آنند ڪارج
مون کي سامهون ڏسي هن يڪدم پنهنجي ڳالهه شروع ڪري ڏني.
“پريتا جو فڪر مون کي اندران ئي اندران کائي پورو ڪري رهيو آهي.”
مون ڪجھه اڻڄاڻ بڻجي سوال ڪيو: “ڇا ڪا نئين ڳالهه ٿي آهي؟”
“ڳالهه ته پراڻي ئي آهي، پر هاڻ معاملو ڪجھه وڌيڪ ئي خراب ٿيندو وڃي. اسان ڇوڪريءَ وارا آهيون. اسان کي ته هر پهلوءَ کان سوچڻو پوندو. هينئر هينئر مون کي خبر ملي آهي ته پريتا اڄ وري گلداد جي گھر وئي آهي.”
“پر امان، گلداد چاليهه سالن جو ٿي چڪو آهي_ مڃون ٿا ته هن ۾ اڃا به نوجوانن واري همت آهي_ پر ارڙهن سالن جي پريتا کي هن سان ڪهڙي دلچسپي ٿي سگھي ٿي؟”
“اها به ڪا ڳالهه. ڇوڪرين جي معاملي ۾ گلداد ايترو بدنام آهي...”
“پر امان، هيءَ ڳالهه به ته مشهور آهي ته ڇوڪرين جي معاملي ۾ هو ڪڏهن به اڳرائي نٿو ڪري. ڇوڪريون پاڻ هن جي اڳيان پويان ڦرنديون رهن ٿيون.”
امان جي پيشانيءَ تي اونها گھنج ظاهر ٿي پيا. چوڻ لڳي. “ ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. ڇُري، گِدري تي ڪري يا گدرو ڇُريءَ تي، نتيجو ته هڪڙو ئي ٿيو ...”
مون ڳالهه ڪٽنيدي چيو، “ اسان کي اهو به نه وسارڻ کپي ته گلداد جي شادي ٿي چڪي آهي.”
ان تي امان جي اکين ۾ ڄڻ ته جوت اچي وئي، “ها، پر ان سان گڏ هيءَ ڳالهه به وسارڻ جي ناهي ته هن جي زال عمر ۾ هن کان وڏي آهي. ٻي ڳالهه اها ته هنن کي ڪو ٻار به نه ٿيو آهي. خبر ناهي گلداد جي دل ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. شايد هو پريتا سان شادي ڪرڻ جو ئي سوچي رهيو آهي.”
هاڻ هوءَ ماٺ ٿي وئي. مون کي ان مسئلي جو ڪو حل نظر نه پئي آيو.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي امان ڪجھه غمگين ۽ ڪجھه ڪاوڙ ۾ اچي چيو، “توهان ٽي جوان ڀائر آهيو. ڇا توهان گلداد جي نڪ ۾ ناڪيلي نٿا وجھي سگھو؟”
مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي جواب ڏنو: “نه امان، اهو ناڪيلي ٻڌڻ جو ڪم ناممڪن آهي. ان جو سبب مون کان نه پڇ. بس ايترو سمجھه کڻي ته اوسي پاسي جي سڄي علائقي جي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪا ايتري همت نه آهي جو هو گلداد جي نڪ ۾ ناڪيلي ٻڌي سگھي.”
ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو پريتا کي پنهنجي گھر ۾ وهاري ڇڏي تڏهن به اسان ماٺ ڪري هن کي ڏسندا رهون. ٿورو سوچيو، هيڏي وڏي خاندان، برادريءِ ۾ اسان جي ڪيڏي بدنامي ٿيندي.”
مون اونهي سوچ ۽ ويچار بعد جواب ڏنو: “ ڪانه ڪا ترڪيب ته ضرور ڳولڻي پوندي.”
منهنجي ڳالهه ٻڌي امان جي اکين ۾ اميد جو تِروِرو نظر آيو. مون وري چوڻ شروع ڪيو: “منهنجو اندازو آهي ته گلداد ايڏو خراب ناهي جيترو هن کي ماڻهو سمجھن ٿا. جيڪڏهن پاڻ هن وٽ هلي هن جي سامهون هي مسئلو رکون ته ممڪن آهي ته ڪو رستو نڪري پوي.”
“ته هلو ته ايئن ڪري ڏسون.”
