اڪيلائي
بستري تان اٿي سيرانديءَ کان رکيل ميز تان اونداهه ۾ ئي پاڻي اوتي پيئان ٿي. ان کانپوءِ بتي ٻاريان ٿي. چمڪندڙ کير جهڙي روشنيءَ سان ڪمرو چمڪيو وڃي. موزائڪ ٿيل فرش سان روشني ٽڪرائجيو اکين ۾ لڳي ٿي. اکين جي نظر به وڃي ختم ٿيندي. عينڪ بنا ته هڪ هٿ تي رکيل شيءِ به نظر نٿي اچي.
پاڻي پيئڻ بعد دل جي ڌڙڪي ۽ آنڌ مانڌ ۾ ٿوري گھٽتائي اچيو وڃي. ننڍيون اوٻاسيون اچن ٿيون پر ننڊ نٿي اچي. ميز تي ڍڪي رکيل شيشي جي جڳ جي ويجھو ئي دوائن جو پاڪيٽ رکيو آهي. ننڊ جون گوريون به آهن. پر کائڻ مان ڪهڙو فائدو. ننڊ ته اچي ئي ڪانه ٿي. ٻه ٽي گوريون کائڻ کانپوءِ ٿورڙي غنودگي محسوس ٿئي ٿي. ڪلاڪ ٻن بعد اها غنودگي به هليو وڃي. ان کانپوءِ جيڪا اذيت ٿئي ٿي، اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. بستري تان اٿي بتي ٻاريو ويٺي رهان ٿي. ڪمري ۾ سڄي رات هلڪي روشنيءَ جو بلب ٻرندو رهي ٿو. چانڊوڪي رات جهڙي ٿڌي روشني ڇانيل رهي ٿي. پر ان سان ڇا ٿو ٿئي. اکين جي سامهون پوءِ به اونداهه محسوس ٿئي ٿي. بستري تي رکيل وهاڻي ڀرسان عينڪ رکي هوندي آهي. هٿ ڦيرائيندي ڳوليان ٿي ۽ اکين تي لڳايان ٿي. اڄ ڪلهه خبر ناهي ڇو اونداهه ۾ سڄو جسم ڏڪڻ لڳي ٿو. ڊپ جو احساس ٿئي ٿو. پهرين ڪڏهن به ائين نه ٿيندو هو. هاڻ برابر ائين ٿئي ٿو. ڇو؟ ڇا هاڻ گھڻن ڏينهن تائين... تمام گھڻو ڊپ لڳي ٿو. بابي جون ڳالهيون ياد اچن ٿيون. مرڻ کان ڪجھه ڏينهن پهرين بابا تمام گھڻو ڊنل ڊنل رهڻ لڳو هو. اونداهي ڪمري ۾ ماءُ، پيءُ ۽ اسين سڀ ڀيڻ ڀائر سمهندا هئاسين. بابا سب رجسٽرار هو. مرڻ کان اڳ هن ڪمري ۾ ليٽي ليٽي ذري ذري امان کي آواز ڏئي سڏيو ٿي ۽ هن کي ڏيئو ٻارڻ لاءِ چيو ٿي. امان ٿورو آرام پسند عورت هئي. ڪچيءَ ننڊ مان سڏ ڪري هن کي جاڳائڻ تي هوءَ هوشن مان نڪري ويندي هئي. بابا جڏهن آڌيءَ رات جو هر هر امان کي سڏي ڏيئو ٻارڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ ڪاوڙ مان بي قابو ٿي ويندي هئي. هن جي منهن تي چڙ اچي ويندي هئي. هوءَ بابا کي گھڻو ڪجھه سخت سست چئي ڇڏيندي هئي. بابا تي ان جو ڪو اثر نه ٿيندو هو. منٿن واري لهجي ۾ چوندو.... “مون کي ڏاڍو خوف ٿي رهيو آهي!”
“تون ڇا کير پياڪ ٻار آهين؟” امان رڙيون ڪندي بستر تان اٿي ڏيئو ٻاريندي هئي. سڄي رات ڏيئو بابا جي سيرانديءَ کان ٻرندو رهيو ٿي. آئون حيران ٿيندي، سوچيندي هيس ته سڄي رات ڏيئو ڇو ٻاريو وڃي ٿو. بابا کي آخر ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي!
