راز جي ڳالهه
هن جو پٽ ڪرشن گوپال نئين روشنيءَ جو تعليم يافته هو. ننڍي ننڍي ڏاڙهي هيس، رنگين چشمو لڳايائين ٿي ۽ ڪنهن وٽ به گھڻو اٿيو ويٺو نٿي. ڏاڍو شريف ۽ بلند اخلاق هو. ٻيڙي سگريٽ کي هٿ به نٿي لاٿائين. شڪل شبيهه ۾ بيحد عجز هوس پر طبيعت جو سخت هو.
هن جي هارين نارين کي جلدي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو ته وڏي مالڪ تي ته زور هلي ٿو پر هي مالڪ هڪ ٽڪو به ڇڏڻ وارو ناهي. ڪرشن گوپال جي هٿن م اختيار اچڻ سان هن ڏٺو ته ڪيترن ئي ماڻهن وٽ گھٽ مسواڙ تي زمين ڏنل آهي. هن کي اهو خيال آيو ته جيڪي نڪما ماڻهو گھر ويٺي ويٺي هن زمين جو فائدو کائي کائي ٿلها پيا ٿين، اهي رحم ۽ همدردي جا مستحق نه آهن. ان طرح ڪنهن کي ڪجھه ڏيڻ معنيٰ ڪاهلي ۽ سستيءَ جي همت افزائي ڪرڻ آهي.
ٻيو خيال ان کي اهو آيو ته هن جي پيءُ ڏاڏي جي وقت جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه روزي ڪمائڻ گھڻو ڏکيو ٿي پيو آهي، خرچ به وڌي ويا آهن. هن وقت پنهنجي عزت، پنهنجو وقار ٺاهي رکڻ ۾ چئوڻو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري هن جو پيءُ جنهن طرح ٻنهي هٿن سان دولت لٽائي ويو آهي، هاڻ ان طرح ڪرڻ سان ڪم نه هلي سگھندو. بلڪ گھڻي کان گھڻي ملڪيت حاصل ڪرڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي. هن جي عقل ۾ جيڪا ڳالهه صحيح لڳي ٿي، هن اهو ئي ڪرڻ شروع ڪيو ٿي. هو ڪجھه اصول ٺاهي ان تي عمل ڪرڻ لڳو.
جيڪي ڪجهه گھر کان ٻاهر هو اهو آهستي آهستي وري گھر ۾ اچڻ لڳو. هو پنهنجي پيءُ جي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي برقرار رکڻ لڳو.
رام گوپال کي جڏهن پنهنجن هارين نارين جي ڏک درد جو حال معلوم ٿيو ته هن ڪرشن گوپال کي خط لکيو ته هيءَ روش صحيح نه آهي. ڪرشن گوپال جواب ۾ لکيو : “زميندار کي نئين آئين مطابق فقط ڍل ملي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن آئون پنهنجي آمدنيءَ تي ڪڙي نظر نه رکندس ته کائيندس ڇا؟”
رام گوپال زماني جي هن ڦيري کان فڪرمند ٿي ويو. هن سوچيو ته اڄ جا ڇوڪرا اڄ جي حالتن موجب ئي ڪم ڪن ٿا. منهنجي وقت جا اصول هاڻ ڪم نه ڏئي سگھندا. آئون پري ويهي ڪم ۾ دخل انداز ٿيندس ته ڇوڪرا چوندا ته پنهنجي جائداد اچي پاڻ سنڀال، اسان کان هن جي حفاظت ٿي نه سگھندي. آئون زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڀڳوان جي ڀڄن ۾ ئي گذاريندس.
_______
اهڙي طرح ڪم هلڻ لڳو. ڪيترا مقدما هلائي، جھيڙا ۽ فساد ڪري ڪرشن گوپال سڀ رنگ ڍنگ پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ڪري ڇڏيا. ڪيترن ماڻهن ته ڊڄي ڪرشن گوپان جي خواهش مطابق ڪم ڪرڻ منظور ڪيو. فقط احمديءَ جو ڇوڪرو رمضاني ڪنهن طرح قابوءَ ۾ نه پئي آيو.
