ڪابلي وارو
صبح جي وقت آئون پنهنجي ناول جو سترهون باب شروع ڪرڻ ويٺو هوس ته ميني اچي ڪڙڪي. چوڻ لڳي: “بابا دربان ڪانگ کي ڪاگا چوي ٿو، بلڪل مورک آهي. ڪجھه نٿو ڄاڻي.” ان کان اڳ جو آئون دنيا جي مختلف زبانن جو فرق هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان، هن ٻيو مضمون شروع ڪيو. چوڻ لڳي: “بابا، ڀولو چوي ٿو ته آسمان تي هڪ هاٿي آهي، اهو پنهنجي سونڍ سان پاڻي ڇٽڪاري ٿو ته مينهن پوي ٿو. بابا هي ڀولو ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو. ڏينهن رات بڪندو رهي ٿو.” اهو چوندي چوندي هوءَ منهنجي لکڻ جي ميز جي ويجھو منهنجي پيرن وٽ اچي بيٺي ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان گوڏا جھلي کيڏڻ لڳي. هوءَ کيڏڻ ۾ مشغول هئي ۽ منهنجي ناول جي سترهين باب ۾ پرتاب سنگھه ڪنچن مالا کي وٺي اونداهي رات ۾ قيد خاني جي مٿين دريءَ مان نديءَ ۾ ٽپي رهيو هو.
منهنجو گھر رستي جي ڪپر تي آهي. اوچتو ميني کيڏڻ ڇڏي دريءَ ڏي ڊوڙي ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي:
“ڪابلي والا، ڪابلي والا.” ڍرو ڍارو لباس پائي، مٿي ته پٽڪو ٻڌي، پٺيان هڪ گودڙي لڙڪائي، ٻه چار پيتيون انگورن جون هٿ ۾ کڻي هڪ ڊگھو جانٺو ڪابلي پٺاڻ هتان گذري رهيو هو. خبر ناهي هن کي ڏسي منهنجي معصوم ٻارڙيءَ جي دل ۾ ڪهڙو خيال آيو، جو هوءَ ڪابلي همراهه کي سڏڻ لڳي. مون سوچيو ته پٺ تي گودڙي رکي، هيءَ بلا اچي ڪڙڪي ته منهنجي ناول جو سترهون باب پورو ٿي نه سگھندو. پر جيئن ئي مينيءَ جي گوڙ ڪرڻ تي ڪابليءَ کلندي منهنجي گھر جو رخ ڪيو، منهنجي ڌيءَ بدحواس ٿي اندر زناني ۾ هلي وئي ۽ هن جو پاڇو به نظر نه آيو. شايد بنا ڏسڻ جي ئي هن کي اهو يقين هو ته جيڪڏهن چڪاسي ورتي وڃي ته ڪابليءَ جي ان گودڙيءَ ۾ هن جهڙا ڪيترائي ٻار نڪرندا. مطلب ته ڪابلي اچي پهتو ۽ مون کي سلام ڪري بيهي رهيو. مون سوچيو ته جيتوڻيڪ منهنجي ناول جو هيرو پرتاب سنگھه ۽ هيروئن ڪنچن مالا ٻئي هن وقت نهايت خطرناڪ حالتن ۾ آهن، پر هن ڪابليءَ کي پنهنجي گھر ۾ سڏائي ڪجھه خريد ڪرڻ بنا ايئن ئي ٽاري ڇڏڻ مناسب نه ٿيندو. ان ڪري مون هن کان ضرورت نه هوندي به شيون خريد ڪيون ۽ ان ئي سلسلي ۾ هي ڳالهيون نڪري پيون. ڪجھه امير عبدالرحمان جو ذڪر آيو، ڪجھه روس جو. امير ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد جي حفاظت جي باري ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو، ان تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هلندي وقت ڪابليءَ مون کان پڇيو: “تنهنجي هوءَ ڇوڪِري ڪٿي آهي.” مينيءَ جي دل ۾ ڪابليءَ لاءِ جيڪو بي بنياد خوف پئدا ٿي پيو هو، ان کي ڪڍڻ خاطر مون مينيءَ کي اندران سڏايو. ميني اچي وئي پر مون سان لڳي بيٺي ۽ ڪابلي ۽ ان جي گودڙيءَ ڏي شڪي نگاهن سان ڏسڻ لڳي. ڪابليءَ پنهنجي گودڙيءَ جي اندران ڪجھه ڪشمش، ڪجھه زردارلون ڪڍي مينيءَ ڏي وڌايون، پر هن ڪنهن طرح به وٺڻ قبول نه ڪيو. بلڪ هن جي ان خوف ۾ ويتر واڌارو اچي ويو ۽ هوءَ منهنجي گوڏن کي چهٽي وئي. اها هئي ميني ۽ ڪابليءَ جي پهرين ملاقات.
