پيار جو بکايل
اها منهنجي خوش فهمي ناهي پر اها حقيقت آهي. هڪ تمام وڏي حقيقت!
ڪنهن سچ چيو آهي ته محبت انڌي ٿيندي آهي ۽ اها ڪيتري نه سٺي ڳالهه آهي، نه ته هڪ ڊسپوزل جي آمريڪي سوٽ، جيڪو مون نيلام ۾ ٻاويهين روپئي ورتو ۽ پنهنجي بدن تي فٽ ڪرائڻ لاءِ درزيءَ کي چوڏهن رپيا ڏنا، يعني جنهن جي قيمت ڇٽيهه رپيا آهي ۽ هڪ سٺ رپئي واري سئيٽر جو ڇا ميل_؟
ان آمريڪا جي ڊسپوزل_ يعني لنڊا بازار جي مال ته اسان جي شهر جي وچولي طبقي کي هڪ نئين سماجي زندگي ڏني آهي. ڪهڙا نه عمده عمده سوٽ آهن. چيسٽر آهن. اوورڪوٽ آهن. ڪن اسان جهڙن خفتين ته انهن ڪوٽن کي نالو ئي کڻي ڏنو آهي_ آئزن هاور ڪوٽ.
اڄڪلهه جي زندگيءَ کي سائن بورڊن جي ڪيتري نه ضرورت آهي. وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ سائن بورڊ جي ضرورت کي هنن آئزن هاور ڪوٽن ۾ پورو ڪيو آهي.
بهرحال ڳالهه هن ڪانچ جي گڏيءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي پئي هلي، جنهن کي مون سان محبت ٿي ويئي هئي. هيءَ ڇوڪري هر خميس ڏينهن شام جو “روزالنڊ” ۾ تنبولا کيڏڻ ايندي هئي ۽ منهنجي ته هر شام اتي گذرندي هئي. ڇو ته هڪ آمريڪن سوٽ پائڻ سان دماغ به ذري گھٽ آمريڪن ٿيو وڃي ۽ ماڻهو هر وقت ماڊرن ٽائيپ ريسٽورنٽ ۾ ئي نظر اچڻ لڳي ٿو _ جيئن هيءَ پنهنجي روزالنڊ آهي.
هاڻ جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته آئون توهان کي اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجھان ٿو ته آئون ڪٿان ۽ ڪيئن اهي پئسا هٿ ڪندو هوس، جنهن سان روزالنڊ جو ڳاٽي ڀڳو خرچ ادا ڪندو هوس_ نه ته پڪ اٿم ته توهان ضرور سوچڻ لڳي ويندائو ته هي ٻن سئو رپين جي نوڪريءَ وارو ڪيئن ٿو روزالنڊ وڃي! آئون نٿو چاهيان ته اڃا منهنجي ڪهاڻيءَ جي شروعات پئي هلي ته توهان جي سوچ ۽ فڪر جو وهڪرو ڪنهن ٻئي طرف مُڙي وڃي ۽ توهان پوليس ۽ جاسوسي کاتي جي مطلب ۾ سوچڻ لڳو.
ته سائين آئون رشوت هرگز نه وٺندو آهيان. منهنجو واسطو ئي هڪ اهڙي آفيس سان آهي، جنهن ۾ ڏيڻ وٺڻ بنهه گھٽ آهي. ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته آئون پارٽ ٽائيم جاب ڪندو آهيان. يعني هڪ ٻن سئو رپين جي نوڪريءَ سان گڏوگڏ آرٽسٽ به آهيان ۽ آفيس مان موڪل بعد پنهنجي دماغ جون ڳنڍيون برش ۽ رنگن سان سلجهائيندو آهيان. پر جيئن ته توهان کي خبر آهي ته آرٽ ۽ شعر و شاعري جو مالڪ پئسي پونجيءَ جي معاملي ۾ بک ئي مرندو آهي، سو ڪجھه سال اڳ مون اهو ڌنڌو ڇڏيو ٿي ته هڪ مهربان ۽ خداترس دوست صلاح ڏني ته سٺو ائين ٿيندو ته آئون ڪمرشل نموني جون شيون پينٽ ڪريان، جنهن سان گھٽ ۾ گھٽ برشن، رنگن، ڪينواسن جا ئي پئسا نڪري پوندا. صلاح ته تمام سٺي هئي ۽ مون صابڻ جا اشتهار، هيئر آئل جي شيشين جا ليبل، رسالن ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا.