ڪرشن گوپال جي ڪاوڙ ته سڀ مان گھڻي هن تي هئي. برهمڻ کي معافي ڏيڻ جو مطلب ته ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو، پر مسلمان جي پٽ کي معافي ڏيڻ جو ڇا مطلب؟ هڪ مسلمان رن زال جو پٽ ڳوٺ جي خيراتي اسڪول ۾ ٿورو گھڻو لکڻ سکي ايڏو مغرور ٿي ويو آهي جو ڪنهن کي نٿو ليکي.
ڪرشن گوپال کي پراڻن همراهن کان معلوم ٿيو ته رمضاني ۽ هن جي ماءُ تي گھڻن ڏينهن کان رام گوپال جون مهربانيون هلنديون آيون آهن. انهن مهربانين ۽ همدردين جو ڪو خاص سبب هو نه ٻڌائي سگھيا. شايد غريب بيواهه زال جو ڏک ڏسي رام گوپال کي هن تي قياس اچي ويو هو.
پر ڪرشن گوپال کي پيءُ جي هيءَ نگاهه ڪرم سڀ کان گھڻي بي فائدي ۽ فضول محسوس لڳي هئي. رمضانيءَ جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي ڪرشن گوپال کي اهو خيال آيو ٿي ته رمضانيءَ جي ماءُ احمديءَ رحمدل رام گوپال کي دوکو ڏئي ان جي ملڪيت جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي.
رمضاني به عجيب فطرت انسان هو. هن چيو: جان هلي وڃي پر آئون معافيءَ تي زمين نه ڇڏيندس. ٻنهي طرفن کان مقدمي بازيون شروع ٿي ويون. رمضانيءَ جي بيواهه ماءُ ڇوڪري کي بار بار سمجايو ته زميندار سان جھيڙو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هيستائين جن جي عنايت ۽ مهربانيءَ جي سهاري زندگي گذاري آهي، انهن جي ئي مهربانين تي جھلو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. زميندار جي چوڻ مطابق ڪجھه معافيءَ تي کڻي ڇڏ.
رمضانيءَ چيو: “ماءُ، تون ان معاملن بابت ڪجھه نٿي ڄاڻين.”
مقدمي بازيءَ ۾ رمضاني هارائن لڳو پر جيئن جيئن هن هارايو ٿي تيئن تيئن هن جو ضد وڌيو ٿي. هن پنهنجي معافيءَ جي حفاظت ۾ هر شيءِ بازيءَ تي لڳائي ڇڏي.
هڪ ڏينهن ٽين پهر رمضانيءَ جي ماءُ پنهنجي پٽ کان لڪائي، نذراني طور پنهنجي ٻنيءَ جون ڪجھه شيون کڻي، ڪرشن گوپال سان ملڻ وئي.
“الله تنهنجو ڀلو ڪري پٽ! رمضاني کي تنگ نه ڪجانءِ. آئون هن کي تنهنجي حوالي ٿي ڪريان. هن کي تون پنهنجو ننڍو ڀاءُ سمجھي هن جي کائڻ پيئڻ لاءِ اها زمين ڏئي ڇڏينس. تو وٽ بي شمار دولت آهي. جيتري زمين هن وٽ آهي، ان سان توکي ڪو به نقصان نٿو رسي سگھي.”
اهو ٻڌي ڪرشن گوپال ڏاڍو منجھي پيو. هن چيو: “تون عورت آهين، تون انهن ڳالهين کي نٿي سمجھي سگھين. جيڪڏهن توکي ڪجھه چوڻو آهي ته پنهنجي پٽ کي موڪل.”
هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ هوءَ انهن کي اگھندي موٽي وئي. مقدمو فوجداريءَ کان ديواني، ديوانيءَ کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ اتان کان هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو. ان ۾ ئي ڏيڍ سال گذري ويو. رمضاني تمام گھڻو قرضي ٿي ويو هو. آخري اپيل ۾ هو مقدمو کٽي ويو هو.