ٿوري دير کانپوءِ اسان سڀ گلداد جي اوطاق ۾ هن جي سامهون ويٺا هئاسين. هن وڏي مانَ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين بعد مون هن اڳيان پنهنجو مسئلو رکيو. سڄي ڳالهه ڪرڻ بعد آخر ۾ مون اهو به چيو : “ڏسو گلداد صاحب! جيڪڏهن توهان جي ڀيڻ ڪنهن اهڙي حالت ۾ ڦاسي وڃي ها ته توهان کي ڪيئن محسوس ٿئي ها؟”
گلداد جي چپن تي هڪ هلڪي مُرڪ تري آئي. هن پنهنجي وڏن وڏن هٿن جون ڊگھيون آڱريون هڪ ٻئي ۾ کپائي پڇيو:
“ته توهان مون کان ڇا گھرڻ آيا آهيو؟ آئون هر طرح سان توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
اهو ٻڌي منهنجي دل ٽپا کائڻ لڳي. گلداد ته واقعي سٺو ماڻهو نڪتو. مون چيو: “اسين چاهيون ٿا ته توهان پريتا کي اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن وقت هوءَ توهان جي ئي گھر ۾ آهي. اسان جي سامهون توهان هن کي گھرائي اها ڳالهه هن کي صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي هن سان ڪا دلچسپي نه آهي ۽ توهان چاهيو ٿا ته هوءَ پنهنجي گھر وارن جي مرضيءَ تي هلي ۽ جتي هو چاهين، اتي شادي ڪري.”
گلداد ٿورو ما ٺ ۾ رهي چيو: “ائين ئي ٿيندو.”
ايترو چئي اتي ئي ويٺي ويٺي هن پنهنجي زال کي سڏ ڏئي چيو ته هوءِ پريتا کي موڪلي.
پريتا تکيون تکيون ٻرانگون ڀري ملاقاتي ڪمري ۾ پهتي. جڏهن هن پنهنجي ٽنهي ڀائرن کي ويٺل ڏٺو ته گھٻرائجي وئي.
گلداد پريتا تي مٿاڇري نظر وڌي ۽ مضبوط لهجي ۾ چيو: “ڏس پريتا، مون کي توسان ڪا دلچسپي نه آهي. تنهنجا ڀائر توکي وٺڻ آيا آهن. تون هنن سان گڏ هلي وڃ. آئون دل سان چاهيان ٿو ته تون پنهنجي گھر وارن جي مرضيءَ تي هل ۽ جتي هو چاهين اتي شادي ڪر.”
پريتا حيران ٿي وئي. اسين سڀ هلڻ لاءِ اٿي بيٺاسين. مون پنهنجي سڀني ننڍن ڀائرن کي چيو ته هو پريتا کي پاڻ سان گڏ وٺي هلن. آئون پاڻ گلداد جو ٿورو مڃڻ لاءِ ٿوري دير ترسي پيس.
گلداد منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو: “مهرباني جي ڪا ضرورت نه آهي. مون توهان جو چيو مڃيو آهي. پر هڪ شرط منهنجو به آهي، جيڪو توهان کي مڃڻو پوندو.”
مون وڏي جوش ۾ اچي چيو، “چئو چئو، اسان کي توهان جو هر شرط منظور آهي. توهان اسان تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي.”
گلداد پنهنجون چڀندڙ اکيون منهنجين اکين ۾ وجھي ڳري آواز ۾ چيو: “هاڻ توهان پريتا جي شادي ڪٿي ڪرائي ڇڏيو. جيڪڏهن توهان ان ۾ ناڪام رهيا ۽ پريتا وري مون وٽ ڀڄي آئي ته هوءَ وري توهان وٽ موٽي هرگز نه وڃي سگھندي.”
پريتا
جڏهن آئون پنهنجي ڀائرن سان گڏ گھر موٽيس ته منهنجي ماءُ ڄڻ ڀري ويٺي هئي. مون کي ڏسندي ئي لفظن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو. “نڀاڳي ڇوري، مون کي ڪهڙي خبر هئي ته تون ائين گھر جو ننگ ناموس ٻوڙي ڇڏيندينءَ ۽ پنهنجي سڄي خاندان جو ڪارو منهن ڪرڻ لاءِ ائين سندرو ٻڌندينءَ. هاڻ گھر ۾ ويهه. خبردار جو در جون ڌڪيون به پار ڪيون اٿئي. ٻئي ٽنگون ڀڃي رکنديسانءِ.”
ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڪو تعجب نه لڳو، ڇو جو آئون هن کان پهرين کان واقف هيس. البت دل ۾ اهو فڪر ضرور هو ته هاڻ ته گلداد به مون سان ناتو ڇني ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ مون لاءِ ڪهڙو رستو رهجي ويو آهي؟ منهنجي دل هڪ عجيب مونجھاري ۾ ڦاسي پئي هئي، جنهن مان نڪرڻ جو ڪو به رستو نٿي سُجھيو.
ان ڏينهن شام جو جڏهن منهنجي ماءُ ڪجھه دير لاءِ ٻاهر وئي ته هن مون کي مٿين ماڙ جي ڪمري ۾ بند ڪري ٻاهران هڪ ٿلهو تالو لڳائي ڇڏيو. ان مان مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ مون کي گهر ۾ هڪ قيديءَ وانگر رهڻو پوندو.
رات جو به مون کي ان ڪمري ۾ اڪيلي سمهڻو پيو. ٻئي ڏينهن منهنجي نيرن به اتي پهچائي وئي. ٻاهران دروازي مٿان ڪڙو هميشه چڙهيل رهيو ٿي. ٻن پهرن جو ماءُ هفتي جو راشن وٺڻ لاءِ گھر کان ٻاهر نڪتي ته وري تالو هڻي وئي.
آئون کٽ تي ليٽي، اکين تي ٻانهون رکي سوچي رهي هيس ته واهگرو! ڇا ته ويڌن ٿي آهي.
خبر ناهي ڪيستائين آئون ان ڪيفيت ۾ رهي هونديس جو لڳاتار منهنجي ڪنن تي ٺڪ ٺڪ جو آواز پيو. پهرين ته مون ان کي پنهنجي دل جو وهم سمجھيو، پر جڏهن آواز بند ئي نه ٿيو ته مون پنهنجين اکين تان ٻانهن پري ڪري ان طرف ڏٺو، جنهن طرف کان آواز اچي رهيو هو.
اڙي! کليل دريءَ جي شِيخن پويان منهنجي پياري ساهيڙي رانو بيٺي هئي. آئون يڪدم کٽ تان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺيس. هن تکائيءَ مان پڇيو: “ اڙي! هي ڇا ٿيو؟ تون اندر ۽ ٻاهران ههڙو پادر جيڏو تالو؟”
مون هن کي مختصر طور سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو. هن چيو :“ ٿورو گھڻو ته مون کي معلوم ئي هو. تابان (گلداد جي زال) هيءَ ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي آهي ته هن جي مڙس پريتا کي ڪن کان جھلي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. هوءَ اجايو اسان جي گھر ۾ گھڙي آئي ٿي.”
مون ٻڏل آواز ۾ چيو: “اها ئي ته مصيبت آهي. گلداد ته رُکو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ گھر وارا منهنجي عزت بچائڻ لاءِ منهنجي شادي ڪنهن ڪاري ڪلوٽي، ٽيڏي ڪاڻي يا منڊي ٽنڊي سان به ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. هو مون مان ڪنهن نه ڪنهن طرح جان ڇڏائڻ ۾ لڳل آهن.”
رانوءَ شيخن جي وچ مان هٿ اندر وجھي منهنجي ڳل تي چهنڊڙي هڻي چيو، “منهنجي جان، جيڪي ماڻهو عشق جي راهه اختيار ڪندا آهن، اهي ايترو جلد همت نه هاريندا آهن.”
“پر رانو، منهنجي همت هارڻ يا نه هارڻ سان ڇا ٿو ٿئي. جڏهن ته منهنجو ڪو سهارو ئي نه رهيو. منهنجي سمجھه ۾ نٿو اچي ته هڪدم گلداد جو رويو ڇو بدلجي ويو. هن اها ڳالهه ڇو چئي ته مون کي تو سان ڪا دلچسپي ناهي. هن ته ايتري قدر چيو ته آئون پنهنجي خاندان جي چوڻ موجب هلان ۽ جتي هو چون اتي شادي ڪريان.”
رانو منهن ٺاهي، نڪ شِيڪي چيو، “تون ڏاڍي ڪا وسوڙيل آهين. بنهه بيوقف آهين.”
