ڪھاڻيون

اناميڪا

ھي ڪتاب پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي. الطاف شيخ لکي ٿو:”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اناميڪا

دل جي اک

تارا ٻائيءَ جون ٻئي اکيون تارن وانگر روشن آهن ۽ هوءَ آسپاس جي هر شيءِ کي حيرت مان چتائي ڏسي ٿي. در اصل تارا ٻائيءَ جي چهري تي اکيون ئي اکيون آهن. هوءَ ڏڪار جي سُڪل ڇوڪري آهي، جنهن کي بيگم الماس خورشيد عالم جي گھر ڪم ڪندي ڪي ٿورا مهينا ئي ٿيا آهن. هوءَ پنهنجي مالڪياڻيءَ جي شاندار فلئٽ جي قيمتي سامان کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندي رهي ٿي، جو اهڙو عيش عشرت هن پهرين ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو. هوءَ گورکپور جي هڪ ڳوٺ جي بيواهه ڇوڪري آهي، جنهن جو سهرو ۽ ماءُ پيءُ مرڻ تي هن جي مامي، جيڪو بمبئيءَ ۾ کير وارو آهي، گھرائي ورتو هو.
الماس بيگم جي خورشيد عالم سان شادي ٿئي ڪي ٽي چار مهينا ئي گذريا آهن. هن جي منگلور جي آيا، جيڪا هن سان گڏ مائٽن کان آئي هئي، واپس هلي وئي ته هن جي ماسي بيگم عثمانيءَ، جيڪا هڪ نامور سوشل ورڪر آهي، ايمپلائيمينٽ ايڪسچينگ فون ڪيو ۽ تارا ٻائي اکيون ڇنڀيندي هنن جي ڏهين ماڙ جي فلئٽ تي پهتي هئي. الماس بيگم هن کي هر خيال کان سٺو محسوس ڪيو. هوءَ ماٺ مٺوڙي ۾ ڪم ۾ لڳي رهي ٿي ۽ بيگم صاحبه ۽ ان جي صاحب کي فقط اکيون مچڪائيندي ڏٺو ٿي.
الماس بيگم جو جيڪڏهن وس پڄي ته هوءَ پنهنجي مڙس کي هڪ لمحي لاءِ به پنهنجين نظرن کان پري نه رکي. هوءَ جوان جمال ڇوڪرين کي گھر جي ڪم لاءِ رکڻ جي هرگز خواهشمند نه آهي. پر تارا پاڻيءَ جهڙي بي جان ۽ سگھڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏسي هن پنهنجي تجربيڪار ماسيءَ جي چونڊ تي اعتراض نه ڪيو.
تارا ٻائي صبح جو بيڊ روم ۾ چانهه آڻي ٿي. وڏي عقيدت مان صاحب جي جوتن تي پالش ۽ ڪپڙن تي استري ڪري ٿي. هن جو شيوَ لاءِ پاڻي رکي ٿي. ڇنڊ ڦُوڪ ڪرڻ وقت هوءَ وڏي اچرج مان انهن خوبصورت شين تي هٿ گھمائي ٿي، جيڪي صاحب پئرس مان پاڻ سان گڏ آنديون آهن. هن جو وائلن وارڊ روب (ڪٻٽ) جي مٿان رکيو آهي. جڏهن پهريون دفعو تارا ٻائيءَ بيڊروم جي صفائي ڪئي ته وائلن تي ڪا دير هٿ گھمائيندي رهي. ٽيون ڏينهن صبح جو جڏهن معمول مطابق وڏي نفاست سان وائلن صاف ڪري رهي هئي ته نرم مزاج ۽ شريف صاحب (سندس زال ته ڄڻ سنهو مرچ آهي) ان ئي وقت ڪمري ۾ اچي نڪتو ۽ تارا ٻائيءَ تي ڪاوڙجي پيو ته وائلن کي هٿ ڇو لاٿو اٿئي. ان بعد هن کان وائلن ڦري ڪٻٽ مٿان کڻي اڇلايو. تارا ٻائي هيسجي وئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ صاحب ٿورو شرمندو ٿي ورانڊي ۾ هليو ويو، جتي بيگم صاحبه ويٺي چانهه پيتي. هونءَ بيگم صاحبه جا صبح گھڻو ڪري هيئر ڊريسر ۽ بيوٽي سئلون ۾ گذرن ٿا. ميني ڪيور، پيڊي ڪيور، مساج، فئشل_ هڪ کان هڪ اعليٰ ساڙهيون، ڊزنن جا ڊزن سلئڪس ۽ عطر جا دٻا ۽ ڳهه ڳٺا_ هن جي ڪٻٽن ۾ ڀريا پيا هئا. تارا ٻائي سوچيو ٿي: “ڀڳوان ميم صاحبه کي دولت به ڏني، راحت به ۽ اهڙو سهڻو مڙس به. بس شڪل ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ڪري ويو.”