ڪجهه ڏينهن بعد هو ڏينهن ڏٺي جو منجھند مهل به غسل خاني ۾ ويندي ڊڄندو هو. ڳوٺاڻي نموني جو گھر هو. باٿ روم ڪجھه پري ئي هو. آسپاس گاهه ڪچرو ڦٽي پيو هو. پيشاب يا ڪاڪوس جي ضرورت ٿيندي هئي ته بابا اسان ڀائرن مان ڪنهن هڪ يا ٻن کي سڏائي وٺندو هو. اسان پري بيٺا هوندا هئاسين. بابا واندو ٿي واپس ايندو هو. جيترو جلدي ٿي سگھندو هو ، بابا فارغ ٿي موٽڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن جو منهن ڏسي ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هر لمحي هن کي اندر ئي اندر خوف کائيندو رهي ٿو. خوف جي احساس کان هو ويو ٿي ڏينهون ڏينهن بس ٿيندو. هن کي ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ هو، گھڻو سوچڻ تي به اسان جي سمجھه ۾ نٿو اچي. اسان سڀ ڀيڻون ڀائر بابا جي ان خوف جي احساس تي ماءُ جي سامهون چرچا ڪندا هئاسين.
پوءِ ڪجھه ڏينهن بعد ئي هو گذاري ويو.
بابا جي موت کانپوءِ آهستي آهستي سمجھه ۾ آيو ته اونداهه يا پاڇي ۾ بابا کي پنهنجي موت جو پاڇولو نظر آيو ٿي. انهيءَ ڊپ کان هو بس ٿي ويو ٿي. اسان سڀ ڀيڻون ڀائر ۽ ماءُ هڪ ئي ڪمري ۾ هن جي ويجھو سمهڻ جي باوجود اهو راز نه سمجھي سگھياسين. پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن جو ايئن موت ٿيو جو اسان کي خبر به نه پئي.
هنن ڏينهن ۾ بابا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن. اونداهه ۾ سمهڻ تي، اک کليو وڃي ۽ ڪمري ۾ ڇانيل اونداهه کي ڏسي اوچتو دل کي ڌڙڪو رسي ٿو. خوف کان وار اڀا ٿيو وڃن ۽ بدن ۾ ڄڻ ته سيون چڀڻ لڳن ٿيون. ته ڇا آئون به پنهنجي موت جي پاڇولي کي گھمندو ڦرندو ڏسي رهي آهيان. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن ڇا؟
هي گھر تمام وڏو آهي. شهر ۾ ايڏا وڏا گھر گھٽ ئي نظر اچن ٿا. گھر جي اڳيان ۽ پٺيان گلن ۽ ميون جا وڻ لڳل آهن. وچ ۾ ٻه ماڙ گھر آهي. هيٺئين پٽ تي ست ڪمرا آهن. مٿئينءَ ماڙ تي هڪڙو ئي ڪمرو آهي، جيڪو راجوءَ حوالي آهي. هيٺين ڪمرن مان هڪ ۾ هو رهي ٿو، هڪ ۾ آئون پاڻ رهان ٿي. هڪ ۾ نوڪر چاڪر رهن ٿا. باقي ڪمرا خالي پيا آهن. ڊرائنگ روم، _ سڀئي. رات جو جڏهن هوائون لڳن ٿيون ۽ وڻن جون ٽاريون لڏڻ لمڻ لڳن ٿيون ته هڪ عجيب طرح جي شون شون جهڙا آواز پئدا ٿين ٿا. انهن آوازن کي ٻڌيو آئون هيسجيو وڃان. دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ۾ به ڊپ لڳي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ سڄي گھر ۾ ڪو پٻن تي هوريان هوريان پاڇولي وانگر هلي رهيو هجي. وڻن جي ٽارين مان پئدا ٿيندڙ آواز ٻڌي ائين لڳي ٿو ڄڻ پاڇا پاڻ ۾ راز جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن. اڃا ته منهنجي عمر پنجاهه سال به نه ٿي آهي. انهيءَ وچ ۾ ڏينهن پورا ٿي ويا! اڃان ته راجوءَ جي شادي به نه ڪئي اٿم. هو پنجويهه سالن جو ٿي چڪو آهي. ان ڏينهن شاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي هو ناراض ٿي ويو هو. ان دور ۾ به ڪنهن ان عمر ۾ شادي نٿي ڪئي. جيتوڻيڪ هن جو پيءُ مون کي پرڻائي وٺي آيو هو ته هن جي عمر چوويهه سال هئي. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا ته سال گذري ويا هئا. اسان ٻنهي جي مٿن ۾ چانديءَ جون تارون نظر اچڻ لڳيون آهن. هاڻ ڪي گھڻا ڏينهن باقي نه رهيا آهن.
