ڪھاڻيون

اناميڪا

ھي ڪتاب پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي. الطاف شيخ لکي ٿو:”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اناميڪا

وڃايل سَڌون

مينهوڳيءَ جي موسم هئي. دارجلنگ پهتس ته اتي به چوڌاري آسمان ڪڪرن سان ڇانئيو پيو هو. گھر کان ٻاهر نڪرڻ تي دل نٿي چاهيو پر ساڳئي وقت گهر ۾ به ويٺو نٿي ٿيو. صبح جو نيرن پاڻي ڪري، مينهن مطابق ڪپڙا اوڍي گھمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي. هماليا جي هن جابلو ديس ۾ هيٺ ساوڪ هئي ته مٿي ڪڪر. آئون ايئن ئي ويڳاڻن وانگر ڦرندو رهيس. هتي ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي، جنهن سان کڻي دل ريجھي.
ايتري ۾ ويجھڙائيءَ کان ڪنهن ڏکويل عورت جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو. آواز هلڪو هو. ڏکن سان ڀريل هن دنيا ۾ روئڻ جو آواز ڪو وڏو واقعو نه سمجھڻ کپي. ڪنهن ٻئي هنڌ اهو آواز ٻڌان ها ته شايد ايترو به ڌيان نه ڏيان ها. پر هنن ڪڪرن سان جھنجھيل ملڪ ۾ مون کي اهو آواز سڄي دنيا جو اڪيلو غمگين آواز لڳو. آئون ان کان لنوائي نه سگھيس. آواز ڏي ڪن ڏيئي اڳتي وڌيس. ڏسان ته گيڙو رنگ جا ڪپڙا پهريل هڪ عورت رستي جي ڪناري، پٿر تي ويهي آهستي آهستي روئي رهي آهي. هن جي سونهري وارن جو جُوڙو مٿي ڏانهن ٻڌل هو. ايئن ٿي لڳو ته هينئر هينئر هن سان ڪو حادثو ٿيو آهي جنهن جي صدمي کان روئي رهي آهي.
مون چيو ته هيءَ هڪ پيار ڀري ڪهاڻيءَ جي واهه جي شروعات چئبي. جبلن جي قدمن ۾ ڪنهن ويٺل جوڳڻ کي روئيندو پنهنجي اکين سان ڏسندس، اهو ته مون کي وهم گمان ۾ به نه هو. اها عورت ڪهڙي قوم جي ٿي سگھي ٿي؟ آئون سڃاڻي نه سگهيس. همدرديءَ جي لهجي ۾ هنديءَ ۾ پڇيم: “تون ڪير آهين؟ توکي ڇا ٿيو آهي؟”
پهرين هن ڪو جواب نه ڏنو. رڳو پنهنجن ڳوڙهن ڀريل چمڪندڙ اکين سان مون تي هڪ نظر وڌي.
مون ٻيهر پڇيو: “مون کان نه ڊڄ، آئون هڪ شريف ماڻهو آهيان.”
اهو ٻڌي هن کلي ڏنو ۽ سٺي هندي زبان ۾ وراڻيائين: “ ڊپ ۽ خوف ڇڏي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن. هاڻ ته شرم ۽ حيا به موڪلائي ويو آهي. سرڪار اهي به ڏينهن هئا، جو آئون اهڙي پڙدي ۾ هوندي هيس، جتي منهنجي سڳي ڀاءُ کي به اندر اچڻ لاءِ موڪل وٺڻي پوندي هئي. اڄ منهنجو سڄي دنيا کان ئي پڙدو هليو ويو آهي.”
پهرين مون کي ٿورڙي ڪاوڙ آئي. منهنجي شڪل شبيهه ۽ نمونو بلڪل انگريزن جهڙو هو، پوءِ به نڀاڳي عورت الائي ڇو مون سان ايئن پئي ڳالهايو. سوچيم ته ڪهاڻيءَ کي اتي ئي ختم ڪري انگريز صاحب بهادر جيان ڀرون شيڪي، سگريٽ مان دونهون ڪڍي، ڪاوڙ سان ڌرتيءَ تي پير هڻندي، تڪڙ ۾ روانو ٿي وڃان. پر منهنجي تجسس ائين ڪرڻ نه ڏنو.
حڪم ڏيڻ واري انداز ۾ پڇيم ،“ ڇا آئون تنهنجي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟ ۽ تون ڪجھه چوڻ چاهيندينءَ؟”
هن سڪون سان مون ڏانهن ڏٺو، ٿوري دير رکي مختصر جواب ڏنو: “آئون بدراون جي نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ آهيان،”
بدراون ڪهڙي ملڪ ۾ آهي ۽ نواب غلام قادر خان ڪهڙن نوابن مان آهي ۽ ان جي ڇوڪري ڪهڙي ڏک ۾ جوڳڻ بڻجي دارجلنگ ۾ ڪلڪتي روڊ جي ڪناري ويهي سگھي ٿي؟ ان جي مون کي ڪا به ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي اعتبار ٿي آيو. مون سوچيو اهو لطيفو ٻڌو ئي وڃي. دلچسپي به پئدا ٿيڻ لڳي هئي. هڪدم جھڪي ادب سان سلام ڪندي چيم :“ بيگم صاحبه، معاف ڪجو، آئون توهان کي سڃاڻي نه سگھيو هوس.”
هن کي نه سڃاڻڻ جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. پهريون ڪارڻ اهو هو ته هن مون کي اڳ ۾ نه ڏٺو هو. ان کان سواءِ ايڏو ڌنڌ هو جو پنهنجو هٿ پير سڃاڻڻ به ڏکيو هو. بيگم صاحبه به ڪاوڙ نه ڪئي. هن پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ساڄي هٿ سان اشارو ڪندي چيو: “ويهو.”
