ڪھاڻيون

اناميڪا

ھي ڪتاب پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي. الطاف شيخ لکي ٿو:”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اناميڪا

ڏک جا بادل، غم جا پاڇا

پيارا عرفي_
مان زندگيءَ ۾ اڄ پهريون ۽ آخري دفعو توکي خط لکي رهي آهيان. پهريون دفعو ان ڪري جو هن کان اڳ توکي خط لکڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي ۽ آخري دفعو ان ڪري جو هن کان پوءِ توکي ڪو به خط نه لکنديس.
منهنجي خيال موجب ته تون هي خط وٺي ڏاڍو حيران ٿيندين، پر عرفي ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڇو ته حالتن مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. هينئر ٿوري دير اڳ تنهنجو پيءُ منهنجي ڊيڊيءَ سان پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه پڪي ڪرڻ آيو آهي. هو هيٺ ورانڊي ۾ بحث ڪري رهيا آهن. منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ به ان بحث ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي توکي خط لکان. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي آهي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ منهنجي مغز جون نسون ڦاٽڻ تي هجن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مان ڪنهن مٿاهين چوٽيءَ تان هيٺ ڪنهن اونهي کاهيءَ ڏي وڌندي وڃان، جتي اونداهه ڪارونڀار هجي. منهنجو ساهه گھٽجي رهيو آهي. هيٺ ورانڊي ۾ هلندڙ بحث جو هڪ هڪ لفظ منهنجن ڪنن ۾ رجھيل ڌاتوءَ وانگر ٽمي رهيو آهي. ڪو تنهنجي غريبيءَ ڏي اشارو پيو ڪري ته ڪو تنهنجي تعليم جي تعريف پيو ڪري، ڪو تنهنجي خانداني شجري جي گِلا پيو ڪري ته ڪو تنهنجي شخصيت جي واکاڻ پيو ڪري. گھر جي ڀاتين ۾ ايڪو به آهي ته اختلاف به! پر ان هوندي به ڊيڊي سڀني جي اڳيان منهنجي راءِ کي اهميت ڏيئي رهيو آهي ۽ تنهنجي پيءُ سان واعدو ڪري ويٺو آهي ته اهو هن مهني جي ٽيهين تاريخ اندر پاڻ ٻنهي جي شاديءَ جو بار لاهيندو. تو وٽ جڏهن ڊيڊيءَ جي مرضي جي خوش خبري پهچندي ته تنهنجي خوشيءَ جو ان وقت ڪو ٺڪاڻو نه هوندو ۽ ان گھڙيءَ کان وڌيڪ حسين گھڙي تنهنجي زندگي ۾ شايد پوءِ ڪڏهن به نه اچي. ڇو ته مان چڱيءَ طرح سمجھان ٿي ته تنهنجي مرادن جي منزل فقط مان ئي آهيان. تو مون کي چوڏهينءَ جي چنڊ جي روشني ۽ آرزوئن جي بهار سڏيو آهي. تو منهنجي زندگي جي گيت کي ساز ڏنو. مون کي تنهائيءَ جي سمنڊ مان ڪڍي هڪ هلچل جي ڪناري تي بيهاريو آهي. مان ڄاڻان ٿي عرفي ته تون سالن کان پنهنجي حسين خوابن ۾ مون کي پنهنجي اڱڻ تي هڪ ڪنوار جي ڳاڙهي وڳي ۾ ڏسندو رهيو آهين. پر اڄ جڏهن منزل ويجھي اچي ويئي آهي ته مان هي خط لکي تنهنجي ذهن مان ان منزل جا خيال کسي وٺڻ چاهيان ٿي. جڏهن ۽ جنهن وقت منهنجو هي خط توکي منلدو ته تنهنجون سڀ آشائون ۽ تمنائون سڙي راک ٿي وينديون. توکي ان وقت دنيا جي هر شيءَ ڦِرندي نظر ايندي. توکي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿيندي ۽ ٿوري دير لاءِ ته شايد توکي يقين ئي نه اچي. ڇو ته توکي مون مان ان فيصلي جي اميد قيامت تائين نه هئي. پر مان ڇا ڪريان، مان فيصلو بدلائڻ لاءِ مجبور آهيان ۽ هاڻ منهنجي دل اهو ئي فيصلو ڪيو آهي ته توسان شادي ڪري مان تنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش کي گلن جون مالائون پارائينديس ته ائين ڪرڻ سان توسان انصاف نه ٿيندو _ ڇو ته جلد ئي اهي مالائون ڇڄي پونديون ۽ انهن جي خوشبوءِ ٽڙي پکڙي ويندي ۽ تنهنجي زندگي زهر ٿي ويندي. تون مون کي بي وفا چوندين پر مان تنهنجي زندگيءَ ۾ توکي ڪو ڏک ڏيڻ نٿي چاهيان. ڇو ته منهنجي زندگيءَ سان جيڪي ڏک ۽ درد ڳنڍيل آهن، انهن جي ڇپ ۾ مان اڪيلي سر چيڀاٽجڻ چاهيان ٿي. تون مون کي ياد ڪري ناحق پنهنجي زندگيءَ ۾ درد پئدا نه ڪجانءِ، نه ته مون کي تڪليف رسندي.
