پينو
“بابا! انڌيءَ ويچاري تي رحم ڪريو.”
هن جو اهو خيال هو ته مندر ۾ ايندڙ مڙئي انسان رحمدل ۽ سٺي ڪردار وارا ٿين ٿا. اهو بلڪل صحيح هو جو ايندڙ ويندڙ ڪجھه نه ڪجھه هن انڌيءَ کي ڏيئي ويندا هئا ۽ هوءَ کين دعائون ڏيندي رهندي هئي ۽ سندن نيڪيءَ جا گُڻ ڳائيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ جڏهن به هوءَ ڪنهن پاڙ ي مان لنگھندي هئي ته پاڙي واريون به ڪجھه نه ڪجھه بچيل سچيل شيءِ کيس کائڻ لاءِ ڏينديون هيون.
هن جو صبح کان شام تائين ڏينهن پنڻ ۾ گذرندو هو ۽ رات جو لٺ جي آڌار تي موٽي گھر وڃڻ وقت دل ئي دل ۾ پنهنجي رب جا شڪر بجا آڻيندي هئي. سندس گھر شهر کان چڱو پري هڪ ڪکائين جهوپڙي هئي.
رستي تان به هوءَ پنندي ويندي هئي، پر واٽهڙن ۾ جيتوڻيڪ گھڻا اڇن ڪپڙن وارا هوندا هئا، پر سندن دل ڪپڙن جهڙي صاف نه هوندي هئي. هو ڪجھه ڏيڻ بدران ڏکوئڻ ۾ ئي لطف وٺندا هئا. ان هوندي به هوءَ دل شڪستو نه ٿيندي هئي ۽ پنهنجي جھوپڙي تائين پهچندي پهچندي ٻه ٽي ٻيا پئسا به حاصل ڪري وٺندي هئي.
جهوپڙيءَ جي ويجھو پهچندي ئي هڪ ڏهن ورهين کن جو ٻار کيس اچي چنبڙندو هو. انڌي جھڪي هن جي نرڙ تي چمي ڏيندي هئي.
اهو ٻار ڪير هو_؟” ڪنهن جو هو يا ڪٿان آيو؟ ان کان ڪو به واقف نه هو. پنج سال ٿيا جو پاڙيسرين هن کي اڪيلو رلندي ڏٺو هو ۽ پوءِ اوچتو هڪڙي ڏينهن شام جو هنن انڌيءَ جي ڪڇ ۾ ان ننڍڙي ٻار کي ڏٺو. انڌي هن کي ڪوڏائي ماٺ ڪرائي رهي هئي. اهو ڪو عام رواجي واقعو نه هو، پر ڪنهن به ڏينهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ته ٻار ڪنهن جو آهي. بهرحال ان ڏينهن کان اهو ٻار هر وقت انڌيءَ جي ڪڇ ۾ ئي ڏِسبو هو.
انڌيءَ جھوپڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍو ناندان ٺاهي ڇڏيو هو. جيڪي ڪجھه روز پني ايندي هي، اهو اچي ان ۾ رکندي هئي ۽ پوءِ ان کي ڪنهن ڪپڙي لٽي سان ڍڪي ڇڏيندي هئي، جيئن ڪنهن جي نظر ان تي نه پوي. کائڻ لاءِ ته روزانو کيس چڱو خاصو اٽو ۽ چانور ملي ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن ان مان گذارو ڪري وٺندي هئي. سڀ کان پهرين پنهنجي نپايل نينگر کي کارائيندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندي هئي. رات جو ٻار کي ڇاتيءَ سان لاهي، اتي ئي سمهي رهندي هئي ۽ صبح ٿيندي ئي مندر جو رستو وٺندي هئي.
