ليليٰ جي شادي
ٻڌڻ وارا اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا. ماڻهن ليليٰ جي ماءُ کي مبارڪون ڏنيون. مجنون ويچارو ڪيڏي عرصي کان ليليٰ پٺيان تڙڦي رهيو هو. عاشقي خاطر هو هن دنيا ۽ ٻئي جهان ۾ بدنام ٿي چڪو هو. جتي ڪٿي سندس خواري ٿي رهي هئي ۽ سندس مٿي تي عشق جو ڀوت سوار هو. بهرحال ليليٰ جي ماءُ اهو فيصلو ڏاڍو سٺو ڪيو. عاشق معشوق جي جوڙي پاڻ ۾ ملي ويندي. ٻنهي جو ڀلو ٿيندو.
۽ هوڏانهن ليليٰ جي ماءُ شاديءَ جي ڪاڄ جي بجيٽ ٺاهي رهي هئي. “ستر وال ڪمخواب، هڪ سؤ ستر وال تنزيب، سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ، ويهه ڳوڻيون چانور ۽ پنڌرهن دٻا گيهه....!”
بجيٽ ته ٺهي وئي، مائٽن مٽن ۽ پاڙي وارن ان کي پاس به ڪري ورتو پر سيڌو سامان ڪيئن ملي؟ ليليٰ ماءُ بازار ۾ وڃي ڏٺو ته سيڌي وارن ميلو مچائي رکيو آهي. تيل وارا پنهنجا پنهنجا دڪان بند ڪري ستا پيا آهن. بازار جي دڪانن ۾ ڏنڊا هلي رهيا آهن. هيءَ جرمنيءَ جي جنگ ڇا ٿي، جو سڀني لاءِ آفت اچي وئي. ليليٰ جي ماءُ گھٻرائجي وئي. ماڻهن جي پيهه پيهان ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ سندس هڏ گُڏ نه ڀڄي پون. منهنجا مولا هاڻ آئون ڇا ڪريان؟
اوچتو اوندهه ۾ ڄڻ کنوڻ جو تجلو ٿيو. هن کي ماڻهن جي ميڙ ۾ مجنون نظر اچي ويو. شاديءَ جي خوشيءَ ۾ هو دوستن سان گڏ سير تي نڪتو هو. ليليٰ جي ماءُ هن وٽ پهچي هن کي منٿ ميڙ ڪئي، ته: “ميان مجنون ڪا همت ته ڪر. هيءَ شادي ٿي يا مصيبت ٿي. ڪا شيءِ نٿي ملي پٽ. هر دڪاندار مال لڪايو ويٺو آهي ته سڀاڻي اگھه ڪري ته پوءِ مهانگو ڪري وڪڻجي. ڏس مجبنون! تون مڙس ماڻهو آهين ڪا مدد ڪر. تنهنجي ئي شاديءَ جي ڪاڄ جو سامان آهي. آئون تنهنجي ٿورائتي رهنديس.”
مجنون مونجھاري ۾ اچي ويو. اکيون ڦاڙي حيرت مان چيو، “ماسي تون به ڪمال ٿي ڪرين! ڇا تون چاهين ٿي ته آئون هيڏي پيهه پيهان ۾ وڃي ڪڻڪ خريد ڪري اچان؟”
“ها پٽ. ڪا گھڻي نٿي چوانءِ، فقط سترهن ڳوڻيون.”
سترهن ڳوڻيون! ٻڌڻ سان مجنونءَ جي اکين اڳيان سترهن هزار تارا چمڪڻ لڳا. ڪوهه قاف جبل تان ٿي اچڻ سولو ڪم آهي پر سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ جون خريد ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. پگھر ۾ شل ٿيندي مجنونءَ جواب ڏنو:“ اهو ته ناممڪن آهي ماسي جان. ٽن سيرن جي ڳالهه هجي ته کڻي باهه ۾ ٽپو ڏيان ۽ ليليٰ جو نالو وٺي ميڙ ۾ ڌوڪي وڃان ۽ ٽي سير ڪڻڪ خريد ڪري اچان.”