عرفي، ٿي سگهي ٿو ته تون مون کي هڪ دوکيباز ۽ مڪار عورت سمجھين. تنهنجي سمجھه مطابق جنهن ڄاڻي واڻي توسان دوکو ڪيو. جا منزل تائين تنهنجو ساٿ نه ڏيئي سگھي. پر خدا جي واسطي پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو خيال هرگز نه آڻجانءِ. تون يقين ڪر ته جيڪڏهن مون توسان شادي ڪري وڌي ته اهو توسان هڪ وڏو فريب ٿيندو. تو جهڙي هڪ شريف ۽ اٻوجھه انسان لاءِ دوکو ٿيندو. هڪ جٺ ٿيندي. ۽ جي مون توسان شادي نه ڪئي، جيئن مون فيصلو ڪيو آهي ته اها توسان ڀلائي ٿيندي، جنهن لاءِ تون زندگي جي آخري پساهن تائين منهنجو احسان مند رهندين. يقين ڪر ته توسان مون کي بيحد محبت آهي. تنهنجي هر شيءِ سان دلي لڳاءُ آهي ۽ تنهنجي هر ڳالهه سان دلچسپي آهي. آئون اهو چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي ته تنهنجو آخري فيصلو اهو ئي ٿيندو جو ڪجھه هن خط پڙهڻ کانپوءِ سوچڻ بعد تنهنجي ذهن ۾ ايندو. تڏهن به جو ڪجھه به سوچين، منهنجون ڳالهيون ۽ حالتون سامهون رکي سوچجانءِ. ايئن نه ٿئي ته مون کي توسان ڏوراپو رهي. اڄ جڏهن عرش جي بلندين کي ڇڏي فرش جي پستيءَ ڏي وڃي رهي آهيان ته الائجي ڇو هڪ دفعو وري منهنجو ذهن ڪرڻن جي ڏاڪڻ تان چڙهي، چنڊ جي حسين ماٿريءَ ڏي وڃي رهيو آهي ۽ اهي حسين لمحا منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن، جڏهن اڄ کان ٻه سال اڳ آئون پنهنجي پياري ساهيڙي شوبيءَ جي گھر ويئي هيس. ان ڏينهن هن جي گھر ۾ ڪو ڪاڄ هو. نه رڳو آئون پر سعيدان، صغرا، بدر ۽ ممتاز ماڻهن جي گوڙ کان ڀڄي اندر ڪمري ۾ آيون هيونسين. جيئن ئي اسان ويٺيونسين ته سامهون لڳل ڪنهن ڪاليج جو گروپ فوٽو نظر آيو، جو ڪنهن ادبي مباحثي جي سلسلي ۾ نڪتل هو. وچ ۾ پرنسپال صاحب هٿن ۾ شيلڊ جھليو ويٺو هو ۽ پاسي کان ٻيا سڀ عجيب پوز ٺاهيو ويٺا هئا. هڪ بندري قد ۽ گھنڊي وارن واري همراهه کي ڏسي اسان ڏاڍو کليو هو ۽ سندس نالو “نابالغ پوڙهو” رکيو. اهڙيءَ طرح ٻين همراهن کي به لقب ڏينديون رهيونسين. ايم راهيءَ جي فوٽوءَ کي “اڃان_ ته_ آهيان_ مان_ جوان” لقب ڏيئي جڏهن تنهنجي تصوير ڏي ڏٺوسين، ته نه ڄاڻ ڇو منهجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ تنهنجي دلڪش چهري کي تڪيندي ئي رهيس ۽ دير دير تائين منهنجيون ساهيڙيون مون کي گھورينديون رهيون. شوبي ان وقت موجود نه هئي. منهنجي خاموشيءَ لاءِ الائي ڇو سڀني ڇوڪرين پڇيو. خاص ڪري فوزيه ته شوبيءَ کي ڏسندي ئي مون تي رمارڪ پاس ڪيو: “ڇا خاموش تصويرن جي سيني ۾ به آواز ٿيندو آهي_؟” تنهنجي