مهاڳ
الطاف شيخ پنهنجي برادريءَ جي بزرگن جي بهترين روايتن جو هڪ حسين امتزاج آهي. هو عالم، اديب، سير و سفر ڪندڙ سياح، سهڻو خواب گر ۽ سٺو خواب ساز به آهي. شيخ سعدي سڄي حياتي هلندو رهيو ۽ شيخ چلي سڄي عمر خوابن ۾ بسر ڪئي، پر الطاف شيخ ساگر ساگر، ساحل ساحل، نگر نگر ۽ بندر بندر گھمندو به رهي ٿو ته گھمندي گھمندي خواب به ڏسي ٿو. اهي خواب جهڙا سفر ۽ سفر جهڙا خواب بارياب ٿيندو ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ لڳي ٿي. قوم داد مٿان داد ڏيڻ لڳي ٿي. حڪومت انعام ۽ اڪرام ڏئي ٿي. اديب اعزاز ڏين ٿا ۽ انجمنون شامون ملهائڻ ۾ مصروف ٿيو وڃن. الطاف شيخ اسان کي خواب به ته اهڙائي ڏيکاري ٿو. حسين دنيائن جا خواب، انڊلٺ جي ست رنگي سر زمينن جا خواب، حسين گلن ۽ معطر فضائن سان واسيل اجنبي ملڪن جا احوال! ڪوهه قاف جي پرين جي پيار جا خواب، سائنسي ديون، جنن ۽ راڪاسن جي عقل کي اچرج ۾ وجھندڙ ڪارنامن جا خواب! ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جا خواب. انسانيت جي اوج جا خواب، محبت ۽ مروت جا خواب، ظلم و ستم کان نجات ۽ استحصال کان آزاديءَ جا خواب، خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب، اقتصادي ترقيءَ جا خواب، بهتر دور ۽ روشن مستقبل جا خواب ۽ هي خواب شيخ چليءَ جا خواب نه آهن، جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان چڪنا چور ٿيو وڃن! هي خواب حقيقي دنيا جا خواب آهن. انهن خوابن جو تعبير پڻ سڌو ۽ سيبتو آهي. هي اهي عملي خواب آهن جن کي اَوس حقيقت جو لباس پائي پيش ٿيڻو آهي. پوءِ اهو اڄ ٿئي يا سڀاڻي. ان جو دارومدار اسان جي همتن، حوصلن ۽ عملي جدوجهد تي آهي.
سفر، ظفر جو وسيلو آهي ۽ سفر ئي عملي اڀياس ڪرڻ جو واحد ذريعو. کوهه جي ڏيڏر کي ڪهڙي خبر ته دنيا ۾ ڪهڙو انقلاب اچي رهيو آهي. بند ڪمري ۾ سڄو سال پڙهڻ کان هڪ ڏينهن کلي فضا ۾ گھارڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته مطالعي ۾ مشاهدي سان وڌيڪ گھرائي اچي ٿي. سفر شرط آهي. مسافر نواز هر جاءِ تي موجود ملندا، پر شرط اهو آهي ته ڏسڻ واري اک ۽ محسوس ڪرڻ واري دل به پاڻ سان گڏ هجي. نه ته عيسيٰ جو گڏهه مڪي مان موٽي تڏهن به ساڳيو گڏهه!