ڏٺم ته حڪم ڪري ڄاڻي. آلي پٿر تي ويهڻ جي اجازت ملڻ سان مون کي توقع کان وڌيڪ اعزاز مليو. بدراون جي نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ نور النساءِ يا مهر النساءِ يا بانو الملڪ مون کي پنهنجي ويجھو ويهڻ لاءِ ان گندي هنڌ ويهڻ جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ اوچو سوٽ پائي هوٽل کان نڪرڻ مهل منهنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ٿي اچي سگھيو ته منهنجي ايڏي عزت ٿيندي. ٻن رستي ويندڙن ۾ ڳجھه ڳوهه جون ڳالهيون شاعري لڳنديون آهن. ۽ ان سان ڏسندڙن جي دل ۾ ڏور ڪنهن جبل جي غار مان آبشار جو آواز ۽ ڪالي داس جي لکيل ميگھه دوت، ڪمار سڀو جو سنگيت اجاگر ٿي ويندو آهي. پر هيءَ ڳالهه هر شخص کي مڃڻي پوندي ته بوٽ ۽ سوٽ پائي ڪلڪتي روڊ جي ڪناري تي گندي پٿر تي هڪ پينو عورت سان ويهي اهو سمجھڻ ته منهنجي عزت ۾ ڪو به فرق نٿو اچي _ هاڻوڪي دور ۾ اهو خيال بنگالين ۾ ٿورن کي ئي آهي. پر ان ڏينهن گھاٽي ڌنڌ سٺي فضا کي خراب ڪري ڇڏيو هو ۽ اتي ٻيو اهڙو ڪو به نه هو، جنهن جي سامهون شرم ڪجي. هر وقت ڇانيل ڪڪرن ۽ ڌنڌ جي انهيءَ ديس ۾ ان مهل رڳو بدراون جي غلام قادر جي ڌيءَ ۽ مان هڪ ماڊرن اسٽائل جو بنگالي هئاسين. ايئن پئي لڳو ڄڻ سڄي دنيا تباهه ٿي وئي آهي. رڳو اسان ٻئي پٿرن تي ويٺل بچي ويا آهيون. ان اوچتو ملڻ جي سڌ رڳو اسان ٻنهي کي هئي. ٽيون ڪو به ڏسي نه رهيو هو.
مون پڇيو: “بيگم صاحبه اوهان جي هيءَ حالت ڪنهن ڪئي آهي؟”
مون کي فقط بنگالي آئي ٿي. هندي ٻولي تمام ٿوري آئي ٿي، جيڪا هوٽل جي بيرن سان ڳالهائي سکي هئم.
بيگم صاحبه چيو ، “منهنجي زندگيءَ جي حيرت انگيز ڪهاڻي اڄ پوري ٿي آهي. توهان ٻڌڻ چاهيو ته عرض ڪيان.”
مون چيو، “اهو توهان ڇا ٿيون چئو؟ ان ۾ چاهڻ يا نه چاهڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان ٻڌائينديون ته آئون پنهنجي عزت افزائي سمجھندس.” ڪو اهو نه سمجھي ته مون مٿين ڳالهه هندي ۾ ڪئي هئي. چوڻ جو ارادو ضرور هو پر چئي نه سگھيس. بيگم صاحبه جڏهن ڳالهائيندي رهي ته ايئن پي لڳو ڄڻ ماڪ سان ڌوتل ڪڻڪ جي فصل جي سونهري چوٽين تي صبح جي تازي هوا لهرون ڏيندي وڃي رهي آهي... آئون هن جي ڳالهين جو جواب ڪنهن ڄٽ جيان لفظ لفظ جوڙي ڏيئي رهيو هوس. منهنجي زبان هن وانگر مٺي ۽ لَس نه هئي. هن سان ڳالهائيندي مون کي پنهنجي انهيءَ ڪمزوريءَ جو احساس گھڙي گھڙي ٿي رهيو هو.
هن چيو: “منهنجو تعلق مغل شهنشاهن سان آهي. ان خاندان جي وقار کي قائم رکڻ لاءِ منهنجي شادي ٿيڻ ڏکي ڳالهه هئي. ڇو ته منهنجي مقابلي جو ڪو به ڇوڪرو نه ٿي مليو. نيٺ لکنو جي هڪ نواب منهنجو رشتو گھريو. منهنجو پيءُ ان بابت ويچار ڪري ئي رهيو هو ته ايتري ۾ بندوق جي ڪارتوسن کي ڏندن سان ڪپڻ جي ڳالهه تي انگريز سرڪار جي سپاهين سان لڙائي شروع ٿي وئي. توبن جي دونهين سان هندستان تي اوندهه ڇانئجي وئي.
عورت جي آواز ۾ مون ڪڏهن به هندي نه ٻڌي هئي ۽ خاص ڪري ڪنهن اعليٰ خاندان جي. پوءِ چڱيءَ طرح سمجھي ويس ته اها زبان مٿئين طبقي جي آهي. اها جنهن زماني جي زبان هئي، اهو زمانو هاڻي ناهي رهيو. هاڻي ريل، ٽيليگراف ۽ تجارت جي رش ۾ اميرن جو طبقو گم ٿيڻ ڪري انهن ڳالهين جي زينت هلي وئي آهي ۽ ترقي پڻ.