ڪجھه ڏينهن بعد هڪ ڏينهن صبح جي وقت ڪنهن ضرورت کان آئون ٻاهر وڃڻ لاءِ گھر کان نڪتس ته ڏسان ته منهنجي ميني دروازي وٽ بينچ تي ويٺي هئي ۽ لڳاتار ڳالهائي رهي هئي. ڪابلي هن جي ڀر سان ويهي غور سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ۽ کلي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڀڳل بنگاليءَ ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو. مينيءَ کي پنهنجي پنجن سالن جي زندگيءَ ۾ پنهنجي پيءُ کان سواءِ ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو هو، جيڪو هن ڪابليءَ وانگر چڱي طرح سڪون سان هن جون ڳالهيون ٻڌي. مون ڏٺو ته مينيءَ جي پوتيءَ جي ننڍڙي پلئه ۾ بادام، ڪشمش ۽ اخروٽ وغيره هئا. مون ڪابليءَ کي چيو: “خان هيءَ تڪليف تون ڇو ٿو ڪرين. هن کي شيون نه ڏيندو ڪر.” اهو چئي مون هن کي هڪ آڌيو ڏنو. هن بنا ڪنهن جھل پل جي آڌيو پنهنجي گودڙيءَ ۾ وڌو. جڏهن آئون گھر موٽيس ته ڏٺم ته ان آڌئي چڱو خاصو هنگامو برپا ڪري وڌو هو. مينيءَ جي ماءُ هڪ گول چمڪندڙ شيءِ پنهنجي هٿ ۾ جھلي مينيءَ کي دڙڪا ڏئي رهي هئي ۽ پڇي رهي هئي: “ٻڌاءِ ته هي آڌيو توکي ڪنهن ڏنو؟” ۽ هوءَ اهو چئي رهي هئي “مون کي ڪابليءَ ڏنو آهي.” هن جي ماءُ چئي رهي هئي تو ڪابليءَ کان آڌيو ورتو ڇو؟” ان مصيبت مان نجات ڏياري مينيءَ کي آئون ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته ڪابلي ۽ مينيءَ جي هي ٻي ملاقات نه هئي. ڪابلي اڪثر مينيءَ کي پستا، بادام وغيره ڏئي ويو ٿي ۽ لڳو ٿي ته انهن ئي تحفن ڪري هن مينيءَ جي معصوم دل کٽي ورتي هئي ۽ هنن ٻنهي جي وچ ۾ خوب ڪچهري هلي ٿي. ڪابليءَ کي، جنهن جو نالو رحمت هو، ڏسڻ سان ميني کلندي پڇيو ٿي: “ڪابلي تنهنجي گودڙي ۾ ڇا آهي؟” رحمت بنا ڪنهن دير جي چيو “هاٿي”. يعني هن جي گودڙيءَ ۾ هاٿي آهي. ڪابليءَ جي خيال ۾ اهو تمام وڏو چرچو هو. اهو چرچو جيتوڻيڪ اهڙو ڪو خاص نه هو ته به هي ٻئي ٽهڪ ڏئي کليا ٿي. صبح سوير هڪ ڪراڙي مرد سان هڪ ننڍڙي نينگري جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل به وندري وئي ٿي. رحمت، مينيءَ کان پڇندو هو :“ ميني پٽ! تون ساهرين ڪڏهن ويندينءَ.” بنگالي ڇوڪري شايد ڄمڻ سان ئي ساهرن جي لفظ سان مانوس ٿي وڃي ٿي. پر اسان ماڻهو جيئن ته نئين روشنيءَ جي زير اثر اچي چڪا هئاسين، اسان جي ڇوڪريءَ کي ان وقت تائين ان جي ڄاڻ نه هئي. ان ڪري رحمت جو مطلب هن جي سمجھه کان ٻاهر