ڀيڻ شوبي ته ان جملي جو مطلب ڪجھه به نه سمجھي سگھي ۽ جڏهن ان لاءِ وضاحت گھري ته صغرا جھٽ تنهنجي فوٽوءَ جي کڻي ڳالهه ڪئي. شوبيءَ جڏهن گروپ فوٽو ڏسي ٻڌايو ته اهو هن جو ڀاءُ عرفان آهي ته خبر ناهي ڇو مون شوبيءَ کان تنهنجي باري ۾ ڪيترائي سوال ڪري ورتا. تنهنجي باري ۾ ايتري اڻ ڄاڻ چاهت جو مقصد مون پاڻ به نٿي ڄاتو. شوبيءَ مون کي تنهنجي بار ي۾ سڀ ڪجھه ٻڌايو ته تون اڪيلائي پسند آهين. فقط سگريٽ ئي تنهنجي اڪيلائيءَ جو ساٿي آهي. تون هميشه خيالن جي دنيا ۾ گم ٿيندڙ انسانن مان آهين. ملڪ جي وڏن وڏن رسالن ۾ تنهنجا افسانا ۽ ڪهاڻيون ڇپجن ٿيون. تنهنجن افسانن ۾ ڏک ۽ مايوسي هوندي آهي ۽ اڄ ڪلهه تون ايم اَي ڪرڻ جي ارادي سان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي رهيو آهين.
ان ڏينهن شوبيءَ مون کي ڪيترائي رسالا پڙهڻ لاءِ ڏنا، جن ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ تون پنهنجي بيجان لکڻين ۾ ڪنهن درد جي پيڙا کان لڇي رهيو آهين. ڄڻ ته تو پنهنجي زندگيءَ ۾ هميشه وڃايو هجي، پر حاصل ڪجھه به نه ڪيو هجي. تنهنجي افسانن منهنجي ذهن تي گھرو اثر ڇڏيو ۽ مون کي تنهنجي ذات سان بيحد عقيدت ۽ همدردي ٿي ويئي.
جڏهن کان مون هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان منهنجي ذهن ۾ به هڪ الف ليلا واري شهزادي جنم ورتو هو. منهنجيون نگاهون ان جي ڳولا ۾ خبر ناهي ڪٿي ڪٿي رلنديون رهيون. آخر منهنجي نگاهن کي روح جي ڳولا بند ٿي ويئي ۽ مون توکي اصلي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. نيٺ آئون تنهنجي ديدار جي انتظار ۾ ڪيترن ڏينهن جو نه گذرڻ وارو ڊگھو عرصو گذارڻ لڳيس. ڇو ته شوبيءَ مون کي ٻڌايو هو ته تون جڏهن گھر ايندين ته هوءَ مون کي توسان ملائيندي.
وقت گذرندو رهيو ۽ ان سان گڏ انتظار جا اذيتناڪ لمحا ماضيءَ جي گھراين ۾ غائب ٿيندا ويا ۽ آخر هڪ ڏينهن تون اچي وئين. ان ڏينهن شوبي مون کي اسان جي گھران وٺڻ آئي. اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو حسين ترين ڏينهن هو. ڪيترن ئي سکائن بعد چنڊ منهنجي اڱڻ تي لهي آيو هو. ان ڏينهن جي ان لمحي کي آئون ڪيئن ٿي وساري سگھان، جڏهن آئون تنهنجي گھر پهتيس ۽ شوبيءَ توسان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندي چيو هو: “ ادا هن سان ملو، هيءَ آهي منهنجي سڀ کان پياري ۽ کل مُک ساهيڙي شازي، جنهن کي توهان جي افسانن پڙهڻ جو شوق تمام گھڻو آهي، ۽ شازي هي آهي منهنجو ڀاءُ عرفان، جنهن جي هابي ڇوڪرين سان ملڻ آهي.”