نوابزاديءَ کان ڳالهيون ٻڌندي ئي انگريزن جي آباد ڪيل هاڻوڪي دور جي پهاڙي شهر دارجلنگ ۾ ڌنڌ جي اونهي ۽ گھاٽي ڄار مان مغل شهنشاهن جي زماني جون وارتائون عقيدت جي ڇڪ سان منهنجي تصور جي اکين اڳيان اچڻ لڳيون. پٿرن سان جڙيل، آسمان کي ڇهندڙ محلن جي قطار، رستي تي تيز رفتار گھوڙن تي خوبصورت زين. هاٿين جي پٺين تي زريءَ جون جھالرون لڳل هود. شهري ماڻهن جي مٿن تي رنگ برنگي ٽوپيون، شالون، ريشمي ڪپڙا، چيلهه ۾ پٽا ٻڌل. زريءَ جون ٺهيل چهنب واريون جتيون. رسمن جي پابندي. انهن سڀني شين کي منهنجي دل جي اک ڏسي ورتو.
نواب زاديءَ چيو: “اسان جو قلعو جمنا جي ڪناري هو. اسان جي فوج جو آفيسر هڪ هندو هو. سندس نالو ڪيشر لال هو.” عورت پنهنجي زبان جو سمورو مٺاڻ هڪ لمحي لاءِ لفظ ڪيشر لال ۾ اوتي ڇڏيو. پنهنجي لڪڻ کي ڌرتيءَ تي رکي ڌيان سان ٿي ويٺس. “ ڪيشر لال ڪٽر هندو هو. آئون روزانو پرهه ڦٽيءَ جو اٿي گھر جي دريءَ مان ڏسندي هيس. ڪيشر لال سيني تائين جمنا جي پاڻيءَ ۾ لهي. غوطو هڻندو هو ۽ طواف ڪندو هو. جڏهن سج اڀرندو هو ته هٿ ٻڌي، سج ڏانهن منهن ڪري عبوديت جو اظهار ڪندي پاڻيءَ جي نذر چڙهائيندو هو ۽ آلن ڪپڙڻ سان گھير وٽ ويهي نياز ۽ نوڙت سان پوڄا ڪندو هو. ان کانپوءِ ڀيروي جي راڳڻي ۾ ڀڄن ڳائيندو گھر هليو ويندو هو.
آئون مسلمان ڇوڪري هيس. پر مون پنهنجي مذهب بابت ڪجھه به نه ٻڌو هو. اسان جي مذهب ۾ ڪيئن عبادت ٿيندي آهي، اهو به نه ڄاڻندي هيس. ان زماني ۾ اسان جي گھر جاڀاتي شراب ۽ عياشي ۾ رڌل هوندا هئا. هنن جو مذهب سان ڪو به واسطو نه هو. زناني حصي ۾ به مذهب جي وٺ وٺان ڍري ٿي وئي هئي. عورتن جا ڏينهن به کلندي ۽ موج مزا ڪندي گذرندا هئا.
شايد پالڻهار منهنجي طبيعت ۾ ئي مذهب لاءِ چاهه رکي ڇڏيو هو. يا ٻيو ڪو ڪارڻ هجي. جنهن جي مون کي خبر نه هئي. پر هر روز صبح جو سج جي نڪرڻ سان ئي جمنا جي گھير وٽ اچي ڏاڪڻ تي اڪيلو ويهي ڪيشر لال پوڄا ڪندو هو ته ان کي ڏسي منهنجي دل خوش ٿيندي هئي ۽ چاهه واري ڇڪ سان احترام ۾ ڀرجي ويندي هئي.
سدائين پابندي سان عبادت ۽ رياضت ڪرڻ جي ڪري ڪيشر لال جو سنهڙو، اڇو ۽ سهڻو بدن هڪ اهڙي مشعل جيان ڀاسندو هو جنهن ۾ دونهين جو نالو ئي نه هو. هن سٺيءَ سيرت واري برهمڻ جي غير معمولي ڇڪ هڪ اڻ سمجھه مسلمان ڇوڪريءَ جي دل نرم ڪري ڇڏي هئي.
هڪ هندستاني عورت منهنجي نوڪرياڻي هئي. جيڪا روزانو ڪنڌ جھڪائي ڪيشر لال کي پرنام ڪندي هئي. ۽ هن جي پيرن هيٺان مٽيءَ جي چپٽي کڻي پنهنجي مٿي ۾ وجھندي هئي. ان کي ڏسي مون کي سرهائي به ٿيندي هئي ۽ ريس به ايندي هئي. ڪريا ڪرم ۽ خوشيءَ جي ڏينهن تي هوءَ ڪڏهن ڪڏهن برهمڻ کي ڀوڄن ڪرائيندي هئي ۽ هن کي نذرانو به ڏيندي هئي.
مون پاڻ ئي هن کي ڪجھه پيسا ڏيئي چيو: “ تون ڪيشر لال کي دعوت نه ڏيندينءَ.” هن ڏندن ۾ زبان آڻي چيو، “ٺاڪر ڪيشر لال نه ڪنهن جي دعوت قبول ڪندو آهي ۽ نه ئي نذرانو وٺندو آهي.”
سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪيشر تائين پنهنجي ڀڳتي نه پهچڻ ڪري منهنجي بکايل دل سسي وئي.
منهنجي خاندان ۾ هڪ مرد هندو عورت کي زوريءَ پرڻائي آيو هو. محل سرا ۾ ويهي انهيءَ جو پوتر رت پنهنجي رڳن ۾ ڊوڙندو محسوس ڪري ۽ انهيءَ رت جي رشتي سان، ڪيشر لال سان هيڪڙائي جو تصور ڪري، ڪجھه سڪون محسوس ٿيندو هو.