ڌنڌو واهه جو هليو. هاڻ ته رنگ خريد ڪرڻ لاءِ به جام پئسو ٿي پيو ته برش به اوچي کان اوچا گھرائي سگھندو هوس. وڏي ڳالهه ته روزالنڊ جو چڪر به مزي سان لڳي ويندو هو. هونءَ به منهنجي لاءِ روزالنڊ جو سير ڪو ايترو مهانگو نٿي پيو جيترو هن جي بلن مان ظاهر آهي. ڇو ته خميس ڏينهن آئون تمبولا به کيڏندو هوس ۽ ذري گھٽ سڄي هفتي جو خرچ پکو ان مان نڪري ايندو هو. تمبولا_ ڇا ته مزيدار راند ٺاهي اٿن! ڪنهن چيو ته هيءَ به پوڪر وانگر آمريڪن راند آهي. ها سائين! ضرور هوندي. اها راند جنهن ۾ روڪ ناڻي جي ڏيتي ليتي ٿئي، آمريڪا جي نه ته، ڇا آفريڪا جي ٿي سگھي ٿي؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي!
ها ته ڳالهه هن ڊيل جي چال جهڙي ڇوڪريءَ جي ٿي رهي هئي، جيڪا پڻ هر خميس ڏينهن شام جو روزالنڊ ۾ تمبولا کيڏڻ ايندي هئي. هيءَ ڇوڪري ايڏي ته خوبصورت ۽ حسين هئي جو پهرين نظر سان انسان پيار ڪرڻ لاءِ بيوس ٿيو وڃي. ان ڪري هتي روزالنڊ ۾ ڪيترائي ڇوڪرا هن سان فقط ڳالهائڻ لاءِ پيا واجھائيندا هئا. اهي ڇوڪرا جيڪي شيورليٽ، ڪئڊلڪ ۽ مرسڊيز جهڙين قيمتي ڪارن ۾ ايندا هئا. اهي ڇوڪرا جيڪي ڇوڪرين وانگر ميڪ اپ ڪري آمريڪي لهجي ۾ ڳالهائيندا هئا، اهي ڇوڪرا جيڪي سوڙهن پائنچن واريون ڪانٽينينٽل پتلونون ۽ چهنبائتا بوٽ پائي ايندا هئا_ اهي سڀ ڇوڪرا هن “مون کي_ هٿ _ نه_ لاهيو_ آءٌ_ ٽڙڪي_ پونديس” جهڙي ڇوڪريءَ جي حسن ۽ ادا تي فدا ٿيندا هئا. آئون ان گروپ جو ماڻهو نه هوس. ان ڪري آئون ڪنهن به حساب ۽ ليکي ۾ نٿي آيس.
اهو ڏينهن خميس جو هو. روزالنڊ سڄي ماڻهن سان ٽٻ هئي. سڀ ماڻهو پنهنجين پنهنجين ٽڪيٽن تي جھڪي نمبر ڳولهي رهيا هئا. منهنجون نظرون به ٽڪيٽ ۾ کتل هيون پر ڪَنَ نمبر ٻڌائڻ واري ڏي هئا. آڱرين ۾ جھليل پينسل ڏڪي رهي هئي ڇو ته نمبر ڪٽڻ تي ٻه سئو رپيا هئا ۽ “سنو بال” اڍائي سؤ رپين جو هو.
ٽِڪ... ٽِڪ... ٽِڪ....
منهنجي ٽڪيٽ تي نمبر ڪٽبيا ويا. ۽ پوءِ مون کان هڪدم رڙ نڪري ويئي.
