THERE IS ALWAYS A PLACE ON THE TOP
جڳه: بالٽيمور شهر (آمريڪا) سال 1974.
ٽئڪسي واري چارلس اسٽريٽ، CIVIC سينٽر ۽ بالٽيمور اسٽريٽ وٽان ڦيرائي مئري هاپڪن اسپتال جي سامهون ”شيرٽن اِن هوٽل“ اڳيان اچي لاٿو. شيرٽن اِن هوٽل منجهه گھڙي رسيپشن تان ڪمري نمبر ٽي سئو چار جو پڇيم جتي ڪراچي کان ويجھڙائيءَ ۾ آيل سنڌ جو مشهورر ڊاڪٽر ۽ پروفيسر محمد صالح ميمڻ رهيل هو. پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ صاحب انهن ذهين ۽ اتم شاگردن ۽ پروفيسرن مان آهي جن تعليم توڙي نوڪريءَ دوران پنهنجو نالو روشن ڪيو. لڳاتار محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ جي اصولن کي پنهنجو ڪري، اعليٰ عهدن تي رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جو اصلوڪو ڳوٺ ڏيپلو (ضلعو ٿرپارڪر) آهي. پاڻ سن 1943ع ۾ هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل (D.J) سائسن ڪاليج مان انٽر 1945ع ۾ ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽريءَ لاءِ بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌ لاءِ فقط ست سيٽون هونديون هيون ۽ پنجن سالن جو ڪورس هو. (ڊاڪٽر صالح سان گڏ ٻيا ڇهه ڊاڪٽر هي هئا: رسول بخش بلوچ، ڊاڪٽر لاسي، ڊاڪٽر کٿوريا، ڊاڪٽر پنجواڻي، ڊاڪٽر شوداساڻي ۽ هڪ پارسي ڊاڪٽر منولا. ڪراچيءَ وارو ڊوميڊيڪل ڪاليج به 1945ع ۾ ڪراچيءَ جا وڻ اچي وسايا ۽ باقي ٽي سال ڪراچيءَ مان پڙهي، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر سان حاصل ڪئي. ان بعد ايم آر سي پي گلاسگو، ايڊنبرا ۽ لنڊن مان ورتي. اهڙي طرح ايف آءِ آر سي پي ايڊنبرا مان ڊي سي ايچ انگلنڊ مان ۽ پاڪستان مان ايف سي پي ايس حاصل ڪئي.
نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو تعلق ڳچ عرصي کان سنڌ جي ٻن جھونن ميڊيڪل ڪاليجن ايل ايم سي ۽ ڊي ايم سي سان هلندو اچي. اڄ ڪلهه يونائٽيڊ نئشن UNO جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن WHO طرفان ڪجھه عرصي لاءِ آمريڪا آيل آهي. هتي رهي پاڻ آمريڪا جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۽ اسپتالن جو جائزو ۽ دورو ڪندو. ان سلسلي ۾ هي شهر بالٽيمور آمريڪا جو ٽيون شهر آهي. هتي جي هاپڪن اسپتال سندس رهائش واري جاءِ شيرٽن اِن کان تمام ويجھو آهي.
ان ڏينهن سيءُ به پنهنجي اوج تي هو، پر هوٽل اندران چڱيءَ طرح گرم رکيل ٿي ڏٺي (عربن طرفان تيل تي لڳايل بندش جي باوجود). پاڻ سان آندل ٽيپ رڪارڊر پٽ تي رکي اوور ڪوٽ لاٿم. (افسوس جو ان ٽيپ رڪارڊ ڊاڪٽر صاحب جي انٽرويو دوران ساٿ نه ڏنو ۽ ڳالهه ٻول چڱي طرح ٽيپ ٿي نه سگھي. ان ڪري هتي پڙهندڙ ڊاڪٽر صاحب جون فقط اهي ڳالهيون پڙهي سگهندا جيڪي منهنجي يادداشت ۽ ذهن جي گٺل ربل تي ٽيپ ٿي سگھيون آهن.) ان وقت سامهون هوٽل جي گھڙيال ۾ وقت ڏٺم، پورا اٺ ٿيا هئا. دل ئي دل ۾ پنهنجي پٺي ٺپريم ته ٺهرايل وقت تي پورو پهتو آهيان. جيتوڻيڪ اهو سڀ اتفاقي هو نه ته ههڙي سيءُ ۾ فورٽ مئڪنري (جتي اسان جو جهاز بيٺل هو) کان ڊائون ٽائون ايترو سوير صبح ساڻ اچڻ کان حاتم طائيءَ وارو ڪو به سوال سر انجام ڏيڻ سولو ڪم هو. بهرحال آئون ته وقت تي پهچي ويس پر ڪمري تي پهچڻ کان اڳ ڪيئن چئجي ته ڊاڪٽر صاحب به انٽرويو جي تياري ۾ هوندو يا ننڊ منجھه. سو پاسي کان رکيل فون کڻي سندن ڪمري جو نمبر گھمايم ۽ فون تي ساڻس ڳالهائي خوشي ٿي ته نه فقط پاڻ جاڳي رهيو هو پر ان ئي ڳالهه لاءِ پاڻ به اوسيئڙي ۾ هو. آئون ڏاڪا ٽپي ٽي ماڙ تي پهتس.
بالٽيمور اسپتالن جو شهر آهي هونءَ اسپتالون ته آمريڪا جي هر شهر ۾ سرس آهن پر هتي مڙيئي پاڪستاني ڊاڪٽر گهڻا آهن، جن سان اسان جهازين جي چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ ۽ خبر چار رهي ٿي. بالٽيمور ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته ننڍو پاڪستان هجي، جتي پٺاڻ، پنجابي، ملتاني، بوهري، بهاولپوري، اسان جي ملڪ جي هر پاسي جو ڊاڪٽر، فارماسسٽ يا ڪمپائونڊر ملندو، جن سان گڏ اسان جي جهاز جي عملي جي سٺي ڪمپني رهي ٿي. هتي رهندڙ ڊاڪٽرن ۾ هڪ سنڌي ڊاڪٽرياڻي پڻ آهي. لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر نسرين قاضي هتي ڪيترن سالن کان نوڪري ڪري رهي آهي. پاڻ ايل ايم سي جي گرئجيوئيٽ آهي. ويڪ اينڊ تي ملڻ لاءِ مون هڪ ڏينهن کيس فون ڪيو:
“آئون ڇنڇر تي شايد وقت ڪڍي نه سگھان، باقي سڀاڻ اتان لنگھندي ٿيندي وينديس. در اصل منهنجو هڪ پروفيسر هتي آيل آهي. ان سان ڇنڇر تي ملڻ جو پروگرام رکيو اٿم.”
“ڪهڙو پروفيسر..؟” مون ائين ئي پڇيو. ڄڻ آئون آمريڪا جا سڀ پروفيسر سڃاڻان.
“تون خبر ناهي سڃاڻي يا نه، هو منهنجو ايل ايم سي ۾ پروفيسر هو. نالو اٿس ڊاڪٽر صالح ميمڻ.” ڊاڪٽر نسرين قاضيءَ ٻڌايو.
“ڪمال ٿي ڪرين. آئون ڇو نه سڃاڻيندس”. مون وراڻيومانس، “ڇا منهنجو ان ڌرتيءَ سان تعلق ناهي جنهن سان هو تعلق رکي ٿو.”
“ڇا تنهنجي پهرين جي ملاقات آهي..؟” هن پڇيو.
“اها ڪا اهم ڳالهه ناهي، بس روحن جا رشتا هئڻ کپن.” مون کلندي چيو. خوشي ان لاءِ به ٿيم ته ڪيترن ڏينهن کان اهو ارادو هوم ته ڪنهن اهڙي سنڌي ڊاڪٽر کان انٽرويو ورتو وڃي جنهن جو سنڌ ۽ ولائت سان گھڻو واسطو هجي. جيڪو ديس پرديس پڙهندڙ، رهندڙ ۽ نوڪريون ڪندڙ هم وطن ڊاڪٽرن جي حالتن، مسئلن ۽ مونجھارن کان واقف هجي ۽ ساڳي وقت سندس ادب سان به چاهه/واسطو هجي ۽ اها ڳالهه ٻولهه نه فقط ڊاڪٽرن ۽ ان پورهئي سان تعلق رکندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿي سگھي پر هڪ عام ماڻهو به ان مان معلومات ۽ لطف حاصل ڪري سگھي.