ڀِت تي لڳل گھڙيال ٽي وڄايا آهن. ٿوري دير پهرين منهنجي ننڊ ڦٽي آهي. ان وقت کان وٺي سوچي رهي آهيان. اڄ وري ننڊ نه ايندي. آئون پاسو ورائي سمهي رهان ٿي، پر هن وقت مون کي مٿين ماڙ تان راجوءَ جي ڪمري مان رم جھم جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪيسٽ رڪارڊر تي شهنائي وڄي رهي آهي. ڇا راجو اڃا تائين نه ستو آهي؟ جاڳي جاڳي هاڻ ٽيپ رڪارڊر وڄائي رهيو آهي؟ ٽي وڄي چڪا آهن. راجو اڃا تائين ستو ڇو نه آهي؟ هن کي به ڇا مون وانگر ننڊ نٿي اچي؟”
منهنجي دل ۾ امالڪ راجوءَ کي ڏسڻ جي خواهش جاڳي پوي ٿي. ڊپ ۽ خوف جي احساس کي جھٽڪو ڏئي ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيان ٿي.
ورانڊي ۾ هڪ گھٽ پاور جو بلب ٻري رهيو آهي. چونجھي ۽ ٽمٽمائيندڙ روشني آهي. هيءَ روشني ميوي جي وڻڻ تي به پئجي رهي آهي. ان کان اڳتي اونداهه آهي. ۽ اوڏانهن نظر ويندي ئي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي.
آهستي آهستي ورانڊو اُڪري آئون ڏاڪڻ ڏي وڃان ٿي. ڏاڪڻ وٽ ئي هن جو ڪمرو آهي. دروازي وٽان گذرندي غير ارادي طور آئون دروازي جي تاڪ تي ڪن رکان ٿي. اندر ماٺ آهي.
شايد هو گھاٽي ننڊ ۾ آهي. مدهوشِيءَ واري ننڊ. هيڏي اچي عمر ٿي اٿس. قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺو آهي پر پوءِ به شراب جي جان نٿو ڇڏي. شام ٿيندي ئي بوتل کڻي شغل ڪرڻ وهي ٿو. گلاس ۾ اوتيندو رهندو ۽ پيئندو رهندو.... ان خاطر مون سان ڪيترا دفعا جھيڙو ٿي چڪو اٿس. گذريل پنجن سالن کان اسان ٻئي جدا جدا ٻن ڪمرن ۾ رهون ٿا.
هن جي ڪمري جي سامهون گذرندي اوچتو دل ۾ اها خواهش اڀري ٿي. هن کي آواز ڏئي سڏڻ تي دل چاهي ٿي. دل چوي ٿي ته سڏي چوان: “هيڏانهن! ٻڌو! مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي.”
منهنجا قدم بيهي وڃن ٿا. منهنجي ڳالهه ٻڌي هن سوڀ واري انداز ۾ کلي ڏنو ته؟
نه، آئون آواز نه ڏينديس. تکيون تکيون وکون کڻندي آئون مٿين ماڙ تي راجوءَ جي ڪمري ڏي وڃان ٿي.
راجوءَ جي ڪمري ۾ روشني ٿي رهي آهي. دورازو کليو پيو آهي. هوا جي ڪري دورازي جو پڙدو لڏي رهيو آهي. ڪمري ۾ تمام هلڪي آواز ۾ ميوزڪ وڄي رهي آهي.
آئون پڙدو ريڙهي ڪمري ۾ داخل ٿي وڃان ٿي.
راجو پاسيرو ٿي صوفي تي ستو پيو آهي. مٿان پکو هلي رهيو آهي. راجو وڏي غور سان ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. منهنجي قدمن جا آواز ٻڌي هو ڇرڪ ڀري اٿي ٿو. پوءِ هو صوفي تي سڌو ٿي ويهي رهي ٿو.
“امان! تون؟” هو ڌريرج سان پڇي مُرڪي ٿو.
“ڇا ڳالهه آهي راجو، تون اڃا تائين ستو نه آهين؟”
راجو اُٻاسي ڏئي ٿو ....“ ننڊ نٿي اچي امان.”
راجوءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. راجوءَ جي عمر پنجويهه سال آهي. ان عمر ۾ ننڊ جي نه اچڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟ ته ڇا مون وانگر راجو به اڪيلائيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي؟ هن کي ڊپ لڳي رهيو آهي! ڇا مون وانگر هو به سڄي گھر جي وڻن جي چوڌاري پکڙيل اونداهه ۾ پاڇولن کي هلند و ڦرندو ڏسي رهيو آهي؟
آئون ٻئي صوفي تي ويهي رهان ٿي... “تو پنهنجي تعليم ته پوري ڪري ورتي. هاڻ تنهن جو ڪهڙو ارادو آهي راجو؟”
راجو وري ڪتاب پڙهڻ ۾ غرق آهي. منهن مٿي ڪرڻ بنا جواب ڏئي ٿو ... “بابا آفيس ۾ وهڻ لاءِ چئي رهيو هو.”
“پوءِ تون وهندين؟”
“ڪجھه ڏينهن ٻيا وهڻ ڏي.”
آئون ڇا چئي رهي هيس ته ....” ايترو چئي آئون ماٺ ٿي وڃان ٿي. راجو منهن مٿي ڪري مون کي ڏسي ٿو، پوءِ مرڪڻ لڳي ٿو.
“ڇا؟”
“پهرين تون شادي کڻي ڪر، ڪاروبار جي سار سنڀال پوءِ ڪجانءِ.”
“تو مون لاءِ ڪا ڇوڪري ڏٺي آهي؟” راجو وري مرڪي ٿو.
“ڇوڪرين جي ته ڪا کوٽ ٿوروئي آهي؟”
ڳالهين جي وچ ۾ مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ راجو هاڻ پهرين وارو راجو نه آهي. ڪجھه ڪجھه غمگين لڳي رهيو هو. ڇا ٿيو آهي هن کي. منهنجي دل ۾ ڏک جو طوفان هلڻ لڳي ٿو. هن راجوءَ کي مون پنهنجي پيٽ ۾ رکيو هو. جنم ڏنومانس، هو منهنجي ئي بطن مان پئدا ٿيو هو. منهنجو ئي پٽ آهي. مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ راجو ۽ منهنجي وچ ۾ ميلن جو وڇوڙو آهي. عمر سان گڏ گڏ ڇا پيٽ مان پئدا ٿيل پٽ به ماءُ کان ڏور ٿيو وڃي؟ ماءُ کي اڪيلو ڇڏي پاڻ به اڪيلائيءَ جي غار ۾ گم ٿيو وڃي؟
رات جو ٽين وڳي راجوءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿي مون کي عجيب احساس ٿي رهيو آهي. آئون راجوءَ جي ڪمري ۾ ڇو آيس. جيڪڏهن اڄ جي رات آئون هتي نه اچان ها ته سڄي زندگي هيءَ حقيقت منهنجي نگاهن کان لڪل رهي ها.
ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ وقت منهنجو جسم ڏڪڻ لڳو آهي. گھر جي باغيچي وٽ ئي کليل گيراج آهي. سفيد رنگ جي ڪار گيراج ۾ اڪيلي بيٺي آهي. ڪار سڄو ڏينهن هلندي رهي ٿي. ڪاروبار جي سلسلي ۾ هو سڄو ڏينهن هيڏانهن کان هوڏانهن ڀڄندو ڊوڙندو رهي ٿو. ڪار کي ڏسي مون کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن ڪار ۾ ۽ مون ۾ هڪ رتيءَ جو به فرق نه آهي.
هن جي ڪمري وٽان لنگھندي اوچتو منهنجا قدم ڄمي وڃن ٿا. وڻن تي ڪو پکي ٻولي رهيو آهي. ڪُو، ڪُو، رات وارو ڪو پکي آهي. ننڍپڻ ۾ پنهنجي شهر ۾ ڪيترا دفعا ان پکيءَ جو آواز ٻڌي چڪي آهيان. ڪڏهن به ڊپ نه لڳم. چانڊوڪي رات ۾ اڪثر منهنجي گھر جي اڱڻ ۾ ئي اهو پکي ٻوليندو هو. اڱڻ ۾ هڪ گھاٽو انب جو وڻ هو. ان وڻ تي ڏينهن رات پکي ٻوليندا هئا. رات جو ڪڏهن چٻري جو به آواز ايندو هو. امان چوندي هئي، اهو سٺو پکي ناهي. چٻرا منحوس ٿين ٿا.