پنهنجي هندو نوڪرياڻي کان هندو ڌرم جي عبادت جا رڪن ۽ رسمون سکي ورتيم. رامائڻ ۽ مهاڀارت جي پراسرار ڪهاڻين کي چڱيءَ طرح ٻڌم ۽ محل سرا ۾ ويهي من ۾ هندو دنيا جي حيرت جهڙي تصوير ٺهي آئي. بت، مورتيون، سنک وڄڻ جو آواز، سونهري گنبذ وارا مندر، لوبان ۽ اگربتين جي خوشبوءِ، چندن جي مهڪ سان گلن جو واس، جوڳين جي فطرت کان مٿانهين سگھه، برهمڻ جا ڪارناما، انسانن جي روپ ۾ ديوتائن جي ليلا، اهي سڀ شيون گڏجي ڏاڍيون پراڻيون، ڦهليل ۽ ڏور هڪ اهڙي مايا ڀريل دنيا کي منهنجي سامهون پيش ڪنديون هيون، جيڪي انسان جي عقل ۽ سمجھه کان ٻاهر هيون... منهنجي ننڍڙي دل ۾ هندو گھراڻو هڪ پرستان جو رومانوي روپ اختيار ڪري چڪو هو.
ايتري ۾ ڪمپني جي بهادر سان سپاهين جي جنگ شروع ٿي وئي. بدراون جي ننڍڙي قلعي ۾ به بغاوت جي لهر اچي وئي.
ڪيشرلال چيو، “پهرين ڳئون کائيندڙن کي آريا ورت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. ان کانپوءِ ئي هندستان جي سلطنت لاءِ هندن ۽ مسلمانن ۾ اکر مهر ڪري پاڻهي ئي فيصلو ڪيو ويندو.”
منهنجو پيءُ غلام قادر خان هوشيار ماڻهو هو. هو انگريزن کي هڪ خاص رشتي سان ياد ڪندي چوندو هو، “ جنهن ڳالهه جو ٿيڻ ممڪن ناهي ان کي به هو ڪري سگھن ٿا. هندستاني هنن جو مقابلو نٿا ڪري سگھن. ڪوڙي اميد تي آئون پنهنجي هن ننڍڙي قلعي کي وڃائڻ نٿو چاهيان. آئون ڪمپني بهادر سان ڪونه وڙهندس.”
هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جو رت جنهن وقت گرم ٿي چڪو هو ان ويل منهنجي پيءَ جي واڻڪي عمل ڪري سڀني جي دلين ۾ هن لاءِ نفرت ڀرجي وئي. منهنجون بيگم مائرون به بي چين ٿي رهيون هيون.
ايتري ۾ ڪيشر لال هٿيارن سان ڀريل هڪ دستي سان اچي پهتو ۽ منهنجي پيءُ کي چيائين: “نواب صاحب! جيڪڏهن توهان اسان جي مدد نه ڪندائو ته جيستائين لڙائي جاري رهندي اوستائين توهان کي هن قلعي ۾ قيد ڪيو ويندو ۽ هي قلعو آئون پنهنجي قبضي ۾ رکندس.” منهنجي پيءُ چيو :“ جھيڙو يا گوڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، آئون پاڻ توهان جو ساٿ ڏيندس.”
ڪيشر لال چيو : “ ۽ خزاني مان ڪجھه پيسا به ڪڍڻا پوندا.” منهنجي پيءُ وڌيڪ ته نه ڏنو ۽ چيائين، “جڏهن به جهڙي ضرورت پئي، ڏيندو رهندس.”
مون وٽ پيرن کان مٿي تائين جيڪي به زيور هئا، لاهي نوڪرياڻيءَ هٿان ڪيشر لال ڏانهن اماڻيم. هن قبول ڪيا. زيورن کان خالي منهنجي بدن جي انگ انگ ۾ خوشي ۽ جذبن جي لهر ڊوڙي وئي.
ڪيشر لال بندوقن ۽ تلوارن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اوچتو هڪ ڏينهن ٽپهري جو ضلعي جو ڪمشنر صاحب گورن جي ڳاڙهي ڪرتي واري فوج سان مٽي اڏائيندو، اسان جي قلعي ۾ داخل ٿيو. منهنجي پيءُ ڳجھه ڳوهه ۾ هن کي بغاوت جي خبر اماڻي ڇڏي هئي. بدراون جي فوج تي ڪيشر لال جو ايڏو اثر هو جو هن جي حڪم سان ڀڳل بندوق ۽ ڪٽيل تلوارن سان به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
پنهنجي غدار پيءُ جو گھر مون کي جهنم جيان لڳي رهيو هو. درد ۽ پيڙا، شرم ۽ نفرت سان منهنجو سينو ڦاٽي رهيو هو. پوءِ به اکين مان هڪ ڳوڙهو نه وهيو. پنهنجي بزدل ڀاءُ جا ڪپڙا پائي گھر کان ٻاهر نڪتيس. ڪنهن کي به ڏسڻ جي فرصت نه هئي.
ان وقت تائين دز ۽ بارود جو دونهون، سپاهين جو گوڙ ۽ بندوقن جا آواز، سڀ بند ٿي چڪا هئا. ان جي جاءِ تي مُردن جي دردناڪ خاموشي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پکڙيل هئي. جمنا جي پاڻيءَ کي رت هاڻو ڪري سج به اُلهي چڪو هو، ۽ آسمان تي پورو چنڊ شام جو ئي نڪتو بيٺو هو.
لڙائي جي ميدان ۾ چوڏس لاشن جو هجڻ، خوفائتو منظر هو. ٻيو ڪو موقعو هجي ها ته درد ۽ غم سان منهنجي دل ڀرجي وڃي ها. پر ان ڏينهن خواب ۾ گم ٿيل شخص جيان ميدان ۾ گھمي رهي هيس. ڳولي رهي هيس ته ڪيشر لال ڪٿي آهي. انهيءَ هڪ ڌيان کان سواءِ باقي سڀ ڪجھه بي حقيقت ڀاسي رهيو هوم. ڳوليندي ڳوليندي اڌ رات گذرڻ کانپوءِ چنڊ جي روشنيءَ ۾، ميدان جي ويجھو جمنا ڪناري انب جي وڻ هيٺان ڪيشر لال ۽ سندس نمڪ حلال نوڪر دويڪي نندن جا لاش پيا هئا. آئون سمجھي ويس ته زخمي ٿيڻ کانپوءِ آقا نوڪر کي يا نوڪر آقا کي هن محفوظ جاءِ تي کڻي آيو ۽ پاڻ مري ويو.