ڊاڪٽر نسرين سان ان انٽرويو بابت مون صلاح ڪئي جنهن ٻئي ڏينهن اچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صالح پاڻ به ملڻ چاهي ٿو ۽ آئون ساڻس فلاڻي فون نمبر تي ڳالهائي سگھان ٿو.
مون اوڏي مهل ئي ڊاڪٽر صالح صاحب کي جهاز تان ئي فون ڪيو. ڊاڪتر صاحب وڏي حب ۽ اُڪير مان کيڪار ڪئي ۽ ڪندو ئي رهيو. سنڌين ۽ عربن جي کيڪار به کيڪارن جهڙي ٿئي ٿي، پوءِ چاهي پنهنجي ديس ۾ ڪو هجي يا پرائي ديس ۾! اڳلو چاهيندو ته جي ممڪن هجي ته دل چيري پنهنجي حب ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪريان.
“بابا انٽرويو وري ڇاجا، تون اچ ته سهي ته خبرون چارون ڪريون.”
ڊاڪٽر جي حب منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڻ جو وقت ورتومانس.
“سڀاڻي واشنگٽن وڃڻو اٿم. پر هاڻ شام جو ئي ٿي ايندس. تون صبح ساڻ اچ ته ڪچهري به ڪريون ته نيرن به گڏ ڪريون.”
نيرن جي دعوت به عجيب سنڌي رسم آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن ۾ رات جي ماني Dinner ۽ شام جي چانهه ته عام ڳالهه آهي يا ڪيترن هنڌن تي سهوليت کي مد نظر رکي منجھند جي ماني Lunch به هلي ٿي پر نيرن جي دعوت سنڌين کان علاوه فقط عربن ۽ يونانين ۾ عام آهي. ٿي سگھي ٿو اهو اسان جي پراڻين تهذيبن جو هڪ ٻئي تي اثر هجي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ گھڙيس، پاڻ پهرين نيرن لاءِ ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو. اول طعام پوءِ ڪلام!
ڊاڪٽر وٽ ايندي وقت ٽئڪسيءَ ۾ ڪجھه سوال بنا ڪنهن ترتيب جي پني تي لکيا هئم. نيرن بعد ڪمري تي پهچي کانئس اهي پڇڻ شروع ڪيم، جي هن ريت هئا:
سوال: سائين ائين ڇو آهي جو پاڪستان جا گھڻا ڊاڪٽر انگلنڊ ۾ ئي نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ نه؟
ڊاڪٽر صالح: نه هاڻ ائين ڪونهي. اڳ ۾ البت اسان جا گھڻا ڊاڪٽر رڳو انگلنڊ ويندا هئا، جنهن جا ٻه سبب هئا. هڪ ته نوڪري ڪرڻ، ٻيو MRCP ۽ FRCS جهڙيون ڊگريون حاصل ڪرڻ، جيڪي اسان وٽ پاڪستان ۾ قبول ڪيون وينديون هيون. پوسٽ گرئجوئيٽ اتي ڪري وري جڏهن هو وطن موٽي ايندا هئا ته انهن کي پاڪستان ۾ به نوڪريون ملي سگھنديون هيون ۽ Reciprocal Recognition هوندي هئي، جنهن ڪري اسان جون Qualifications انگلنڊ ۾ به مڃيون ويون ٿي. اسان جا ڊاڪٽر انگلنڊ ۾ ويندا هئا ته بنا ڪنهن ٻئي امتحان ڏيڻ جي کين نوڪري ملي ويندي هئي ۽ ان ڪري دائمي رجسٽريشن هوندي هئي، سو اتي ماڻهو رهي يا پنهنجي ملڪ ۾ اچي نوڪري ڪري. هاڻ ٻن ٽن سالن کان جڏهن کان پاڪستان ڪامن ويلٿ مان نڪري ويو آهي ته هڪ ٻئي جون ڊگريون نٿيون مڃيون وڃن. يعني Reciprocal Recognition ختم ٿي وئي آهي. اسان جي ڪا به ڊگري هاڻ انگلنڊ ۾ نٿي مڃي وڃي. يعني ڪو به اسان جو ڊاڪٽر پاڪستاني ڊگريءَ سان انگلنڊ ۾ دائمي رجسٽريشن هيٺ رهي نٿو سگهي. هن کي فقط عارضي طور رجسٽريشن ملي سگھي ٿي. نتيجي طور اسان جي ڊاڪٽرن کي ڇهين ڇهين مهيني وري وري اپلاءِ ڪرڻو پوي ٿو پوءِ ڪڏهن ملي ٿي ڪڏهن نٿي ملين. سٺي اسپتال ۾ نوڪري به نٿي ملين. ٻي ڳالهه اها ته اسان وٽ به پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج ٿي ويا آهن ۽ ٻاهر وڃي فقط ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق صفا گھٽجي ويو آهي ۽ ٽيون ته ECMGF امتحان جي ڪري پهرين آمريڪا وڃڻ ڏکيو هو پر هاڻ اهو امتحان هرڪو گھر ويٺي پاس ڪري ٿو وٺي. اهو امتحان ڪراچيءَ ۾ سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿو ۽ پاس مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ اهو ڊاڪٽر سڌو آمريڪا ۾ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو ۽ کيس هڪدم آمريڪا کان ورندي ملي ٿي ته فلاڻي اسپتال ۾ جاءِ آهي. هيترا يا هيترا پئسا ملندا ۽ فلاڻي تاريخ نوڪريءَ تي اچي چڙهو.
”تنهنجي معنيٰ اها ٿي ته هتي USA ۾ هنن لاءِ انگلنڊ کان وڌيڪ مزو آهي جو نوڪري به مليو وڃين، پگھار به وڏو آهي (ڇو ته ECMGF امتحان پاس ڪرڻ سان هنن آمريڪا جو امتحان پاس ڪيو.) ان بعد State Faculty امتحان پاس ڪرڻ تي کين Emigrant ٿي رهڻ جو به موقعو مليو وڃي. وڌيڪ پڙهي وطن موٽڻ تي به فائدو اٿن جو ڪافي پئسو ڪمايو وٺن. ان ڪر ي هاڻ جيڪي اسان جا ڇوڪرا ٻاهر اچن ٿا تن مان گھڻا آمريڪا جو رخ رکن ٿا، انگلنڊ تمام گھٽ وڃن ٿا. هونءَ به اڄ ڪلهه انگلنڊ جو درجو تعليم ۽ پئسي جي لحاظ کان، ويندي Technology توڙي Qualification جي لحاظ کان هر صورت ۾ آمريڪا کان گھٽ آهي.
هاڻ پاڻ، سن ٻاهتر کان هتي آمريڪا ۾ ڪجھه سختيون عائد ڪيون ويون آهن. هتي جيڪي ڊاڪٽر آهن اهي ٽن ڀاڱن ۾ آهن. هڪ سياح Tourist ان ۾ جيڪي ڊاڪٽر اچن ٿا، انهن کي جيڪڏهن ڪا اسپتال قبول ۽ Sponsor ڪري ته پوءِ انهن کي Emigrant Visa ملي سگھي ٿي پر انهن لاءِ به ECMGF امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهي. ٻيو قسم انهن ڊاڪٽرن جو آهي جيڪي ڪراچيءَ مان سي ايم جي ايف جو امتحان ڏيو ٿا اچن. ( ۽ جن لاءِ هتي نوڪري اڳ واٽ مقرر ٿيو وڃي). انهن کي Exchange Visitor چئجي ٿو. سن 1972ع کان اڳ ايڪسچينج وزيٽر کي پنج سال آمريڪا ۾ گذارڻ بعد پاڻ مرادو شهريت ۽ اميگرنٽ ويزا ملي ويندي هئي پر هاڻي اميگرنٽ ويزا نٿا ڏين جيستائين هو پنج ڇهه سال هتي رهي پوءِ ٻه سال پنهنجي ملڪ موٽي وڃي ۽ پوءِ جي انهن ٻن سالن کانپوءِ هن واپس آمريڪا ۾ اچڻ جي سگھه ساري ته اميگرنٽ ويزا ملي ويندس. اسان جي ڇوڪرن لاءِ جيڪي پهرين پنج سال ڪم ڪري اميگرنٽ ويزا تي هتي آمريڪا جا ٿي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته پاڪستان ۾ وڃڻ اجايو آهي يا ڪهڙو مزو آهي انهن لاءِ ٿوري اها ڏکيائي آهي جو کين جلدي اميگرنٽ ويزا نٿي ملي، پر اسان لاءِ، يعني ملڪ ۽ قوم لاءِ اهو فائدو آهي ته هو گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال پنهنجي وطن اچن ٿا ۽ ٻاهران حاصل ڪيل لياقت ۽ قابليت مان پنهنجي ملڪ کي به فيضياب ڪن ٿا.