تون ان وقت ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ رُڌل هئين. ان ڪري تو ڇرڪي مون ڏي ڏٺو ۽ کلندي شوبيءَ جي ان نموني ملائڻ تي ڪاوڙ ڪئي هئي. رسمي کيڪار بعد تو سامهون پيل ڪرسيءَ تي مون کي وهڻ لاءِ پُرخلوص دعوت ڏني هئي. شوبي ۽ آئون ان ڪمري ۾ ڪافي دير توسان ڳالهيون ڪنديون رهيونسين ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم سان يا ته وري پاڻ کي اڪيلو ڇڏڻ ڪارڻ شوبي ٻاهر هلي ويئي ته ڪمري ۾ هڪ قسم جي معناخيز ماٺ ڇانئجي ويئي هئي. نه فقط مون پر تو به ان ماٺ کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. آخر تو ڪجھه ڪڇيو:
“ توهان منهنجا ڪهڙا ڪهڙا افسانا پڙهيا آهن_؟”
“پيار جي ڳولا، اڃايل اکيون، سهڻو بدلو، ڌاڙيل، ۽ ٻيا به ڪيترائي.”
“ ڌاڙيل عنوان سان ته منهنجو ڪو به افسانو ناهي.”
تو منهنجي يادگيريءَ جو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو.
“ نه، آهي! شايد لکڻ بعد توهان کان وسري ويو آهي.”
“نه توهان ڀليل آهيو.” تو يقين واري لهجي ۾ وراڻيو هو.
“ خير، پنهنجو حافظو ته اهڙو ڪمزور ناهي جو هڪ سال اڳ جي پڙهيل شيءِ وسري وڃي.”
منهنجو اهو جملو ٻڌي تو ڪجھه مرڪيو ۽ پوءِ وڏي اعتماد سان چيو هو: “اهو افسانو “ڌاڙيل” نه پر “چور” هو جنهن مون کي ادب جي بلندين تي پهچايو.” ۽ پوءِ ان وقت مون پنهنجي هار جي احساس کي لڪائڻ ڪارڻ ڳالهه ڪڍي: “هڪ سال پراڻو چور ڇا هينئر ڌاڙيل نٿو ٿي سگھي؟”
تون منهنجي ان حاضر جوابيءَ تي دير تائين کلندو رهئين. ايتريقدر جو تنهنجي ٽهڪن جي آواز تي شوبي اچي پهتي ۽ وائڙي ٿي مون کي چيو: “ايتري جلدي هجائتو ٿيڻ، تعلقات جي جلدي ڇڄڻ جي اڳڪٿي آهي.” ۽ اڄ مان هن وقت سوچيان پيئي ته شوبي واقعي سچ چيو هو. ان ڏينهن پاڻ ٽنهي ڪافي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. آئون تنهنجي سنجيده شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿي هيس. منهنجي ذهن جي پڙدن تي انهن يوناني ديوتائن جو تصور ڇانئجي ويو هو، جن جون فقط ڪهاڻيون ئي پڙهي اسان کي انهن سان لڳاءُ ٿيو وڃي. جڏهن شوبيءَ کان موڪلائي آئون ڪمري مان ٻاهر نڪتيس ۽ چند وکون تنهنجي گھٽيءَ جون به پار ڪري ويس ته تون ڊوڙندو مون ڏي آيو هئين. آئون سوچي رهي هيس ته شايد ڪا شيءِ تنهنجي ڪمري ۾ وساري آئي هونديس، جيڪا ڏيڻ لاءِ تو تڪليف ورتي آهي. ان وقت تو مون کي سڏ به ڪيو هو. پنهنجو نالو تنهنجي واتان پهريون دفعو ٻڌي منهنجي دل ۾ هڪ عجيب خوشي پئدا ٿي هئي. ڪاش! تون هميشه مون کي ان طرح سڏيندو رهين. جڏهن تون منهنجي ويجھو پهتين ته تو تمام معصوميت سان چيو هو: “جيتوڻيڪ ڳالهه رسمي آهي پر معاف ڪجو، مون کان هڪ ڳالهه چوڻ وسري ويئي هئي. توهان سان ملي مون کي خوشي ٿي آهي.” ۽ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي کِل آئي هئي. گھر پهچڻ کان پوءِ آءٌ ڪافي دير تائين کلندي رهيس. آئون ڪڏهن تصور به نٿي ڪري سگھيس ته تو جهڙو سنجيدو انسان، جيڪي شوبيءَ تنهنجي باري ۾ مون کي ٻڌايو هو، ايترو چرچائي به ٿي سگھي ٿو. يا ته اها يونيورسٽيءَ جي هوا هئي، يا تنهنجي دوستن جي صحبت جو اثر هو، جنهن توکي هڪ سال اندر کِلڻ، ڳالهائڻ سيکاري ڇڏيو هو.
