ڪھاڻيون

اناميڪا

ھي ڪتاب پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي. الطاف شيخ لکي ٿو:”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اناميڪا

ڌنڌ

بقر عيد جو موقعو هو. ماڻهو وڏي آواز ۾ ذڪر ڪندا ميٽرو انٽر نيشنل بلڊنگ جي وڏي هال ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
“الله تمام وڏو آهي. الله تمام وڏو آهي. الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ناهي. الله تمام وڏو آهي. الله تمام وڏو آهي.”
جيتوڻيڪ اونهارو شروع ٿي ويو هو، پر اتر آمريڪا جي هن ملڪ ڪئناڊا ۾ اڃا سخت سيءُ هلي رهيو هو. سيءَ ۽ هلڪي هلڪي برسات هوندي به ماڻهن جا انبوهه نماز لاءِ اچي رهيا هئا. خاندانن پٺيان خاندان اچي رهيا هئا_ نوجوان ۽ ضعيف عورتون توڙي مرد، ننڍا وڏا ڇوڪرا ڇوڪريون. وڏي هال جي حدن ۾ اچڻ بعد مرد ۽ عورتون ڌار ڌار ٿي رهيا هئا. عورتون ساڄي پاسي واري دروازي کان داخل ٿي رهيون هيون، مرد ماڻهو ۽ ڇوڪرا وڏي هال جي کاٻي دروازي مان لنگھي هال ۾ اڳيان صفن ۾ ٿي ويٺا ٿي.
موٽر ڪارن جي پکڙيل پارڪنگ لاٽ ۾ نگهباني ڪرڻ واري هڪ رضاڪار رڪن پنهنجي هٿ ۾ جھليل واڪي ٽاڪيءَ جا نمبر دٻايا. ٻئي طرف انتظاميا جي اعزازي رڪن اهو ڪال رسيو ڪيو ۽ پڇيو:
“هيلو هيلو! ڇا ڳالهه آهي؟”
“جناب! ڇا توهان مون کي اهو ٻڌائي سگھندائو ته هن پارڪنگ لاٽ ۾ ڪيتريون ڪارون بيهي سگھن ٿيون؟”
“چار هزار ڪارون ته پڪ ئي پڪ بيهي سگھن ٿيون، پر توهان ڇو پيا پڇو؟”
“هي لاٽ ڀرجي چڪو آهي جناب، پر ايندڙ ڪارن جي ڊگھي قطار اڃا تائين نظر اچي پئي. توهان يڪدم گيٽ تي ڪنهن والنٽير کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ بورڊ لڳائي ڇڏيو ته هي لاٽ فل ٿي ويو آهي.”
“واهه! واهه!” انتظاميا جي هن رڪن ٻئي رڪن کي چيو. “چار هزار ڪارن جي پارڪنگ رکڻ وارو هي ميدان ڀرجي چڪو آهي. يعني پنڌرهن هزار ماڻهو گڏ ٿي چڪا آهن.”
پارڪنگ لاٽ جي رضاڪار رڪن انتظاميا جي ڪارڪن کي وري سڏ ڪيو:
“ايندڙ ڪارن کي پارڪ ڪرائڻ لاءِ ڪو ٻيو انتظام جلد ڪرڻو پوندو، جي نه ته ٽرئفڪ جام ٿي ويندي ۽ ان کي سلجھائڻ لاءِ تمام گھڻو وقت لڳندو.”
ٻيو رڪن پهرين رضاڪار کي جواب ڏئي رهيو هو، “هن دفعي عيد ويڪ اينڊ تي آئي آهي ان ڪري اهي ماڻهو به اچي ويا آهن جن جو ٻي صورت ۾ پنهنجي آفيس يا جاب تان موڪل ٿيڻ مشڪل ٿي پوي ها.”
“ها تنهنجو تجربو بلڪل صحيح آهي.”
نماز ڪميٽيءَ جي ٽين ميمبر چيو، “اهو به نه وسارجو ته هن ڀيري هتي جي سڀني عالمن جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد ٿيو آهي، ان ڪري پنهنجي هن شهر ۾ پنهنجي برادريءَ جا سڀ ماڻهو گڏ ٿي هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائي رهيا آهن نه ته عالمن ۾ اختلاف هجڻ ڪري ٻه عيدون ته عام طرح نه ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي عيدون به پنهنجي وچ ۾ اينديون رهيون آهن.”
“اهڙيون عيدون پنهنجين خوشين جو به ورهاڱو ڪريو ڇڏين ۽ ٻين گروپن: عيسائين، يهودين، هندن وغيره اڳيان اسان تان چرچا ڪرائڻ جو سبب بڻجن ٿيون.”
“اڄ جي اسان جي هن ڪاميابيءَ جو ڇٽ اسان جي نئين مقرر ڪيل پيش امام جي مٿي تي آهي. هن هتي هلال ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو ڪم چنڊ جي نظر اچڻ يا نه اچڻ جو فيصلو ڪرڻ مقرر ڪيو ۽ مذهب جي نالي وڏو آواز ڪڍڻ وارن ٺيڪيدارن کي هڪ مرڪز تي وٺي آيو، جيئن عيد جي ڏينهن بابت هڪ ئي فيصلو ڪيو وڃي.”
“ها. اها ڳالهه ته آهي.” ماڻهن حامي ڀري.
ماڻهن سان ڀريل هال اندر نماز ۽ خطبي کان اڳ پيش امام ماڻهن سان مخاطب هو. هن جو ڳرو ۽ رعبدار آواز هال جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين گونجي رهيو هو.