صاحب لاءِ ٻڌو ويو ٿي ته ميم صاحبان جي سوسائٽيءَ ۾ تمام گھڻو مقبول هو، پر شاديءَ کانپوءِ بيگم صاحبه هن تي تمام گھڻيون پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. آفيس ۾ ويندو آهي ته پٺيان بيگم صاحب ڪيترائي دفعا کيس فون ڪندي آهي. شام جو ڪنهن ڪم پٺيان اڪيلو ٻاهر وڃڻ تي بيگم صاحبه کي خبر رهي ٿي ته هو ڪٿي ڪٿي ويو آهي ۽ هوءَ انهن جاين تي به فون ڪندي رهندي آهي. شام جو سير تفريح يا ملڻ ملائڻ لاءِ ٻئي زال مڙس ٻاهر وڃن ٿا، تڏهن به بيگم صاحبه پنهنجي مڙس تي ڪرڙي نظر رکي ٿي. مجال آهي جو هو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي ٽيڏي اک سان به ڏسي.
صاحب اهي سڀ قاعدا قانون کِل خوشيءَ ۾ قبول ڪري ورتا آهن. ڇو ته بيگم صاحبه تمام امير آهي ۽ صاحب کي نوڪري به هن جي دولتمند سهري ڏني آهي. نه ته شاديءَ کان اڳ صاحب ڏاڍو غريب ماڻهو هو. اسڪالر شپ تي انجنيئرنگ پڙهڻ فرانس ويو هو. واپس آيو ته روزگار نه مليو. هو مايوس ٿي گھمندو رهيو. ان وقت بيگم صاحبه جي گھر وارن هن کي کڻي ڦاسايو.
وڏن ماڻهن جا هي عجيب ۽ غريب قصا تارا ٻائي فليٽ جي بورچي، مستري ۽ ٻين نوڪرن کان ٻڌندي رهي ۽ هن جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون ٿي.
خورشيد عالم تمام سٺو وائلن نواز به آهي، پر جڏهن کان هن جي شادي ٿي آهي، زال جي محبت ۾ اهڙو گم ٿي ويو آهي جو هن کي وائلن کي هٿ لائڻ جي به واندڪائي نٿي ملي، ڇو جو الماس بيگم کي هن ساز سان دلي نفرت آهي. خورشيد عالم زال جو بيحد احسانمند آهي، ڇو جو هن شاديءَ سان هن جي زندگي بدلجي وئي آهي، ۽ احسان اهڙي شيءِ آهي، جنهن لاءِ هڪ سنگيت ڪار پنهنجي سنگيت جي قرباني به ڏئي سگھي ٿو. خورشيد عالم شهر جي هڪ جھوني ڊٺل عمارت ۾ رهيو پيو هو ۽ بسن ۾ رلندو ڦرندو رهيو ٿي. هاڻ هو لکاپتيءَ جي حيثيت ۾ شهر جي هڪ خوبصورت ۽ مهنگي علائقي ڪمبالا هل تي رهي ٿو. مرد جي لاءِ هن جو اقتصادي تحفظ ئي سڀ کان وڏي شيءِ آهي.