پهريان ته مون ڪيترن ئي ڏينهن جو ارمان پورو ڪيو، جيڪو پورو ٿيڻ ممڪن نه هو. ڪيشر لال جي قدمن ۾ ويهي، پنهنجن گوڏن تائين لڙڪندڙ وارن سان هن جي پيرن کي صاف ڪيم. هن جي برف جهڙي پوتر پيرن کي پنهنجي گرم پيشاني تائين آندم. هن جا پير چمندي ڪيترن ئي ڏينهن کان جھليل ڳوڙها وهي پيا.
ايتري ۾ ڪيشر لال جي بدن ۾ ٿوري چرپر ٿي. اوچتو هن جو ڏکويل آواز ٻڌي ڇرڪي ويس. هن جو پير ڇڏي اٿي بيٺيس. هن بند اکين ۽ خشڪ ڳلي سان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ،“پاڻي.”
هڪدم آئون پنهنجي ڪپڙي جي ڪنڊ جمنا مان آلي ڪري آيس ۽ ڪيشر لال جي وات ۾ ڪپڙو نپوڙي پاڻي وجھڻ لڳيس. مون پنهنجي ڪپڙي جو آلو حصو ڦاڙي، هن جي زخمي ٿيل کاٻي اک ۽ پيشاني تي ٻڌي ڇڏيو.
اهڙي طرح کوڙ ڀيرا پاڻي هن جي وات ۾ وجھندي ۽ چهري تي ڇنڊا هڻندي رهيس. هن کي هوريان هوريان هوش اچڻ لڳو. مون کيس چيو ،“ ٻيو پاڻي آڻيان؟” ڪيشر لال پڇيو، “ تون ڪير آهين؟” مون چيو، “هي باندي اوهان جي نوڪرياڻي آهي. آئون نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ آهيان.”مون سوچيو ته هو ڪيشر لال مرندي پنهنجي هڪ شيدائي جي سڃاڻ ساڻ کڻي ويندو ۽ ان خوشيءَ کان مون کي ڪو به محروم نه ڪري سگھندو.
منهنجي سڃاڻ ٻڌي ڪيشر لال شينهن جيان رڙ ڪري چيو ، “بي ايمان، بي ڌرم ڇوڪري، مون کي مرڻ وقت بي دين هٿن سان پاڻي ڏيئي منهنجو ڌرم نشٽ ڪري ڇڏيئي.” ايئن چئي هن سڄي هٿ سان منهنجي نرڙ تي ايڏي زور سان ٿڦڙ هنئي جو آئون هيٺ ڪري پيس ۽ منهنجي اکين ۾ اونداهه اچي وئي.
ان وقت آئون سورهن سالن جي هيس ۽ اهو پهريون ڏينهن هو جو آئون گھران نڪتي هيس. ان وقت تائين ٻاهر جي آڪاس تي سج جي لالچي ڪرڻن منهنجي جوانيءَ جي لوڻياٺ کي چورايو نه هو. ٻاهر جي سماج ۾ پير رکندي ئي سماج ۽ خاص ڪري منهنجي ديوتا اهڙي طرح آڌرڀاءُ ڪيو هو.
ايستائين آئون وساميل سگريٽ هٿ ۾ جھلي مورت جيان ويٺو هوس. ۽ ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس... مون کان نڪري ويو، “جانور!” نوابزادي چيو، “ڪير جانور؟ ڇا جانور موت جي اذيت وقت وات تي آيل پاڻي ناهي پيئندو؟”
آئون شرمائجي ويس. پوءِ چيم، “ها ٺيڪ آهي. هو ته ديوتا آهي.” نوابزاديءَ چيو ، “ڪهڙو ديوتا؟ ڇا ديوتا پنهنجي چاهڻ واري جي خلوص کي ٺڪرائي سگھي ٿو.”
مون چيو، “ها، اهو به ٺيڪ آهي.”
نوابزادي چوڻ لڳي، “پهريان ته ڏاڍو ڏک ٿيو. ايئن لڳو ڄڻ سڄو جهان ٽڪرا ٽڪرا ٿي منهنجي مٿي تي اچي ڪريو آهي. گهڙي پل کان پوءِ هوش آيو ته آئون ان ڪٺور، بي مورت ۽ بي حس پوتر، برهمڻ کي پري کان پيرين پيس. پنهنجي دل ۾ چيو ، “اي برهمڻ، تون غريب جي شيوا، غير جو اَنَ جل، امير جو عطيو، جوانڙيءِ جو جوڀن، عورت جو پريم، ڪجھه به بقول نه ٿو ڪرين. تون آزاد آهين. اڪيلو ۽ بي لغام آهين ۽ تو تائين پهچڻ ڏکيو آهي. تو وٽ پنهنجو پاڻ حوالي ڪرڻ جو به مون وٽ اختيار ڪونهي.”