“ڀائرو ۽ ڀينرو! الله جو ڪرم ۽ احسان آهي جو نارٿ آمريڪا جي هن صوبي ۾ مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو. اسان جي هن شهر ۾ پنج سال اڳ فقط هڪ هنڌ جمعي جو خطبو ۽ پنج وقت نماز ٿيندي هئي. هڻ اهڙا يارهن هنڌ آهن. رمضان جي مقدس مهيني ۾ پهرين فقط ٽن جاين تي تراويح نماز پڙهائڻ جو بندوبست هو. هن دفعي اٽڪل ويهن جاين تي انتظام ٿيو آهي. جاين جو تعداد هاڻ هر سال انشاء الله وڌندو رهندو. پهرين اسان لاءِ حافظ سڳورا ٻاهران گھرايا ويندا هئا. هاڻ اهي اسان هتي تيار ڪري رهيا آهيون.”
جماعت مان ڪنهن رڙ ڪئي. “نعره تڪبير.”
“سڀني ماڻهن هڪ آواز ٿي ورندي ڏني، “الله اڪبر.”
“اسان جي نمازين جو تعداد به وڌندو وڃي، “پيش امام شهادت جي آڱر کي مٿي کنيو ۽ بلند آواز ۾ پنهنجي بيان کي جاري رکيو، “پر اسان وٽ عبادت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاءِ ناهي. ٿورو غور ڪريو ته اسڪولن، گرجا گھرن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جي هالن کي مسواڙن تي وٺي آخر ڪيستائين، نمازون پڙهندا ۽ پڙهائينداسين. هن شهر ۾ ڏينهون ڏينهن پنهنجي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکي هڪ نئين، وڏي ۽ عاليشان مسجد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي.”
“نعره تڪبير”
“الله اڪبر.”
“هيءَ نمايان عمارت فقط مينار ۽ گنبذ جي نمائش نه پيش ڪندي پر ان جي اندر هڪ اعليٰ قسم جو اسلامي مرڪز هوندو. هتي اسين ٻارن ۽ وڏن کي دين جي تعليم ڏينداسين. هن جاءِ تان ايمان جي روشني ڦٽندي، جيڪا نه فقط اسان جي چهرن کي بلڪ اسان جي دل ۽ دماغ کي به منور ڪري ڇڏيندي. ”
پيش امام جي تقرير ۾ ڪشش هئي، جادو هو. مسجد جي تعمير لاءِ زمين ته پهرين ئي خريد ڪئي وئي هئي. کوٽائي ۽ بنياد جو پٿر رکڻ لاءِ فنڊن جي ضرورت هئي. هن چندو ڏيڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ قرآني آيتن جو ترجمو ٻڌايو:
“اي ايمان آڻڻ وارؤ، جيڪو ڪجھه مال متاع الله توهان کي بخشيو آهي، ان مان خرچ ڪريو، ان کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي جنهن ۾ نه خريد و فروخت ٿيندي، ۽ نه دوستي ڪم ايندي، نه سفارش هلندي.”
“الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو. الله کي قرض ڏيو. توهان جي هڪ اصل جي بدلي ۾ الله توهان کي ست سؤ دفعا وڌيڪ ڏيندو. الله کي حساب وٺندي دير نٿي لڳي.”
“جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن هڪ داڻو پوکڻ سان ست سنگ ٿين ٿا ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا ٿين ٿا.”
پيش امام جي تقرير ۾ زبردست ڪشش هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مردن کي هنن جي کيسن ۾ ڊالرن جا نوٽ ۽ بئنڪن جا چيڪ بڪ بار ٿيڻ لڳا. هو پنهنجو بار گھٽ ڪرڻ لڳا. عيد جو موقعو هجڻ ڪري عورتن جي بدن تي زيور هئا. اهي زيور هنن کي چُڀي رهيا هئا. پنهني چُڀ چُڀ کي گھٽ ڪرڻ ۾ هو به لڳي ويون. ننڍي عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وٽ نه بار هو نه چڀ چڀ. ان ڪري هنن اقرار نامن تي صحيحون ڪيون ته هو محلي محلي جي گھر گھر ۾ وڃي مسجد جي تعمير لاءِ چندو گڏ ڪندا.
پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پنهنجين آڱرين سان ڦڻي ڏيندي پيش امام لقمو ڏنو ته هي الله جي خوشنوديءَ جو ڪم آهي.
رقم جي ڳڻپ ٿيڻ لڳي، هڪ وڏي بورڊ تي مليل رقم جا انگ اکر لکيا ويا ته جيئن ماڻهن کي خاطري ٿي وڃي ته هنن جو ڏنل چندو پهچي ويو ۽ ان ئي مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ هنن ڏنو آهي.
ڏهه هزار ڊالر، پنجاهه هزار ڊالر ۽ ايئن وڌندو وڌندو اهو چندو ڪئش جي صورت ۾ ٻه لک ٽي هزار هڪ سئو پنجاسي ڊالر ٿي ويو. ان ئي جيتري ملڪيت جا ڳهه ڳٺا ٿيا هئا، جيڪي عورتن ڏنا.
پيش امام جي ڌيءَ ٽي ويءَ جي رپورٽر کي چئي رهي هئي:
“منهنجو ڊئڊي پنهنجي ارادي جو پڪو آهي. پهرين پنهنجي مهم جو مڪمل خاڪو ٺاهي ٿو. ان جي مڙني پاسن جو تجزيو ڪري ٿو. پنهنجن عملي قدمن کي هڪ ٻئي پويان ترتيب ڏئي ٿو، ان کانپوءِ ئي هن کي اونهائي ملي ٿي ۽ هو ٽُٻي هڻي سچا موتي ڪڍي ٿو. هيءَ جيڪا اڄ هيڏي رقم گڏ ٿي آهي، ان جي پٺيان ڪيترن ئي مهينن جي ڪوشش ۽ منظم پلاننگ آهي.”
“توهان ماڻهو هن ملڪ ڪئناڊا ۾ ڪڏهن آيائو؟”
“ساڍا چار، نه پوڻا پنج بلڪ پنج سال ٿي ويا آهن” ، پيش امام جي ڌيءَ ياد ڪندي جواب ڏنو، “پهرين اسان پئرس ۾ هئاسين. در اصل بابا جو تعلق هندوستان سان آهي. اتي هنن دين اسلام جي باري ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن حفظ ڪيو.