هو. پر هن جي ڳالهه جو جواب نه ڏيڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ مينيءَ جي فطرت جي خلاف هو. هن پنهنجي طرف کان ٻيو سوال پيش ڪري ڪابلي جي سوال جو جواب ڏنو ٿي. چوندي هئي“ ڪابلي تون ساهرين نه ويندين؟” رحمت پنهنجي خيالي سهري جو نشان ٺاهي هڪ ڳرو ٺونشو ڏيکاري هن تي اُلر ڪري چوندو هو: “آئون پنهنجن ساهرن کي هن سان ماريندس.” سهرو ڪهڙي هستيءَ جو نالو آهي، مينيءَ کي معلوم نه هو، پوءِ به ان ويچاري خيالي سهري جي جوکم جو اندازو لڳائي کلي ڏيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ سرءُ جي موسم هئي. اهڙي ئي موسم ۾ پراڻي زماني جا راجا مهاراجا دنيا فتح ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي سلطنت کان ٻاهر ويندا هئا. آئون ڪڏهن ڪلڪتي کان ٻاهر نه ويو هوس. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو فقط خيال دنيا جي چوڌاري ڦيرا پائيندو رهي ٿو. آئون پنهنجي گھر جي ڪنڊ جو هڪ مستقل باشندو ٿي پيو آهيان. پر منهنجي دل هر وقت ٻاهر جي دنيا ۾ لڳل رهي ٿي. ڪنهن ڌارئين ملڪ جو نالو ٻڌڻ سان منهنجو تصور ان ڏي ڊوڙڻ شروع ڪر ي ٿو. جڏهن ڪنهن پرديسيءَ کي ڏسان ٿو ته تصور جي اکين جي سامهون ان ملڪ جي ندي، جبل ۽ جنگل ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ان سان گڏ هڪ آزاد زندگيءَ جو خيالي خاڪو منهنجي ذهن ۾ ٺهيو وڃي. جيتوڻيڪ منهنجي دل سڄي دنيا سان لڳي رهي ٿي، پر آئون ڄڻ هڪ وڻ مثال ٿي ويو آهيان، جيڪو پنهنجي هيٺ جي زمين ۾ هڪ هنڌ ڦاٿل رهي ٿو. جڏهن به آئون پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪريان ٿو ته ڄڻ منهنجي مٿان جبل ڪريو پوي. ان ڪري مون صبح جي وقت پنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ ميز جي ويجھو ويٺي ويٺي هن ڪابليءَ جون ڳالهيون ٻڌي سير ۽ سياحت جو شوق وڏي حد تائين پورو ڪري ورتو ٿي. ڀڳل سڳل بنگالي زبان ۽ گجندڙ آواز ۾ ڪابليءَ پنهنجي ملڪ ڪابل ۽ قنڌار جي حالت بيان ڪئي ٿي ۽ منهنجي اکين اڳيان هڪ نقشو ٺاهي ورتو ٿي. جابلو رستو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي ڳاڙهي ڳاڙهي پٿرائين زمين آهي. نه ڪٿي پاڻي آهي نه گاهه. ان رستي تان شلوار قميص ۽ پٽڪا ٻڌل پٺاڻ ۽ افغان واپارين ۽ مسافرن جو قافلو ويندو رهي ٿو. ڪو اٺ تي سوار آهي ته ڪو پيرين پنڌ هلي رهيو آهي. ڪنهن وٽ ڪا پراڻي زماني جي بندوق آهي ته ڪو هٿ ۾ بڻڇي کڻيو پيو هلي.