پر هو آسمان مان ڪريو وڻ ۾ اٽڪيو. زميندار موقعو ڏسي ڊگري جاري ڪرائي. رمضانيءَ جو گھر گھاٽ نيلام ٿيڻ جو ڏينهن مقرر ٿي ويو. سانوڻ جو مهينو هو. سڄو آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ وسڪارو ٿيو ڪي ٿيو.
رمضاني هڪ وڏو چاقو ۽ ٿالهه کڻي بازار آيو هو. هن اهي ٻه شيون گروي رکي سودو خريد ڪرڻ چاهيو ٿي.
ٽين پهر ڪرشن گوپال هوا کائڻ لاءِ نڪتو. ٻه ٽي سپاهي به ڊگھيون ڊگھيون لٺيون کڻي هن سان گڏ هلي رهيا هئا. بازار ۾ هڪ هنڌ بيهي هو هڪ ماڻهوءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ رمضاني چاقو تاڻي شينهن وانگر گجڪوڙ ڪندو هن ڏي ڊوڙيو. ماڻهن هن کي رستي تان ئي جھلي هن کان چاقو ڦرائي ورتو. ان ئي وقت هن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. بازار جي خريد و فروخت جو ڪم هڪ دفعو وري ساڳي طرح هلڻ لڳو. ان واقعي مان ڪرشن گوپال ڪجھه خوش نه ٿيو. اسان جنهن جو شڪار ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو جيڪڏهن اسان تي وار ڪرڻ اچي ته هن جي اها حرڪت برداشت نٿي ڪري سگھجي. هن بدمعاش کي عبرتناڪ سزا ملڻ کپي.
هيڏانهن رمضانيءَ جي ماءُ کي پٽ بنا خالي گھر ڊپ وارو محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ سڄي رات الله کي ٻاڏائي پٽ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرڻ لڳي. هن کي ڏينهن رات ۾ ڪو هڪ لمحو به سڪون جو نصيب نٿي ٿيو.
______
اهڙيءَ طرح ٽي مهينا گھذري ويا. عدالت ۾ ايندڙ ڏينهن تي مقدمي جي تاريخ هئي. ڪرشن گوپال کي شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻو هو. ان کان اڳ زميندار ڪڏهن شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ نه بيٺو هو پر ان معاملي ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻ ۾ ڪرشن گوپال کي ڪا ڏکيائي، ڪو مونجھه سونجھه نه ٿيو.
ٻئي ڏينهن صحيح وقت تي واچ ٺاهي، پٽڪو ٻڌي، پالڪيءَ ۾ سوار ٿي ڪرشن گوپال ڪورٽ پهتو. مئجسٽريٽ عزت ڏيندي هن کي پنهنجي ڀر ۾ وهڻ لاءِ جاءِ ڏني. عدالت ۾ ايڏو وڏو ميڙ ڪڏهن به نه ٿيو هو.
مقدمو شروع ٿيڻ ۾ ڪا دير نه هئي. ايتري ۾ ڪرشن گوپال جي سپاهيءَ اچي ڪن ۾ ڪجھه چيو. هو ان ئي وقت “ هڪ ضروري ڪم آهي” چئي عدالت مان ٻاهر اچي ويو.
ٻاهر اچي ڏٺائين، ڪجھه پرڀرو هڪ پراڻي وڻ هيٺان هن جو پيءُ بيٺو هو. اگھاڙين پيرين، چادر اوڍي ۽ هٿ ۾ وڏي مالها جھلي پڙهي رهيو هو. هن جي ڪمزور جسم مان نور وسي رهيو هو. پيشاني تان سڪون ۽ رحمدلي ٽمي رهي هئي.
ڪرشن گوپال جھڪي پيءُ کي پرنام ڪيو. سندس مٿي تي ٻڌل پڳڙي ڪرندي ڪرندي بچي. کيسي مان واچ ٻاهر نڪري آئي. انهن کي صحيح ڪري ڪرشن گوپال پنهنجي پيءُ کي هڪ وڪيل جي ڪرسيءَ تي هلي وهڻ لاءِ چيو. رام گوپال جتي بيٺو هو اتان هڪ انچ به نه چُريو. “مون کي جيڪي چوڻو آهي اهو هتي ئي چوندس.”