ڀر واري شهر ۾ سيٺ بنارسي داس نالي هڪ تمام مشهور ماڻهو رهندو هو، جنهن کان ننڍو وڏو چڱيءَ طرح واقف هو. ڏاڍو نيڪ ۽ ڌرمي مڙس هو. صبح جو ٻارهين وڳي تائين پوڄا پاٺ ۾ رڌل رهندو هو. سندس اوطاق تي سڄو ڏينهن ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي . اوڌر وٺندڙن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ماڻهو ايندا هئا، جيڪي پنهنجي بچت سچت اچي هن وٽ ڌراوت طور رکندا هئا. فقير فقرا به پنهنجي پنيل موڙي هن وٽ اچي ڇڏي ويندا هئا. انڌيءَ کي به ان جي خبر هئي. پر پنهنجي پاڇي ٿيل رقم سيٺ وٽ رکڻ کان خبر ناهي ڇو پئي ڪيٻائيندي هئي.
هاڻ هن وٽ چڱا پئسا گڏ ٿي ويا هئا. جھوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ کوٽيل کڏ به اچي تار ٿي هئي. هن کي اچي ڊپ کنيو ته ڪٿي ڪو چورائي کڻي نه وڃي ۽ سڄي زندگيءَ جي محنت هڪ پل ۾ چٽ ٿي وڃي. اهو سوچي، هڪ ڏينهن سانجھيءَ جو پئسا پنهنجي چادر جي ڪنڊ ۾ ٻڌي، سيٺ جي گھر پهتي.
سيٺ فقيرياڻيءَ کي ڏسي ڌيرج سان پڇيو: “ڇا آهي؟”
انڌيءَ پئسا اڳيان وڌائي ڏڪندي ڏڪندي چيو: “سيٺ صاحب! مهرباني ڪري هي پئسا پاڻ وٽ رکو. آئون انڌي آهيان. پئسا کڻي ڪٿي پيئي لڪائينديس.”
سيٺ پنهنجي منشيءَ کي اشارو ڪندي چيو: “هي پئسا کاتي ۾ جمع ڪري ڇڏ.” پوءِ پوڙهيءَ کان پڇيائين: “مائي تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
انڌيءَ نالو ٻڌايو ۽ منشيءَ پئسا وٺي هن جي نالي جمع ڪيا. فقيراڻي ٻڪ کڻي سيٺ کي دعائون ڪندي پنهنجي جھوپڙيءَ ڏي رواني ٿي وئي.
ٻه سال تمام سک ۽ آرام سان گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن اوچتو انڌيءَ جو پٽ بيمار ٿي پيو. ڪيتريون ئي دعائون ۽ دم دلاسا ڪيائين پر ڪو فرق نه ٿيو. ڇوڪري جي حالت ڏينهون ڏينهن وئي خراب ٿيندي. انڌي ويچاريءَ جي دل ڀُري پيئي ۽ همت جواب ڏئي ويس، پر وري خيال آيس ته متان ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ٿي پوي. انهيءَ خيال ايندي ئي ڌڪا ٿاٻا کائيندي سيٺ جي گھران اچي نڪتي. ان وقت سيٺ ويٺو هو.
انڌيءَ چيو: “ سيٺ صاحب! منهنجي رپين مان مهرباني ڪري ڏهاڪو کن ڏيو ته وڏي مهرباني. پنهنجي بيمار پٽ جي دوا لاءِ ڊاڪٽر کي ڏيڻا اٿم.” سيٺ ڪاوڙ مان پڇيو: “ڇا جا پئسا_؟ مون وٽ تو پئسا رکيا ئي ڪڏهن هئا_؟”
انڌي فقيرياڻيءَ روئيندي وراڻيو: “ٻه سال ٿيا ته آئون توهان جي اوطاق تي پنهنجا پئسا امانت طور رکائڻ آئي هيس. مهرباني ڪري انهن مان هن وقت ڏهه رپيا ڏيو.”