نواب زاديءَ جو ڌرتيءَ تي مٿو رکيل ڏسي ان جو پرنام ڪندي ڪيشر لال ڇا سوچيو هوندو. آئون نٿي چئي سگھان. پر هن جي مک مان تعجب يا اهڙي ٻي ڪنهن به تبديليءَ جو اظهار نه ٿيو. اطمينان سان هڪ ڀيرو مون ڏانهن ڏٺائين. پوءِ هوريان هوريان اٿڻ لڳو. مون کيس سهارو ڏيڻ چاهيو، پر هن منهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو. ڏاڍي ڏکيائي سان جمنا جي ڪناري آيو، جتي مسافرن کي پار پهچائڻ واري ٻيڙي ٻڌل هئي. ڪيشر لال ان کي کولي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو. ٻيڙي وچ دريا ۾ پهچي ڌيري ڌيري اکين اڳيان گم ٿي وئي. منهنجي من ۾ آيو : پنهنجي دل جو سمورو بار، پنهنجي حسن ۽ ٺڪرايل محبت جو بار پاڻ سان گڏ کڻي، نظر کان گم ٿيل ان ٻيڙيءَ ڏانهن منهن ڪري، پنهنجا ٻئي هٿ گڏي اڌ رات جي چُپ ۾، وقت کان اڳ پهرين لام کان ڪريل مکڙيءَ وانگر، پنهنجي بنا ڪنهن ڪم واري زندگيءَ کي چانڊوڪيءَ ۾ ڇلڪندڙ سانتڪي جمنا ۾ پاڻ کي اڇلي ڇڏيان. پر ايئن نه ڪري سگھيس. آسمان تي چنڊ، جمنا جي هن پار اوندهه، گھاٽي ٻيلي ۾ وڻن جون قطارون، سانورو پاڻي، انهن سڀني بنا آواز موت جو گيت ڳايو. ان اڌ رات جو چنڊ، ستارن ۽ سيارن سان ٺهيل ٽنهي جهانن هڪ زبان ٿي مون کي موت جي دعوت ڏني. رڳو چپ چاپ ۽ پرسڪون جمنا ۾ ويندڙ نظرن کان ڏُور هڪ پراڻي ٻيڙي هن چانڊوڪيءَ ۾ مون کي موت جي هنج مان ڪڍي زندگيءَ جي دڳ تي وٺي هلڻ لڳي. ننڊ ۾ هلندڙ شخص جيان جمنا جي ڪناري، ڪڏهن ته جھنگ جي چڀندڙ گاهه تي ڪڏهن ريگستان جي واريءَ تي، ڪڏهن پٿرن جي پهاڙن تي ۽ ڪڏهن گھاٽي جھنگ مان لنگھندي رهيس.”
ايئن چئي هوءَ چپ ٿي وئي ۽ آئون به خاموش رهيس. چڱي خاصي دير کانپوءِ نوابزاديءَ چيو : “ ان کان پوءِ جا واقعا ڏاڍا الجھيل آهن. انهن کي ڪيئن سلجهائي بيان ڪيان. مون کي ته سمجھه ۾ ئي نه ٿو اچي. هڪ گھاٽي ۽ ڏکي ٻيلي مان هلي هيم. ڪهڙي رستي سان ٺيڪ هلي هيم ۽ ڪڏهن؟ اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڪٿي انت ڪيان. ڪهڙيون ڳالهيون ڪيان، ڪهڙيون ڇڏيان؟ عمل کان ٻاهر ۽ فطرت جي ابتڙ معلوم نه ٿئي. پر اهو آئون ضرور سمجھي وئي آهيان ته ڏکي يا عمل کان ٻاهر ڪا به شيءِ ناهي. هڪ نوابزاديءَ جو محل مان نڪرڻ هڪ ڀوائتي ڳالهه لڳي ٿي. اهو سوچڻ واري جو وهم آهي. هڪ ڀيرو ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ چارو ملي ويندو آهي. ها پر اهو رڳو نوابي ناهي هوندو. پر رستو ته آهي. انهيءَ رستي تي ماڻهو لڳاتار هلندو آيو آهي. بيشڪ! اهو چارو تمام وڏو، لاهن چاڙهن وارو ۽ ڏکيو آهي. ۽ مختلف رستن ۾ ورهايل آهي. اهو رستو ڏک، سک ۽ رڪاوٽن ۾ الجھيل آهي، پر رستو ته آهي.
“انهيءَ عام رستي تي نواب زاديءَ جي اڪيلي سفر جي وارتا ٻڌندي ڪو مزو نه ايندو. جيڪڏهن مزو اچي به ته ان کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجو من نه مڃيندو. مختصر اهو ته مون کي ڏاڍي تڪليف ۽ ذلت کڻڻي پئي هئي. تڏهن به پنهنجي جيون مان ڪَڪ نه ٿيم. باهه جي راند جيان جيترو سڙندي ويم اوترو ئي اڀرندي ويس. جيستائين تيز هلي رهي هيس ان وقت مون کي احساس نه هو ته ڪو آئون سڙي به رهي آهيان. اڄ ان انتهائي اذيت ۽ غير محدود سرهائيءَ جي ميڻ بتي اوچتو وسامي وڃڻ تي، آئون اڄ هن رستي تي بيجان ٿي ويهي رهي آهيان. اڄ منهنجي پنڌ جي پچاڻي ٿي آهي. منهنجي ڪهاڻي به هتي ختم ٿئي ٿي.”
ايترو چئي نوابزادي چپ ٿي وئي. سوچيم ايئن ته ڪهاڻي ختم ئي نه ٿي سگھندي. کن پل رکي مون ٽٽل هندي ۾ عرض ڪيو، “ بي ادبي معاف ڪجو. آخر وارو حصو جيڪڏهن ٿورڙي وضاحت سان بيان ڪرڻ جي عنايت ڪندؤ ته منهنجي دل جي الجھن گھٽ ٿي ويندي.”