مينيءَ جي ماءُ جي طبيعت ڪجھه اهڙي قسم جي آهي جو ٿوري ٿوري ڳالهه تي گھٻرائجيو وڃي. رستي تي رڳو ٿورو گوڙ ٿيڻ تي هن کي اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته سڄي دنيا جا شرابي هن جي گھر ڏي ڊوڙندا اچن. هن جي عمر جيتوڻيڪ ايڏي ڪا وڏي ناهي، پر زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کي سمجھڻ لاءِ چڱي خاصي ٿي چڪي آهي . پوءِ به هن جي دل مان اهو وهم نه نڪري سگهيو آهي ته دنيا جي هر ڪنڊ چورن، شرابين، نانگن، شينهن ۽ مليريا جي جراثيمن ۽ انگريزن سان ڀري پئي آهي. اهڙي صورت ۾ رحمت ڪابلي جي طرف کان مطمئن رهڻ هن لاءِ ناممڪن ڳالهه هئي. هن جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ هن مون کي هر وقت تاڪيد ڪئي ٿي. هن جي شڪ شبهن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي هن منهنجي اڳيان ڪيترائي سوال رکيا ٿي. ڇا ڪڏهن ڪنهن جو ٻار چوري نه ٿيو؟ ڇا ڪابل ۾ پورهئي لاءِ چوريءَ جا ٻار نٿا وڪامن؟ ڇا هڪ ڊگھي متاري ڪابليءَ لاءِ هڪ ننڍڙي نينگريءَ کي چورائڻ بلڪل ناممڪن آهي؟ آئون مڃيان ٿو ته جيڪي ڪجھه هوءَ چوندي هئي اهو امڪان کان ٻاهر نه هو. پوءِ به رحمت ڪابليءَ بابت ان قسم جو گمان ڪرڻ، نامناسب هو. پر اعتماد جو مادو هر انسان ۾ هڪ جيترو نٿو ٿئي. منهنجي زال جي دل ۾ ان قسم جو کٽڪو هميشه لڳو ئي رهيو ٿي. ان جي باوجود آئون رحمت کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ کان روڪي نه سگھيس.
هر سال رحمت ڪابلي ماگھه جي مهيني ۾ پنهنجي ديس هليو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هن کي ماڻهن جي گھرگھر وڃي پنهنجي اوڌر وصول ڪرڻ ۾ مشغول رهڻو پيو ٿي. پوءِ به هن سال هو وقت ڪڍي هر روز ميني سان مليو ٿي. صبح جو نٿي اچي سگھيو ته شام جو آيو ٿي. منهنجي گھر ۾ هن کي ڏسي ماڻهن کي حيرت ٿي ٿي. ڍرا ڍارا ڪپڙا پائي، گودڙي لڙڪائي، هن ڊگھي همراهه کي اونداهي ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسي دل ۾ ڪجھه کٽڪو ته ٿيندو هو. پر جيئن ئي ميني “ڪابلي والا، ڪابلي والا” سڏيندي هئي ۽ کلندي هن ڏي ڊوڙي ايندي هئي، ٻنهي جي وچ ۾ چرچائي انداز ۾ ڳالهيون ٻڌي ماڻهن کي ڪي قدر اطمينان ٿي ويو ٿي.