سيٺ پنهنجي منشيءَ کي گھرائي ڳجھو اشارو ڪندي چيو: “منشي! ڏس ته سهي هن انڌيءَ نالي ڪا رقم جمع ٿيل آهي يا نه. تنهنجو نالو ڇا آهي پوڙهي؟”
انڌي فقيرياڻيءَ جي پيٽ ۾ ساهه پيو. پهريون سوال ٻڌي هن سوچيو ته هي سيٺ ڪپتيو آهي. پر پوءِ سوچڻ لڳي ته شايد وسري ويو هجيس. ههڙو نيڪ ماڻهو ڪڏهن به ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگھي. هن پنهنجو نالو ٻڌايو. منشيءَ سيٺ جو مطلب سمجھي چوپڙيءَ جا ورق هيڏانهن هوڏانهن اٿلائي چيو: “نه. هن جي نالي تي ڪا به رقم جمع ٿيل ناهي.”
انڌي ويچاريءَ جو ساهه ئي سڪي ويو. روئيندي چيائين: “ ڀڳوان جي نالي، پنهنجي ڌرم ڪارڻ، مون کي ڪجھه ڏي. منهنجو پٽ بچي پوندو. آئون سڄي ڄمار تنهنجي هن احسان جا ٿورا ڳائيندي رهنديس.”
سيٺ ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيو: “وڃي ٿي يا ڪريان نوڪر کي سڏ ته لوڌي ڪڍنئي؟”
انڌي ويچاري لٺ سڌي ڪري اٿي کڙي ٿي ۽ سيٺ ڏانهن نهاري چيائين: “چڱو ڀڳوان توهان کي جھجھو ڏئي.” ۽ پاڻ پنهنجي گھر ڏي رواني ٿي ويئي. اها هن جي دعا نه پر مصيبتن جي ستايل غريب جي پِٽَ هئي.
ڇوڪري جي حالت خراب ٿيندي ويئي. جڏهن دوا دارون ڪجھه به نه ٿي سگھيو ته پوءِ فائدو ڪٿان ٿئي. آخر اها گھڙي به اچي ويئي جو هن جي حالت تمام نازڪ ٿي ويئي. انڌي به نااميد ٿي ويئي. اوچتو هن جي دل ۾ خيال آيو ته ٻار کي کڻي اچي سيٺ جي در اڳيان ويهي رهي.
هڪ نوڪر ڪنهن ڪم سان ان وقت ٻاهر نڪتو ۽ انڌيءَ کي در تي ويٺل ڏسي وڃي سيٺ کي اطلاع ڪيو. سيٺ نوڪر کي حڪم ڏنو ته هن کي هڪدم ڀڄايو وڃي. نوڪر انڌيءَ کي گھڻائي دڙڪا ڏنا پر هوءَ اتان اهڙي چُري جهڙي ڀِت. نوڪر جي ڌمڪي به هن تي ڪو اثر نه ڪيو، نيٺ نوڪر وڃي سيٺ کي ٻڌايو.
سيٺ صاحب آخر پاڻ ٻاهر نڪري آيو. انڌيءَ جي جھوليءَ ۾ ٻار کي ڏسي نهايت حيران ٿي ويو. هن ٻار جو مهانڊو ۽ شڪل شبيهه سندس پٽ موهن سان ملي رهي هئي. ست سال اڳ موهن ڪنهن ميلي ۾ گم ٿيوو هو. ڏاڍي ڳولا هلي، پر ڪجھه ڪين وريو. موهن جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو هو. سيٺ کي ياد آيو ته موهن جي سٿر تي هڪ ڪاو گول نشان هوندو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ هن جھڪي انڌيءَ جي جھوليءَ ۾ سُتل ٻار ڏي چتائي ڏٺو. واقعي هن جي سٿر تي اهو ڪارو نشان هو، جيڪو هاڻ عمر سان گڏ وڌي چڪو هو. هن يڪدم ٻار کي انڌيءَ کان کسي پنهنجي سيني سان لاتو. ٻار جو جسم تپ کان ڄڻ باهه ٿي رهيو هو. نوڪر کي هڪدم ڊاڪٽر آڻڻ لاءِ حڪم ڪيائين ۽ پاڻ تڪڙو تڪڙو ٻار سميت گھر اندر گھڙي ويو.