خورشيد عالم هاڻ وائلن شايد ڪڏهن به نه وڄائي. هي فقط ڏيڍ سال اڳ جي ڳالهه آهي. الماس پنهنجي بزنيس مئن پيءُ جي عاليشان گھر ۾ مالا بار هِل تي رهي ٿي. هوءَ سوشل ورڪ ڪري رهي هئي ۽ عمر وڏي هجڻ ڪري شاديءَ تان هٿ کڻي چڪي هئي. جڏهن هڪ دعوت ۾ هن جي ملاقات خورشيد عالم سان ٿي ۽ هن جي هوشيار ماسي بيگم عثمانيءَ معاملو سمجھي پنهنجن “جاسوسن” ذريعي معلومات حاصل ڪئي. ڇوڪرو يوپي جو آهي. يورپ مان موٽي گذر سفر جي ڳولا ۾ آهي پر شاديءَ لاءِ تيار ناهي، ڇو جو فرانس ۾ هڪ ڇوڪري ڇڏي آيو آهي ۽ هن جي اچڻ جو انتظار اٿس. بيگم عثمانيءَ يڪدم پنهنجي مهم ۾ جنبي وئي. الماس جي پيءُ پنهنجي هڪ فرم ۾ خورشيد عالم کي پنڌرهن سئو رپيه ماهوار پگهار تي پاڻ وٽ رکيو. الماس جي ماءُ هن کي پنهنجي گھر مانيءَ تي گھرايو ۽ الماس سان ملاقاتون خودبخود شروع ٿي ويون. پر پوءِ به ڇوڪري ڇوڪريءَ بابت ڪنهن گرمجوشيءَ جو اظهار نه ڪيو. آفيس مان موٽي گھڻو وقت هن کي الماس جي گھر گذارڻو پيو ٿي ۽ ان ڇوڪريءَ جي مٿاڇري گفتگو مان ڪڪ ٿي هو ان هوادار بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺو ٿي، جنهن جو رخ سمنڊ ڏي هو. پوءِ هن سوچيو ٿي_ هڪ ڏينهن “هن” جو جهاز اچي هن ڪناري تي بيهندو ۽ “هوءَ” ان مان لهندي. هن کي موسان گڏ ئي اچڻ کتو ٿي، پر پئرس جي ڪاليج ۾ هن جو ڪم اڃا ختم نه ٿيو هو. پوءِ ايندڙ جهاز جي تصور ۾ هو بالڪنيءَ جي ريلنگ تي جھڪي افق کي گھوريندو رهيو ٿي. الماس اندران نڪري ڌيرج سان هن جي ڪلهن تي هٿ رکي پڇيو ٿي: “ڇا سوچي رهيا آهيو؟” هن ٿورو ڇرڪي فقط مرڪيو ٿي.
رات جي مانيءَ تي الماس جي پيءُ سان ملڪي سياست سان لاڳاپو رکندڙ هاءِ فائنانس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گهر پهتو ٿي ۽ وائلن ڪڍي اهي ڌنون وڄائڻ لڳو ٿي جيڪي “هن” جي سنگت ۾ پئرس ۾ وڄائيندو هو. هو ٻئي هڪ ٻئي کي خط لکندا هئا ۽ گذريل خط ۾ هن کي اطلاع ڏنو هو ته کيس بمبئيءَ ۾ ئي هڪ سٺي نوڪري ملي وئي آهي. انهي نوڪريءَ سان گڏ جيڪي خوفناڪ پهلو هئا، انهن جو ذڪر هن خط ۾ نه ڪيو هو.
هڪ سال گذري ويو پر هن الماس سا شاديءَ جو ارادو ظاهر نه ڪيو. آخر بيگم عثمانيءَ فيصلو ڪيو ته پاڻ ئي ڇوڪري سان صاف ڳالهه ڪري ته مناسب رهندو. پر انهن ڏينهن ۾ پرتاب ڳڙهه کان تار آئي ته خورشيد عالم جي پيءُ جي طبيعت سخت خراب آهي ۽ هو موڪل وٺي روانو ٿي ويو.