سوال: ٻاهر نوڪري ڪرڻ کي سٺي ڳالهه ٿا سمجھو يا نه..؟
ڊاڪٽر صالح: بلڪل نه. ٻاهر نوڪري ڪرڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. جيستائين ماڻهو جوان آهي تيستائين فقط ٻاهر وڃڻ جو شوق ٿئي ٿو. ان ڳالهه بابت غور ڪرڻو آهي ته اسان جي ملڪ جو Brain-Drain ڇو ٿو ٿئي.
يعني، قابل ماڻهو ولايت ڇو هليا وڃن ٿا. يا ولايت مان وڌيڪ تعليم ۽ ڏات حاصل ڪري موٽي پنهنجي ملڪ ڇو نٿا اچن؟ منهنجي خيال ۾ ته انهن کي اهڙي سٺي نوڪري اسان جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪن ۾ نٿي ملي. (جنهن لاءِ ڪجھه هنن کي پڻ پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ کپي ۽ گھٽ پگھار تي ترسڻ کپي) ۽ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ولائت کان جڏهن اسان جا ڊاڪٽر اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽن ٿا ته کين وڏن پگھارن واريون نوڪريون نٿيون ملن پر Professional-Work جا موقعا به نٿا ملن. جيئن مثال طور ڪو نيورو سرجري ڪري آيو آهي يا ڪارڊالاجي، نيفرولاجي وغيره ۾ مهارت ڪري واپس ٿو اچي (ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هر SUB-Speciality ۾ مهارت ڪئي وڃي ٿي) ته هن کي اهو ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي جنهن ۾ هو خاص علميت يا قابليت حاصل ڪري آيو آهي. پوءِ اهڙي صورت ۾ هن لاءِ Professional-Frustration ٿي ۽ اها نا اميدي ۽ بي چيني گھٽ پگھار Financial-Starvation کان وڌيڪ ڏکي ۽ عذاب واري آهي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو هو منجھيو پوي ۽ هن جي دل پنهنجي وطن ۾ نٿي لڳي. اها بدقسمتي نه فقط اسان جي ملڪ سان آهي پر اسان جهڙن ڪيترن ئي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن سان آهي. بلڪه ڪن يورپي ملڪن سان پڻ!
تصوير جو وري ٻيو رخ اهو آهي ته آمريڪا ۾ ڊاڪٽريءَ جو قدر آهي. ڊاڪٽر پئسا کوڙ ڪمائين ٿا، پر ڪجھه عرصي کانپوءِ هڪ اهڙي حد اچي ٿي جو هنن لاءِ ولائت ۾ رهڻ زهر ٿيو پوي. ڇو جو رڳو پئسو به ته زندگي ناهي. جيسين ڪو جوان آهي، ڇڙو آهي ته هن کي ڪو فڪر نه آهي. پر جيڪا پنهنجائي ، دلي خوشي ۽ هڪٻئي جو خيال ۽ لطيف جذبا آهن سي پنهنجي ديس کان سواءِ ٻاهر ڪٿي آهن؟ ولائت ۾، خاص ڪري ههڙن ملڪن ۾ جتي زندگي مشين جيئن آهي، هميشه لاءِ رهڻ، سائين ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٻه چار سال ڪمائڻ لاءِ ته صحيح آهي، جيسين اولاد ننڍو آهي. ٻار وڏا ٿيا خاص ڪري نياڻي ٻار ته پوءِ زندگي سورن ۾. ننڊ ۽ سڪون ٻئي چٽ. هر وقت اهو وهم اڏوهيءَ وانگر کائيندو رهي ٿو ته ڪهڙي سوسائٽي / ماحول اپنائجي. آمريڪا ۾ رهي اولاد، ڇوڪرو توڙي ڇوڪري واپس پنهنجي وطن جي ماڻهن سان Adjust نٿو ٿي سگھي ۽ ساڳي وقت نه آمريڪن يا يورپي ٿي سگھي ٿو، چاهي اسان جا ٻار کڻي ڪيتري به انگريزي سکن. هو ڀلي کڻي مغربي آداب ۽ نمونا سکن، ڊانسون ڪن ته به هتي جي ماڻهن جي برابري نٿا ڪري سگھن. يا ٻين لفظن ۾ ڪو به مشرقي (چاهي مسلمان هجي يا هندو، سک) برداشت ڪري نه سگھندو ته هتي جي رسم رواج ۽ سوسائٽي موجب سندس ڌيءَ جوان ٿيڻ تي ڌارئين ڇوڪر سان اڪيلي Dating (ميل ملاقات) ڪري ۽ مشرقي حياءَ و شرم جون حدون اورانگھي. ان ڳالهه جو هتي رهندڙ هر پاڪستانيءَ کي احساس آهي ۽ شايد ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هجي جو هتي رهڻ پسند ڪندو هجي. هر هڪ سمجھو ۽ سياڻو اهو ئي سوچي ٿو ته ولائت ۾ کڻي ڪيتريون به سهوليتون هجن ته به ست اٺ سال کن ڌڪا کائي سکي، ڪمائي، پنهنجي وطن ورڻ سڦل ڪم آهي. هتي ولائت ۾ جيڪي به ڊاڪٽر رهن ٿا تن مان ڪنهن کي به هتي جي ماحول، سوسائٽي يا ملڪ سان دلچسپي ناهي. هرڪو پنهنجي وطن کي ساري ٿو. ڪيترن پنهنجي وطن خاطر قرباني ڏني آهي ۽ منجھن ڪس کائڻ جو جذبو تمام گھڻو آهي ۽ هونءَ به ولايت ۾ هميشه لاءِ رهڻ ۾ نه اسان کي فائدو آهي ۽ نه هنن کي، سواءِ چند انهن جي جن هتي اچي شاديون ڪيون آهن ۽ هو ڏسن ٿا ته سندن آمريڪن يا يورپين زالون پاڪستان ۾ رهي اتي جي ماحول سان ٺهراءُ ڪري نه سگھنديون - اهي مجبور ٿي ڦاسي پيا آهن. باقي اهي ڊاڪٽر جن اڃا شادي نه ڪئي آهي يا پنهنجين پاڪستاني زالن سان آهن تن مان ڪنهن کي به هتي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو ارادو ناهي. اهو مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان. اهو ضرور آهي ته حالتن کان مجبور ٿي ڪجھه عرصي لاءِ هتي آمريڪا يا يورپ جي ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن پر هنن جي دل ته پنهنجي جھانگين ۽ سانگين کي ڏاڍو ساري ٿي.
سوال: ٻڌڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ايل ايم سي جي تعليم جو معيار ٻاهر گھٽ ليکيو وڃي ٿو - خاص ڪري انگلنڊ ۽ اسڪاٽلنڊ ۾. ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي..؟
ڊاڪٽر صالح: نه. مونکي اها خبر ناهي. ائين منهنجي خيال ۾ هرگز نه آهي. پاڻ LMC جا شاگرد (جن سان گھٽ ۾ گھٽ آئون ملندو اچان) انگلنڊ توڙي اسڪاٽلنڊ ۾ جن جن اسپتالن ۾ هو ڪم ڪن ٿا. (يا هتي آمريڪا ۾ ٻن ٽن اسپتالن ۾ جن ۾ هنن چند ڏينهن ۾ وڃي سگهيو آهيان) اتان ته اهو ئي معلوم ٿيو اٿم ته LMC جا ڊاڪٽر تمام محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. باقي هونءَ اسٽئنڊرڊ جي لحاظ کان ڊو، ايل ايم سي ۽ ٻيا سڀ ڪاليج هڪ جهڙا آهن.
هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته انگلنڊ ۾ اتي جا گورا اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سمجھن ٿا. پوءِ چاهي هندستاني ڊاڪٽر هجي يا سلوني، پاڪستاني هجي يا بنگلاديشي ۽ ساڳي وقت ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هر ماڻهوءَ ۾ ڪجهه تعليمي لاهيون چاڙهيون پڻ ٿين ٿيون، پر اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. جيسين ٻاهر اچي ڪم ڪرڻ جو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سڀ پاڪستاني محنت ڪن ٿا. هينئر به آمريڪا ۾ ٿامس جيفرسن اسپتال فلاڊيلفيا ۾ ڪراچي جو ڊاڪٽر بهاؤالدين شيخ مليو ۽ ٻه لاهور جا هئا ۽ هڪ ايل ايم سي جو نذير عادل ميمڻ، انهن ڇوڪرن سان نه فقط منهنجي گپ شپ ٿي پر مان سندن ڪم جون رپورٽون به ڏٺيون ۽ جيڪي ڪورس لکي ڏنا اٿن اهي پڙهيم ۽ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسپتال وارن کي به هنن لاءِ ڏاڍو سٺو خيال آهي ۽ ٻين هنڌن تي به ائين ڏٺو اٿم ته اسان جا پاڪستاني سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
سوال: تنهنجي معنيٰ اها ڳالهه غلط آهي. چڱو سائين ڀلا ان بابت توهان جي ڇا راءِ آهي ته اسان جي ملڪ کان جيڪي ڊاڪٽر انگلنڊ وڃن ٿا انهن کي سٺي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري نٿي ملي؟
ڊاڪٽر صالح : اها ڳالههRacial-Discrimination ۾ اچي ٿي. انگريزن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته ڪارن کي (جن ۾ اسين ننڍي کنڊ جا، جئميڪا ۽ ٻين آفريڪن ملڪن جا ڊاڪٽر پڻ اچي وڃن ٿا) سٺي جڳهه يا وڏي اسپتال ۾ نوڪريون نٿا ڏين. اهو اڳ ۾ به هوندو هو، پر اسان جي ڏينهن جو معيار مختلف هو. خاص ڪري ٻوليءَ جو. هاڻ هيئن ٿا ڪن جو نئين آيل ڊاڪٽر کي ٻه مهينا کن Pre Clinical Attachment ۾ ٿا رکن. اتي هن جي چڪاس ٿا ڪن ته هن کي انگريزي ڪيتري اچي ٿي ۽ تعليمي معيار ڪيترو اٿس. ان موجب هو کيس نوڪري ڏين ٿا. اسان جي زماني ۾ ائين نه هو، ۽ هينئر اها جيڪا ڳالهه آهي سا سڄي ننڍي کنڊ سان لاڳو آهي ۽ فقط اسان جي ڇوڪرن سان نه آهي. پاڻ اسان جا ڇوڪرا ٻين جي مقابلي ۾ سٺو نالو پيدا ڪن پيا.
سوال : هتي آمريڪا ۾ توهان جي ڪهڙن ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي آهي جي توهان جا ايل ايم سي ۾ شاگرد هئا.
ڊاڪٽر صالح: منهنجو اڃا هڪ ٻن شهرن ۾ وڃڻ مس ٿيو آهي جتي ڪجھه ڊاڪٽر مليا آهن. مثال طور ڊاڪٽر عسڪر قلباڻي ۽ سندس زال فهيمه صديقي. ڪيشو داس پاهوجا، بهاؤالدين شيخ ۽ سندس زال ياسمين خميساني، نسرين قاضي، اعجاز آرائين، پروين علوي، نسيم علوي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر صمد ۽ ڊاڪٽر بلال، ڊاڪٽر نذير عادل ميمڻ، عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي وغيره وغيره. سڀ خوش آهن. سڀ محنت سان پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سوال: ڄامشورو واري ڪاليج جا ڊاڪٽر ٻاهرن ملڪن ۾ تمام گھٽ نظر اچن ٿا. توهان جي نظرن ۾ ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ هوم سڪنيس؟ پاسپورٽ ۽ نوڪري ملڻ جي مشڪلات؟ يا ڪو ٻيو ...؟
ڊاڪٽر صالح: ائين نه آهي. ايل ايم سي جا تمام گھڻا ڊاڪٽر ولائت ۾ آهن. البت ائين ضرور آهي ته سنڌي تمام گھٽ آهن.
سوال: چيو وڃي ٿو ته اسان جهڙي غريب ملڪن لاءِ ايترا سارا ميڊيڪل ڪاليج حد کان وڌيڪ هٻڇ آهي اهو ئي خوف آهي ته اڳتي گھٽ بجيٽ ڪري ڪاليج صحيح طرح هلي نه سگھن ۽ غلط پلاننگ ڪري ڊاڪٽرن لاءِ هڪدم نوڪريون مهيا ٿي نه سگھن.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت بنا سوچ جي هڪدم ڪو جواب نٿو ڏئي سگھجي.
سوال: توهان پنهنجي پروفيشن مان خوش آهيو يا نه؟
ڊاڪٽر صالح: آئون بلڪل خوش آهيان. مون ڊاڪٽريءَ کي هڪ آرٽ ڪري ورتو آهي. هر هڪ جو زندگيءَ ڏي پنهنجو پنهنجو رخ، روش ۽ پهچ هوندي آهي. جيڪڏهن آئون ان کي آرٽ سمجھڻ ڇڏي ڏيان ته پوءِ مون لاءِ هي ڌنڌو ورچائڻو ٿي سگهي ٿو.
سوال : اڄ جي شاگرد ۽ توهان جي ڏينهن جي شاگرد (ميڊيڪل اسٽوڊنٽ) ۾ ڪو فرق...؟
ڊاڪٽر صالح: اڄ جو شاگرد وڌيڪ ذهين، هوشيار ۽ سمجھو آهي. اڄ ڪلهه جي شاگردن جي ذهني ارتقا اسان کان وڌيڪ آهي. هنن ۾ شوق همٿ ۽ جستجو وڌيڪ آهي:
سوال : پر چيو وڃي ٿو ته توهان جي ڏينهن ۾ شاگرد پنهنجي استاد جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا، پر اڄ ڪلهه شاگرد ۽ استاد جي وچ ۾ اهو ويڇو / رشتو نه رهيو آهي.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت آئون ڏاڍو Conservative آهيان. استاد پنهنجي لاءِ عزت پاڻ ٿو پئدا ڪري ۽ اڄ به ڪري سگھي ٿو ۽ ڪيترا عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. اهو برابر آهي ته اڳ ۾ شاگردن تي استادن جو ڊپ ويٺل هو. ڊپ ۽ عزت ۾ فرق آهي. ڊپ اڳ وڌيڪ هوندو هو ڇاڪاڻ ته هڪ ته اڳ ۾ جيڪي استاد هوندا هئا سي آدرشي ۽ اتم هوندا هئا. يعني سڀ خاصيتون جيڪي استاد ۾ چئجن سي هنن ۾ موجود هيون. تنهن ڪري عزت سان گڏ ڊپ به هوندو هو. استاد ۽ شاگرد جو ويڇو وڌيڪ هوندو هو. هاڻ ائين هرگز ناهي. “استاد_شاگرد” جو ويڇو تمام گھٽ ٿي ويو آهي. دوستاڻو ماحول وڌيڪ آهي، پر مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ڪو استاد آئيڊيل آهي ۽ سٺو هلي ٿو ته اڄ به شاگردن طرفان هن کي عزت ملي ٿي. جيڪڏهن ڪو استاد ٻاراڻي طبيعت جو آهي - بي پرواهه ۽ ڏنگو ٿي هلي ٿو ته پوءِ شاگردن طرفان عزت نه ملڻ ڪري فقط شاگردن تي ئي ڏوهه ٿاڦي ٿو. اهو ضرور آهي ته اڄ جو شاگرد اڳ وانگر نه هر استاد کان ڊڄي ٿو ۽ نه هن کي پنهنجو Ideal سمجھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو استاد چڱيڙو آهي، قرب سان هلي ٿو ته هو اڄ به پنهنجي لاءِ عزت پيدا ڪري سگھي ٿو. مون کي اهو پنهنجو تجربو آهي. منهنجو اهو پنهنجو رايو آهي. ٿي سگھي ٿو آئون ان ۾ غلط هجان.