“ڪيترن ئي نوجوانن کي پڙهڻ لکڻ بعد ملڪ کان ٻاهر ويندو ڏسي بابا کي به شوق ٿيو ته هو به ٻاهر نڪري. هنن ان خواهش لاءِ رب پاڪ کان دعا گھري. هنن جي دعا قبول ٿي وئي. هو پئرس هليا ويا. پئرس ۾ هنن منهنجي ماءُ جي اڳيان اسلام پيش ڪيو. منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ جو نوراني چهرو ڏسي اها پيشڪش قبول ڪئي. ٻنهي جي شادي ٿي ته بابا کي فرانس جي اميگريشن تحفي ۾ ملي. ان کان پوءِ هنن جي زندگيءَ ۾ خاص ڳالهه اها ٿي ته آئون پئدا ٿيس.”
پيش امام جي ڌيءَ کلڻ لڳي.
“توهان جو ڄمڻ خاص ڳالهه ئي آهي”، ٽي ويءَ جي رپورٽر چيو، “هڪ فرينچ ۽ هندوستاني جوڙي جي قائم ڪيل اُفق تي هڪ تو جهڙو چنڊ نمودار ٿيو، جيڪو خوبصورت آهي ته روشن به.
“مهرباني.”
“توهان جي ڊئڊ جي پئرس ۾ ڪهڙي وندر هئي؟”
“هڪ مسجد جي پيش امام طور هو ملازم هو. نمازون ادا ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪري هن جي پٺيان ٽن سون جي لڳ ڀڳ ماڻهو گڏ ٿي ويا ٿي. آئون تمام ننڍي هيس. ڏسندي رهندي هيس ته بابا جي هٿ ٻڌڻ سان سڀ ماڻهو هٿ ٻڌندا هئا. بابا اڳيان بيٺل هوندو هو، جيڪي جيڪي بابا ڪندو هو، پٺيان قطارن ۾ بيٺل سڀ ماڻهو وڏي ادب سان ايئن ڪندا هئا. بابا جي هن قيادت کي ڏسي مون کي عجيب احساس ٿيندو هو. پوءِ هيئن ٿيو جو ڪئناڊا جي حڪومت جو هڪ اعلان نظر مان گذريو، جنهن مطابق اسان کي خبر پئي ته ڪئناڊا ۾ اميگريشن جا دورازا کوليا ويا آهن. امان بابا کي صلاح ڏني ته پاڻ کي معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ ڪئناڊا هلڻ کپي. بابا مڃي ويو. اسين هتي هليا آياسين. مذهب جي ڪمن جو رجحان رکڻ واري هڪ ڪميٽيءَ بابا جو انٽرويو ورتو ۽ هن کي نوڪري ڏئي ڇڏي. بابا ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي سمجهايو ته هو هڪ مسجد جي تعمير جو منصوبو ٺاهين. ان سان گڏ هن ان ڳالهه جي به حامي ڀري ته هو ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ان منصوبي کي حقيقت بنائيندو. اڄ جو هي موقعو ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.”
ٽي ويءَ تي رپورٽر پيش امام جي زال اڳيان مائيڪ رکيو ۽ پڇيو، “ڇا توهان خوش آهيو ته توهان پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ ڪئناڊا کي پنهنجو نئون وطن ٺاهيو آهي؟”
“شروع شروع ۾ ڏاڍي خوش هيس. ”
“هاڻ ڀلا ڇو نه؟”
“حسد، ساڙ، اڪيلائي، ڏک ۽ ڪاوڙ_ اِهي اُهي ڀتيون آهن جيڪي منهنجي چوڌاري اُڀيون ٿي ويون آهن ۽ آئون انهن جي اندر قيد ٿي وئي آهيان.”
“ڇا تون ٻڌائيندينءَ ته ائين ڇو ٿيو؟”
“منهنجو مڙس مون کان کسجي ويو آهي. هو پيش امام جيڪو عوام کان وڏا وڏا چندا پيو وٺي. منهنجو رفيق حيات هو. هاڻي نه آهي. هاڻ هن جي شادي مسجد جي مهم سان ٿي وئي آهي. هر روز فجر جي نماز کان اڳ هو گھر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ، پوءِ عشا نماز جي ختم ٿيڻ بعد به هن جي گھر موٽڻ جو وقت شروع نٿو ٿئي. جڏهن اسين اڃا ڪئناڊا نه آيا هئاسين ته هر پنجين ڏينهن بعد ٻن ٽن ڏينهن جو ويڪ اينڊ ايندو هو. مون کي ايئن لڳندو هو، ڄڻ آئون به انهن ماڻهن ۾ شامل آهيان، جيڪي ويڪ اينڊ لاءِ جيئن ٿا. صحتمند ۽ تازا توانا ساهه آئون هميشه ويڪ اينڊ کان حاصل ڪندي هيس. هاڻ هفتي جا ست ئي ڏينهن هو ڪم ۾ لڳو رهي ٿو. ويڪ اينڊ جي نالي کان ڏُور تمام ڏُور ٿي آئون ڏينهون ڏينهن مريض ٿيندي وڃان. جيڪڏهن اها ئي زندگي آهي ته پوءِ اهڙي زندگيءَ مان ڇا فائدو؟”
“ماءُ” پيش امام جي ڌيءَ وچ ۾ ڳالهايو، “توهان خواه مخواه پنهنجو پاڻ کي پريشان ڪري رهيون آهيو. هڪ دفعو هن عبادت گاهه جون ڀتيون مٿي کڄڻ شروع ٿيڻ ڏي ته پوءِ تنهنجو صبر مٺو ڦل آڻيندو. بابا پهرين وانگر معمول تي اچي ويندو. توهان ٻنهي جون قربانيون ڳايون وينديون. پنهنجي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو توهان جا احسانمند رهندا. هو توهان جو قدر ڪندا.”