هن آواز کي ٻڌي اسان سڀ ڀينرون ڀتر هڻڻ لاءِ نڪرندا هئاسين. اونداهه ۾ پري تائين وڻن تي ڀتر اڇلائيندا هئاسين. پکي پنهنجي جان بچائي اڏامي ويندا هئا. پر هاڻ ته اها عمر نه رهي آهي. هاڻ ته رات واري پکيءَ جو آواز ٻڌي خوف محسوس ٿئي ٿو. ڊڄيو وڃان. جسم ڏڪڻ لڳي ٿو. خبر ناهي هن جو آواز ڪهڙين منحوس گھڙين جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ ۾ به خوف محسوس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ ۾ ته آئون پنهنجي ڪمري ۾ اونداهه جي ڊپ کان مري وينديس.
مون گذريل پنجن سالن ۾ جيڪو نه ڪيو هو، اوچتو ڪري ويهان ٿي. آئون هن جي دروازي تي کڙڪو ڪيان ٿي. هڪ دفعو، ٻيو دفعو، ٽيون دفعو.
اندارن ڳرو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو “ڪير آهي؟”
“آئون آهيان.” آئون ٿڪ ڳهي جواب ڏيان ٿي.
ڪجھه لمحن بعد دروازو کلي وڃي ٿو. هو منهنجي سامهون بيٺل نظر اچي ٿو. هن کي گوڏ ۽ سفيد ڪرتو پهريل آهي. هو اڃان به روزانو شيوَ ڪري ٿو. مون کي دورازي جي سامهون بيٺل ڏسي هو مرڪي ٿو.
“ڇا ڳالهه آهي؟”
آئون سوچ ۾ پئجي وڃان ٿي. ڇا چوان، ڇو آئي آهيان؟
“اچ، اندر اچ.” مون سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو.
آئون ڪمري ۾ داخل ٿي ڏسان ٿي. هن جو سگريٽ دکي رهيو آهي. آئون ڇرڪي وڃان ٿي. هو اڃا تائين ستو ناهي؟
آئون پڇان ٿي: “توهان اڃا تائين ستا نه آهيو؟”
“نه.”
“رات ته ختم ٿي رهي آهي.”
“ڇا ڪريان، ننڊ نٿي اچي.”
هو صوفي تي ويهي رهي ٿو. آئون هن جي پلنگ تي وڃي وهان ٿي. آئون ڏسان ٿي ته هو تمام گھڻو ڏُکويل پريشان آهي ۽ سگريٽ ڇڪي رهيو آهي. سامهون هڪ ننڍڙي ميز تي هڪ وڏي بوتل رکي آهي ۽ هڪ چلڪندڙ گلاس پڻ.
هو هڪ ٿڌو ساهه کڻي ٿو. منهنجي سيني ۾ طوفان لڳي ٿو. ڇا ٿيو آهي هن کي.
ڪجھه لمحن بعد هو مون ڏي ڏسي ٿو “تون ستي نه آهين؟”
“نه. ننڊ نٿي اچي.”
“مون تي ته ڊرنڪ جو ڪو اثر نٿو ٿئي. ننڊ نه اچڻ ڪري ڪيڏي اذيت محسوس ٿئي ٿي. اها ڳالهه ڪنهن کي سمجھائي نٿي سگھجي.”
ٻڌي خاموش رهان ٿي. منهنجي به ته اها ڪيفيت آهي. هو وري ٿڌو ساهه کڻي ٿو. ڳري آواز ۾ مون کي چوي ٿو. “اڄ ڪلهه پاڻ کي تمام گھڻو اڪيلو محسوس ڪريان ٿو.”
“مون کي به ايئن محسوس ٿئي ٿو.” آئون جواب ڏيان ٿي. ان کان پوءِ وڌيڪ ڪا به ڳالهه نه ٿي. اسان ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون ماٺ ۾ ويٺا رهون ٿا. رات ختم ٿي وڃي ٿي. وڻن تي جھرڪين جي چهڪار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اسان ٻئي پوءِ به ماٺ ۾ رهون ٿا. آمهون سامهون هڪ ٻئي جون شڪليون ڏسڻ جي باوجود ڪا ڳالهه نٿي اڄهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو بلڪل اڪيلو آهي، آئون بلڪل اڪيلي آهيان ۽ مٿي ٻي ماڙ تي راجو، اهو به بلڪل اڪيلو آهي.
(بنگالي ڪهاڻي. ليکڪ: امداد الحق)