“ييس!”
سڀني ماڻهن وٺي تاڙيون وڄايون. مون سوڀائتي انداز ۾ چوڌاري ڏٺو. پر... تاڙين جو رخ مون ڏي نه هو. ٻي ڪنڊ مان به هڪ آواز آيو هو ۽ تاڙيون اصل ۾ ان آواز جي آڌرڀاءُ ۾ وڄي رهيون هيون. ڀڙڪندڙ باهه جي ڄڀيءَ جهڙي ڇوڪري پنهنجي جاءِ تي بيهي داد وٺي رهي هئي. مون ڏي به هن هڪ مٿاڇري نظر وڌي ۽ آئون به بنا ڪنهن مطلب جي هن ڏي ڏسڻ لڳس. نظرون ٿوري دير لاءِ چار ٿيون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڪائونٽر تي ملياسين ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جا پئسا ورتاسين. جنهن وقت بلڪل ويجھا ٿياسين ته مون هن ڏي ادا سان ڏٺو ۽ هن جي نازڪ چپن تي ان وقت هڪ اڻ لکائتي مرڪ ظاهر ٿي غائب ٿي ويئي.
بس ايتري سا ڳالهه ٿي، ان کانپوءِ آئون به اچي جاءِ تي ويٺس ۽ هوءَ به وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺي. پر خبر ناهي پوءِ ڇا ٿيو جو منهنجي هر ٽڪيٽ جو نمبر غلط نڪرڻ لڳو ۽ جيستائين منهنجو خيال آهي ته اهو اڄ تائين غلط نڪرندو اچي .... ڇو ته اهو شايد منهنجو آخري ئي انعام هو. ان ڪري مون پنهنجي ڪمرشل آرٽ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو. هاڻ ته فلمن جا پوسٽر به ٺاهڻ لڳس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مالدار حلوائي يا سيٺ جو پورٽريٽ به ٺاهي وٺندو هوس.
سو ڳالهه ته هن گلاب جي مکڙيءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي ڪري رهيا هئاسين. هڪ ڏينهن دستور موجب ٽيبل تي اڪيلو ويٺو هوس. ذري گھٽ سڀني پنهنجون ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون هيون. ايتري ۾ هوءَ به اچي ويئي. اندر گھڙڻ سان پهرين هن چوڌاري نظر وڌي ۽ پوءِ مٿي ٽيبل وٽ اچي بيهي رهي.
“آئون هتي ويهي سگھان ٿي؟”
“ضرور اکين تي ...” مون جواب ڏنو.
“اولڊ بگر!” ڪنهن پٺيان ٽوڪيو، ۽ ايتري ۾ نمبر به شروع ٿي ويا ۽ سڄي هال ۾ ماٺ طاري ٿي ويئي. آئون ٽڪيٽ ڏي ڏسڻ لڳس.
“آئون توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي...” هن آهستي پيار واري لهجي ۾ چيو.
“هينئر_؟”
“نه، راند کانپوءِ.”
آئون چاهيندي به ٽڪيٽ تان نظر کڻي هن ڏي ڏسي نه سگھيس. خبر ناهي هيءَ ڇوڪري مون سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي؟ دل ئي دل ۾ خبر ناهي ڇا جو ڇا سوچيندو رهيس. منهنجي ٽڪيٽ جا نمبر غلط سلط نڪرڻ لڳا ۽ مونجھاري ۾ انهن کي ڦاڙي هن ڏي ڏٺم ته هوءَ ميز تي نگاهون ڄمائي ويٺي هئي.
رائونڊ ختم ٿيڻ بعد هوءَ پنهنجي جاءِ تان اٿي ۽ مون کي اشاري سان گڏ هلڻ لاءِ چيو ۽ روزالنڊ کان ٻاهر نڪري آئي.
ٻاهر اچي اسان ٻئي هڪٻئي سان گڏ هلندا چڱو اڳيان نڪري وياسين. ماٺ ئي ماٺ ۾. بلڪل خاموش.