“هونهه!” پيش امام جي زال چيو، “مسجد جي تعمير کانپوءِ، اسلامڪ سينٽر، اسلامي ڪتابن جي لائبريري، اسلامي تعليم جو مسئلو، حافظ ٺاهڻ جي ضرورت تي غور، ڪيترائي اهڙا اڻ ڳڻيا مقصد، پروجيڪٽ ۽ پروگرام آهن جن جا منجھيل سٽ هر روز نظر اچن ٿا. مذهب جي هيءَ مال گاڏي تمام ڊگھي آهي، ڌيءَ ان جي انجڻ تنهنجو پيءُ ٺهيو ويٺو آهي. هيءَ مال گاڏي منهنجي احساسن کي روڙيندي اڳتي وڌي رهي آهي. هن جا گھمندڙ ڦيٿا منهنجين خوشين ۾ ڏرڙ پئدا ڪري رهيا آهن. مال گاڏيءَ جو پهريون دٻو گذري ويو آهي، اها مون کي خبر آهي، پر ان جو آخري دٻو ڪڏهن گذرندو ۽ آخري دٻي گذرڻ تائين منهنجي ڪهڙي حالت ٿي ويندي - مون کي اندازو ناهي. اهي ڳالهيون سوچيان ٿي ته مون کي وحشت ٿيڻ لڳي ٿي.”
آسپاس جي ماڻهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته پيش امام جي زال جي منهن تي ڪاوڙ، نفرت ۽ وحشت جا نقش نظر اچي رهيا هئا. پر هي نقش مسجد جي تعمير جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي آڏ ثابت نه ٿيا. بهترين گولائي وارو گنبذ ظاهر ٿيو. هڪ ڊگھو مينار پنهنجي اعزاز جو اعلان ڪرڻ لڳو. گنبذ ۽ مينار پري پري کان نظر اچڻ لڳا.
__________
شهر جي وچ واري علائقي ۾ بيٺل هڪ بلند ۽ خوبصورت عمارت جي مٿاهين منزل تي جشن ملهايو پئي ويو. جديد فئشن جا ڪپڙا تيار ڪرڻ واري ڪمپنيءَ طرفان شهر جي ۽ شهر جي ٻاهران رهڻ وارن سڀني معزز ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. ان ۾ شامل تجارت پيشه ۽ صنعتڪار به هئا، محفل ۾ آيل دعوتي قسم قسم جي شراب سان دل وندرائي رهيا هئا. کل ڀوڳ ۾ به مصروف هئا. جيڪي هوش وڃائي رهيا هئا انهن کي فلور تي پهچي ڊانس ڪرڻ جو هوش اچي رهيو هو. ان ڪمپنيءَ جو چيئرمين هن وقت هڪ وڏي شخصيت جو مالڪ بنجي چڪو هو. اچڻ وارو هر معزز مهمان هن کي مبارڪون ڏئي رهيو هو ۽ هن جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهي رهيو هو. ڳالهه اها ٿي هئي ته فئشن جي دنيا رکڻ وارن ملڪن جي ڪميٽي جي طرف کان هڪ حسن جي عالمي مقابلي جو اعلان ٿيو هو، جنهن ۾ ماڊلنگ جو ڪم ڪرڻ واريون يا هن ڪئريئر ۾ اچڻ جي خواهشمند ڇوڪرين کي شريڪ ٿيڻو هو. فئشن جا ڪپڙا ٺاهڻ واري هن ڪمپنيءَ جي چيئرمين پنهنجي ڪمپنيءَ جي طرف کان هڪ ڇوڪريءَ کي هن مقابلي ۾ ماڊل طور مقرر ڪيو هو. اها ڇوڪري زبردست قسم جي نڪتي. هر ڏاڪي تان مقابلو کٽيندي پنهنجي اسپانسر ڪمپنيءَ جي نالي کي شهرت جي ڏاڪڻ تي مٿي کان مٿي پهچائيندي وئي. هوءَ سيمي فائنل مقابلن ۾ ڪامياب ٿي فائنل ۾ آئي ته ڪيترين ئي جي نگاهن جو مرڪز ٿي پئي. ان کانپوءِ فائنل مقابلو کٽي هوءَ نمبر ون ٿي وئي. ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين پنهنجي آفيس جي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ خوشيءَ وچان ناچ ڪرڻ لڳو، ڇو جو ان ڪاميابيءَ ذريعي هاڻ هن جي ڪمپنيءَ جو نالو دنيا جي مارڪيٽ ۾ نمايان ٿي ويندو. نمبر ون ماڊل جي نمائش ڪيل وڳن جي آرڊرن جو ملڻ يقيني هو. ايندڙ سال هن جي ڪمپنيءَ کي ڪيترن ئي ملين ڊالرن جو فائدو ٿيندو . هن جو بزنيس هر سال وڌندو ويجھندو. يورپ ۽ آمريڪا اندر تمام جلد هن جون گھٽ ۾ گھٽ سو شاخون هونديون. ڪمپنيءَ جي عهديدارن سڄو پروگرام ٺهي ورتو هو.
هڪ نوجوان ۽ خوش پوش عورت ڪمپنيءَ جي صدر کان دوستي واري لهجي ۾ پڇيو: “ تنهنجي اها عظيم ماڊل گرل ڪٿي آهي، جنهن جي ڪاميابي تي تو ايڏي شاندار ۽ رنگارنگ پارٽيءَ جو انتطام ڪيو آهي.”
“افسوس آهي جو هوءَ اچي نه سگھي آهي”، چيئرمين افسوس جو اظهار ڪندي چيو، “پر اسان توهان کي ٽي ويءَ تي هن ڇوڪريءَ کي هر ڪنڊ کان ڏسي سگھو ٿا. ان وڊيو ڪئسٽ جون اسان ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهرايون آهن، جيڪي توهان کي تحفي طور ڏئي سگھون ٿا.”
“ڇا اها ڇوڪري هن ئي شهر ۾ رهي ٿي؟”
“ها هوءَ هن ئي شهر ۾ رهي ٿي. اچ ته آئون توکي ٻڌايان ٿو ته هوءَ ڪٿي رهي ٿي.”