سوال: توهان هڪ استاد ۽ وڏي جي حيثيت ۾ ڇا ٿا چاهيو ته اڄ جي شاگردن کي ڪيئن هلڻ کپي. خاص ڪري ميڊيڪل جي شاگرد کي سياست ۽ ٻين ڪمن ۾ بهرو وٺڻ کپي يا نه؟
ڊاڪٽر صالح: شاگرد لاءِ هر ڳالهه ۾ بهرو وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو هاڻ ڪو اهو زمانو ناهي جنهن ۾ شاگرد کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي رهڻ گھرجي، پر هنن کي گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۽ ڌنڌي سان هئڻ کپي، ٻيون ڳالهيون پوءِ آهن ڇو ته شاگردي وارو زمانو اهو ٿو ٿئي جنهن ۾ هو جيڪي به ڪجھه سکندو اهو کيس زندگيءَ ۾ ڪم ايندو. ايم بي بي ايس يا ڊاڪٽري ٻين ڊگرين کان مختلف آهي. شاگرد جيڪڏهن فقط ڊگري حاصل ڪئي پر هن ۾ اها اهليت ڪانهي ڪا جوسڀاڻي هو پرئڪٽس ڪري مقابلي ۾ اچي سگھي ته هو نه برابر آهي. ان ڪري ڊاڪٽري شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۾ رکي ۽ ڊاڪٽري کي آرٽ جيان سمجي، چڱي ريت محنت ڪري ۽ سکي. ان بعد هو باقي ٽائيم پنهنجو پاڻ کي زماني ۽ ماحول سان ضرور آشنا رکندو رهي جو ان کان سواءِ ته ڪم نه هلي سگھندو. ائين به ڪونه ٿو ٺهي ته ماڳهين ڪتابن جو ڪينئون ٿي ٽيبل اڳيان ويٺو هجي ۽ اها به خبر نه پوي ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري. ساڳي وقت هيڪاندو Active ٿي پاڻ کي سياست يا ٻي ڪنهن ڌارئين ڳالهه ۾ رڌل نه رکجي جيڪا هن جي ڌنڌي ۽ پڙهائيءَ ۾ رنڊڪ ثابت ٿئي.
سوال: هتي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪا نصيحت؟
ڊاڪٽر صالح: هنن کي کپي ته جيترو ٿي سگھي علم پرائين. پرئڪٽيڪل تجربو حاصل ڪن ۽ هر وقت اهو سوچين ته جيڪو علم هتي پرائين تنهن جو فائدو موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي به رسائين. هتي آمريڪا ۾ يا ڌارئين ملڪن ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي ڇو جو اهو وقت ايندو جڏهن هو ڪجهه عرصو وڌيڪ رهندا، اولاد وڏو ٿيندن، پوءِ جڏهن هنن جي هن ڌارئين ۽ پرائي ماحول سان سازگاري نه ٿيندي تڏهن هو هتي اوپرو محسوس ڪندا.
سوال: توهان جي شخصيت بابت ڪجھه ذاتي سوال، وندر جو وقت ڪيئن گذاريو ٿا؟
ڊاڪٽر صالح: سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهندو آهيان، ڪجھه لکندو به آهيان. ادب سان دل اٿم.
سوال: ادب ۾ ڇا پسند ڪريو ٿا؟
ڊاڪٽر صالح: افسانا نگاري.
سوال: توهان جا پسنديده سنڌي ليکڪ ڪهڙا آهن.
ڊاڪٽر صالح: امر جليل، طارق اشرف، سراج، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي، آغا سليم، جمال ابڙو، نسيم کرل، نجم عباسي، ثميره زرين، سحر امداد ۽ تاج بلوچ.
هتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه عجب جوڳي هجي ته ڊاڪٽر صالح صاحب مصروف هوندي به لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهي ٿو. سندن ڪيترائي ليک فرضي نالن سان سهڻي، سوجھرو، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۾ وقت به وقت ڇپبا رهيا آهن. ۽ بقول ڊاڪٽر صاحب:
“..... اسان جو واسطو ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان روزانو پوي ٿو. ڪيتريون ئي سچيون ڳالهيون افسانن جي روپ ۾ مون لکيون آهن جيڪي ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿي سگھن ٿيون ۽ منهنجي خيال ۾ ته اسان جا ڊاڪٽر جي چاهين ته هنن کي ڪهاڻيون لکڻ لاءِ ڪيترو ئي مواد روزانو ملي سگھي ٿو. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن جن مان ٻين کي سبق پڻ ملي ٿو. ساڳي وقت انهن ڳالهين کي فوڪس ۾ رکي سماج جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪري سگھجي ٿو. مثال طور: ويجھڙائيءَ ۾ هڪ رسالي ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو هڪ افسانو ڇپيو آهي. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي هڪ حقيقت لکي آهي. بلڪل ٺوس حقيقت. ان مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ بدران حل ڪرڻ گھرجي، جو مغربي سوسائٽي وانگر اسان وٽ به اهو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. ليکڪ ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه کي افساني جي شڪل ڏني آهي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري عشق ۾ آهن. ڇوڪرو هن کي برغلائي ٿو پر ڇوڪري هن جي ڳالهه نٿي مڃي. ڇوڪري سٺي خاندان جي آهي پر منجهيل آهي. هوءَ چوي ٿي ته ائين ڪيئن ٿيندو. اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ ته ٺيڪ آهي پر هوءَ شادي کان اڳ سيڪس لاءِ ڪا رغبت نٿي ڏيکاري پر هو ڌتاريندو رهيس ٿو ته ڪا پرواهه نه ڪر. شادي ته هونءَ به ڪنداسين. ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بهرحال ڇوڪرو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي، پر جيئن ته ڇوڪريءَ کي ان ڳالهه جي دل ۾ Negative Attitude آهي سو مجبور ٿي فقط اهو سوچي ٿي ته انڪار ڪيئن ڪريان؟ ڇوڪري جي چوڻ تي هن جي ڳالهه ته مڃي ٿي پر هوءَ خود لطف نٿي وٺي ۽ نه ان بابت ڄاڻ اٿس. ڪجھه ڏينهن بعد ڇوڪرو هن معصوم ڇوڪريءَ کي ڇڏي وري ٻيءَ جي پٺيان وڃي ٿو لڳي. اها ٻي ڇوڪري ان ڳالهه جي تجربيڪار آهي ۽ هن جوان کي سڀ نشا ٿي وٺرائي. پڇاڙيءَ ۾ ڇوڪرو ان سان شادي ڪري ٿو. نتيجي طور هوءَ پهرين ڇوڪري جيڪا بيحد شريف آهي ان پنهنجي عصمت به وڃائي، سماج جي نظرن ۾ به ڏٺي ٿي ۽ ويتر پيٽ سان ٿي ٿي پوي ....
ان ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته اڄ ڪلهه جي نوجوان تي جنسيات جي ايتري Attraction آهي جو هو غلط فيصلا ڪري ويهن ٿا ۽ هڪ سٺي ۽ خراب ڇوڪريءَ ۾ فرق نٿا ڪريو سگھن. بهرحال اڄڪلهه جي سماج جي اها هڪ تلخ حقيقت آهي جا ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پيش ڪئي آهي. جتوڻيڪ هن ڪجھه اهڙا اگھاڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا آهن جن جي پڙهڻ سان ماڻهو Un-Comfortable محسوس ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت اسان جي سنڌي پڙهندڙ جي گھڻائي ايتري Mature-Minded ناهي ۽ نه ماحول اهڙو آهي جو اهڙين ڳالهين کي آساني سان هضم ڪري سگھجي، پر جيستائين حقيقت جو سوال آهي ته اها پنهنجي جڳهه تي آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ ٻين ڪيترن ڊاڪٽرن روز مرهه جي زندگي ۾ ٻڌايل يا پيش آيل واقعا بيان ڪيا آهن، پر هڪ ڳالهه جا ڊاڪٽر کي خيال ۾ رکڻ کپي ته هو ان ڪهاڻيءَ کي اهڙي نموني سان ڦيرائي لکي جو ڪهاڻي جي سچن ڪردارن کي ان بابت شڪ به نه پوي ته اها ڪهاڻي هنن بابت آهي. ڇو ته لکڻ واري جو مقصد مسئلي بابت پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻو آهي ۽ نه ڪردارن کي عيان ڪرڻ.”
سوال: سنڌيءَ کان علاوه ڪنهن ٻي زبان جي ادب سان دلچسپي؟
ڊاڪٽر صالح: ڪنهن حد تائين انگريزي ادب سان دلچسپي آهي ۽ ان جو آدرشي اديب سموسٽ ماهم اٿم. توهان کي خبر آهي ته سمرسٽ ماهم اديب ڪيئن ٿيو؟ سمرسٽ ماهم لنڊن جي سينٽ ٿامس اسپتال ۾ ڊاڪٽري پڙهندو هو، هن کي آخري سال ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي ويو. هن کي شاديءَ جي آڇ ڪيائين. ڇوڪريءَ گھمڻ ڦرڻ جو خيال ڏيکاريو. سمرسٽ ماهم مائيءَ کي چيو ته تون ڪجھه ترس ته آئون پئسو ڏوڪڙ ڪمائي وٺان ته پوءِ اها وڏي ڳالهه ناهي.