انڌي اٿي بيٺي ۽ ٻار لاءِ منهن مٿو پٽڻ لڳي. “منهنجي ٻچڙي کي ڇو کڻيو پيا وڃو...”
سيٺ ٻاهر نڪري هن کي چيو “ اهو ٻار منهنجو پٽ موهن آهي. ست سال اڳ وڃائجي ويو هو. هينئر ڀڳوان مون کي واپس ملايو آهي. هاڻ آئون کيس سيني سان سانڍينديس. پنهنجي سڄي ملڪيت خرچ ڪري به کيس بچائيندس.
انڌي چرين وانگر کلي چوڻ لڳي: “ تنهنجو پٽ آهي تنهن ڪري تون کيس بچائيندين. منهنجو پٽ هجي ها ته هن کي ڪفن لاءِ ٻه پئسا به نه ڏين ها. ائين نه_؟ اهو آهي دنيا جو انصاف. ورهين کان پنهنجو خون پگھر هڪ ڪري هن کي نپايو ۽ پاليو اٿم. هن کي ائين ڪيئن ڇڏينديس.”
سيٺ جي حالت ان وقت ڏسڻ وٽان هئي. ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيس. ڪجھه وقت اتي ئي ماٺ ۾ بيٺو رهيو . پوءِ گھر ۾ گھڙي ويو. انڌيءَ به ڪيتري دير تائين رئندي رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي جھوپڙيءَ ڏانهن موٽي ويئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو قدرت طرفان دوا اثر ڪيو ۽ موهن جو تپ لهي ويو. هوش ۾ اچڻ سان هن اکيون کوليون ۽ “ امان، امان” ڪري انڌيءَ کي سڏڻ لڳو. چوڌاري ڌاريا ماڻهو ڏسي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ان کانپوءِ تپ وري وڌي ويو. بي هوشيءَ جي حالت ۾ به هاڻ هو رکي رکي ماءُ کي سڏي رهيو هو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هن کي _انڌي ماءُ جي غير حاضريءَ جو صدمو هو. ڊاڪٽر وڌيڪ علاج ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويا. سيٺ جي اکين اڳيان اونداهه ڇانئجي ويئي.
“ڇا ڪريان، هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ آهي. سو به ورهن جي وڇوڙي بعد واپس مليو آهي. هاڻ وري موت هن کي مون کان هميشه لاءِ جدا ڪري رهيو آهي. کيس ان کان ڪيئن بچايان!”
امالڪ هن کي انڌيءَ جو خيال آيو. پر هوءَ ته واپس وڃي چڪي هئي. سيٺ گاڏي تيار ڪرائي، نوڪرن سميت شهر کان ٻاهر هن جي جھوپڙيءَ وٽ اچي نڪتو. جلدي جلدي اندر گھڙيو. ڏسي ته انڌي هڪ ڦاٽل پراڻي تڏي تي ويٺي آهي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. هن کي اها خبر نه پيئي ته ڪير سندس ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ گھڙي آيو آهي. سيٺ ڊڄندي ڊڄندي هن جي ٻانهن کي لوڏيو. سندس بدن ٽانڊن وانگر ٻري رهيو هو.
سيٺ ڪنڌ جھڪائي چيو“ ٻڍي! تنهنجو پٽ مري رهيو آهي. ڊاڪٽر بلڪل جواب ڏيئي چڪا آهن ۽ هو رکي رکي توکي سڏي رهيو آهي. هينئر تون ئي هن کي جياري سگھين ٿي. هل ۽ منهنجي... نه، نه، پنهنجي پٽ کي هلي بچاءِ.”