نواب زاديءَ کِلي ڏنو. مون ڏٺو ته منهنجي ٽٽل ڦٽل هندي ڪم اچي وئي ... هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. “ڪيشر لال جي سڌ مون کي اڪثر پوندي هئي. پر هن سان ملڻ جو موقعو ئي نه ملي سگھيو. تانيتا ٽوپي جي ٽولي ۾ شامل ٿي، هو بغاوت واري آسمان هيٺان هو. ڪڏهن پورب ڏانهن ته ڪڏهن پڇم جي ڏس ۾. ڪڏهن اتر ڏانهن ته ڪڏهن ڏکڻ ۾، کنوڻ وانگر چمڪي ظاهر ٿي ۽ گم ٿي ويندو هو.
آئون ان وقت جوڳڻ بڻجي ڪشي جي شيب آند سوامي کي بابا چئي، ان وٽ سنسڪرت شاستر سکي رهي هئس. هندستان جون سموريون خبرون هن وٽ اينديون هيون. آئون اعتقاد سان شاستر سکي رهي هيس ۽ درد سان ڀرجي بي چينيءَ سان گڏ لڙائي جون خبرون ٻڌي رهي هيس.
هوريان هوريان برٽش راڄ هندستان ۾ بغاوت جي باهه کي پيرن سان چيڀاٽي ڇڏيو. پوءِ ته ڪيشر لال جون خبرون به هڪدم بند ٿي ويون. انقلاب جي خطرناڪ فضا ۾ رت جي شعاعن سان ڀارت جي جن شينهن مڙسن جون تصويرون منهنجي اکين ۾ اينديون هيون، اهي به اچتو اونداهه ۾ لڪي ويون.
تڏهن آئون اتي به رهي سگھيس. پنهنجي گرو جي ڇانو ڇڏي، جوڳڻ جو ويس اوڍي نڪري پيس. رستن تي رليس، ڪيترن ئي مندرن ۽ تيرٿن جا چڪر هنيم. ڪيشر لال ڪٿي به نه مليو. ڪجھه اهڙا ماڻهو ضرور مليا، جيڪي هن جي نالي کان واقف هئا. انهن چيو ، “يا ته لڙائي ۾ شهيد ٿي ويو آهي يا ڪنهن قيد خاني ۾ بند آهي.” منهنجي من جي گهراين مان آواز آيو. ڪيشر لال ڪڏهن به مري نٿو سگھي...
هندو شاستر ۾ آهي ته علم، عبادت ۽ رياضت سان شودر برهمڻ ٿي ويو آهي. مسلمان برهمڻ ٿي سگھي ٿو يا نه، ان جو ڪٿي به ذڪر ناهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته ان وقت مسلمان نه هئا.
آئون ڄاڻيان پئي ته ڪيشر لال سان ملڻ لاءِ مون کي اڃا به دير لڳندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مون کي ان لاءِ پهرين برهمڻ ٿيڻو هو. هڪ هڪ ڪري ٽيهه سال گذري ويا. آئون هلت چلت ۽ طور طريقن سان اندر ۽ ٻاهر پنهنجي دل ۽ جان سان برهمڻ ٿي ويس. منهنجي برهمڻ ڏاڏيءَ جو پوتر خون منهنجي سموري جسم ۾ پيهي ويو هو. جوان ٿيڻ ويل دل ئي دل ۾ برهمڻ ٿيڻ جي شروعات ٿي هئي ۽ جواني گذري وڃڻ کانپوءِ آئون چڱي ريت برهمڻ ٿي ويس. تڏهن ئي ته مون بنا رنڊڪ جي پنهنجي سموري جهان جي هڪ برهمڻ جي پيرن تي فنا ۽ بقا جي چمڪندڙ زندگي ماڻي.
انقلابي جنگ دوران ڪيشر لال جي بهادري جون ڳالهيون ڏاڍيون ٻڌيون هيم، پر انهن ڳالهين جو منهنجي دل تي ڪو خاص اثر نه ٿيو هو. مون جيڪو ڏٺو هو، چانڊوڪيءَ رات ۾ جمنا جي وچ ۾ ڪيشر لال هڪ ٻيڙيءَ تي چُپ چاپ اڪيلو وهندو وڃي رهيو هو. اهو ئي نقش منهنجي من ۾ رهجي ويو هو. آئون هر وقت اهو ڏسي رهي هيس. برهمڻ اڪيلو درياهه جي موج تي ٻيڙيءَ ۾ وَهندو ڪنهن اڻ ڏٺي هنڌ ڏانهن، ڪنهن قصد جي ڳولا ۾ وڃي رهيو آهي. نه ان جو ڪو سنگتي آهي ۽ نه ئي نوڪر، هن کي ڪنهن جي به گھرج ناهي. هو بي عيب ۽ خود دار جوان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي کوڙ آهي. آڪاش تي چنڊ، ستارا ۽ سيارا خاموشيءَ سان هن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن.
ايتري ۾ سُڌِ مليم ته ڪيشر لال شاهي سزا کان ڀڄي نيپال وڃي لڪيو آهي. آئون نيپال ويس. اتي کوڙ ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته ڪيشر لال نيپال ڇڏي هليو ويو آهي. تڏهن کان آئون پهاڙي پربت ۾ گھمي رهي آهيان. هي هندن جو ديس ناهي. ڀُٽيا ۽ پچا، ناپاڪ ۽ مليچ قوم آهي. هنن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو ڪو فرق ناهي. هنن جا ديوتا ۽ پوڄا پاٺ سڀ ئي الڳ آهن. کوڙ ڏينهن جي رياضت کانپوءِ مون جيڪا خاص پاڪائي حاصل ڪئي هئي، ڊڄي رهي هيس ته ڪٿي ان ۾ داغ نه لڳي وڃي. مون ڏاڍي ڏکيائي سان ناپاڪي کي پاڻ کان پري رکيو. آئون ڄاڻي رهي هيس ته منهنجي ٻيڙي ڪناري اچي لڳي آهي ۽ منهنجي زندگيءَ جي آخري منزل ويجھي آهي. ان کان پوءِ ٻيو ڇا چوان؟” آخري ڳالهه تمام مختصر آهي. ڏيئو جڏهن وسامندو آهي ته هڪ ڦوڪ سان وسامي ويندو آهي. ان وضاحت سان ڇا بيان ڪيان؟
“اٺٽيهن سالن کانپوءِ هن ئي دارجلنگ ۾ اچي اڄ صبح ڪيشر لال کي ڏٺم.” هن کي چپ ڏسي بي چينيءَ سان پڇيم، “ توهان ڇا ڏٺو؟”
نواب زاديءَ چيو :“ مون ڏٺو ته ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ اداس ۽ غمگين حالت ۾ پوڙهو ڪيشر لال هڪ ڀوٽين جي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀوٽيا پوڙهي زال ۽ انهيءَ مان ڏهٽن ۽ ڏهٽين سان ڪم ڪري رهيو آهي.”
ڪهاڻي ختم ٿي وئي. سوچيم هن جي دلجوئي لاءِ ڪجھه چوڻ کپي. چيم: “اٺٽيهه سال لڳاتار جنهن شخص کي پنهنجي جان لاءِ ٻي مذهب جي ماڻهن سان هر وقت ملڻو پيو آهي، اهو ڪيئن ايترا ڏينهن پنهنجن طريقن ۽ عادتن کي هڪ جھڙو رکي سگھيو آهي؟” نواب زاديءَ چيو :“ ڇا آئون اها ڳالهه نٿي سمجھان. پر ايترا ڏينهن آئون ڪهڙي دوکي ۾ ڦاسي گھمي رهي هيس. مون کي ڪهڙي خبر ته جنهن ڇڪ منهنجي ننڍپڻ جو من موهيو، اها روحانيت نه هئي پر هڪ ساڙ هو ۽ گھڻن ڏينهن جي عادت جو اظهار هو. پر مون سمجھيو هو ته اها هڪ الوهيت (رب جو هجڻ) هئي. جنهن جو نه منڍ آهي ۽ نه ئي انت. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ هو جو جڏهن سورهن ورهين جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي گھر مان نڪتيس ۽ ان چانڊوڪيءَ رات ۾ وڏي دل سان پنهنجي جند جان وارڻ جي موٽ ۾ مون کي برهمڻ جي ٿڦڙ ملي. اها برداشت کان وڌيڪ ذلت هئي. تڏهن به چپ چاپ ان کي به پنهنجي گرو جو انعام سمجي، اڃا به وڌيڪ احترام سان هن اڳيان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
“اي برهمڻ! تو ته پنهنجي هڪ عادت جي جاءِ تي ٻي عادت اختيار ڪئي آهي. آئون پنهنجي هڪ ئي جوڀن ۽ هڪ ئي زندگيءَ عيوض ٻيو جوڀن ۽ ٻي زندگي ڪٿان وٺان؟”
ايئن چئي هوءَ اٿي بيٺي ۽ مون کي چيائين :“ نمسڪار بابو جي”. تڪڙ ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ٻيهر چيائين “سلام سائين”. انهيءَ مسلماني خطاب سان ڄڻ ته هن مٽيءَ ۾ مليل برهمڻيت کي آخري ڀيرو الوداع ڪيو. منهنجي ڪجھه چوڻ کان اڳ هوءَ اونداهي ڌنڌ سان وچڙيل هماليا جبل ۾ ڪڪر جيان گم ٿي وئي.
آئون ڪجهه دير تائين اکيون بند ڪري انهن سمورن واقعن جي نقشي کي پنهنجي دل جي آئيني ۾ ڏسندو رهيس. ڏٺم ته پنهنجي محل ۾ جمنا ڪناري سورهن سالن جي نوابزادي آرام سان ويٺي آهي. پوءِ هن کي تيرٿ ياترا ڪندي مندرن ۾ صبح شام نياز ۽ نوڙت سان عبادت ۽ رياضت ۾ ڏٺم. ان کانپوءِ هن دارجلنگ ۾ ڪلڪتي روڊ ڪناري ڌنڌ سان ڇانيل هن دل هاري ڏکياري جو مايوس منهن ڏٺم. هڪ جوانڙي جي رڳن ۾ هندو ۽ مسلمان رتن جي ٽڪرائڻ سان جيڪو سنگيت نڪري رهيو هو، اهو مٺي زبان جي ملڻ سان منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳو.
اک کولي ڏٺم ته اوچتو ڪڪرن جي هٽڻ سان خوشگوار اُس ۾ آڪاش چمڪي رهيو آهي. انگريز عورتون رڪشائن ۾ ۽ مرد گھوڙن تي سوار ٿي هوا کائڻ لاءِ نڪتا آهن. هڪ ٻن بنگالين جا ٻٽ ۾ ويڙهيل چهرا به نظر اچن ٿا. انهن مان ڪجھه مون ڏانهن ڏسندا وڃن ٿا.
تڪڙ ۾ اٿي بيٺس. سج ۾ چمڪندڙ چؤڏس دنيا ڏسي مون کي ڪڪرن ۾ لڪل اها ڪهاڻي سچي معلوم نه ٿي ٿئي. هاڻي منهنجو خيال آهي ته ڌنڌ سان پنهنجي سگريٽ جو دونهون چڱي طرح ملائي، مون هڪ فرضي ڪهاڻي گھڙي هئي.
هوءَ مسلمان برهمڻ، هو بهادر برهمڻ، هو جمنا ڪناري جو قلعو، شايد ڪا به شيءِ سچ نه هجي. (بنگالي ڪهاڻي_ ليکڪ: رابندر ناٿ ٽئگور).