صبح جي وقت پنهنجي ڪمري ۾ ويهي آئون پنهنجي مضمون جا پروف ڏسي رهيو هوس. ڏڪاڻي وارو سيءُ پئجي رهيو هو. ويندي ويندي سيارو پنهنجو ڪمال ڏيکاري رهيو هو. صبح واري اس جيڪا دريءَ مان اچي ميز هيٺ منهنجي پيرن تي پئجي رهي هئي، ان جي تپش مون کي ڏاڍو وڻي پئي. اٺين جو وقت هوندو. صبح جي واڪ ڪرڻ وارا پنهنجو مٿو ۽ ڪن مفلر سان ويڙهي پنهنجي گھرن ڏي موٽي رهيا هئا. ايتري ۾ رستي تان دانهن ڪوڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. مون مُڙي ڏٺو ته رحمت کي پوليس جا ٻه جوڌا جوان جھلي وٺي پئي ويا. انهن سان گڏ تماشائي ٻارن جو هڪ هجوم هو. رحمت جي ڪپڙن تي رت جا ڦڙا هئا ۽ هڪ سپاهيءَ جي هٿ ۾ رت ۾ ٻڏل ڇرو هو. مون ٻاهر وڃي پوليس وارن کان پڇيو ته ماجرا ڇا آهي. ڪجھه انهن ماڻهن کان، ڪجھه رحمت کان ٻڌي خبر پئي ته اسان جي پاڙي جي هڪ همراهه رحمت ڪابلي کان رامپوري چادر اوڌر تي ورتي هئي، جنهن جا ڪجھه رپيا باقي رهيا ٿي. پر هاڻ اهو شخص چادر وٺڻ کان ئي ڦري ويو. انهي تڪرار ۾ ڳالهه وڌي ويئي ۽ رحمت هن کي کڻي ڇُرو هنيو. رحمت ان شخص کي وڏيون وڏيون گاريون ڏئي رهيو هو. ايتري ۾ “ڪابلي والا ڪابلي والا” سڏيندي ميني گھر جي ٻاهران اچي بيٺي. رحمت جو چهرو خوشيءِ مان گل وانگر ٽڙي پيو. اڄ هن وٽ گودڙي نه هئي، ان ڪري ٻين ڏينهن وانگر هو مينيءَ کي ڪجھه ڏئي نه سگھيو. ميني رحمت کان پڇي ورتو: “ڪابلي ڇا ساهرين ويندين؟” رحمت مرڪندي جواب ڏنو: “بس اوڏانهن ئي وڃي رهيو آهيان.” پر جڏهن هن ڏٺو ته هن جي جواب سان مينيءَ کي لطف نه آيو ته هٿ سان اشارو ڪري چيو: “انهن ساهرن کي ماري ماري پٽڙو ڪري ڇڏيان پر ڇا ڪريان هٿ ٻڌل ٿي پيا آهن.” هڪ شخص کي قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ رحمت کي ڪيترائي سال قيد جي سزا ٿي وئي.
ڪجھه ڏينهن بعد اسان سڀ ڪجھه وساري ڇڏيو ۽ ڏهاڙي وانگر پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي وياسين. اسان جي دل ۾ ڪڏهن اهو خيال به پئدا نه ٿيو ته هڪ آزاد جابلو مرد قيد خاني اندر ڪيئن ڏينهن گذاري رهيو آهي. مينيءَ جي ان ريت وسارڻ تي مون کي به شرم آيو ٿي. پنهنجي پراڻي دوست کي وساري هن نون سان دوستي ڪري ورتي هئي. ۽ پوءِ جيئن جيئن هن جي عمر وڌندي وئي، دوستن کي ڇڏي ساهيڙين جيڏين سان ملڻ جلڻ لڳي. هاڻ ته اهو حال آهي جو منهنجي ڪمري ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي. ڄڻ ته مون سان لڙائي هجيس.
______
ڪيترا سال گذري ويا. اها ئي سرءُ جي موسم آهي. مينيءَ جي شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي چڪي آهي. پوڄا جي موڪلن ۾ هن جي شادي ٿيندي. درگاماڻي جنهن ڏينهن ڪيلاش رواني ٿيندي، منهنجي گھر جي رونق به پنهنجن مائٽن جو گھر اونداهه ۾ ڇڏي ساهرين هلي ويندي.