اڄ ڪلهه سفر ڪرڻ به ايترو سولو ٿي پيو آهي، جيڪو ٿو گھر کان رُسي اهو بريف ڪيس کڻيو وڃيو ولايت ۾ رَسي ۽ واپسي ۾ ٽيپ، ٽي وي ۽ ڊيسڪ ٽاپ کانسواءِ هڪ عدد سفرنامو به پاڻ سان کڻيو اچي. (ڪسٽم فري). هڪڙا سفرناما اهي دانشور لکندا آهن جيڪي ڪنهن سيمينار، ڪانفرنس يا ورڪ شاپ ۾ سرڪاري خرچ تي سفر ڪري ايندا آهن ۽ پوءِ ان ملڪ جي خوبصورتي، صفائي، حسب انتظام ۽ تيز رفتار ترقيءَ جو رڪارڊ وڄائيندا آهن. پر اهو ٻڌائڻ ضروري ڪونه سمجھندا آهن ته ايترو سڀ ڪجھه ڇو ٿيو؟ ۽ ڪيئن ٿيو؟ (اها ته خدا کي خبر آهي، بندو بشر، ڇا ڄاڻي؟) اهڙي طرح ڪجھه سفرناما “فرمائشي پروگرام” وانگي خود لکيا نه پر لکرايا ويندا آهن. ڪنهن ملڪ جي بادشاهه، صدر يا خود ساخته ڊڪٽيٽر جي حڪم تي پنهنجي “پسوري” پڌري ڪرڻ لاءِ، يا “ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ” لاءِ. مون شهنشاهه جو ايران ڏٺو، مائو جو چين ڏٺو يا بُش جو آمريڪا! وڏي صاحب ڪيڏو نه پنهنجي قوم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اصل کير جون نهرون پيون وهن! واهه واهه! سبحان الله! لکندڙ کي ان جو “محنتاڻو” به چڱو خاصو ملي ويندو آهي. سفر نامن جو هڪ قسم اهو به آهي جنهن ۾ فقط لکڻ واري جي “مان، مان” هوندي آهي. هو پنهنجي سڄي روئداد لکندو آهي ته ڪيئن ويزا ملي، ڪيئن اسڪالر شپ ملي. ڪهڙين ڇوڪرين سان ڪامياب عشق ٿيو ۽ ڪهڙا ڪهڙا معرڪا ماريائين ۽ ڪٿي ناڪام محبت ۾ خودڪشيءَ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين ۽ ڪيئن وصل يار جي حسرت کڻي وطن واپس وريو! ڪجهه سفرناما اڄ جي دور ۾ بيگمات به لکڻ فرمائين ٿيون. سفيرن ۽ وزيرن جون بيگمات “بادشاهه سلامت سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. راڻيءَ صاحبه مون سان کلي ڳالهايو ۽ ٻارن جي خيريت پڇي. شهزاديءَ کي ڪهڙا ڪپڙا ۽ گھڻن لکن جو هار پيل هئو. شهزادو ڪيڏو نه سهڻو ۽ ڪيوٽ (Cute) لڳي رهيو هئو. ڪهڙن فلمي اداڪارن، موسيقارن ۽ مصورن سان ملاقات ٿي، وغيره وغيره”. سفرنامن جو هڪ ٻيو به قسم آهي، جنهن ۾ ڪجھه حضرات نائيٽ ڪلبن، ڪئبري ڊانس، قحبه خانن ۽ ڪال گرلس جي عيش ڪوشين ۽ عياشي جا داستان ڪجھه سچا ڪجھه من گھڙت، چپ چپٽي ۽ مُٺيون ڀيڙي مزي مزي سان بيان ڪندا آهن ۽ ڊائجسٽن ۾ قسط وار شايع ڪرائيندا آهن.
الطاف شيخ جا هن وقت تائين 50 کان مٿي ڇپيل سفرناما مٿي بيان ڪيل انهن سڀني قسمن جي سفر نامن کان الڳ، منفرد ۽ ڌار حيثيت جا حامل آهن. الطاف وڏو ماڻهو آهي ۽ وڏو آفيسر ۽ وڏو پگھار کڻڻ وارو سرندي وارو آهي، پر الاجي ڇو هن کي “وڏ ماڻهپي” ڪرڻ ڪانه آئي. ننڍپڻ جي يارن، دوستن، معمولي ماسترن ۽ دڪاندارن سان ائين ڀاڪر پائي ۽ انڪساري سان ملندو جو اڳلي کي ڪنهن ڪمتريءَ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو. هو اڻ ڄاتل ديس ۾ اجنبي انسانن جي درميان گھٽين رستن ۽ بازارن ۾ هڪ معصوم ٻار جيان گھمندو ۽ هر شيءِ کي اچرج ۽ حيرت سان ڏسي خوش ٿئي ٿو. هو هر ملڪ جي عام انسانن سان رلي ملي سندن ننڍين ننڍين خوشين ۾ شريڪ ٿي خوشي محسوس ڪري ٿو. سندن گھرن ۾ وڃي هنن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي جو مشاهدو ڪري ٿو. انهن جي تهذيب ۽ تمدن، سوچ ۽ لوچ، محرومين ۽ مصيبتن، امنگن ۽ آرزوئن جو اڀياس ڪري پنهنجي ٻاراڻي صاف گوئي ۽ سچائيءَ سان سڄو احوال جيئن جو تيئن، پر دلي همدرديءَ ۽ دردمنديءَ سان پنهنجي ديس واسي دوستن جي آڏو بيان ڪري ٿو. سفر جيڪو هو ڪنهن خواب جيان طئي ڪري ٿو ۽ ان جي روداد، سفرنامو