ان بعد هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پهريون ڪتاب ليزا آف لئمبت Lisa of Lambeth لکيو، جنهن ۾ هن ڊاڪٽري شاگرد جي حيثيت ۾ ليزا نالي ڇوڪريءَ جي آکاڻي لکي. هن لئمبيٿ علائقي ۾ Domicilary – Midwifery جي سلسلي ۾ ليزا ڇوڪريءَ جو ويم ڪيو هو، جنهن ۾ هوءَ مري ويئي. هن سڄي اها ڳالهه ٻار ڪيرائڻ جي لکي ته هن کي ٻار ڪيئن ٿيو. پاڻ ڪير هئي. ڪيئن هن عشق ڪيو ۽ دوکو کاڌو، وغيره. ان زماني جي ادبي نقادن ۽ پبلشر ان ڪتاب کي پسند ڪيو ۽ ڇپيو ويو. سمرسٽ کي چڱا ڏوڪڙ مليا پر بدقسمتي سان جڏهن هو پنهنجي گرل فرينڊ وٽ پهتو ته خبر پيس ته هن ڪنهن ٻي سان شادي ڪري ڇڏي. ان ڳالهه سندس دل تي گھرو اثر ڪيو. تنهن کانپوءِ توهان ڏسندائو ته سمرسٽ جي لکڻي تمام طنزيه آهي ۽ عورت جي ڏاڍو خلاف آهي. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ان جي جھلڪ ايندي. هي ئي عظيم طنزيه اديب آهي جنهن هي Unfortunate لفظ عورت لاءِ چيا آهن:
“She is an animal who menstruates once a month, prachurates once a year and have sex whenever she wants”
(عورت اهو جانور آهي جنهن کي هر مهيني حيض اچي ٿو، هر سال ڦَرُ ڏئي ٿي ۽ جڏهن دل چاهيس ٿي همبستري ڪري ٿي.)
سمرسٽ ماهم کانسواءِ ٿامس هارڊي، ٽي ايچ لارينس پڻ منهنجا پسنديده اديب آهن.
سوال: هونءَ اها عجيب ڳالهه آهي ته توهان ڊاڪٽر ٿي ڪري ادب سان ايڏو شوق رکو ٿا ۽ مطالعي کان علاوه لکڻ لاءِ به وقت ڪڍو ٿا.
ڊاڪٽر صالح: سنڌيءَ ۾ ته گھڻا ڊاڪٽر اديب آهن جيڪي لکي رهيا آهن ۽ ڪيترا اهڙا پڻ آهن جن ۾ ڏات، ڏانءُ ۽ ادبي لياقتون آهن پر هو انهن کي ڪتب نٿا آڻين. مشغول نه هجڻ جي باوجود پاڻ کي مشغول تصور ڪن ٿا. ٿورو يا گھڻو مشغول ته هر انسان آهي پر ان هوندي به شوق ۽ وندر لاءِ هرڪو وقت ڪڍي سگھي ٿو. پوءِ ڪو لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت نٿو ڪڍي ته ٻي ڪنهن ڳالهه لاءِ ته ضرور ڪڍندو هوندو.
سوال : ٿرپارڪر ضلعو خوش نصيب آهي جنهن سان توهان تعلق رکو ٿا، پر مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ۾ دادو ۽ ٺٽي بعد اهو ضلعو بدنصيب آهي جنهن کي طبي سهوليتون نه برابر آهن ۽ اتي تمام گھٽ ڊاڪٽر آهن.
ڊاڪٽر صالح: ڊاڪٽر به چڱا آهن پر ٿرپارڪر سان سڀ کان وڏي بدقسمتي ٽرانسپورٽ آهي. ان ڪري هي ضلعو ٻاهر نڪري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيو پئي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت طبي سهولتون به رستن نه هجڻ (يا ڏکين هجڻ) ڪري گھٽ مهيا آهن.
سوال: هتي آمريڪا ۾ توهان کي کائڻ پيئڻ جي ڪهڙي شيءِ وڌيڪ پسند آهي ؟
ڊاڪٽر صالح: ان طرف ڪو خاص لاڙو ناهي. رکو سُکو جيڪي مليو صحيح آهي. وڏن طعامن ۽ سڻڀن کاڌن کان اوٻاريل ۽ سادا وڌيڪ پسند اٿم جي جلد هضم آهن. ٻين لفظن ۾ جنهن کي سنڌيءَ ۾ چَٽو چئجي تنهن سان شوق نه اٿم. ها البت کاڌي کان وڌيڪ کاڌي جو ماحول مون کي وڻندو آهي. يعني سٺي جڳهه هجي. سٺو ۽ وڻندڙ ماحول هجي جتي سڪون سان ويهي سگھجي پوءِ کائڻ ۾ کڻي ڇا به هجي.
سوال: ڇا توهان کي اهو احساس آهي ته توهان جي لکڻين جي ضرورت آهي. يعني ڪي ليکڪ ڪڏهن اهو سوچيندا آهن ته هو نور نچوئي، وقت وڃائي لکي ته رهيا آهن پر خبر ناهي ماڻهو پڙهن به ٿا يا نه.
ڊاڪٽر صالح: منهنجو لکڻ يا نه لکڻ، ماڻهن کي پسند آهي يا نه ... اهو چوڻ ڏکيو آهي پر خطن مان اندازو لڳايو اٿم ته ان موضوع (بيماريون ۽ ان جا حل) تي لکڻ جي تمام گھڻِي ضرورت آهي. پوءِ اهو چاهي آئون لکان يا ڪو ٻيو لکي ۽ جيتوڻيڪ ان قسم جا جواب ڪو بيماري يا مسئلي جو مڪمل حل نٿا ٿي سگھن (جو ڪن ڪن بيمارين لاءِ روبرو چڪاس ۽ تفصيل معلوم ڪرڻ ضروري آهي) پر ان هوندي به گھٽ ۾ گھٽ پڙهندڙن کي ڪجهه نه ڪجھه آٿت ۽ ڄاڻ حاصل ٿي سگھي ٿي. خاص ڪري جنسيات جي معاملي ۾ اسان جو نوجوان سخت منجھيل آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن سلجھيل ادب ۽ معلومات جي ڄاڻ ضروري آهي ۽ اهو عنوان اخبار جي ڪالم کان وڌيڪ آهي جنهن لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر کي گھرجي ته ان بابت لکي. هر زبان ۾ ان قسم جا معلوماتي ڪتاب ملندا پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب ناهي جنهن مان جنسياتي معلومات اسان جو نوجوان حاصل ڪري سگھي. جيڪي ڪجهه آهن سي به پراڻن هندي ۽ اڙدو ڪتابن جا ترجما آهن جن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط ۽ Out-Dated آهن.
سوال: يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ جنسي بيماريون Veneral Diseases گھڻيون آهن يا نفسياتي؟
ڊاڪٽر صالح: اسان وٽ نفسياتي بيمار گھڻا آهن. ڪنهن نوجوان کي گھڻا احتلام ايندا (ڇاڪاڻ ته اها عمر ئي اهڙي آهي) ته هو گھٻرائجي ويندو ته ڪٿي جريان ته نه ٿي پيو آهي. ويتر اخباري اشتهارن ۾ ابتيون سبتيون ڳالهيون پڙهي وڌيڪ نفسياتي بيمار ٿي پوندو ۽ فڪر ۾ ڳرندو رهندو. اهڙي طرح ٻيا مردن ۽ عورتن جا انيڪ نفسياتي مسئلا پيدا ٿي پيا آهن جي فقط جنسيات جي معلومات کان اڻ واقف ۽ اڻڄاڻ هجڻ جي پيداوار آهن.