آئون ڪاوڙجي پيس. “تون به مون کي ئي بيوقوف چئي رهي آهين. گھٽ ۾ گھٽ گلداد کان ته پڇين ها ته هن اهڙي طرح منهنجو ساٿ ڇو ڇڏيو؟”
“مون پڇيو هو.” رانوءَ وراڻيو.
منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي مون ڏڪندڙ چپن سان پڇيو، “ته هن ڪهڙو جواب ڏنو؟”
“منهنجي پڇڻ تي پهرين ته هن فقط ڏند کڻي ڏيکاريا ۽ پوءِ چيو، “رانو، ٻڌاءِ ته سهڻيءَ ڇا ڪيو هو؟ ڇا پنهنجي عاشق سان ملڻ لاءِ ڪارين راتين ۾ مٽ جي سهاري درياهه پار نه ڪيو هو. ڇا سسئي گرم ريگستان ۾ اگھاڙين پرين ڊوڙندي نه رهي هئي؟... اهو هو هن جو جواب. هاڻ ٻڌاءِ ته تو ڪجھه سمجھيو؟”
“ها، ڪجھه ته سمجھيم. پر رانو، مون کي اهو ٻڌاءِ ته هن مون کي اهڙا لفظ ڇو چيا؟”
“هي ڏوراپا ڏيڻ جو وقت نه آهي. اهي ڳالهيون ته هن تنهنجي ڀائرن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ چيون هيون، نه ته هو ته هينئر به توکي دل ۽ جان سان چاهي ٿو.”
“ٿي سگھي ٿو اهو تنهنجو وهم هجي.”
هاڻ رانوءَ ٿورو ڪاوڙ مان جواب ڏنو، “پريتا پهرين ته تون هن دفعو هن وٽ پهچڻ جي ڪوشش ته ڪر. هن توکي جيڪو ڪجھه به چيو آهي، پر اهو ته نه چيو اٿس ته ڪڏهن به مون وٽ موٽي نه اچجانءِ.”
اهو ٻڌي آئون سوچ ۾ ٻڏي ويس. دل ۾ وري اميد جي لهر اڀري. رانو چوڻ لڳي: “ مون کي تو وٽ ايندي ڪنهن به ڏٺو ناهي. ڇو ته گھر ۾ فقط تنهنجي وڏي ڀاڄائي هئي. پر ٿي سگھي ٿو ڪو اچي نڪري. جيڪا صلاح سولهي ڪرڻي هجنئي، جلدي ڪري وٺ.”
مون گھٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڊوڙائيندي سوال ڪيو.
“پر آئون هتان نڪرنديس ڪيئن؟ هڪ طرف در کي تالو لڳل آهي. ٻئي طرف در جي اڳيان سوڙهو ورانڊو آهي ۽ اڳيان ٽين جي ڇت. جيڪڏهن آئون هن ڇت تان هيٺ ٽپو ڏينديس ته پڪ پنهنجا پير ڀڃي وهنديس.”
رانو ٻاهر بيٺي بيٺي ڪمري ۾ نظرون ڊوڙائي، پوءِ مون کي چهنڊڙي هڻي چيو، “ڏس، ڪمر ي ۾ ايتريون سوڙون ۽ وهاڻا پيا آهن. رسيون به پيون آهن. انهن مان تنهن جو ڪم هلي سگھي ٿو.”
مون سوڙين ۽ وهاڻن ڏي ڏٺو پر ڪجھه به سمجهه ۾ نه آيو. مون کي مونجھاري ۾ ڏسي رانوءَ سمجھايو، “تون هي سوڙيون، وهاڻا ۽ رسيون منهنجي ويجھو کڻي اچ. منهنجيون ٻانهون شيخن اندر سولائيءَ سان وڃي سگھن ٿيون. وهاڻا ۽ سوڙيون تنهنجي بدن جي چوڌاري ويڙهي رسيون ٻڌي تنهنجو هڪڙو ٿلهو متارو پارسل ٺاهي ڇڏينديس. تون آهستي آهستي رڙهي رڙهي بالڪني جي ريلنگ وٽ پهچي ٽين جي ڇت تي پاڻ کي ڦٽو ڪجانءِ. مٿو ۽ پير سوڙين جي گولي ۾ اندر ڪري ڇڏجانءِ. هي پارسل ٽين جي جھڪيل ۽ ترڪندڙ ڇت تي ڪرڻ سان هيٺ لهڻ لڳندو ۽ اچي اڱڻ ۾ ڦهڪو ڪندو. اڱڻ به ڪچو آهي، سرن ۽ سيمينٽ جو ٺهيل ناهي. ان ڪري توکي ٿورو به ڌڪ نه لڳندو. پٽ تي ڪرڻ سان تون هٿ پير هڻي پاڻ کي پارسل مان ٻاهر ڪڍي وٺجانءِ. تنهنجي مرزيل ڀاڄائي توکي جھلي نه سگھندي. تون ڀڄي نڪرجانءِ ۽ جيڏانهن وڻنئي هلي وڃجانءِ. منهنجي خيال ۾ ته تون سڌو ڳوٺ کان ٻاهر گلداد جي اوطاق تي پهچي وڃجانءِ.”