هو ٻئي وڏي دريءَ وٽ ويا. ڪمپنيءَ جي چيئرمين آڱر جي اشاري سان سامهون ڏيکاريون ۽ چيو : “هو ڏس هتي هڪ گنبذ ۽ مينار نظر اچي رهيو آهي.”
“سمجھان ٿي، اهو هڪ مسلم چرچ آهي.” عورت جواب ڏنو.
چيئرمين چيو: “اها هيڊ پريسٽ جي ڌيءَ آهي ۽ ان مسلم چرچ وٽ ئي هنن جو گھر آهي.”
“توکي هوءَ ڪيئن ملي؟”
“اسان جو شوروم هن ڇوڪريءَ جي گھر ۽ اسڪول جي وچ ۾ پوي ٿو. هوءَ هر روز هتان لنگھي ٿي ۽ ٻاهر جي شيشن تي نظرون کُپائي اندر سجايل مختلف ڊيزائنن جي وڳن کي ڏسندي هئي. شوروم ۾ رکيل ماڊل مجسمن تي هن جون نظرون ڄمي وينديون هيون. هن جي ان شوق کي ڏسي مون هڪ ڏينهن هن کي شوروم جي اندر اچڻ جي دعوت ڏني، جيئن هوءَ ويجھڙائيءَ مان پنهنجن پسنديده وڳن کي ڏسي سگهي. هوءَ اندر اچي وئي. ۽ پوءِ بنا خوف ۽ شرم جي هن جي اندر اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪپڙن جي اسٽئنڊ تان پنهنجن پسنديده وڳن کي کڻي پنهنجي بدن تي لڳائي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي، پر انهن ڪپڙن تي قيمت جي ليبل ڏسي اداس ٿي ويندي هئي. ليبل ڏسڻ بعد هن ڪپڙن کي وري ايئن جو ايئن ريڪ ۾ سجائي رکيو ٿي ۽ پوءِ موٽي وئي ٿي. هڪ ڏينهن مون هن کي ٻڌايو ته مون کي فوٽوگرافيءَ جو شوق آهي، ان لاءِ ڇو نه هوءَ منهنجي شورم مان پنهنجي پسند جا ڪپڙا پائي ۽ آئون پنهنجي ڪئميرا سان هن جون خوبصورت تصويرون ڪڍان. هن مون کي بي اعتباريءَ سان ڏٺو ۽ انڪار ڪيو. مون هن کي يقين ڏياريو ته ڪڍيل تصويرون ۽ هن جا نيگيٽو ٻئي شيون، آئون هن کي ڏئي ڇڏيندس. پنهنجو پاڻ وٽ ڪجھه به نه رکندس. تڏهن هوءَ وڃي راضي ٿي. مون هن جون تصويرون ڪڍيون. هر ڊريس ۾ هوءَ جاذبِ نظر لڳي ٿي. اسان جي ڪمپنيءَ جون ڊيزائنون هن جي جسم تي ويتر وڻندڙ لڳيون ٿي. ڪيترن موقعن تي آئون هي وڳا هن کي تحفي طور ڏيڻ لڳس. مون پنهنجي طرف کان هن کي صلاح ڏني ته هوءَ فئشن جي دنيا ۾ اچي وڃي ۽ پنهنجو پاڻ کي ماڊلنگ لاءِ تيار ڪري. مون هن کي ٻڌايو ته هوءَ جيڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هي مقابلو کٽي ويندي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڪا وڏي ڪمپني خوشيءَ سان هن کي نوڪري ڏئي سگھندي ۽ هن جو پگھار اٺن کان ڏهه هزار ڊالر في هفتو ٿي سگھي ٿو. هوءَ خوشيءِ وچان ٻهڪي ضرور هئي پر پوءِ ٿوري دير بعد اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته هن جو ڊئڊ هن جي اهڙي نوڪريءَ کي هرگز پسند نه ڪندو. مون هن ڇوڪريءَ جو ڌيان ان ڳالهه ڏي ڇڪايو ته هن جو ڊئڊ پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هن ملڪ کي پنهنجو ٻيو وطن فقط هڪ سٺي معيار زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ بڻايو آهي. اهڙو ويچار رکڻ واري ماڻهوءَ جي ڌيءَ کي جيڪر ڏهه هزار ڊالر هر هفتي ملڻ واري نوڪري ملي ته زندگيءَ جو معيار اهڙو اعليٰ ۽ اوچو ٿي ويندو، جيڪو ٿورن ئي خوشنصيب ماڻهن کي ملي ٿو. هن جي ڊئڊ کي پوءِ ايڏي سخت محنت نه ڪرڻي پوندي. هوءَ منهنجي خيال سان سهمت نه هئي. مون آخري تجويز پيش ڪئي ته هوءِ مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري_ فقط اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ان مقابلي جي ڪهڙي منزل تائين پهچي سگھي ٿي. نوڪري ۽ ڪئرير جي ڳالهه پوءِ جي آهي. هن چيو ته هوءَ ان لاءِ غور ڪندي. هوءَ هلي وئي. ڪجھه هفتن کانپوءِ جڏهن هوءَ وري آئي ته هن مون کي اطلاع ڏنو ته هن جي ماءُ پيءُ وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي، جيڪا پوءِ طلاق جي صورت اختيار ڪري ويندي. هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ آهي ۽ هن جي ماءُ هن کي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
چيئرمين ٿوري دير لاءِ ترسيو. پنهنجي گلاس کي چپن سان لڳائي ڪجھه ڍڪ پيتا ۽ پوءِ چيو:“ ان کانپوءِ جو نتيجو توهان جي سامهون آهي. جڏهن هوءَ پهريون نمبر کڻي آئي ته اسان سوچيو ته هي ماڊل ڇو نه اسان جي ڪمپنيءَ جي نوڪري قبول ڪري. اها تجويز هن کي به پسند آئي. اسان پلان ٺاهيا. نوڪريءَ لاءِ جاءِ پئدا ڪئي ۽ ڏهه هزار ڊالر في هفتو پگھار تي ٽن سالن لاءِ معاهدو تيار ڪيو ۽ ٻنهي پاسن جي ڌرين صحيحون ڪيون.”
