حد کان وڌيڪ لاڏلا اسان جا ٻار
“جاني ري، منهنجا مٺڙا جاني،
رسي نه وڃ تون ماءُ کان،
هٿ ٿي ٻڌانءِ، پيرين ٿي پوانءِ.
رسي نه وڃ ماءُ کان... ”
مون سان گڏ سنڌ حڪومت جو هوم سيڪريٽري برگيڊيئر مختيار به ويٺو هو. گانو ٻڌڻ مهل هو به ڪجھه اهو ئي سوچي رهيو هو، جيڪو آئون سوچي رهيو هوس تڏهن ته گاني ختم ٿيڻ تي هن يڪدم چيو:
“سنڌي ڪلچر ۾ اجهو ائين ٻارن جو مٿو خراب ٿو ٿئي ۽ پوءِ هو ماءُ کي نوڪرياڻي ٿو سمجهي.”
واقعي پٽ ٻار کي جيترو اسان جي معاشري ۾ مٿاهون سمجهيو ٿو وڃي اوترو شايد ئي ٻي قوم ۽ ملڪ ۾ هجي. پٽ ٻار تي سختي ڪري هن کي ڊسيپلينڊ ۽ محنتي بڻائڻ بدران هن کي حد کان وڌيڪ لاڏ ڪوڏ ڏئي والدين کاريو رکن. هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي خذمت ڪرڻ ۽ ڀينرن جو خيال رکڻ بدران اهو ئي expect ڪري ٿو ته اهي مرڻ گھڙيءَ تائين هن جي خذمت ۽ خيال رکندا رهن.
هڪ ڏينهن منهنجي دوست ليڪچرار ڪئپٽن لوڌي اچي ٻڌايو ته نون چونڊجي آيل ناٽيڪل ڪئڊٽن ۾ هڪ ڪئڊٽ اڪيڊمي ڇڏي وڃڻ چاهي ٿو.
“نواب شاهه ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ جو آهي، توهان هن کي روڪي سگھو ته بهتر ٿيندو. غريب جو مستقبل ٺهي ويندو. ” هن چيو.
مون هن ڪئڊٽ کي آفيس ۾ گھرايو جنهن کي ڳوٺان آئي هفتو کن مس ٿيو هو. مون هن کي اهو احساس ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ته هو خوش نصيب آهي جو سڄي پاڪستان مان هزارين اميدوارن مان چونڊيل پنجاهه مان هڪ آهي. ٻن سالن جي تعليم بعد جهاز تي ڪئڊٽ آفيسر ٿي ويندو، جتي دنيا ڏسڻ سان گڏ پگھار ملڻ به شروع ٿي ويندس. محنت ڪندو رهيو ته ستن اٺن سالن ۾ جهاز جو ڪئپٽن ٿي ويندو. پر مون ڏٺو ته هو منهنجي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ راضي نه هو.
“مون کي ڪجھه ڏينهن موڪل ڏيو ته آئون ڳوٺان ٿي اچان. آئون گھر وارن کي ياد ٿو ڪريان”، هو چوندو رهيو .
“ڳالهه ٻڌ!” مون هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. “تو هڪ اهڙي لائين اختيار ڪئي آهي جنهن ۾ موڪل جو ۽ مائٽن سان سگھو سگھو ملڻ جو ته سوچڻ ئي نه کپي. جهاز هڪ دفعو بندرگاهه ڇڏي ٿو ته هلندو ئي رهي ٿو، چاهي ڏينهن هجي يا رات، عيد هجي يا عاشورو. سمنڊ تي موڪل ۽ مائٽن سان ملڻ جو ته ڪو سوچي نٿو سگھي. ٻي ڳالهه ته تون اڪيڊمي ڇڏي هليو ويندين ته هڪ سيٽ هلي ويندي. ائين ناهي ته ڪو هاڻ تنهنجي جاءِ تي ڪوٽا مطابق سنڌ جي ٻئي شاگرد کي چانس ملي سگھندي.”
بهرحال مون گھڻو ئي چاهيو ٿي ته هي نوجوان ترسي پوي. سندس پيءُ هڪ هاري هو ۽ کيس پنج ڀينرون ۽ ٽي ننڍا ڀائر هئا. يعني پيءُ ويچاري قرض کڻي ٻين کي ڏکيو رکي هن جو مستقبل ٺاهڻ لاءِ ڳريون فيون ڏئي هيڏانهن موڪليو هو. پر هن جي دل صفا نه پئي لڳي.
”آخر توکي هتي ڪهڙي تڪليف آهي جو رهڻ نٿو چاهين؟“ اسان پڇيس.
“هتي صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو، پي ٽي پريڊ ڪرڻي ٿي پوي. هر ڪم پاڻ ڪرڻو ٿو پوي. پڙهائي به گھڻي ۽ ڏکي آهي... ” هن سبب ٻڌايا. مون هن کي اهو به سمجايو ته اهي سڀ ڳالهيون ٻين شاگردن لاءِ به ته آهن جيڪي گلگت ۽ سوات جهڙن ڏوراهن هنڌن کان آيا آهن ۽ اهو پڻ ٻڌايومانس ته اڄ کان چاليهه سال اڳ آئون به هن وانگر ڪئڊٽ هوس ۽ انهن ڏينهن ۾ ته هيءُ اڪيڊمي چٽاگانگ ۾ هئي ۽ تن ڏينهن ۾ ته عيد جي به موڪل نه ملندي هئي ۽ نه ٽيليفون جي سهولت هئي. روز مرهه جي زندگي هتي کان به سخت هئي ۽ پوري سال بعد ڳوٺ موٽبو هو... وغيره وغيره. پر هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. اسان جي سمجھائڻ ۽ زور ڀرڻ تي هو ٻه چار ڏينهن ٻيا ضرور ترسيو، ان بعد ڀڄي ويو. سندس پيءُ سان Contact ڪيوسين، جنهن جي ڳالهين مان اندازو ٿيو ته هو چئن ڀينرن بعد ڄمڻ ڪري، ماءُ پيءُ غريب هوندي به، هنن هن کي اهڙو سڪيلڌو بڻائي ڇڏيو جو هن لاءِ صبح جو سوير اٿڻ ۽ معمولي ڪم ڪار ڪرڻ به وڏي ڳالهه ٿي لڳي. هن ڳوٺ ۾ ئي ماءُ پيءُ وٽ رهڻ ٿي چاهيو، جتي سندس هر لاڏ ۽ انگل کنيو ويو ٿي.
سندس موٽي نه اچڻ تي اسان کي به افسوس ٿيو ته هي ڳوٺ جو نينگر جهازن جو ڪئپٽن ٿيڻ کان رهجي ويو.