنگ ۾ ته ڪنهن مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾. ڪهڙو سبجيڪٽ آهي جنهن جا ڄاڻو هن شهر هالا ۾ نه هجن. ڪنهن به علم جي معلومات وٺڻي هجي ته هن شهر ۾ ان سبجيڪٽ جا Expert هڪ کان وڌيڪ ملي ويا ٿي. پر اڄ جي شاگردن کي فقط هڪ ڄاڻ آهي ته ڪاپي ڪيئن ڪجي! ڪارتوس ڪيئن ٺاهجن! هڪ بدران ٻئي کي امتحان ۾ ڪيئن وهارجي! حڪومت به ان کي روڪڻ جون ڪوششون وٺي وٺي ٿڪجي پئي آهي. امتحان هال ۾ ايڪسٽرنل ٿا اچن. پوليس ٿي اچي، ايس ڊي ايم ٿو اچي. رينجرس ٿا اچن، پر ڪنهن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي. اها ئي ڪاپي هلندي اچي. هرڪو بي اي، ايم اي، بي ايس سي جون هڪ کان وڌيڪ ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي ظاهري ڪاميابي تي خوش پيو ٿئي. شايد حڪومت به ڍر ڏئي ڇڏي آهي ته ڀلي سڄو فائيل ڊگرين سان ڀريو. نوڪريون ته هونءَ ئي آهن ڪونه. يا اڄ نه سڀاڻ ميڊيڪل، انجنيئرنگ جهڙن ڪاليجن جي چونڊ لاءِ فوجي ڪاليجن وانگر الڳ “داخلا ٽيسٽ” وٺبو ته اهڙي طرح انٽر پاس ٿيل ڪو به نه اچي سگھندو. انگلنڊ آمريڪا ته ڇا ملائيشيا ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن به، ڪڏهوڪو، اسان جهڙن ملڪن جي شاگردن کي کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. هنن کي خبر آهي ته هتي MBBS,BE ٻيون ڊگريون ڪيئن پيون حاصل ٿين.
اسان جو ڳوٺ هالا عمارت سازي جي نموني سان گڏ صاف سٿرو پڻ چيو وڃي ٿو، بلڪه سڏيو ويندو هو. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ، جڏهن اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، منهنجي ڌيان تي ان وقت جي گھٽين جو نقشو اڄ به چٽو پٽو آهي. سڌيون گھٽيون، انهن گھٽين ۾ سڌين ڀتين وارا گھر ... جيتوڻيڪ ڪچائي سهي. گھرن جون ڌڪيون ٻاهر گھٽين ۾ نڪتل بدران اندر چوديواري ۾ هونديون هيون. انصارين جي گھٽي، عالياڻي گھٽي. ڪَڪَن جي گھٽي، ڀُٽن جي گھٽي - هر گھٽي بئٽ بال کيڏڻ کان وٺي ونجھوٽي کيڏڻ لاءِ Ideal هوندي هئي. هر گھٽيءَ جي وچ ۾ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالي هوندي هئي جنهن مان فقط مينهن جو يا گھر جي هار وير جو پاڻي گذرندو هو. ڪاڪوس “سنداس ٽائيپ” هوندا هئا يا ڀنگياڻي نائين ڏهين بجي ڌاري گھرن جي صفائي ڪري ويندي هئي، جنهن وقت ٻار اسڪولن ۾ هوندا هئا ۽ مرد ماڻهو دڪانن ۽ آفيسن ۾. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ مان اڃا ڪو سول انجنيئر نه ٿيو هو.
ڏهاڪو سالن بعد محمد صديق، قادر بخش، عبدالباقي متقي، عبدالقدوس علوي، مسعود ارباب، محمد خان ميمڻ .... شايد پهريان انجنيئر ٿيا. هالا ۾ جايون ٺاهڻ لاءِ ڊئريڪٽ رازي سان ڪنسلٽ ڪبو هو جيڪي بنا ڪنهن نقشي جي مٿي ٻُڌايل گھرن جهڙا سهڻا، سڌا، هوادار گھر ٺاهيندا هئا. ان وقت جي رازن مان اڄ به عبدالهادي متقي جهڙن هوشيار ۽ ايماندار رازن جا مثال ڏنا وڃن ٿا جيڪي نه پاڻ مالڪ جو پئسو يا سيمينٽ کائيندا هئا ۽ نه مالڪ کي پبلڪ جي گھٽيءَ جي زمين چوري ڪرڻ ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر به اڃا نه ٿيا هئا. حڪيم ۽ پساري هوندا هئا جيڪي گھڻو ڪري خدا ڪارڻ ماڻهن کي چڱائيءَ لاءِ چوندا هئا. ناليءَ ۾ بال ڪري پوندو هو ته لنگھندي وقت سمجھاڻيون ڏيندا هئا ته ان کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ کيڏيو.
پر يارو! اڄ ان شهر جو ( ۽ پڪ سنڌ جي ٻين شهرن جو پڻ) نمونو ئي بدليو پيو آهي. اڄ جيتوڻيڪ هالا ۾ فقط سول انجنيئر ۽ ڊاڪٽر هڪ سئو کان مٿي آهن پر اڄ نه گھٽيون سڌيون آهن نه گھر سڌا آهن. قدم قدم تي انڪروچمينٽ آهي گھر کي گھٽيءَ ۾ ڪڍي اچڻ کي اڄ عمارتسازي جو ڪرتب سمجھيو وڃي ٿو. باٿ روم ۽ ڪاڪوس ماڊرن ٿي ويا آهن پر ٻاهر گٽر سسٽم آهي ئي ڪونه! هر گهر جو گند ٻاهر نالين ۾ پيو آهي ۽ سڄو ڏينهن ڌپ ۽ سڙانڊ جو واسو رهي ٿو. گھٽين ۾ ٻار نالين اڳيان ويٺا راند ڪن. هڪ ڊاڪٽر ڏک ڪندي چيو ته سٺن کاڌن خوراڪن هوندي به هتي جا ٻار پيٽ جي بيمارين ۾ ورتل رهن ٿا، جنهن جا خاص سبب گھٽيءَ ۾ گندگي ۽ پاڻيءَ جي خرابي آهي. کوهن بدران هينئر گھر گھر ۾ Tap واٽر آهي پر غير معياري پائيپن ۾ سنها سوراخ هجڻ ڪري انهن مان نالين جو گندو پاڻي ۽ ڪرفتي پائيپن ۾ Vaccum ٿيڻ مهل اندر گھڙي پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ مڪس ٿئي ٿو ۽ ٻارن ۽ وڏن کي پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ٿو. اسان جي ڳوٺن جون گنديون گھٽيون هڪ پئٿالاجسٽ شاگرد لاءِ سکيا جي لئبارٽري ته چئي سگھجن ٿيون پر ماحول سڌار جي چاهيندڙ جو خواب هرگز نه.