دريءَ وٽان هو واپس آيو ۽ ميڙ ۾ ملي ويو. ٽي ويءَ جي وڏي اسڪرين تي حسن جي مقابلي جون ڪجھه جھلڪيون ڏيکاريون پئي ويون. وڊيو ڪئسٽ جون ڪاپيون ماڻهن ۾ تقسيم ڪيون پئي ويون. هڪ ڪاپي گھمي ڦري ارجن سنگھه جي هٿ به لڳي وئي. پنهنجن دوستن جي ميڙ ۾ هن وي سي آر کي آن ڪيو ۽ سڀ نوجوان حسن جي مقابلي جي ڪارروائي ڏسڻ لڳا.
ارجن سنگھه چئي رهيو هو ته “اسڪول ۾ هيءَ ڇوڪري اسان سان گڏ هئي. هوءَ جڏهن اسڪول ايندي هئي ته هن جو مٿو ڪپڙي سان هميشه ڍڪيل رهندو هو. سڄو جسم ڍرن ڍارن ڪپڙن سان ڍڪيل هوندو هوس. هوءَ هميشه ڇوڪرين جي وچ ۾ رهندي هئي. ڇوڪرن سان تمام گھٽ ڳالهائيندي هئي. ڏسو اڌ اگھاڙي ڊريس ۾ هجي يا بدن تي پکڙيل فئشن وارا ڪپڙا، هن جو اسٽائيل ئي پنهنجو آهي. پاڻ کي سيٽيو هلي ٿي. هن جي بدن جي هر حصي ۾ اليڪٽرڪ جي قوت آهي، هوءَ کنوڻ ٿي ڪيرائي ۽ چانڊوڪيءَ جي چادر ٿي وڇائي. جيستائين اسڪول ۾ هئي ته پنهنجي مرڪ ورهائڻ ۾ به بخيل هئي. هاڻ ڏسو ڪيڏي وڏي دل سان مرڪي رهي آهي.”
هڪ دوست کلندي چيو : “ڇا هن مسجد جي نمازين کي به خبر آهي ته هنن جي پيش امام جي ڌيءَ دنيا جي اندر ئي جنت جي حور ٿي وئي آهي.”
“خبر نه آهي”، ارجن جواب ڏنو. “نمازين جي ڳالهه ڇڏيو. جن ڳالهين جو اطلاع مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي آهي، اهي ڳالهيون هن جي پيءُ پيش امام کي به خبر نه آهي.”
“ڏس ته سهي، ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! جڏهن هن کي معلوم ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟”
“بم ڦاٽندو. ڌماڪو ٿيندو، وِڄ ڪرندي، ماڻهو وائڙا ٿي ويندا. ممي ٻڌائي رهي هئي ته نارٿ آمريڪا جي هڪ مشهور مئگزين آهي، جيڪا وڏي آب تاب سان نڪري ٿي. اها مئگزين فئشن جي دنيا سان ٻڌل آهي. هن ڇوڪريءَ تي هو خاص شمارو ڪڍڻ وارا آهن. ان مئگزين جي ٽائيٽل ڪور تي ۽ اندر جي ٽيڪنيڪلر صفحن تي به نئين نموني جون نڪتل اگھاڙيون تصويرون هونديون. جڏهن ان خاص شماري جون ڪاپيون پکڙبيون ته ماڻهن کي خبر پئجي ويندي. پوءِ طوفان ايندو. اڃا ته خاموشي آهي. ماٺ آهي. ان وقت وڏو گوڙ گڙڪو ٿيندو.”
________
آخر ماٺ ۾ ڏار پيا. خاموشي ختم ٿي وئي. طوفان آيو. وڏو گوڙ گھمسان مچي ويو.
رمضان جي مهيني ۾ اهو آيل ڏينهن جمعي جو هو. گڊ فرائيڊي جي ڪري سڄي ڪئناڊا ۾ عام موڪل هئي. ماڻهو وڏي تعداد ۾ مسجد ۾ اچي رهيا هئا. مسجد ٽُٻا ٽُٻ ڀرجي وئي هئي. وڏي هال ۾ ته وهڻ جي جاءِ ختم ٿي وئي. ماڻهو گھٽيءَ ۾ وهڻ لڳا. مسجد جي ڪيفيٽيريا مان ميز ڪرسي ريڙهي ويهي رهيا، جيڪا جاءِ جسماني ورزش ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، اتي به ماڻهو ويهي رهيا. ٻانگي ٻانگ ڏني. “الله تمام وڏو آهي، الله تمام وڏو آهي. ڀلائيءَ جي رستي تي اچو، نماز قائم ڪريو. الله تمام وڏو آهي.”
ماڻهن جون سنت نمازون ختم نه ٿيون هيون. وچ جي هڪ صف مان پيش امام اٿيو. پنهنجن ٻنهي هٿن سان ڏاڙهي ۽ چهري کي صاف ڪيو ۽ وڏي رعب ۽ شان سان اڳين صفن کي چيريندي منبر ڏي وڌي رهيو هو. اوچتو ڪنهن زور سان پٺيان رڙ ڪئي.
“پيش امام صاحب، مهرباني ڪري ٿورو هيڏانهن اچجو. هن هال جي دروازي وٽ هتي گھٽيءَ ، وضو ڪرڻ جي جاءِ تي ۽ ڪئنٽين جي ڀتين تي ڪنهن اڌ اگھاڙي ڇوڪريءَ جون ڪيتريون ئي تصويرون هڻي ڇڏيون آهن. مٿان ڪنهن اڇو پنو هڻي انهن کي عارضي طرح ڍڪي ڇڏيو هو. ڪنهن ڪاغذ ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ تصويرون نظر پيون اچن. توهان کي عرض ٿا ڪريون ته پهرين هيڏانهن اچو ۽ هن ڇوڪريءَ کي سڃاڻو.”