ڪرشن گوپال جا سپاهي ماڻهن جي هجوم کي پري هٽائڻ لڳا. رام گوپال چيو: “رمضانيءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندئي ۽ هن جي زمين جو ٽڪرو جيڪو تو پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو آهي، اهو هن کي موٽائي ڏيڻو پوندءِ. ”
ڪرشن گوپال حيرت مان پڇيو: “توهان ان لاءِ پوڄا پاٺ ڇڏي ڪاشيءِ کان هتي آيا آهيو. رمضانيءَ سان توهان کي ايڏي محبت ڇو آهي؟”
رام گوپال چيو: “پڇي ڇا ڪندين؟”
ڪرشن گوپال نه مڃيو. چوڻ لڳو: “مون سڀني ماڻهن کان جائداد وٺي ڇڏي آهي. انهن ۾ ڪيترا برهمڻ به هئا. پر توهان انهن جي معاملي ۾ ڪڏهن به دخل اندازي نه ڪئي ۽ هن مسلمان لاءِ توهان ايتري ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مقدمو هلائي جيڪڏهن آئون رمضانيءَ کي ڇڏي ڏيندس ۽ هن کي سڀ زمين موٽائي ڏيندس ته ماڻهو ڇا چوندا؟”
رام گوپال ٿوري دير لاءِ ماٺ ۾ رهيو. آخر ڏڪندڙ آڱرين سان جلدي جلدي مالها ڦيري گجندڙ آواز ۾ چيو: “رمضاني تنهنجو ڀاءُ آهي ۽ منهنجو ڀاڻيجو. مون هن جي ماءُ کي سندس مڙس جي مري وڃڻ تي ڀيڻ ٺاهيو هو. ڇا تون منهنجي ڀيڻ جي جھولي خالي ڪرڻ چاهين ٿو؟ پنهنجي ڀاءُ کي جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اڇلڻ چاهين ٿو؟”
“رمضانيءَ جي ماءُ توهان جي ڀيڻ آهي ۽ رمضاني توهان جو ڀاڻيجو؟ منهنجو ڀاءُ؟”
“هائو.”
“چڱو هلو ته گھر هلون.”
“نه، آئون هاڻ گهر نه ويندس. هتان ئي واپس وڃي رهيو آهيان. جيڪي ڪجھه مون کي چوڻو هو سو توکي چيم. هاڻ جيڪي توکي مناسب لڳي اهو ڪجانءِ، پر منهنجي ڀيڻ کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي، نه ته منهنجي روح کي سڪون نصيب نه ٿيندو.”
اهو چئي هو دعائون ڏئي روانو ٿي ويو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ جسم ڏڪي رهيو هوس.
ڪرشن گوپال ڪو به فيصلو نه ڪري سگھيو ته پيءُ کي ڇا چوڻ کپي. جڏهن هو عدالت ڏي آيو ته هن ڏٺو ته رمضاني ٻن سپاهين جي وچ ۾ هٿڪڙيون پائي ويٺو هو. هن جو جسم ڪمزور لڳي رهيو هو. چپ سڪي ويا هيس. اکين ۾ خاص قسم جي چمڪ هيس. هن جي بدن تي ميرا ڪپڙا اوڍيل هئا. هو ڪرشن گوپال جو ڀاءُ ٿيو. مقدمو ڪنهن طرح ختم ٿي ويو. ڪجھه ئي ڏينهن ۾ رمضانيءَ جي وري پهرين واري حالت ٿي وئي. پر ان جو سبب هن کي معلوم نه ٿيو ته هن جو ڇوٽڪارو ڪيئن ٿيو ۽ ڪرشن گوپال هن کي معافي ڇو ڏئي ڇڏي.
ٻين ماڻهن کي به ان جو ڏاڍو اچرج لڳو. پيءُ پٽ کان سواءِ هن راز کان ٻيو ڪو به آگاهه نه هو _ يا شايد رمضانيءَ جي ماءُ زميندار جي زبان ٿيل ڀيڻ، ان راز کي سمجھي وئي هجي.
(ڪهاڻيڪار: رابندر ناٿ ٽئگور)