سوال: چين ۽ ڪوريا ۾ طب Homeopathy تي زور آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڦڪيون، ستيون،جڙيون ٻوٽيون، خاڪا، معجونون ۽ نسخا خمير اسان جا حڪيم استعمال ڪندا اچن جن کي جيڪر همٿائڻ کپي. توهان جو طب بابت ڇا خيال آهي. هڪ ايلوپٿي سانئس جي ڄاڻوءَ جي حيثِيت ۾..؟
ڊاڪٽر صالح: اسان جي ايلوپٿي ۾ گھڻي ڀاڱي جيڪي دوائون آهن سي به جڙي ٻوٽين مان تت ۽ ست ڪڍي ٺاهيون ويون آهن پر سائنسي علم هيٺ انهن جو تت، ست، ٽنڪچر يا Synthetic فائدي موجب ٺاهيون وڃن ٿيون. ان جي ڪميائي خاصيتن Chemistry جي خبر آهي. ان جي چڱن اثرن جي خبر آهي. خراب اثرن جي خبر آهي ۽ هر هڪ سسٽم تي ان دوا جو ڪهڙو اثر آهي يعني دل تي ڪهڙو اثر آهي، جگر تي ڪهڙو اثر آهي، پيٽ تي ڪهڙو اثر آهي، وغيره. دوا جي جسم ۾ وڃي ٿي ته ان ۾ ڪهڙيون ڪيميائي تبديليون اچن ٿيون. پوءِ ڪٿان خارج ٿئي ٿي ۽ باقي بچت ڇا ٿي ٿئي. مطلب ته هر ڪا دوا جيڪا اسان ايلوپٿي ۾ استعمال ڪيون ٿا ان جي فائدي ۽ نقصانن جي چڱي ريت ڄاڻ اٿئون پوءِ جي نقصان گھڻا آهن ته ان مريض کي نه ڏئي سگھنداسين. اسان جون يوناني دوائون تمام گھڻيون آهن جن ۾ تمام گھڻيون خاصيتون آهن پر ان بابت سائنسي ڄاڻ ۽ معلومات ناهي. مثال طور ڪنهن يوناني دوا بخار يا مٿي جي سور کي فائدو رسايو. ڇو فائدو ٿيو يا ڪيئن ٿيو؟ اها ڄاڻ نه آهي. يوناني دوا موجب فلاڻي مرض لاءِ فلاڻي دوا آهي ۽ منجهس هي خاصيتون آهن پر ڪهڙي سبب ڪري اهي دوائون اثر ڪن ٿيون ڪيترو خارج ٿين ٿيون وغيره، اها ڄاڻ نه آهي. سواءِ ان جي ته الف چيو “ب” کي ته فلاڻي شيءِ آهي. “ب” استعمال ڪئي ته فائدو ٿي ويو. اها ڳالهه اتي ئي رهجي وئي. “الف” سمجھائي نه سگهيو ۽ نه وري “ب” ته ان دوا هن تي فائدو ڇو ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ڪري اها معلومات محدود رهجي وئي آهي. سائنسي دنيا ۾ ماڻهو ان کي مروج ڪري نٿو سگھي جيسين ان جي فائدن ۽ نقصانن، اثرن جي چڱي طرح خبر نه هجي. اسان وٽ طب ۾ هڪ ٻه ادارا، همدرد دوا خاني جهڙا ڪم ڪري رهيا آهن پر اهي به گھڻي ڀاڱي ڪمرشل نموني جا آهن.
سوال: اڄ ڪلهه هتي آمريڪا ۾ هتي جو بهترين Best-Seller ڪتاب ۽ فلم Exorcist (جن ڪڍندڙ) هلڻ بعد مغربي ماڻهن کي جن، ڀوت ۽ روحن ۾ ٿورو گھڻو يقين ويهي ويو آهي، ان بابت هتي جي هڪ ٻن ڊاڪٽرن سان بحث ٿيو ته هو ٻڌائڻ لڳا ته اها فلم هڪ سچي ڪهاڻيءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڇوڪريءَ جون اهڙي نموني سان دانهون ڪرڻ ۽ هٿ پير سُڄڻ، جن پوڻ جون نشانيون آهن. اها فلم ڏسڻ بعد اهو چوڻ ضروري آهي ته تندرستيءَ لاءِ رڳو دوا فائدو نٿي رسائي. دوا سان گڏ علم (دعا) جي به ضرورت آهي. توهان به اها فلم ڏٺي آهي توهان جو ان بابت ڇا خيال آهي..؟
ڊاڪٽر صالح: آئون نٿو سمجھان ته ضروري آهي ته اهڙيون نشانيون ڪنهن ۾ هجن ته ان کي جن چئجي يا خراب روح جو پاڇو سڏجي. ڇو ته هسٽريڪل ڪيس ٿي سگھن ٿا. Psychiatric Disorders به ٿي سگھن ٿا ۽ جيسين اهي ڳالهيون ثابت نٿيون ٿين تيسين هر ڳالهه کي جن چوڻ ته مشڪل آهي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، نفسياتي وغيره جن جي خبر نٿي پوي پوءِ ان کي جن سان منسوب ڪيو ٿو وڃي، پر هڪڙي ڳالهه آهي ته انهن ٽوڻن ڦيڻن ۽ علم ۾ فائدو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته گھڻي ڀاڱي اهي بيماريون جيڪي آهن سي هسٽريڪل آهن يا Psycho Neurotic Disorders آهن. جن ۾ ڪجھه به نه ڪرڻ تي به فائدو ٿيو وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه مان، چاهي دوا يا علم جي Reaction کان ٿئي، چاهي ڪنهن ٻئي Factor مان فائدو ٿئي پوءِ پڇاڙيءَ ۾ جيڪا جهاڙ لڳي ته چوندا ته اها جھاڙ سٺي. اهو ڀوپو سٺو.
ساڳي طرح نانگ جو چڪ آهي. جھاڙ وجھايون ٿا، ڪيترن ۾ فائدو ٿئي ٿو ڪيترن ۾ نٿو ٿئي. ڪيترا نانگ آهن جي زهريلا آهن ۽ ڪيترا نه آهن. زهريلي نانگ جي چڪ جو فائدو ان قسم جي جهاڙ ڦوڪ مان نٿو ٿئي، پوءِ چوندا جھاڙ صحيح نه لڳي ۽ ٻئي قسم جي نانگ جي چڪ ۾ فائدو ٿيندو ته چوندا ته فلاڻي جھاڙ ڦوڪ ۽ جادوءَ مان فائدو رسيو.
ساڳي طرح ڪتي جو چڪ آهي. اسان جي ڳوٺن ۾ چوندا آهن ته فلاڻي ڀوپي وٽ وٺي وڃوس. فلاڻي تڙ تي وهنجاريوس. پوءِ اها خبر نٿي پوين ته Rabid ڪتو هوندو ته ان جي چڪ جو فائدو ڪونه ٿيندو. ٻي صورت ۾ فائدو ٿي ويندو. سو انهن ڳالهين: جھاڙ ڦوڪ، تڙ جي ڪا وقعت ناهي پر ڇاڪاڻ ته اهي بيمارين جا نمونا اهڙا آهن جو پاڻهي فائدو ٿيو وڃي - پوءِ چاهي ڪنهن ڦڻي لکي ڏني، چاهي ڪنهن پٽي پڙهائي. چاهي تعويذ ڏنو يا ڦيڻو ڦوڪيو. چاهي دم ڪيو يا بم ڪيو.
سوال: منهنجومطلب اهو آهي ته بيماري ٿئي ته قدرت کان دعا گھرڻ به ضروري آهي، ڇو ته ڦڪيون به تڏهن ٿيون فرق ڪن جڏهن انهن کي امر (حڪم) ٿئي ٿو. باقي اهي ڦيڻا، ٽوڻا، ڌاڳا ۽ قبرن تي پڙ چاڙهڻ واقعي اجائي ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر صالح: ها اها ڳالهه ته آهي. صحيح علم ۾ وڏي طاقت آهي سڀ ڪجھه پروردگار جي هٿ ۾ آهي. منهنجو ته قدرت ۾ وڏو اعتقاد آهي. سڀ ڪجھه الله جي طرفان ٿئي ٿو. هو ئي شافي آهي، هو ئي ڪافي آهي. توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترا ڊاڪٽر هوندا ساڳي دوا ڏيندا. هڪ جي دوا ۾ شفا ٿيندي ٻئي جي ۾ نه.
سوال : ڀلا دوا سان گڏ مريض جي دلجوئي ڪرڻ به ضروري آهي يا وقت جو زيان...؟
ڊاڪٽر صالح: هاڻ اهو زمانو اچي رهيو آهي جنهن ۾ سائنسي طرح ثابت ٿي رهيو آهي ته جيڪي Symptoms ٿين ٿا سي سڀ بيماري جا نه آهن.