هن کي پرتاب ڳڙهه وئي ڪجھه ڏينهن ئي گذريا هئا جو الماس، جيڪا هاڻ هن جي طرف کان نا اميد ٿي چڪي هئي، هڪڙي شام جو پنهنجين ساهيڙين سان گڏ هڪ جرمن پيانسٽ جو ڪانسرٽ ٻڌڻ تاج محل وئي، ڪرسٽل روم ۾ هميشه وانگر پوڙهن پارسين ۽ پارسياڻين جو ميڙ لڳل هو ۽ هڪ بيحد حسين اکين واري پارسي ڇوڪري ڪانسرٽ جو پروگرام ورهائي رهي هئي. هڪ پهرين جي واقف عورت الماس جي ڄاڻ سڃاڻ هن ڇوڪريءَ سان ڪرائي _ “مِس پيروجا دستور” ۽ پاڻ اڳيان وڌي وئي.
الماس پنهنجي عادت مطابق تکين نظرن سان هن اجنبي ڇوڪريءَ جو جائزو ورتو. ڇوڪري ڏاڍي سهڻي هئي.
“توهان جو نالو ڇا ٻڌايو؟” الماس پنهنجائي واري نموني سان پڇيو.
“مس پيروجا دستور” ڇوڪريءَ سادگيءَ سان جواب ڏنو.
“مون توهان کي پهرين ڪانسرٽ وغيره ۾ نه ڏٺو آهي.”
“آئون ستن سالن بعد گذريل هفتي ئي پيرس مان واپس آئي آهيان.”
“ست سال پئرس ۾! تڏهن ته توهان فرينچ لس ئي لس ڳالهائينديون هونديون.” الماس ٿورو بيزاريءَ مان چيو.
“جي ها_!” پيروجا کلڻ لڳي.
هاڻ خاص خاص مهمان پيانسٽ سان گڏ سي لائونج ڏي وڌي رهيا هئا. پيروجا الماس کان موڪلائي هڪ انگريز خاتون سان ان پيانسٽ جي موسيقي تي بيحد ٽيڪنيڪل قسم جو تبصرو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وئي. پر سي لائونج ۾ پهچي الماس وري ڇوڪريءَ سان ٽڪرائجي وئي. ڪمري ۾ چانهه جي گهما گهمي شروع ٿي وئي هئي.
“اچ هتي اچي ويهه.” پيروجا مرڪندي الماس کي چيو. هو ٻئي دريءَ وٽ رکيل ميز تي آمهون سامهون ٿي ويهي رهيون.
“توهان ته ويسٽرن ميوزڪ جون ايڪسپرٽ لڳو ٿيون.” الماس ٿورو رُکائيءَ سان ڳالهه شروع ڪئي، ڇو ته هوءَ خوبصورت ۽ گھٽ عمر جي ڇوڪرين کي هرگز برداشت نٿي ڪري سگھي.
“جي ها. آئون پئرس پيانو جي اعليٰ تعليم لاءِ وئي هيس.” الماس جي ذهن ۾ ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ خطري جي گھنٽي وڳي. هن ٻاهر سمنڊ جي شفاف، بيحد نيري تري تي نظر وجھي اوچتو وڏي اخلاق ۽ پنهنجائپ سان چيو: “هائو انٽريسٽنگ. پيانو ته اسان وٽ به موجود آهي. ڪنهن ڏينهن اچي ڪجھه ٻڌاءِ.”
“ضرور_” پيروجا خوشيءَ مان جواب ڏنو.
“ڇنڇر ڏينهن ڇا پروگرام آهي تنهنجو؟ آئون پنهنجي گھر هڪ چانهه پارٽي رکي رهي آهيان. منهنجيون ساهيڙيون توسان ملي ڏاڍو خوش ٿينديون.”
“آءِ وڊ لَو ٽو ڪم. ٿئنڪ يو.”