“منهنجو نالو نيلوفر آهي.” هن جي چپن نيٺ چرپر ڪئي.
“۽ منهنجو نالو نيل ڪنٺ آهي.”
“آئون هڪ اسپتال ۾ نرس آهيان.”
“آئون امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڌنڌو ڪريان ٿو.” مون لئه رکڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو.
“آئون ڪا ايڏي امير ناهيان. وچولي گھراڻي جي ڇوڪري آهيان. ائين پوز هڻندي آهيان. منهنجي ماءُ اسڪول ۾ ٽيچر آهي ۽ اسان جو گھر هڪ تمام معمولي گھر آهي، جنهن ۾ سنئون سبتو فرنيچر، ريڊيو يا ٿرماس به ناهي.”
“خير ڪجھه نه ڪجھه اَجھو ته هر ڪنهن کي آهي. پوءِ کڻي جھوپڙي هجي يا بنگلو. هونءَ آئون ڪم ڪارڻ گھڻو ڪري آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ ۾ ئي رهان ٿو. ان هوندي به هتي به هڪ ٻه گھر ٺهرائي ڇڏيا اٿم، جتي ڪڏهن ڪڏهن اچي رهندو آهيان. نه ته نوڪر چاڪر ٽڪيا پيا آهن.”
“منهنجي ڪيترن ڏينهن کان اها تمنا هئي ته پاڻ هڪٻئي سان دوستي رکون.”
او! وڏي خوشيءَ سان! ڀلا اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي. مون کي ڀلا ان ۾ ڪهڙو رنج.” مون چيو.
هن چپ چاپ پنهنجو کاٻو هٿ وڌايو، جنهن کي مون پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کڻي جھليو ۽ مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪرنٽ منهنجي سڄي بدن مان ڊوڙي ويو. رستي تي لڳل مرڪيوري بلبن جي روشني تمام تيز هئي.
“چڱو، مان هلان ٿي.” هن چيو ۽ مون ڏي ڏسڻ بنا هلي ويئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ دير تائين اتي بيهي هن کي ويندو ڏسندو رهيس. هن هڪ دفعو به پٺيان مُڙي مون ڏي نه ڏٺو. آئون واپس موٽڻ وارو ئي هوس ته منهنجي نظر هڪ تمام وڏي سائن بورڊ تي پيئي، جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو “اولڊ مونڪ” ۽ هيٺان هڪ پوڙهي راهب جي تصوير ٺهيل هئي، جنهن جي هٿن ۾ هڪ ٻرندڙ ڏيئو هو.
اهو سائن بورڊ منهنجو ئي ٺهيل هو.
وقت وقت جي ڳالهه آهي. هر هڪ گھڙي ۽ لمحو ٻئي کان مختلف هوندو آهي. جيڪڏهن ڪجھه گھڙيون اڳ ڪو مون کي چوي ها ته هيءَ ڇوڪري ڪنهن هاءِ ڪمشنر جي ڌيءَ آهي، ته به آئون يقين ڪريان ها. پر هاڻ؟
هاڻ ته نيلوفر ۽ آئون دوست ٿي ويا هئاسين ۽ شام جو روزالنڊ جي ڪنهن اڪيلي ڪنڊ ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هوءَ هميشه مون کان مرعوب نظر آئي ٿي. ڇو ته هن جي نظرن ۾ آئون هڪ وڏو بزنيس مئن هوس، جنهن جو گھر هر ان جاءِ تي هو، جتي سونهن ۽ حسن هجي. سچ پچ ڪڏهن ته پاڻ کي واقعي آمريڪن يا يورپين سمجهندو هوس. اها حد جنهن تي انسان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي ڇڏيندو آهي_ ذري گھٽ ان تائين پهچي ويو هوس.