نماز جي انتظار ۾ ويٺل ميڙ ۾ چرپر مچي وئي. هڪٻئي سان سس پس ٿيڻ لڳي.
“پيش امام جي ڌيءَ جون اڌ اگھاڙيون تصويرون هڪ فئشن مئگزين جي تازي شماري ۾ شايع ٿيون آهن. ڪنهن ان شماري مان اهي صفحا ڪتري هتي کڻي چنبڙايا آهن.”
مسجد جي فرش تي ويٺل ماڻهو نماز پڙهڻ کان اڳ انهن تصويرن کي ڏسڻ لاءِ بي چين هئا. پيش امام جي طرف کان ڪجھه والنٽيئر گول دائرو ٺاهي پيش امام کي ٻاهر وٺي آيا. ڪنڌ جھڪائي هو انهن تصويرن جي ويجھو آيو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ لفظن کي چٻيندي چيو:
“تصويرون منهنجي ڌيءَ جون آهن.”
پيش امام جي وات مان نڪتل لفظ سڄي مسجد ۾ پکڙجي ويا.
“پيش امام قبول ڪري ورتو آهي ته اهي هن جي ڌيءَ جون تصويرون آهن. هن کان انڪار ٿي نٿي سگھيو.”
ماڻهن جو پنهنجو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو گوڙ وڌڻ لڳو. پيش امام ان گوڙ جي وچ ۾ پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:
“پهرين منهنجو خطبو ٻڌو.”
گوڙ طوفان جي شڪل اختيار ڪئي. “اسين اهڙي پيش امام جو خطبو هرگز نه ٻڌنداسين، ۽ نه ان جي پٺيان نماز پڙهنداسين.”
مسجد جي ڪميٽي ميمبرن هڪدم هنگامي اجلاس ڪرايو. ان اجلاس ۾ ڪنهن گفتگو يا مباحثي جي ضرورت نه هئي. جيڪو ريزوليشن پاس ڪيو ويو، ان مطابق پيش امام کي مسجد جي نوڪريءَ مان ان ئي وقت ڪڍيو ويو.
لاس اينجلس جي سٽي هال ۾ منعقد ڪيل فيشن شو ختم ٿيو ته پيش امام جي ڌيءَ کي اخبارن جا نمائندا ڦري آيا. هنن جي سوالن جا جواب ڏيندي هوءَ چئي رهي هئي.
“هن ملڪ ۾ اسان جي ملڪ کان ايندڙ ماڻهن جي زندگي ٻٽي معيار جي ٿئي ٿي ۽ مذهب کي پارٽ ٽائيم سمجھن ٿا. عام طور تي ماڻهو مسجد جو رخ فقط جمعي جي ڏينهن رکن ٿا يا وري ڇنڇر آچر مان ڪنهن هڪ ڏينهن. ويڪ اينڊ ۾ گھر، مسجد يا هال جي اندر بندوبست ڪيل مذهبي گڏجاڻين ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي جسم کي مٿي کان پيرن تائين ڪپڙن ۾ لڪائين ٿيون. اکيون هيٺ جھڪائي رکن ٿيون، ڪپڙن تي خوشبوءِ نه هڻڻ جي هدايت ملي ٿي. عورتون ۽ مرد ڌار ڌار ٿي ويهن ٿا. هنن جو پاڻ ۾ گڏ ويهڻ ۽ پاڻ ۾ خوش اخلاقيءَ جي حد تائين کل خوشيءَ جا ٻه چار ٻول اڪثر اعتراض جوڳا ٿيو وڃن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي عورتون هفتي جا پنج ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪن ٿيون، ڇو ته پگھار ۾ مليل چيڪ گھر جي خرچ پکي لاءِ آڻڻ جي ذميواري هنن عورتن تي به وڌي وئي آهي. اتي هو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪن ٿيون، اکين سان اکيون ملائي ڳالهه ٻول ڪن ٿيون، پنهنجي حق تلفي ٿئي ٿي ته عهديدارن سان بحث ڪن ٿيون. انهن ڇوڪرين ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مون تي الزام هڻي منهنجي پيءُ جي نوڪري ختم ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي.”
ٻئي اخباري نمائندي کي جواب ڏيندي هن چيو:
“آئون سمجھان ٿي ته منهنجو پيءُ هن وقت مون سان خوش ناهي پر هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها خوشي ضرور لڪل هوندي ته آئون هن جي ڌيءَ سڄي دنيا جي حسن جي مقابلي ۾ پهرين نمبر تي آئي آهيان. پنهنجي دل جي اندر هن کي اهو ناز به هوندو ته آئون هڪ هفتي اندر جيترا ڊالر ڪمايان ٿي ايترا اسان جي ملڪ جو ڪو وچين درجي وارو پنجن سالن ۾ به نه ڪمائي سگھندو هوندو. مسجد جي انتظاميا ڪميٽيءَ منهنجي پيءُ کي ڪڍي خود پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي. مسجد جو ڍانچو ته ضرور ٺهي ويو آهي پر ان ڍانچي جي اندر جيڪي تمام گھڻا منصوبا مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، اهي هاڻ اڌ گابرا ٿي پيا هوندا. ڇو ته منهنجو پيءُ انهن منصوبن جي جان هو. آئون چند ڏينهن اندر مسجد جي ٽرسٽين کي هڪ لک ڊالر ن جو چيڪ بطور سوکڙي روانو ڪري ڇڏينديس جيئن هنن کي احساس ٿئي ته هنن ڇا وڃايو آهي ۽ اسان ڇا حاصل ڪيو آهي؟”
هڪ سوال جي جواب ۾ هن سنجيدگيءَ مان چيو:
“منهنجو سمارٽ جسم ۽ منهنجي خوبصورتي قدرت طرفان عطا ڪيل تحفو آهي. اسان جي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو ٽوڪيندا رهن ٿا ته آئون پنهنجي خوبصورتيءَ ۽ سهڻي جسم جي نمائش ڪري هر سال ڪيترائي لک ڊالر ڪمايان ٿي. اسان جا ماڻهو پنهنجي ڳالهه ٻول ۾ اها ڳالهه ٽاريو ڇڏين ته آئون پنهنجي هن نئين ملڪ جي معاشيات کي ترقي ڏيڻ جي هڪ مشين بڻجي وئي آهيان. مون کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني مون مان تمام گھڻو مطمئن آهي، ڇو جو منهنجي سٺي پرفارمنس جي ڪري هنن جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي. گذريل سال هنن کي ٻيڻو ٽيڻو فائدو رسيو. فئشن جي صنعت ۾ سلائيءَ جا ڪارخانا وڏي تعداد ۾ کلي ويا آهن. انتظاميا ۽ وڪري جي ايجنسين ۾ ڪيترائي سؤ ماڻهو روزگار ۾ لڳل آهن. روزگار حاصل ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي نمازون پڙهڻ لاءِ مسجد وڃن ٿا ۽ جڏهن مسجدن مان نڪرن ٿا ته ٻين ماڻهن سان ملي منهنجي پاپ کي بدنام ڪن ٿا.”