“تون رهين ڪٿي ٿي پيروجا؟”
پيروجا بمبئي جي هڪ سادي علائقي جي هڪ گھٽي ٻڌائي. الماس هڪ سڪون جو ساهه کنيو. اهو علائقو غريب قسم جي پارسين جو پاڙو هو.
“آئون پنهنجي چاچي سان گڏ رهان ٿي. منهنجا ماءُ پيءُ گذاري چڪا آهن. منهنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ به ناهي. مون کي چاچي ۽ چاچيءَ پاليو آهي. هنن کي ڪو اولاد ناهي. چاچو هڪ بئنڪ ۾ ڪلارڪ آهي.”
پيروجا نهٺائيءَ مان چوندي رهي. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جي ڪجھه ڳالهين بعد سمنڊ جي پرسڪون سطح ڏي نهاريندي هن اچتو چيو: “ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. گذريل هفتي جڏهن منهنجو جهاز هن ساحل ڏي وڌي رهيو هو ته آئون سوچي رهي هيس ته ايڏي عرصي بعد ڌارين وانگر بمبئي واپس موٽي رهي آهيان. هي وڏو ڪٺور شهر آهي. توکي ته معلوم ئي هوندو الماس؟ خلوص وارا دوست هتي ڏاڍو ڏکيائيءَ سان ملن ٿا. پر منهنجي خوش قسمتي ڏسو ، اڄ ئي منهنجي توسان ملاقات ٿي وئي.”
الماس ڏک مان ڪنڌ ڌُوڻيو. سي لائونج ۾ ڳالهين جي هلڪي هلڪي ڀڻ ڀڻ جاري هئي. ڪجھه لمحن بعد هن پڇيو:
“تنهنجو پئرس ڪيئن وڃڻ ٿيو؟”
“مون کي اسڪالرشپ ملي هئي. اتي پيانو جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ ڪجھه سالن تائين هڪ ميوزڪ ڪاليج ۾ ريسرچ ڪندي رهيس. آئون اتي تمام خوش هيس. پر منهنجو چاچو چاچي هتي بلڪل اڪيلا هئا. هو تمام پوڙها ٿي چڪا آهن. چاچي ويچاري ته پيري ۽ ضعيفي ڪري بلڪل ٻوڙي ٿي وئي آهي. آئون هن جي ڪارڻ واپس اچي ويس ۽ ان کان علاوه....”
“هيلو الماس! تون هتي ويٺي آهين!. جلدي هل. توکي فلاڻي پئي سڏي.” هڪ عورت ميز وٽ اچي چيو. پيروجا جي ڳالهه اڌ گابري رهجي وئي. الماس هن کي اهو چوندي موڪلايو ته هوءَ ڇنڇر جي صبح جو يارهين وڳي هن جي لاءِ ڪار موڪلي ڏيندي. هوءَ ميز تان اٿي مهمانن جي ميڙ ۾ غائب ٿي وئي.
ڇنڇر جي ڏينهن پيروجا، الماس جي گھر پهتي، جتي چانهه پارٽي پنهنجي عروج تي هئي. بيٽلز جا رڪارڊ وڄي رهيا هئا. ڪجھه ڇوڪرين، جن ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ فئشن شو ۾ حصو ورتو هو، زور شور سان ان جي واقعن تي تبصرون ڪري رهيون هيون. هي سڀ ڇوڪريون جن جي مادري زبان اڙدو، هندي، گجراتي ۽ مرهٺي هي، انگريزي ۽ فقط انگريزي ڳالهائي رهيون هيون، ۽ هنن بيحد سوڙهيون پتلونون يعني “اسٽريچ پتلونون” پائي رکيون هيون. پيروجا کي هڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته هوءِ اڃا هندستان واپس نه آئي آهي. هن جو پنهنجو فرقو بيحد مغرب پرست هو پر سالن جا سال يورپ ۾ رهي هن کي معلوم ٿي چڪو هو ته اجنتا جي زنده تصويرن بدران هنن مغرب کي پنهنجو سمجھڻ وارين عورتن کي ڏسي يورپ جي باشندن کي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿئي ٿي. ان ڪري مِس پيروجا دستور پئرس ۽ روم ۾ پنهنجي ٺيٺ هندستاني چال چلن تي فخر محسوس ڪيو ٿي. بمبئيءَ جي انهن نقلي آمريڪن ڇوڪرين کان بيزار ٿي هوءَ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺي جنهن جي سامهون سمنڊ هو ۽ پاسي کان پارسين جي جنازي رکڻ جو ٽاور آف سائلينس (برج خموشان). هوءَ ڇرڪي وئي. گھاٽي ٻيلي مٿان کليل فضا ۾ ڪجھه ڳجھون ۽ ڪانگ جھرمٽ ڪري اڏامي رهيا هئا ۽ چئني پاسي هڪ ڀوائتي ماٺ هئي. هوءَ گھٻرائجي واپس موٽي ۽ زندگيءَ سان گونجندڙ ڪمري ۾ اچي هڪ صوفي تي ويٺي.
ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾، لڳي ٿو ته سينگار خاطر، اسٽين وي جو گرينڊ پيانو رکيو هو. ڇوڪريون هاڻ ريڊيوگرام تي هيري بيلا جو پراڻو ڪليپسو _ “جئميڪا فيئر ويل” وڄائي رهيون هيون. ڳائڻيءَ جو دل لڀائيندڙ آواز گٽار جي گونج سان گڏ گڏ ڪمري ۾ پکڙڻ لڳو.
Down the way where nights are gay
And the Sunshine’s daily on the mountain top
I took a trip on a sailing ship
And when I reached Jamica made a stop.
But I am sad to say I am on my way and
Won’t be back for many a day.
May heart is down, my head is turning around
I had to leave a little girl in Kingston town.
الماس ماٺ مٺوڙي ۾ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺي. رڪارڊ وڄي ختم ٿيو ته هن اندر اچي پيروجا کي چيو: “پاڻ وڏا بي ذوق ماڻهو آهيون. هڪ ماهر پيانسٽ هتي ويٺي آهي ۽ پاڻ پيا رڪارڊ وڄايون! هلو ته هلون.”
پيروجا مرڪندي وڃي پيانو جي اسٽول تي ويٺي. “ڇا ٻڌايان؟ آئون ته فقط ڪلاسيڪل ميوزڪ ئي وڄايان ٿي.”
“هاءِ! پاپ `Pop` ميوزڪ نه؟” ڇوڪرين گوڙ ڪيو. “چڱو ڀلا ڪو انڊين فلم سانگ ئي کڻي وڄاءِ”.
“فلم سانگ به مون کي نٿا اچن، پر هڪ غزل ياد آهي مون کي ... جيڪو مون کي ... ” هوءَ شرمائي چپ ٿي وئي.
“غزل....؟ اوه! آءِ لَو اڙدو پوئٽري.” هڪ مسلمان ڇوڪريءَ جنهن جا والدين اهل زبان هئا، پسنديده انداز ۾ چيو.
مس پيروجا پڙدن تي آڱريون ڦيرايون ۽ هڪ اڻڄاتل خوشي محسوس ڪري، آهستي آهستي هڪ دل لڀائيندڙ ڌُن وڄائڻ شروع ڪئي.
“ڀائي ميوزڪ وڄائڻ سان گڏ گڏ ڳائي به ٻڌاءِ”. ڇوڪرين رڙ ڪئي.
“ڀائي آئون ڳائي نٿي سگھان. منهنجي اڙدو تمام خوفناڪ آهي.”
“چڱو ڀلا ان اڙدو غزل جا لفظ ٻڌاءِ اسين پاڻهي ڳائينديونسين.”
“اهو غزل ڪجھه هن ريت آهي...” مس پيروجا چيو.
“تو سامنَي هي اپنَي بتلا ڪه تو ڪهان هَي
ڪِس طرح تجه ڪو ديکون نظاره درميان هَي.”
ڪجھه ڇوڪرين ملي ڳائڻ شروع ڪيو... نظاره درميان هَي.... نظاره درميان هَي....
