الطاف شيخ ڪارنر
تيستائين گڊ باءِ
الطاف شيخ ساگر ساگر، ساحل ساحل، نگر نگر ۽ بندر بندر گھمندو بہ رهي ٿو تہ گھمندي گھمندي خواب بہ ڏسي ٿو. اهي خواب جهڙا سفر ۽ سفر جهڙا خواب بارياب ٿيندو ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ لڳي ٿي. الطاف شيخ اسان کي خواب بہ تہ اهڙائي ڏيکاري ٿو. حسين دنيائن جا خواب، انڊلٺ جي ست رنگي سر زمينن جا خواب، حسين گلن ۽ معطر فضائن سان واسيل اجنبي ملڪن جا احوال! ڪوهه قاف جي پرين جي پيار جا خواب، سائنسي ديون، جنن ۽ راڪاسن جي عقل کي اچرج ۾ وجھندڙ ڪارنامن جا خواب! ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جا خواب. انسانيت جي اوج جا خواب، محبت ۽ مروت جا خواب، ظلم و ستم کان نجات ۽ استحصال کان آزاديءَ جا خواب، خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب، اقتصادي ترقيءَ جا خواب، بهتر دور ۽ روشن مستقبل جا خواب هي خواب حقيقي دنيا جا خواب آهن.
- 4.5/5.0
- 23
- 5
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- الطاف شيخ
- ڇاپو پھريون