ليليٰ جي ماءُ چيو: “پر هي شاديءَ جو معاملو آهي. سترهن ڳوڻين کان گھٽ مان ڪم هلي نه سگھندو.”
مجنونءَ ٿڌو ساهه کڻي جواب ڏنو، “هاڻ شادي ٿئي يا نه ٿئي، ڪڻڪ جون سترهن ڳوڻيون ته توهان کي ڪنهن به صورت ۾ ملي نه سگھنديون.”
مجنونءَ جي ان جواب ٻڌڻ سان ليليٰ جي ماءُ کي ڊپريشن ٿي پيئي. اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوڻ لڳي، “ته ڇا تون چاهين ٿو ته ڪڻڪ نه ملڻ ڪري ليليٰ جي شادي توسان نه ڪرايان؟”
مجنونءَ چيو: “آئون چاهيان ته نٿو پر ڇا ڪريان مجبوري آهي.”
“ ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته هيءَ شادي نه ٿي سگھندي؟”
“شادي ته ٿي سگھي ٿي پر شاديءَ ۾ ڪڻڪ نه هوندي.”
“آئون چوان ٿي ته ڪڻڪ بنا شادي ڪيئن ٿي سگھي ٿي.”
“ ته پوءِ واقعي هيءَ شادي ٿيڻ مشڪل ڪم آهي.”
“تنهنجي معنيٰ مجنون، تون ڪجھه نه ڪري سگھندين؟”
“ان معاملي ۾ آئون ڪري ئي ڇا ٿو سگھان، ماسي.”
ان وقت ليليٰ جي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا ۽ هوءَ وچ بازار ۾ بيٺي هئي.
شهر جي بدنام غنڊي عثمان جي نظر هن تي پيئي. ليليٰ جي ماءُ وٽ وڃي هن روئڻ جو ڪارڻ پڇيو.
ليليٰ جي ماءُ روئيندي رهي. سڀ ڪجهه ٻڌڻ بعد عثمان چيو، “انهن سڀني شين جو ملڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. تون جيڪي چئين اهو خريد ڪري ڏيانءِ پر دنيا ۾ هڪ ئي ڇوڪرو مجنون ته نه آهي. آئون به ته ليليٰ لاءِ ڪڏهن کان مري رهيو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان گڏهه مجنونءَ وانگر جتي ڪٿي پيار محبت جون هينگون نٿو ڏيندو وتان. ڏس جيڪڏهن ليليٰ جي شادي مونسان ڪرائين سگھين ته ...”
۽ ماڻهن جي ميڙ کي چيريندو عثمان دڪاندار وٽ پهچي ويو. “ها ٿلها سيٺ! لاهيان موچڙو يا شرافت مان سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ جون ڪڍي ٿو ڏين؟”
دڪاندار ڊڄندي چيو، “سترهن ڳوڻيون؟”
“ها. ها. سترهن کان سترهن سؤ ڳوڻين تائين توکي ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن سمجھين ٿو ته اهو ڪم نه ڪري سگھندي ته پوءِ آئون هوندس يا وري تون.”
دڪاندار عثمان جي ڪن وٽ بيهي ڪجھه منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو. “توکي جيڪي شيون کپن انهن جي لسٽ ڏئي وڃ. هر هڪ شيءِ جتي چوندين پهچي ويندي. پئسن جي به ڪا ڳالهه نه آهي. سمجھي وئين نه؟”
۽ پوءِ ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيو سيڌو گاڏي تي رکرائي ليليٰ جي ماءُ جي گھر پهچايو ويو.
هينئر هينئر اڄ جي اخبار ۾ پڙهي رهيو آهيان ته ليليٰ جي شادي ان ئي عثمان غنڊي سان ٿيڻ واري آهي. ۽ سندس جڳ مشهور عاشق ميان مجنون نا اميد ٿي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو آهي.
(هندي ڪهاڻي_ڪهاڻيڪار: راڌا ڪرشن)