Most of the symptoms of the disease are not due to pathological-process in the body but the symptoms are due to the reactions of the disease on the person. It is the person who reacts to them.
مثال طور ٽي بي آهي. ڪنهن امير کي ٿوري کنگهه ٿي ته هو ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر دوا ڏنس ٺيڪ ٿي ويو. هن کان پڇبو ته ڇا ٿيو هئي؟ وراڻيندو ڪجھه نه، معمولي کنگھه هئي. اهو هن جو رد عمل Reaction آهي، پر جي ڪڏهن ڪو غريب هوندو، ڇهه مهينا پيو ڦرندو پر ڊاڪٽر وٽ نه ويندو، چوندو متان ڊاڪٽر چوي ٽي بي آهي. پوءِ ڇا ٿيندو، بک نه لڳندس. ننڊ ڦٽِي پوندس. کاڌو حرام ٿي ويندس. پيو سوچيندو ته متان ٽي بي ٿي پويم. پوءِ ٻارن جو ڇا ٿيندو. مزوري يا نوڪريءِ جو ڇا ٿيندو. جنهن وقت هو ڇهن اٺن مهينن بعد ڊاڪٽر وٽ ويندو ته هو اها شڪايت ئي نه ڪندو ته اصل بيماري ڇا آهي پر چوندو سائين سڄي بدن ۾ سور آهي، بک ڪانه ٿي لڳي. سائين پيٽ ۾ بار ٿو ٿئي. ٽنگ ۾ سور ٿو ٿئي. رات جو پگھر ٿو اچي. هاڻي اهي نشانيون Symptoms رڳو بيماريءَ جون نه آهن، پر اِهو اهو فڪر آهي جيڪو بيماريءَ سان ڳنڍيل آهي ۽ هاڻ توهان جي هن کي ٻڌايو ته توکي ٽي بي آهي ته هن جو اڌ ساهه ته نڪري ويندو. ٽي بي بيماريءَ جو واسطو ته رهي ٿو کنگهه سان. هاڻ هيڏا سارا ٻيا جي Symptoms آهن، جيڪي مريض اچي ڊاڪٽر کي ٻڌايا سي بيماري ڪري نه آهن، پر بيمار جا بيماري ڏي رد عمل جا آهن. هاڻ ان لاءِ ضروري آهي ته ڊاڪٽر مريض سان چڱيءَ طرح ويهي ڳالهائي ۽ هن جي نفسيات جي خبر لهي تڏهن ئي هن جي چڱي طرح دوا درمل ڪري سگھندو ۽ معلوم ڪري سگھندو ته هن جي بيماري جا ڪيترا Emotional سبب آهن ۽ باقي ڪيترو ڪڻو آهي جيڪو هن جي صحيح بيماريءَ جو آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته بيماري کان اڳ مريض کي صحيح ڪجي، ڇو ته مريض هڪ پيچيده ۽ منجھيل مشينري آهي. بيماري ته فقط ان جو هڪ پروز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجھه پراڻا حڪيم ڊاڪٽر کان مشهور آهن جو هو چڱي ريت ويهي مريض جي ڳالهه ٻڌن ٿا. هن جي دل وٺن ٿا. دوا کان وڌيڪ دلجوئي ۽ همٿ افزائي ڪن ٿا ۽ هن جون نفسياتي ۽ جذباتي پريشانيون دور ڪن ٿا. فقط مريض کي دوا ڏئي ڊوڙائي ڪڍڻ سان هن جو مسئلو حل نٿو ٿئي.
سوال: توهان جي زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جنهن توهان جي زندگي کي ڪو موڙ ڏنو هجي يا توهان لاءِ ناقابل فراموش هجي.
ڊاڪٽر صاحب: ها، هن وقت اهڙو واقعو ياد اٿم، جنهن جو سڄي زندگي سان ڪافي تعلق آهي. بلڪه اڄ جي نوجوان شاگردن لاءِ پڻ Guide Line ثابت ٿي سگھي ٿو.
آئون ننڍو هوس، بيحد غريب مائٽن جو ٻار. اسڪولي تعليم ختم ڪري ڪاليج ۾ گھڙي رهيو هوس. انهن ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان ڇوڪرن جو انجنيري ڏي لاڙو نه هو ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ پنجاهه رپيا ماهوار اسڪالر به آڇي وئي هئي بشرطيڪه هو اڳتي هلي انجنيري کڻي. منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ لاءِ هو، پر ٻي طرف مائٽن جي غربت ۽ مجبوريون پئسي جي تنگي ڪري اهڙيون هيون جو دل ٻڏي تري رهي هئي ته ڇا ڪجي. انجنيري کڻڻ ڪري اسڪالر به ملي رهي هئي. تعليم ختم مهل ڪلاس ون نوڪري به پڪي هئي پر ٻي طرف منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ ڏي هو. مون کي منجھيل ڏسي منهنجي بزرگ استاد حافظ محمد صادق ڪلاس ۾ گھرائي مون کي چيو:
“پٽ هي هڪ ڪمرو آهي. مون کي ٻڌاءِ هن ۾ ڪيترا ماڻهو ماپي سگھندا..؟ ڏهه، ويهه، پنجاهه، اڃا به جي هڪ ٻي سان لڳي بيهن ته سئو سوا، هل سائين ٻه سئو کن..؟”
“ها سائين ٻه سئو کن لڳي بيهي سگھندا.” مون وراڻيون مانس. “سمجھه کڻي ٻه سئو، ان کان وڌيڪ هڪ به ماڻهو بيهي نٿو سگھي. پر ٿورو سوچ ته اهي ماڻهو ته رڳو هيٺ پٽ تي بيٺا آهن. مٿي ڇت تائين باقي اڌ ڪمرو ته خالي پيو آهي. جي ڪڏهن ڪو چاهي ته اتي به بيهي سگھي ٿو. سو ياد رک ته There is always a place on the top ماڻهوءَ کي مٿي اچڻ لاءِ هر وقت جاءِ خالي ملي ٿي. سو جيڪڏهن توکي ڊاڪٽري پڙهڻ جو شوق آهي ته لڳاتار محنت ۽ شوق سان هر مشڪل جو مقابلو ڪري پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري سگھين ٿو، چاهي مائٽ غريب آهن، پئسو ناهي، چاهي اڳهين ڊاڪٽر گھڻا آهن وڏي نوڪريءَ جو آسرو نه هجي ته به محنت سان جيڪر سٺو نمبر کڻي ويندين ته پاڻهي سڏي وڏي نوڪري ڏيندءِ. بس هر حال ۾ ڏکيو سکيو وقت ڪاٽي، محنت سان ناتو ڳنڍي تون پنهنجو مٿانهون ماڳ ماڻي سگھين ٿو.”
“ ان بعد آئون پڪي عزم سان ڊاڪٽريءَ ڏي مائل ٿي ويس”. ڊاڪٽر صاحب ڳالهه ختم ڪئي.
ڳالهيون ته اڃا به ڪيتريون ئي ٿي سگھن ٿيون پر اسان ٻنهي کي پنهنجي ڌنڌي جي به ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي ڪانفرنس / سيمينار اٽينڊ ڪرڻو هو مون کي جهاز جي مشينري پرزن کي آئنده جي ڊگهي سفر لاءِ تيل مک ۽ چڪاس ڪرڻي هئي. سو ڊاڪٽر جا ٿورا مڃي سندس شيرٽن_ ان مان ٻاهر نڪتس. ٽئڪسيءَ لاءِ رستو ڪراس ڪيم. سامهون ئي هتي جي هاپڪن اسپتال ۽ ڪاليج هو جنهن مان سوين شاگرد چانهه پي رسيس يا لنچ لاءِ ٻاهر نڪري رهيا هئا. ايترا شاگرد ڏسي دل ۾ سوچيم ته سڀاڻي گرئجيوئيٽ ٿيڻ بعد آيا انهن سڀني کي سٺي نوڪري ملي سگھندي يا نه..؟ انهي گھڙيءَ ڊاڪٽر صالح واري ٻڌايل ڳالهه ياد اچي وئي ته هر انسان جيڪي محنت ڪري رهيا آهن سي هر دور ۾ سٺي نمبر سان امتحان پاس ڪري ضرور اعليٰ مقام ماڻي سگھندا ڇو ته ديئر از آل ويز اي پليس آن دي ٽاپ
There is always a place on the top