مون کي رانوءَ جي راءِ پسند آئي. مون سوچيو ته ائين ڪرڻ ۾ مري به ويس ته به ڪو حرج نه آهي. قسمت ته آزمائڻ کپي. شايد واهگرو ڀلي ڪري، ڇو جو گلداد ۽ منهنجو پريم سچو ۽ پاڪ آهي.
ٿوري ئي دير ۾ رانوءَ دريءَ اندر هٿ وجھي منهنجو پارسل تيار ڪري ورتو ۽ چيو، “چڱو، هاڻ آئون هلان ٿي، متان ڪو ڏسي نه وٺي. پر ياد رکجانءِ ته منهنجي وڃڻ شرط ٽپ نه ڏجانءِ. مون کي پڪ آهي ته ڪلاڪ ڏيڍ اندر ڪو به ڀاتي گھر نه موٽندو. منهنجي وڃڻ کان پنڌرهن ويهه منٽن بعد تون ٽپو ڏجانءِ. جيڪڏهن ويندي ويندي تنهنجي ڀاڄائيءَ سان منهنجو مهاڏو ٿي پيو ته آئون چئي ڇڏينديسانس ته تنهنجي ڪمري ۾ تالو لڳل آهي. دري بند آهي. شايد تون ستي پئي آهين. اڙي ها، دري ته بند رک.”
رانوءَ جي وڃڻ کانپوءِ مون ڪجھه دير انتظار ڪيو ۽ پوءِ گسر گسر ڪري بالڪنيءَ جي ننڍڙي ٻنوڙي وٽ پهتيس ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽپ ڏئي پنهنجو پاڻ کڻي ٽين جي پاسيري ڇت تي ڇڏيم. وڏي زور سان ڌماڪو ٿيو. پارسل زمين تي ڪريو. سچ پچ ته مون کي ٿورو به ڌڪ نه لڳو. هٿ پير هڻي پنهنجو پاڻ کي پارسل کان آجو ڪيم ته سامهو ن ڀاڄائي بيٺي هئي. مون هن کي ايڏو زور سان ٿيلهو ڏنو جو ويچاري گھوماٽي کائي پٺئين پير وٺي ڀڳي.
آئون کنوڻ وانگر اڱڻ جي در وٽ پهتيس ۽ ڇال هڻي ٻاهر نڪري آيس. ان کان پوءِ مون پٺيان مڙي نه ڏٺو. سڌو گلداد جي اوطاق جو رخ ڪيم.
آئون چرين وانگر ڊوڙندي ويس_(مٽي هاڻي ڌرتيءَ جي ڌوڙ اڏائيندي، ٻنين ۾ ڦٽل ننڍا ننڍا سلا پيرن سان چيڀاٽيندي، وڻن سان ذري گھٽ ٽڪر کائيندي.
پري کان ڏٺم ته گلداد اوطاق جي ٻاهران بيهي ڪجهه ڪم ڪري رهيو هو. مون تي نظر پوڻ سان هن جا قدم بيهي ويا.
هن وٽ پهچي آئون بيهي رهيس ۽ زور زور سان ساهه کڻڻ لڳيس. منهنجي ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
سڌو ٿي بيهي رهيو. هڪ خاموش مرڪ هن جي منهن تي ڇانئجي وئي. هن جي اڳين ٻن ڏندن ۾ جڙيل سون جون تارون چمڪڻ لڳيون. هن وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان پنهنجو مضبوط هٿ منهنجي پگھر سان آلي ٿيل چيلهه تي رکيو ۽ مون کي اوطاق تي وٺي هليو.