وقت جي رفتار جيئن جيئن تيز ٿيندي ويئي، پنهنجي وچ ۾ آڏيون آيل تڪلف جون ڀِتيون پاڻ مرادو ڊهنديون ويون ۽ اهڙي طرح پاڻ هڪٻئي جي بلڪل ويجھو پهچي چڪا هئاسين. ماضِيءَ جي انهن گھڙين ۾ مون پنهنجي ذهن ۾ ايندڙ هر شيءِ تنهنجي خيالن تان گھوري ڇڏي. ڇو ته ان وقت تنهنجي پيار ۽ قرب مان مون ائين محسوس ڪيو ٿي ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن حصي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تتل واريءَ تي هلڻ بعد بي اختيار ٿي ڪنهن نرم گاهه تي ڪري پيئي هجان. پر هاڻ، جڏهن مون پنهنجن قدمن جي قوت جو اندازو لڳايو آهي ته مون کي ٿڪ ۽ ڪمزوريءَ جو احساس ٿو ٿئي.
عرفي، مون کي توسان ڪا به گِلا ناهي. ڪا به شڪايت يا فرياد ڪونهي. بلڪه آئون پاڻ پنهنجي جاءِ تي غلط آهيان، جو تنهنجو ساٿ ڏيئي نه سگھيس. تون ڏوهاري بلڪل نه آهين. هر ڳالهه جي شروعات مون ئي ڪئي هئي. آئون هڪ آزاد فضا ۾ پاليل ڇوڪري آهيان. منهنجي ۽ تنهنجي ملڻ تي ان ڪري ڪڏهن به ڪا پابندي نه وڌي ويئي. زندگيءَ جي واٽن تي توسان گڏ مون جدائيءَ جا اذيت ناڪ لمحا به ڏٺا آهن. ميلاپ جي خوشبوئن سان جھول به ڀري آهي. ڪڏهن تون منهنجي گھر آئين، ڪڏهن آئون تنهنجي گھر هلي آيس. پر منهنجي گھر وارن کي ڪڏهن به توسان ڪا شڪايت نه رهي. ۽ نه اسان جي هن محبت اڳيان، دنيا جي محبتن وانگر سماج جي مضبوط ۽ ڊگھي ڀِت سامهون آئي. ڪڏهن به اسان تي ڪو پهرو نه لڳايو ويو، ڇو ته اسان جي دل ۽ ذهن بالغ ۽ صاف هئا. جيتوڻيڪ تون غريب هئين ۽ تو پنهنجي غربت جو ذڪر ڪيترائي دفعا ورجايو ٿي، پر ان هوندي به مون ڪڏهن زبان مان اهڙا لفظ نه ڪڍيا، جن مان ظاهر ٿئي ته آئون هڪ دولتمند گھر جي ڇوڪري آهيان ۽ منهنجو تنهنجو ساٿ ڪڏهن به نه ٿي سگھندو.
آئون باسديو پارڪ جي شام ڪڏهن به نه وسارينديس، جڏهن آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل هو. رکي رکي ٿڌي هير پئي لڳي. تون ڳالهين ڳالهين ۾ جذباتي ٿي ويو هئين. تو ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ بعد پنهنجي اڻ ڄاڻ خوف جو اظهار ڪيو هو:
“ شازي! تون مون کي ڪڏهن دوکو ته نه ڏيندينءَ_؟” تو پڇيو هو.