انڌيءَ چيو: “ مري ٿو ته مرڻ ڏينس، آئون به مري رهي آهيان. اسان ٻئي ماءُ پٽ وري ٻئي جهان ۾ ملنداسين. هن دنيا ۾ ڪو به سک ناهي. اتي منهنجو ٻچو هميشه لاءِ سکي رهي سگھندو ۽ اتي آئون هن جي چڱي طرح پرگھور لهي سگھنديس.”
سيٺ روئڻ لڳو. هيستائين هن ڪنهن به اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جھڪايو هو. پر هينئر هڪ معمولي انڌي فقير جي پيرن تي ڪري پيو ۽ رئندي رئندي چيو: “منهنجي نه ته پنهنجي مامتا جي لڄ رک. نيٺ تو به ته هن کي پاليو آهي. تنهنجي هلڻ سان هو ضرور بچي پوندو.”
انهن ڳالهين انڌيءَ کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ يڪدم چوڻ لڳي: “هلو هلو. هينئر ئي هلو.”
سيٺ کيس سهارو ڏيئي ٻاهر وٺي آيو ۽ گاڏيءَ ۾ چاڙهي سڌو گهر جو رخ رکيو. ان وقت سيٺ ۽ انڌي ٻنهي جي دلين جي حالت ساڳي هئي. ٻنهي جي تمنا هئي ته هو هڪدم اڏامي هلي ٻار کي ڇاتيءَ سان لائين. گھر اچي ويو. سيٺ آهستي آهستي انڌيءَ کي گاڏيءَ مان لاهي اندر موهن جي کٽ وٽ وٺي هليو. انڌيءَ هيٺ جھڪي موهن جي مٿي تي هٿ رکيو. موهن اکيون کولي هڪدم سڃاڻي ورتو ته اهو سندس ماءُ جو هٿ هو.
“امان! تون اچي ويئينءَ؟”
انڌيءَ پيار مان هڪدم جواب ڏنو: “ها پٽ! توکي هتي ڇڏي آئون اڪيلي ڪيڏانهن وينديس.” ۽ پوءِ هن جي سيرانديءَ کان ويهي موهن جو مٿو پنهنجي جھوليءَ ۾ رکيو . موهن هاڻي آرام محسوس ڪرڻ لڳو ۽ اتي ئي ننڊ کڻي ويس.
ٻئي ڏينهن کان موهن جي حالت سڌرڻ لڳي. ڏهن پنڌرهن ڏينهن ۾ هو بلڪل چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. جيڪو ڪم حڪيم ۽ ڊاڪٽر به نه ڪري سگھيا اهو ڪم انڌيءَ جي پيار هڪ پل ۾ ڪري ڏيکاريو.
موهن جي بلڪل تندرست ٿيڻ بعد انڌيءَ موڪل گھري. سيٺ ڪيتريون ئي منٿون ميڙيون ڪيون ته هوءَ اتي ئي رهي پوي، پر انڌيءَ کي هڪ به نه آئڙي. لاچار سيٺ کي موڪل ڏيڻي پيئي ۽ هوءَ گھر ڏي رواني ٿيڻ واري هئي ته سيٺ هڪ ڳوٿري اچي سندس هٿن ۾ ڏني.
انڌيءَ پڇيو: “ هن ۾ ڇا آهي_؟”
سيٺ جواب ڏنو: “هن ۾ تنهنجا پئسا آهن، جي تون مون وٽ امانت طور رکيا هئا. منهنجو ڏوه....”
انڌيءَ تڪڙ ۾ سندس ڳالهه کي ڪٽنيدي چيو: “هي رپيا مون تنهنجي موهن لاءِ گڏ ڪيا هئا. ۽ اها هن جي ئي ملڪيت آهي.”
انڌيءَ ڳوٿري اتي ئي رکي ۽ لٺ جي آڌار تي ٻاهر نڪري ويئي. ٻاهر اچي هن هڪ دفعو هن وري ان گھر ڏانهن نهاريو. ان وقت به هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.