اوطاق تي ڪوٺي ۾ پهچي منهنجي چادر جي پلئه سان منهنجي پيشاني، ڳلن ۽ ڳچيءَ جو پگھر اگھيو. مون کي کٽ تي وهاريو ۽ ٿڌي مٺي جو ڀريل وٽو مون ڏي وڌايو.
شربت پي چپ اگھي، مون گھٻرائيندڙ آواز ۾ پڇيو، “ هاڻ؟”
هن ڪو جواب نه ڏنو. آهستي آهستي هيڏانهن هوڏانهن جا ننڍا وڏا ڪم لاهيندو رهيو. پوءِ ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهران ڪڙو ڏئي ڪلف هنيو.
ڪجھه دير تائين آئون هن جي پري ويندڙ قدمن جو چيچاٽ ٻڌندي رهيس. ۽ پوءِ آئون مونجھاري جي ڪڪرن ۾ ٻڏي ويس ۽ لڙهندي رهيس.
گلداد جي زال_ تابان
ڏيڍيءَ جي دروازي تي ڪڙي جي لڳاتار ٺڪ ٺڪ تي لُوه پائي در تي آيس. دورازو کوليم ته سامهون پنهنجي پياري ڀاڻيجيءَ کي ڏسي حيرت لڳيم. هن جو نالو رتنا هو. اکيون مليندي هن مرڪي چيو، “مون کي دروازي تي ڏسي تون ڇرڪي ڇو وئينءَ؟ شايد تو سمجھيو هوندو ته تنهنجو سردار جي آيو آهي.”
هوءَ اندر هلي آئي. مون تاڙي ڏيندي جواب ڏنو، “تنهنجو اندازو غلط ناهي. هونءَ به تون اهڙي وقت تي پهرين ڪڏهن به نه آئينءَ. منهنجو مطلب آهي ته تون تمام گھٽ اچين ٿي.”
“پر اڄ اچڻو پئجي ويو.”
هوءَ منهنجي ٻانهن تي هٿ رکي اندرين ڪمري ۾ وٺي آئي. هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. چوڻ لڳي آئون ٽڪاڻي کان پئي اچان. رستي تي جڏهن آئون قبرستان وٽان لنگھي رهي هيس ته پري ٻنين ۾ مون کي هڪ ڇوڪري ڊوڙندي نظر آئي. مون اکين تي هٿ جو پاڇو ڪري گھوري ڏٺو ته سڃاڻي ويس ته اها پريتا هئي.
اهو ٻڌندي ئي مون کي ڄڻ نانگ ڏنگي ويو. بي اختيار هڪ قدم پٺيان ڪري رنڀ ڪيم. “پريتا؟ تو سچ پڇ هن کي صحيح طرح سڃاڻي ورتو هو؟”
“ها. ها. ان ڪري ته ٻڌائڻ آئي آهيان. جڏهن هوءَ اوطاق جي ويجھو پهتي ته ماسڙ پنهنجو ڪم ڇڏي هٿ هن جي چيلهه تي رکيو ۽ هن کي اوطاق اندر وٺي هليو.”
آئون ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويس. رتنا پوتيءَ کي سنڀاليندي چيو، “چڱو ڀلا آئون هلان ٿي، وڌيڪ ترسڻ جو وقت نه اٿم. تمام گھڻو ڪم پيو اٿم. پريتا نظر اچي وئي ته مون سوچيو ته پهرين اها خبر تو تائين پهچائي ڇڏڻ کپي.”
ايترو چئي رتنا شلوار جي ڦڙ ڦڙ ڪندي هلي وئي. ٿوري دير بعد دٻيل پيرن سان ڪنهن جي هلڻ جو آواز ٿيو ۽ در تي ڪڙو لڳو. مون وڃي در کوليو ته رتنا جو ماسڙ يعني منهنجو سردار جي بيٺو هو.
هو ٿلهو متارو رڇ جھڙو اندر آيو ۽ چائنٺ ٽپي ورانڊي ۾ آيو ۽ ڀت ۾ لڳل ڪوڪي ۾ اوطاق جون ڪنجيون لڙڪايون. هونءَ شڪل شبيهه مان هو رڇ نٿي لڳو، باقي چال چلت رڇ واري هيس. اڃا هن جي مون ڏي پٺ ئي هئي ته آئون پڇي ويٺيس:
“هوءَ ڏائڻ وري اچي وئي نه؟”
هن مون طرف ڏسڻ بنا خاص انداز ۾ جواب ڏنو، “هوءَ ڏائڻ نه، منهنجي ٿيڻ واري زال آهي.”