مون جواب ۾ قسم کڻي توکي يقين ڏياريو هو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. توکي ان وقت يقين ايندي به يقين نٿي آيو. تو مون ڏي معناخيز نظرن سان ڏٺو ۽ آئون سمجھي ويس. تو کي يقين ڏيارڻ ڪارڻ مون چيو هو: “جڏهن تون ايم_ اي پاس ڪندين ۽ آئون بي_اَي ڪنديس ته پوءِ آئون پنهنجي ڊيڊيءَ سان پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه پاڻهي ڪنديس. پر مون تنهنجي سامهون منزل حاصل ڪرڻ جو هڪ سخت شرط پنهنجي طرفان وڌو هو ته ايم_اَي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪندين. تو مون سان واعدو ڪيو هو ۽ مون تنهنجي يقين کي پختو ڪيو هو. ان ڏينهن توکي ايترو چوڻ ۽ ٻڌڻ باوجود منهنجي ذهن تي خبر ناهي ڇو اونداهه ۽ رَءُ ڇانئجي ويو هو ۽ ڪجھه سوچ ۾ غرق ٿي ويئي هيس ۽ تو ڀر ۾ لڳل گلاب جي ٻوٽي مان هڪ گلاب جو گل پٽي منهنجي وارن ۾ لاڳيو هو ۽ چيو :“ خدا توکي هن گل وانگر هميشه تازو رکي.” پر انهيءَ ويل اهو گل منهنجي وارن مان نڪري پٽ تي ڪري پيو هو ۽ ان جي نازڪ پنکڙين ۾ مٽيءَ جا ذرا لڳي ويا هئا. پوءِ مون هڪدم اهو گل کنيو ۽ توکي پنهنجي طرفان پيش ڪيو هو. پر تو جھٽ وراڻيو هو:
“آئون ڌُوڙاٽيل گل کي ڇا ڪندس.” ان وقت تنهنجو اهو جواب ٻڌي منهنجي ذهن ۾ ڌُنڌ ڇائنجي ويو هو ۽ منهنجون اکيون پاڻ مرادو جھُڪي ويون هيون. تنهنجي هر هر پڇڻ تي به مون پنهنجي روئڻ جو سبب هي ٻڌايو هو ته دنيا ته پنهنجن غمن تي روئي ٿي پر آئون زندگيءَ جي اونداهين روشنين تي ڳوڙها ڳاڙيان ٿي. پر ان ڏينهن تون منهنجي ڳالهه جي گھراين تائين شايد نه پهچي سگھئين. تڏهن آئون توکي اڄ سڀ ڪجھه ٻڌائڻ چاهيان ٿي. ان ملاقات کان ڏهن ڏينهن پوءِ تون يونيورسٽي واپس وڃڻ لڳين. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون هيون، پر ان هوندي به آئون توکي اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هيس.
ڏينهن جو قافلو، ماضيءَ جي منزلن ۾ گم ٿيندو ويو.
نوان ڏينهن آيا ۽ گذرندا ويا.
۽ هڪ سال پل وانگر گذري ويو.
تون جڏهن ايم _ اَي فائينل جو امتحان ڏيئي واپس آئين ته مون سان به ملئين. ان ملاقات ۾ مون تنهنجي صحت جو اندازو لڳايو هو ته تو امتحان لاءِ سخت محنت ڪئي هئي. ۽ تون پڪ فرسٽ ڊويزن حاصل ڪندين. ٿيو به ائين ئي. تون نه رڳو منهنجي چاهت مطابق پاس ٿئين پر يونيورسٽيءَ طرفان توکي اهڙي شاندار ڪاميابيءَ تي گولڊ ميڊل پڻ مليو. پر آئون پنهنجي قسمت ۽ بدلجندڙ حالت کي ڇا چوان. ڊويزن ته پري، پاس به نه ٿي سگھيس. منهنجي فيل ٿيڻ جي خبر ٻڌي تو مون کي ڏاڍا دلاسا ڏنا هئا، جنهن لاءِ آئون بلڪل پريشان نه هيس. آئون ته شروع کان واقف هيس. سو انجام تي دلي ڏک نه رسيو. ان دوران تنهنجي چاهت ۾ ۽ خلوص ۾ ڪو به فرق نه آيو ۽ جيڪو ڪجھه تو منهنجي باري ۾ سوچي رکيو هو، اهو ئي مون به سوچيو هو، ان ڪري اڄ مون توکي چوائي تنهنجي پيءُ کي ڊيڊي ڏي موڪليو ۽ هن بنا ڪنهن ڊيگھه جي هيءَ مِٽي قبول ڪئي. هن کي هي رشتو هر حالت ۾ منهنجي ڪارڻ قبول ڪرڻ کپندو هو. جي قبول نه ڪري ها ته هن جي سامهون ٻيو ڪهڙو ڇوڪرو هو، جيڪو منهنجي جيئري لاش کي پنهنجين حسين ۽ خوبصورت سوچن سان گڏ پنهنجي مستقبل جي مقبرن ۾ دفن ڪري سگھي ها. ڇوڪريون ماءُ پيءُ جي ڪلهن تي بار هونديون آهن_ چاهي هو بادشاهه جون ڌيئرون هجن يا ڪنهن فقير جون. آئون به هڪ پيءُ جي ڌيءُ آهيان ۽ منهنجو وجود به هنن لاءِ بار آهي. ان بار کي لاهڻ خاطر انهن تنهنجي پيءُ کي منظوري ڏني آهي.