اڄ جو صبح ڏاڍو حسين آهي. ڄڻ برسات سڄي فضا کي ڌوئي ڇڏيو هجي. صبح جي اس وٽڙيل سون وانگر چمڪي رهي آهي. ايتري قدر جو گھٽين اندر ڪلڪتي جي پراڻن ميرن گھرن جون ڀڳل سرون به اس جي ڪرڻن ۾ سهڻيون ٿي پيون آهن. اسان جي گھر جي در تي صبح ٿيڻ کان اڳ شهنائي وڄڻ شروع ٿي وئي آهي. هن شهنائيءَ جو هر راڳ منهنجي دل کي نپوڙي رهيو آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ جدائيءَ جو خيال منهنجي دل کي جيڪو ڏک ڏئي رهيو آهي، ان جو رنگ اس وانگر سڄي دنيا ۾ پکيڙي رهيو آهي. صبح کان ئي هل چل مچي رهي آهي. اڱڻ ۾ تنبو ٻڌڻ لاءِ بانس جا لڙها لڳايا پيا وڃن. ڪمرن اندر ۽ ورانڊي ۾ فانوس لڙڪائڻ جي ٺڪ ٺڪ ٿي رهي آهي. ماڻهن جي اچڻ وڃڻ ۽ گوڙ گھمسان ۾ ڪنهن جي به ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي اچي. آئون پنهنجي آفيس ۾ ويٺو خرچ پکي جو حساب ڪريان. ايتري ۾ _ رحمت ڪابلي اچي مون کي سلام ڪري بيٺو آهي. پهرينءَ نظر ۾ ته آئون هن کي سڃاڻي نه سگھيس. ڇو جو نه هن وٽ گودڙي هئي ۽ نه وار ڊگھا ڊگھا هيس ۽ نه وري سندس بدن ۾ اها پهرين واري چستي هئي. مون پڇيو: “ رحمت تون ڪڏهن آئين؟” هن چيو “بابو جي ڪالهه شام جو جيل مان ڇٽي آيو آهيان.” هن جي ڳالهه منهنجي ڪنن کي سٺي نه لڳي. هڪ خونيءَ کي مون ڪڏهن ويجھو نه ڏٺو هو. هن کي ڏسي منهن جي دل دهلجي وئي. جيءَ ۾ آيو ته هو جيڪر هليو وڃي ته ڏاڍو سٺو. مون هن کي چيو : “اڄ اسان جي گھر ۾ هڪڙو ڪاڄ آهي، مون کي بلڪل واندڪائي ناهي. اڄ تون هليو وڃ.” اهو ٻڌي هو انهي پيرين موٽڻ لڳو. پر دروازي وٽ پهچي هن ڏڪندي چيو :“ ڇا ننڍڙيءَ کي هڪ دفعو ڏسي نٿو سگھان.” هن جو خيال آهي ته ميني جيڏي هئي، ايڏي ئي آهي ۽ “ڪابلي والا، ڪابلي والا” چوندي ڊوڙندي ايندي ۽ ٻنهي وچ ۾ وري کل ٽهڪ ۽ دل وندرائڻ جون ڳالهيون هلنديون. ميني جي لاءِ هڪ پيتي انگور، ڪاغذ ۽ ويڙهيل ڪشمش، بادام پنهنجي ڪنهن هم وطن دوست کان هو وٺندو آيو هو، ڇو جو هن جي پنهنجي گودڙي ته نه هئي. مون چيو: “گھر ۾ هڪ ڪاڄ آهي. اڄ ڪنهن سان به ملاقات ٿي نه سگھندي.” هو ڪجھه اداس ٿيويو. ٿوري دير خاموش بيٺو رهيو. پوءِ مون ڏي مخاطب ٿي چيو: “بابو سلام.” ۽ گهر مان هليو ويو. منهنجي دل کي هڪ ڌڌڪو لڳو. دل چيو ته هن کي واپس گھرائي وٺان. ايتري ۾ مون ڏٺو ته هو پاڻ موٽي رهيو آهي. منهنجي ويجھو اچي هن چيو: “هي انگور ۽ ڪجھه ڪشمش، بادام ٻارڙيءَ لاءِ آندا هئم. هن کي ڏئي ڇڏجو.” آئون هن جي قيمت ڏيڻ وارو هوس. هن منهنجو هٿ جھلي ورتو ۽ چيو : “بابوجي! توهان مون تي مهربان آهيو، آئون توهان جي مهرباني ڪڏهن وساري نه سگھندس. مون کي ان جو ملهه نه ڏي. بابو جي تنهنجي جهڙي ڇوڪري آهي، اهڙي منهنجي وطن ۾ منهنجي هڪ ڇوڪري آهي. آئون هن کي ياد ڪري توهان جي ڇوڪريءَ جي واسطي ڪجھه ميوو وٺي ٿو اچان. آئون توهان وٽ سودو وڪڻڻ نٿو اچان.” اهو چئي هن پنهنجي چوغي جهڙي قميص اندر هٿ وجھي هڪ ويڙهيل سيڙهيل ميرو ڪاغذ ڪڍيو ۽ منهنجي ميز تي پنهنجن ٻنهي هٿن سان آهستي آهستي ڪري کولي وڇايو. ان تي هڪ ننڍڙي هٿ جو ڇاپو هو. نه فوٽو هو نه رنگين تصوير. پنهنجي ڌيءُ جي هٿ تي ڪو رنگ هڻي ڪاغذ تي هٿ جو ڇاپو اتاري ورتو هو. هر سال رحمت ڪلڪتي اچي گھر گھر ۾ سڪو ميوو وڪيو ٿي ۽ هن ڇاپي کي سيني سان لڳائي رکيو ٿي. ڌيءَ جي جدائي شايد ان ڪري هن کي محسوس ٿيندي هوندي. سندس ڌيءَ جي هٿ جي ڇاپ ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ان وقت منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڪو فرق نه رهيو. مون کان وسري ويو هو هڪ ڪابلي ميوو وڪڻندڙ آهي ۽ آئون هڪ عاليشان بنگالي آهيان. مون محسوس ڪيو ته هو به مون وانگر هڪ ڌيءُ جو پيءُ آهي. پهاڙي ديس جي پاسي جي ڇوڪريءَ جي هٿ جي ڇاپ مون کي پنهنجي مينيءَ جي ياد ڏياري ڇڏي. مون يڪدم هن کي اندران گھرائي ورتو. عورتن تمام گھڻو اعتراض ڪيو پر مون هڪ به نه ٻڌي.
ڳاڙهي ريشمي ساڙهي پائي، پيشانيءَ تي چندن جون ليڪون، ڪنواريتي وڳي ۾ شرمائيندي لڄائيندي ميني منهنجي ويجھو اچي بيهي رهي. ڪابلي هن کي ڏسي منجھي پيو ۽ پراڻي طرز جون ڳالهيون نه ڪري سگھيو. پوءِ کلندي چيو: “ميني بابا تون ساهرين وڃين پئي.” ساهرا ڪنهن کي چئجي ٿو هاڻ مينيءَ چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي. ان ڪري هوءَ پهرين وانگر رحمت جي سوال جو جواب نه ڏئي سگھي ۽ شرمائي کڻي منهن موڙيو. مون کي اهو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن ڪابليءَ سان مينيءَ جي پهرين ملاقات ٿي هئي. منهنجي دل پاسا ورائڻ لڳي.
مينيءَ جي هلي وڃڻ بعد رحمت هڪ ٿڌو ساهه کڻي زمين تي ويهي رهيو. هن جي دماغ ۾ هڪدم اچي ويو ته هن جي پنهنجي ڇوڪري به ايترن ڏينهن ۾ ميني ئي وانگر سياڻي ٿي چڪي هوندي ۽ هن سان نئينءَ طرح ڳالهه ٻول ڪرڻي پوندي. خبر ناهي ته اٺن سالن جي عرصي ۾ هن تي ڇا ڇا گذريو هوندو. هاڻ خبر ناهي ته هن جي ڇا حالت هوندي. صبح جي خوشگوار اُس ۾ شهنائي وڄي رهي هئي ۽ رحمت خاموش ويٺو هو. هن جي اکين جي سامهون افغانستان جي جبلن جي تصوير ڦري رهي هئي. مون هن کي هڪ نوٽ ڏنو ۽ چيو :“رحمت پنهنجي ڌيءَ وٽ وڃ. توهان ٻنهي پيءُ ڌيءَ جي ملڻ جي خوشيءَ سان منهنجي مينيءَ جي شاديءَ ۾ برڪت ٿيندي.”
ان نوٽ ڏيڻ سان شاديءَ جي ساز و سامان ۾ مون کي ڪجھه قدر گھٽتائي ڪرڻي پئي. مون بجليءَ جي بتين جو تعداد گھٽرائي ڇڏيو ۽ بئنڊ باجو به نه گھرايو. ان سان عورتن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر شادي تمام خوش خورميءَ سان پوري ٿي ۽ مون کي هڪ صحيح روحاني مسرت نصيب ٿي، جيڪا شايد دنيا جا سڀ ساز و سامان گڏ ڪرڻ سان به نه ٿئي.
(بنگالي ڪهاڻي. ليکڪ: رابندر ناٿ ٽئگور)