خير آهستي آهستي اسان جي دوستي ۽ پيار جون ڳنڍيون مضبوط ٿينديون ويون. مون ايترو ضرور خيال کان ڪم ورتو جو هن کي ڪڏهن به پنهنجي گھر نه گھرايو. نه وري ڳالهه جو رخ ان طرف ڪيو، متان هوءَ منهنجي حقيقت کان واقف ٿي وڃي.
هڪ ڏينهن روزالنڊ ۾ جيئن نيلوفر جو انتظار ڪري رهيو هوس ته بئري اچي فون جو اطلاع ڏنو. آئون ان ڪنڊ واري ٽيبل تي وڃي ويٺس، جنهن تي فون رکيو هو. رسيور هٿ ۾ کنيم.
“هيلو_!” نيلوفر جو آواز آيو.
“ڇا ڳالهه آهي ڊارلنگ_؟”
آءٌ اسپتال مان ڳالهائي رهي آهيان. هينئر هڪ ڪيس آيو آهي. منهنجي ان تي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. آئون اڄ شايد نه اچي سگھان.”
“اوڪي ڊيئر! سڀاڻي ته ايندينءَ نه...”
“او شوئر شوئر. باءِ.”
ان بعد واپس رسيور ڪريڊل ۾ رکي پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺس. پر اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته ان وچ ۾ ٽيبل تي هڪ خوش پوش ۽ سهڻي شڪل جو نوجوان منهنجي ٽيبل تي اچي ويٺو.
“هيلو مسٽر نيل ڪنٺ” هن مون ڏي نهاريو.
ڪمبخت! خبر ناهي ڪٿان منهنجي نالي جي خبر پئي اٿس ۽ ڇا ٿو ڇاهي_ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
“هيلو” ۽ پوءِ بي دليءَ سان جواب ڏنو.
“آئون ڪيترن ڏينهن کان هن موقعي جي ڳولا ۾ هوس، جيئن اڪيلائيءَ ۾ توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪريان.”
“چئو_؟”
“آئون.... آئون مس نيلوفر جي باري ۾ ڪجھه ڳالهائڻ گھران ٿو.”
“ڇا_؟”
“ڳالهه هيءَ آهي ته ... آئون مس نيلوفر سان پيار ڪريان ٿو.”
“توهان ڪجھه گھڻو ته نه پي آيا آهيو، اڄ ...؟”
“نه سائين. آئون پيئندو ناهيان. مون کي ٻي ڪا راهه نه سُجھي. سوچيم ته توهان جي اڳيان سنئون سڌو پنهنجي پيار لاءِ جھولي جھليان.”
“توهان کي شرم اچڻ کپي ... مسٽر ...”
“مڌوڪر ... مڌوڪر شرما منهنجو نالو آهي. آئون شرمندو آهيان. معاف ڪجو، مون کي پهرين پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائڻ کپندي هئي. آئون مڌوڪر شرما آهيان ۽ هتي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. منهنجو پيءُ رام نگر جو چيف انجنيئر آهي .....”
“ڏس مسٽر مڌوڪر! پيار يا محبت جهڙيون شيون مردن کان نه پر عورتن کان ئي گھريون وينديون آهن. توهان جي اطلاع لاءِ توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي نيلوفر سان عنقريب شادي ٿيڻ واري آهي.”
“اهو ته توهان صحيح نٿا ڪريو. بهرحال سائين حقيقت ۾ ڏوهه منهنجو ئي آهي. آئون بيوقوف ٿيس. مون کي پهرين ئي مس نيلوفر سان شادي جي ڳالهه ڪرڻ کپندي هئي. پر تڏهن مون کي پنهنجو پاڻ تي ايڏو ڀروسو نه هو، جيترو هاڻ آهي ... خير...”
ان رات جڏهن آئون گھر پهتس ته منهنجي دل ڏاڍي بيچين هئي. دروازو کوليندي ئي سامهون آرسيءَ تي نظر پيئي. مون کي پنهنجو ضمير مارڻ لڳو.
“نيل ڪنٺ! ڇا عمر آهي تنهنجي_؟” مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو.