عرفي يقين ڪر ته مون کي توسان بيحد محبت آهي. تو بنا پنهنجي زندگيءَ جو ڪو به لمحو گذاري نٿي سگھان ۽ انهن ئي لمحن کي ابدي بڻائڻ خاطر پاڻ شاديءَ جا پروگرام ٺاهيا هئا. اڄ اهي منصوبا پنهنجي معراج ماڻي چڪا آهن، پر ائين هرگز نه ٿيندو. آئون ڪڏهن به اهو نه چاهينديس ته تون منهنجي جيئري لاش کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي رلندو رهين. ماضيءَ جي پهرين ملاقات کان وٺي هينئر کان ڪجھه دير اڳ تائين آئون انهيءَ حق ۾ هيس، ته آئون توسان شادي ڪنديس. پر جڏهن منهنجي ڊيڊيءَ “ها” ڪئي آهي ته خبر ناهي ڇو ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ منهنجو ڊيڊي توسان انصاف نه ڪري رهيو آهي. توکي دوکو ڏيئي رهيو آهي. تون نٿو ڄاڻي عرفي! ۽ نه مون توکي اڄ تائين اهو راز ٻڌايو آهي ته منهنجي امي ۽ وڏي ڀيڻ ٽي _بي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويون. هي مرض ڄڻ ته اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. مون کي پڻ هينئر ٽي_بيءَ جي ٻي اسٽيج شروع ٿي چڪي آهي. آئون گھڻا ڏينهن ڪيئن جيئري رهي سگھنديس. ان ڪري توسان گھڻا ڏينهن ڪيئن وفا ڪري سگھنديس. منهنجي احساس جي اونداهين بتخانن کي انهيءَ طرح اونداهو ئي رهڻ ڏي. توسان جيڪڏهن منهنجي شادي ٿي به وڃي ها ته دنيا جا ماڻهو توکي لالچي چون ها. تون نٿو ڄاڻين ته اڄڪلهه آئون ڪيتريون قيمتي دوائون استعمال ڪري رهي آهيان. تون ڪو به فڪر نه ڪر ۽ مون کي هن اونداهيءَ ۾ ٻڏڻ ڏي. منهنجي زندگيءَ جو ڏيئو، جيڪي ڪجھه ڏينهن ٻرڻو هوندو، ٻرندو ئي رهندو. منهنجي زندگيءَ جي ٻرڻ لاءِ جنهن تيل جي گھرج آهي، اهو تمام مهانگو آهي ۽ تون ته اڃا نوڪري به نه پيو ڪرين. پر جيڪڏهن ڪرڻ به لڳين تڏهن به تنهنجي پگھار مان منهنجي دوائن جي پورت ٿي نه سگھندي. توکي هڪ سکي زندگيءَ جي ضرورت آهي. پوءِ تون ڪيئن ڪَنڊن ۾ وچڙي پنهنجي زندگي برباد ڪرڻ چاهيندين. منهنجي ڀيڻ شاديءَ کانپوءِ ٻئي سال ئي ان مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويئي ۽ اهو ئي حال هاڻ منهنجو به ٿي سگھي ٿو. توکي اها پروڙ ناهي ته منهنجي ان مرض جي مصيبت ڪري ڪو به شاديءَ جي ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊيڊيءَ کي منهنجي شادي توسان ٿيڻ ۾ ڪو به آر ناهي _ نه ته هو ۽ ڪنهن غريب کي پنهنجو ناٺي ڪري.
عرفي! آئون توسان ان ڪري شادي نه ڪنديس جو مون کي توسان محبت آهي. مون کي توسان سچو پيار آهي ۽ انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي ان کي ڪڏهن به ڄاڻي ٻجھي ڏک ڏيڻ نه چاهيندو آهي. آئون نٿي چاهيان ته آئون رت ٿُڪان ۽ تون ڳوڙها ڳاڙ. ڇو ته منهنجي نظرن ۾ تنهنجا ڳوڙها منهنجي رت کان وڌيڪ قيمتي آهن......!

تنهنجي شازيه