سائو نه سلڙو .....
ڪنڊيءَ نه سڱري،
ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا ... مارو اڪيلڙا ....
“هي ته روئڻ جو مقام آهي” مون دل ئي دل ۾ سوچيو، هن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي مارن جو ڪيڏو نه ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رهيو آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا...
اسان جا درويش ماڻهو راڳ جي پيغام کي سمجهڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿي نچي رهيا هئا. ان وقت مون کي ان سان ملندڙ هڪ ٻيو پراڻو واقعو ياد آيو . 1971 واري پاڪستان هندستان جي جنگ کان سال ٻه اڳ ۽ پوءِ اسان جو جهاز ڪيترا دفعا چين جي هڪ ڏاکڻي بندرگاهه ۾ ويندو رهيو. هر دفعي پهچڻ تي ان بندرگاهه جي انتظاميا اسان جهاز وارن کي هڪ تمام وڏي دعوت ڏيندي هئي. ڊنر بعد انهن جو ليڊر چيني زبان ۾ تقرير ڪندو هو. اسان کي اهو چيو ويو ته چينين جي رسم موجب اسان کي ٿوري ٿوري دير بعد تاڙيون وڄائڻ کپن چاهي تقرير جيڪا چيني زبان ۾ ٿئي ٿي، اسان کي سمجھه ۾ اچي يا نه.
بهرحال اسان هر دفعي دعوت ۾ ٿيندڙ تقرير تي رکي رکي تاڙيون وڄائيندا هئاسين ۽ ان ۾ ڪو عيب يا خرابي نه هئي. اسان جي دوست ملڪ چين جو معزز ميزبان هيڏي پئماني جي ماني کارائي تقرير ۾ پاڪستان چين دوستي لاءِ دعائون گھرندو هو. اسان جي همٿ ۽ پهلوانيءَ جا ڳڻ ڳائيندو هو. پاڪستان ۽ چين جي وڌندڙ تعلقات جي تعريف ڪندو هو... وغيره وغيره... اسان کي اهو ٻڌايو ويو ۽ اسان هر دفعي تقرير دوران رکي رکي تاڙيون وڄائي چيني ميزبانن کي خوش ڪندا رهياسين.
1971ع جي جنگ ٿي ان بعد وري چين جي ان بندرگاهه ۾ وڃڻو پيو. هاڻ جهاز تي اسين فقط مغربي پاڪستان جا هئاسين. مشرقي پاڪستان جا اسان جا ساٿي مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿيڻ تي الڳ ٿي ويا هئا. چيني بندرگاهه جي انتظاميا وارن دستور موجب اسان جي پهرين رات ئي ڊنر ڪئي جنهن بعد پهرين وانگر وڏي تقرير به ٿي ۽ اسان به پهرين وانگر رکي رکي تاڙيون وڄائيندا رهياسين. پر اهو دعوت ۾ ئي محسوس ڪيوسين ته اسان جي تاڙين وڄائڻ تي موجود چيني مهمان توڙي ميزبان خوش نه پئي ٿيا.
بهرحال اهو راز ٻئي ڏينهن فاش ٿيو جڏهن اسان جي انگريزي ڳاهائيندڙ چيني ايجنٽ اسان کي جهاز تي اچي ٻڌايو ته اسان کي رات واري تقرير ۾ تاڙيون وڄائڻ نه کپنديون هيون.
“ڇو...؟” اسان وائڙو ٿي پڇيس.
“ ان ڪري جو رات واري تقرير ۾ شهر جو ميئر اهو چئي ڏک جو اظهار ڪري رهيو هو ته ”اسان کي افسوس آهي جو هن جنگ ۾ پاڪستان جو اڌ حصو (مشرقي پاڪستان) جدا ٿي ويو آهي ...“ ۽ توهان ويٺي تاڙيون وڄايون.
هن اهو به چيو ته ”اسان چينين کي ڏک آهي ته اسان جي دوست ملڪ پاڪستان جي بهادر فوج هندستان وٽ قيد آهي....“ ۽ توهان ويٺي تاڙيون وڄايون. ”هڪ ڏک جي مقام تي توهان تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو...“
اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍو افسوس ٿيو.
۽ ان ڏينهن، نئشنل لئبرريءَ ۾ ان قسم جي ساڳي روداد هئي. اسان جهاز وارا ته ٿياسين ماڇي، مهاڻا، ساٽي .... يعني اڻ پڙهيل جاهل! اسان ته ٿياسين چيني ٻوليءَ کان به اڻ واقف .... پر اسان جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سنڌيءَ کان واقف audience کي ڇا ٿيو آهي جو هو هڪ افسوسناڪ situation ۽ اهڙي خطرناڪ حالت جو ٻڌي خوشيءَ وچان ٺينگ ٽُپا ڏئي رهيا آهن! ڇا اهو خوشيءَ جو پيغام آهي ته ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا... مارو اڪيلڙا ...
يعني هڪ خوفناڪ قسم جي ڏڪار جي حالت آهي، جتي مال (ٻڪرين، ڇيلن، وغيره) لاءِ ڪنڊيءَ جو وڻ ئي نه آهي. نه وڻ آهي ۽ نه ان جو ميوو - سـڱريون آهن - جيڪي ٻڪريون توڙي اُٺَ شوق سان کائيندا آهن. اهو ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري ٻٻر جو وڻ ۽ ان جو ميوو پلڙا به نه آهن .... نه آهن ڇيلڙا. يعني نه مال آهي ۽ نه انهن جي کائڻ لاءِ ٻٻر، ديوي، ڪَنڊي يا ٻين وڻن جو ڇانگون (ٽاريون) ... ۽ ان ڳالهه تي اسان خوش ٿي تاڙيون وڄائي رهيا هئاسين.