“چاليهه سال.”
“تنهنجو پيءُ به چيف انجنيئر آهي_؟”
“نه.”
“تنهنجي حيثيت ڇا آهي_؟”
“ڪجھه به نه.”
“تون ڇو نٿو مس نيلوفر سان هڪدم شادي ڪري ڇڏين؟ ڇا تون ان وقت لاءِ ترسي رهيو آهين جڏهن ڪو ٻيو هن جو هٿ جھلي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي هليو ويندو_؟”
“نه.”
“ته پوءِ.......”
“مان پنهنجو ڀرم ڪيئن قائم رکان. ڪيئن قائم رکان_؟”
اهي سوال ان وقت به منهنجي ذهن ۾ ڪنڊن وانگر چڀي رهيا هئا، جڏهن نيلوفر جي اڳيان مون شاديءَ جي رٿ پيش ڪئي. سڪون ڀري چانڊوڪيءَ سان سڄو ڪنارو ڇڻڪاريل هو. اسان بيدنگ بوٽ جي ڇت تي ويٺا هئاسين. پري پري تائين چانديءَ جون لهرون ڏڪي رهيون هيون. سامهون پئلس هوٽل جون بتيون چهڪي رهيون هيون. نيلوفر جو نازڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي مون دل جي ڳالهه ڪئي. هن مون ڏي فقط هڪ گھڙيءَ لاءِ ڏٺو. نهايت خاموشيءَ سان پوءِ نگاهون هيٺ جھڪائي چوڻ لڳي:
“ٻن ڏينهن جي مهلت ڏي.”
“ٻن ڏينهن جي مهلت! آخر ڇو_؟”
“بس اڄ سڀاڻ ۾ ڪجھه ٿيڻ وارو آهي.” هن چيو.
۽ پوءِ اها گھڙي گذري ويئي. پوءِ ڪيترا لمحا گذري ويا. ڏينهن ۽ مهنا گذري ويا . پر پوءِ نيلوفر ڪڏهن به نظر نه آئي.
هڪ ڏينهن روزالنڊ ۾ مڌوڪر مليو. هن شڪي نظرن سان مون ڏانهن نهاريو ۽ مون ان ڏينهن کانپوءِ روزالنڊ وڃڻ ڇڏي ڏنو. هيئر آئل جي شيشين جا ليبل ٺاهڻ ڇڏي ڏنا. پورٽريٽ ٺاهڻ ڇڏي ڏنا.
اڄ جڏهن آئون ڊسپوزل جو هڪ ٻيو آمريڪي آئزن هاورڪوٽ خريد ڪري پئي موٽيس ته رستي تي اوچتو نيلوفر ملي ويئي. آءٌ کيس سڃاڻي نه سگھيس. ان ڪري نه ته ڪا هوءَ بدلجي ويئي هئي. بس، ائين ئي نه سڃاتومانس. پر هن مون کي سڃاڻي ورتو.
“هيلو نيل ڪنٺ!” هن سڏيو.
“اوه! هيلو!!”
“ڪاوڙيل آهيو ڇا. اچو....”
۽ هوءَ منهنجي انڪار جي باوجود مون کي روزالنڊ ۾ وٺي آئي ۽ اچي ڪنڊ واري ميز تي ويٺاسين. ٻئي چپ چاپ هئاسين. منهنجي دل ۾ ڪا به ڪاوڙ يا پيار نه هو. ڪا به دانهن يا ڏوراپو نه هو. ڪنهن به قسم جو جذبو نه هو.
“هڪ ڏينهن تو منهنجو دوستيءَ لاءِ وڌايل هٿ جھليو هو... ياد اٿئي نه_؟” اوچتو هن پڇيو. مون ڪو به جواب نه ڏنو.
“خبر اٿئي، تنهنجي دوستيءَ مون کي ڪيترو فائدو رسايو_؟”
جواب ۾ آئون وري به چپ رهيس.
“آئون مڌوڪر کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.”