آئون ٻڌي باهه ٿي ويس ۽ رڙ ڪري چيم، “ٿيڻ واري زال آهي ته پوءِ هن کي هتي ڇو نه وٺي آئين؟ اوطاق تي ڇو بند ڪري رکيو اٿئي؟”
هن پاڻ ئي هڪ وڏو وٽو ڏُڌ سان ڀريو ۽ وات جي ويجھو آڻيندي چيو، “بس آنند ڪارج (شادي) ٿي وڃي پوءِ ته هن کي سڄي عمر هتي ئي گذارڻو آهي.”
مون وات مان گڦ ڳاڙيندي چيو، “هن عمر ۾ آنند ڪارج؟ شرم نٿو اچنئي؟ دنيا ڇا چوندي؟”
منهنجو خيال هو ته منهنجي ان چوڻ تي هو مڇرجي ويندو. پر ائين نه ٿيو. هن ڏڌ جو وٽو خالي ڪري مڇين کي هٿ سان صاف ڪري پوءِ آڱرين سان استري ڪري چيو، “ڏس تابان، تون عمر ۾ مون کان به ٽي چار سال وڏي آهين. تو اڄ تائين ڪنهن ٻار کي ته ٺهيو، مئل ڪوئي کي به جنم نه ڏنو. مون کان پوءِ منهنجو نالو وٺڻ وارو ڪير ٿيندو؟ منهنجي جائداد جو، منهنجي ٻنيءَ ٻاري جو مالڪ ڪير ٿيندو؟”
مون وٽ انهن سمورين ڳالهين جو ڪو جواب نه هو. آئون پنهنجي ئي اندر جي باهه کان ڦاٽڻ لڳيس. “جيستائين آئون جيئري آهيان تون هن گھر ۾ پهاڄ نٿو آڻي سگھين.”
اهو ٻڌي هوءَ رڇ واري چال ٽلندو منهنجي ويجھو پهتو ۽ ڳري آواز ۾ چيو، “اها ته ڪا خاص وصيت يا شرط ناهي. قبرستان وٽ جيڪو ڊگھو ٻٻر جو وڻ آهي، ان جي ئي ڪنڊن واري شاخ تي سڀاڻي تنهنجو سِر لڙڪيل نظر ايندو ۽ ڌڙ جو ڪو نالو نشان نه هوندو. مطلب اهو ته جيڪو ڪم تنهنجي جيئري جاڳندي نه ٿي سگھندو اهو ائين ٿي ويندو.”
مون دل ئي دل ۾ سمجھيو ٿي ته آئون بازي هارائي چڪي آهان، پر مون همت نه هاري. ٽانءَ ۾ اچي چيومانس، “توکان شايد اهو وسري ويو آهي ته منهنجا چار ڀائر به آهن.”
هن جي مڇن هيٺيان اهي ڏند ڏيکائي ڏيڻ لڳا جن کي سون جون تارون لڳل هيون. چوڻ لڳو، “اڙي ها. انهن کي ته آئون گھڙي ساعت لاءِ وساري ويٺو هوس. خير، چئين ته تنهنجي چئني ڀائرن جا به چار چار ٽڪرا ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيان، جئين اهو شرط به پورو ٿي وڃي .... ڌيان سان ٻڌ، تون چڱي طرح ڄاڻين ٿي ته ان قسم جو چرچو ڪرڻ منهنجي عادت ناهي. وڃ، منهنجين ڳالهين تي ٿڌي دل سان وڃي سوچ ويچار ڪجانءِ. پر چڱيءَ طرح سمجھي وڃ ته هي آنند ڪارج (شادي) ترسي نٿي سگھي.”
آئون هن جي سامهون وڌيڪ ترسي نه سگھيس ۽ ڏڪندڙ ٽنگن سان اندر ڪوٺيءَ ۾ هلي ويس. دير تائين آئون پنهنجي ڌڙڪندڙ دل سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس.
ڇو جو پنهنجي دل جي اونهائين سان چڱيءَ طرح سمجھيس ٿي ته هاڻ هي سڀ ڪجھه ٿي رهندو.
(هندي ڪهاڻي. ليکڪ: بلونت سنگھه)