به هڪ خواب نامي جي صورت ۾ پڙهندڙ پڙهي ٿو ۽ جڏهن اهو خواب ختم ٿئي ٿو ته پڙهندڙ پاڻ ۾ به ڪجھه نوان خواب، ڪجھه نوان جذبا ۽ ڪجھه نيون اميدون بيدار ٿيل محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ بي اختيار ٿي الطاف جي ڪنهن ٻئي خواب ڏسڻ جو انتظار ڪري ٿو. اهو ئي الطاف شيخ جي ڪاميابيءَ جو راز آهي. محبت پائي من ۾ هن جيڪي رنڍا روڙيا آهن انهن جو ملهه، ادب جا صارف ڪن يا نه، پر سندس پڙهڻ وارا ان کي اڻ توريو اگھائين ٿا. هن جا ڪتاب گرم گرم کپي وڃن ٿا. هالا جي احمد پاٽ جي پڪوڙن ۽ عارب جي ڪُهرن ۽ گانٺين کان به تڪڙا، جن جو چهرو چهرو ذائقو هو ڪڏهن سنگاپور جي رستن تي ياد ڪري ٿو ته ڪڏهن ملائيشيا جي هوٽلن ۾. هالا هن جي جنم ڀومي، سنڌ هن جو ديس ۽ پاڪستان هن جو وطن آهي. الطاف جتي ڪٿي پنهنجي گھر کي، پنهنجي ديس ۽ وطن کي ياد ڪري ٿو - پيار ۽ پاٻوهه سان اندر جي اڪير سان! بيشڪ هو اسان جي اوڻاين ۽ گھٽتائين جو ذڪر به ڪري ٿو پر پنهنجائپ جي پيار سان. ترقي پاتل قومن جي ڪارنامن کي بيان ڪندي به هو پنهنجي قوم لاءِ ڪنهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار نه ٿو ٿئي، نه ئي اهل وطن جي غيرت کي للڪارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. الطاف ترقيءَ جا ڪارناما به ان ساڳي خوشيءَ سان بيان ڪري ٿو جنهن ۾ بحيثيت هڪ انسان، سڄي دنيا جي انساني برادري برابر جي شريڪ آهي ۽ ساڳئي وقت ترقي ڪرڻ سان گڏ انهن ملڪن ۾ جيڪي معاشي ۽ معاشرتي خرابيون وجود ۾ آيون آهن، انهن کي بيان ڪرڻ ۾ به ڪنهن سطحي ۽ اُڇاتري خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جي بدران ڏک، همدردي ۽ دردمندي جا جذبات ظاهر ڪري ٿو ۽ اهل وطن کي انهن جي اڳواٽ تدارڪ ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
الطاف شيخ جا سفرناما سنڌي زبان جو سينگار آهن. هن جي سولي ۽ سڌي زبان ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌي پڙهڻ ۽ سنڌي لکڻ سيکاريو آهي. ريل گاڏيءَ جي هڪ سفر ۾ هڪ نوجوان منهنجي اڳيان اهو اقرار ڪيو ته ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڪتاب الطاف شيخ جو پهريون سفر نامو “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” پڙهيو ۽ هاڻي هو الطاف جا سڀ ڪتاب وٺي پڙهندو آهي ۽ ٻين دوستن کي به پڙهائيندو آهي. الطاف لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي توڙي جو اسان جي ادب جي پارکن هن جي اها پذيرائي نه ڪئي آهي جنهن جو هو جائز حقدار آهي. 60 کان مٿي هن جا ڪتاب (ڪهاڻيون۽ سفرناما) شايع ٿي چڪا آهن ۽ اڃا بقول الطاف، هن وٽ سفرنامن جا مَٽ ڀريا پيا آهن. خدا ڪري ته اهي مَٽ به جلدي شايع ٿين ۽ ٻيا به گھر جا سڀ ديڳڙا ۽ ديڳڙيون اهڙن سفرنامن سان ڀرجي وڃن.
الف ليليٰ جي مشهور داستان ۾ هڪ قصو “سندباد سيلاني جا ست سفر” هڪ نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز قصو آهي پر من گھڙت ۽ خيالي. هالا جي هن سندباد سيلاني ست سئو کان وڌيڪ سفر ڪيا آهن. دلچسپي ۽ معلومات جي مقابلي ۾ هالا جو هي سندباد سيلاني بغداد جي سندباد سيلانيءَ کي گھڻو پوئتي ڇڏي آيو آهي ۽ اڃا ته هن جا خواب جاري آهن ۽ اڃا ته هن جو قلم روان دوان آهي ۽ شيخ سعدي شيرازي جي قلم جو پاسبان، شيخ چليءَ جي خوابن جو امين ۽ وارث سنڌ جو هي جديد سندباد سيلاني ائين ئي زبان، ادب ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو.
پروفيسر حميد شهيد
هالا نوان – جون 2004ع