“مڌوڪر.” منهنجي وات مان ڄڻ پاڻ مرادو نڪري ويو.
“جي ها. مڌوڪر کي آئون شروعات کان چاهيندي هيس. مون هن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. اڄڪلهه جي زندگي ئي اها آهي. هن وٽ اهو سڀ ڪجھه هو، جنهن جو مان خواب ڏسندي هيس. مون وٽ ڪجھه به نه هو. مان به تو وانگر هنج جا پر هڻي هنجن ۾ گھمندي هيس. تو وانگر ڪانگ هيس پر ڊيل واري چال هلندي هليس.”
“مون وانگر_؟!”
“جي ها. تو وانگر. تون به ته پنهنجي مٿان پوش چاڙهي وڏي ملڪيت جو مالڪ سڏرائي رهيو هئين. ڇوڪريون مردن جي باري ۾ سڀ ڪجھه يڪدم ڄاڻيو وٺن. مرد عورتن کان ايترو واقف نٿا رهن. اسان جي جنس تمام خبردار ۽ محتاط آهي. ان جي برعڪس بي پرواهي مردن جي عادت آهي. اهو ئي سبب آهي جو مڌوڪر منهنجي باري ۾ سڀ ڪجھه معلوم ڪرڻ جي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ڪئي. پر هن مون سان محبت ڪرڻ جي باوجود شاديءَ جو لفظ پنهنجي زبان تي نٿي آندو.
“مون سڀيئي هٿيار آزمايا، پر ناڪام ويس. آخر منهنجي نظر تو تي پيئي. تو ۾ ٻاروتڻ نه هو ۽ تنهنجي عمر ۾ پختگي هئي. تو کان مون کي ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. نوجوانن جي ڳالهه ٻي آهي. مون هڪ ناٽڪ ڪيو فقط مڌوڪر لاءِ. هن جي دل ۾ ريس ۽ ساڙ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ آءٌ توسان گڏ گھمڻ لڳيس، آخر ڪامياب ٿي ويس.”
“ڇا ڪاميابي حاصل ٿي آهي توکي_؟”
“مون ۽ مڌوڪر ٻه مهينا اڳ ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي. ياد اٿئي، جنهن ڏينهن تو منهنجو هٿ جھلي شاديءَ جي مرضي ظاهر ڪئي هئي؟ ان جي ٻئي ڏينهن ئي هو مون سان روزالنڊ ۾ مليو ۽ منهنجي اڳيان گوڏا کوڙي شاديءَ لاءِ التجا ڪئي ۽ اهو به واعدو ورتو ته آئيندي آئون توسان ڪڏهن به نه ملان.”
اسان جي وچ ۾ هڪ ڊگھي ماٺ ڇانئجي ويئي. سامهون رکيل ڪافيءِ جا ڪوپ ٿڌا ٿي ويا. ڄڻ ته انهن ۾ ڪنهن برف جا ڳنڍا وجھي ڇڏيا.
“آئون هينئر به تنهنجي دوست آهيان ۽ هميشه رهنديس... ” هن چيو ۽ بنا ڪجھه ٻڌڻ جي هلي ويئي.
ان رات مون خواب ۾ اهو ساڳيو سائن بورڊ ڏٺو، جنهن تي ٿلهن اکرن ۾ “اولڊ مونڪ” لکيل هو ۽ هيٺ هڪ پوڙهي راهب جي تصوير ٺهيل هئي، جنهن جي هٿن ۾ ٻرندڙ ڏيئو هو. گھڙي کن لاءِ ان ٻڍي راهب ڏيئو مٿي کنيو ته ان جي چنجھي روشنيءَ ۾ مون ڏٺو ته اهو پوڙهو راهب ٻيو ڪونه پر آئون پاڻ هوس، جيڪو پاڻ کي اونداهه ۾ رکي ٻين کي روشني ڏيکاري رهيو هو.
ٻئي ڏينهن کان آئون وري سائن بورڊ پينٽ ڪرڻ لڳي ويس.