هڪ سوال جي جواب ۾ هوءَ زور سان کلي ۽ چيو:
“ها مون کي خبر آهي. جڏهن منهنجو پيءُ پيش امام هو تڏهن هو روز هڪ يا ٻن نمازن کانپوءِ ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن جي مسئلن تي انهن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍندو هو. هن سان ملڻ وارن ۾ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ تي غير ضروري ۽ غير حقيقي معذوري ٿاڦي سرڪار کان معذوريءَ جي خيرات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. بناوٽي ڪوڙن ڪار حادثن جو ٻڌائي هنن انشورنس ڪمپنين کان وڏيون رقمون ميڙيون ٿي. پنهنجي آمدني کي اصل آمدنيءَ کان گھٽ ٻڌائي حڪومت جي طرف کان گھٽ پگھار وارن لاءِ ٺهيل گھرن تي قبضو ڪيو ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي بيروزگار سڏائي بيروزگاريءَ جو الائونس ڦٻايو ٿي. جيتوڻيڪ هنن لڪ ڇپ ۾ ڪو نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي به ڪيو پئي. اهي ماڻهو جڏهن مسجدن ۾ چندو ڏيڻ لاءِ اچن ٿا ته هنن جي آمدنيءَ جي جائز هجڻ يا نه هجڻ جو ڪٿي سوال اٿي به ٿو؟”
اهڙا ئي سوال کڻي اخبارن جا نمائندا پيش امام جي اپارٽمينٽ ويا. هن جي گھر جو دروازو کليو پيو هو. پنهنجي گھر ۾ هو اڪيلو هو. پنهنجي ڊرائنگ روم جي فرش تي ڌوتل چادر وڇائي، وهاڻي جو سهارو وٺي، هو اڪيلو ويٺو هو. انهن سوالن جي جوابن ۾ هو چوڻ لڳو: “ اسان ماڻهو هن ملڪ ۾ گھڻي ڀاڱي پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي مٿاهون ڪرڻ لاءِ ضرور آيا آهيون. اسان جو تعداد گھٽ آهي ۽ اسان جا طور طريقا مختلف آهن. ان ڪري ڪيترن ئي موقعن تي مڪاني حالتن سان سمجھوتو ڪرڻو پوي ٿو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان انهن ڳالهين سان به سمجھوتو ڪري وٺون، جيڪي اسان جي مذهب جي بنيادي اصول کي به ڇيهو رسائي رهيا آهن. اهڙي صورت ۾ اسان کي ڪو نئون رستو ڪڍڻو پوي ٿو. منهنجي ڌيءَ جي ڪمائي جو پئسو مسجد جي تعمير لاءِ قابل قبول نه آهي. مون کي يقين آهي ته مسجد جي فنڊ جي ڪميٽي ان کي قبول نه ڪندي. هن جيڪو رستو اختيار کڻي ڪيو آهي اهو نامناسب آهي. آئون ٻين جي باري ۾ ڪا به راءِ نٿو ڏئي سگھان. خوشي يا ناز جي ڪا به ڪيفيت منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نه آهي. افسوس اٿم پر مايوسي هرگز نه اٿم. تڪليف اٿم پر اونداهه ناهي. مون پنهنجي دل جي هڪ هڪ ڪنڊ کي چڱيءَ طرح توري تڪي ڏٺو آهي. منهنجي ڌيءَ منهنجو هڪ ئي ٻار آهي. هن جي اندر منهنجو رت آهي. آئون هن کي ڪجھه به نٿو چئي سگھان. منهنجي وات مان نڪتل ڪو به سخت جملو مون کي ئي رنج رسائيندو. منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ محبت جو جذبو آهي. جيڪو الله طرفان مليل آهي. ان کي آئون ختم نٿو ڪري سگھان. ائين ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. قدرت جي طرف کان جيڪو مون کي اختيار مليو آهي ان کي استعمال ۾ آڻي مون هن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني آهي. سٺين ڳالهين سان هن کي نوازيو آهي. منهنجي ڌيءَ نيڪ آهي. سادي طبيعت جي آهي. اوچتو هن جي اکين اڳيان نئين دنيا جي اونداهه اچي وئي آهي ۽ هن جا هوش حواس گم ٿي ويا آهن. هن کي ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي، مون کي اميد آهي ته اوندهه جلد ختم ٿي ويندي. منهنجي ڌيءَ صراط مستقيم جي ڳولا ڪري وٺندي. صراط مستقيم هن جي حاصل ڪيل ڊالرن جي بئنڪ بئلنس کان به وڌيڪ قيمتي آهي. هوءَ مون وٽ وري موٽي ايندي. آئون ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن هن جي اڳيان اونداهه جو آيل ڪڪر هٽي ويندو.”
اخبارن جي نمائندن نوٽ ڪيو ته پيش امام جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا.

ليکڪ: رضا الجبار؛ ٽورنٽو (ڪئناڊا)؛ ڄم جو سال 1937