غزل ختم ٿيو، تاڙيون وڳيون.
“هاڻ ڪا ويسٽرن شيءِ وڄاءِ.” هڪ ڇوڪريءَ فرمائش ڪئي.
“شو پان جي ميڊنس فئنسي (Maiden’s Fancy) وڄايان؟ اهو نغمو آئون ۽ منهنجو مڱيندو گڏ وڄائيندا هئاسين، پئرس ۾. هو وائلن تي منهنجي سنگت ڪندو هو.”
“تنهنجو مڱيندو به ميوزيشن آهي؟” هڪ ڇوڪريءَ پڇيو.
“پروفيشنل نه، شوقي.” مس پيروجا جواب ڏنو ۽ نغمو وڄائڻ ۾ محو ٿي وئي.
ايندڙ ٻن هفتن ۾ الماس پيروجا سان تمام گھاٽي دوستي جوڙي ورتي. ان وچ ۾ پيروجا کي هڪ ڪانوينٽ ڪاليج ۾ پيانو سيکارڻ جي نوڪر يي ملي وئي هئي، جيڪو موڪلن بعد کلڻ وارو هو. هفتي ۾ ٽي دفعا هڪ ڏهه ساله آمريڪن ڇوڪريءَ کي پيانو سيکارڻ جي ٽيوشن به ملي وئي. آمريڪن جي زال جو ويجھڙائيءَ ۾ ئي موت ٿيو هو ۽ هو پنهنجو ڏک ميسارڻ لاءِ پنهنجن ٻارن سان گڏ سيرو سياحت لاءِ هندستان آيو هو ۽ جُوهُو جي علائقي ۾ سن ائنڊ سئنڊ هوٽل ۾ ترسيل هو. مس پيروجا جي گھر کان جُوهُو تائين جو سفر ڪافي ڊگهو هو پر آمريڪن پيروجا کي سٺو پگھار ڏيڻ وارو هو ۽ ڏاڍي سٺي نموني سان هليو ٿي. پيروجا في الحال پنهنجي زندگيءَ مان تمام خوش هئي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ “هو” پنهنجي ڳوٺ کان واپس موٽڻ وارو هو. پيروجا هن کي پنهنجي بمبئي موٽڻ سان نوڪري ۽ ٽيوشن ملڻ جو اطلاع نه ڏنو هو. ڇو جو هن (پيروجا) هُن کي “سرپرائيز” ڏيڻ چاهي ٿي.
هڪ ڏينهن هوءَ الماس سان گڏ هن جي بنگلي جي باغ ۾ واڪ ڪري رهي هئي، ته ڦوهاري وٽ پهچي الماس هن کان هڪدم سوال ڪيو: “تو اهو غزل ڪنهن کان سکيو هو؟ اهو ئي جيڪو تون ان ڏينهن ڳائي رهي هئينءَ؟”
“اوهه .... اهو؟ پئرس ۾.”
“پئرس! هائو انٽريسٽنگ! ڪنهن سيکاريو؟”
“منهنجي مڱيندي.”
“اوهه پيروجا... يو ڊارڪ اورس! چار سئو ويهه! مون کي تو ٻڌايو به ڪونه، هيستائين!”.
“الماس تنهنجي ئي ڪميونٽيءَ جو آهي، هُو. منهنجو مطلب آهي اسان جي پارسين مان ناهي پر مسلمان آهي.”
“هو ... واقعي.” الماس ڦوهاري جي پڳهه تي ويهي رهي.
“منهنجو چاچو تمام روشن خيال آهي. هن مون کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.”
“ڇا نالو آهي صاحب زادي جو؟”
هي نالن جو به عجيب قصو آهي. خورشيد عالم هن جي نرگسي اکين تي عاشق ٿيو هو، جڏهن پئرس جي هندستاني سفارتخاني جي هڪ دعوت ۾ پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي. ڪنهن هن جو تعارف “پيروجا” چئي هن سان ڪرايو هو ته هن چرچي ۾ چيو هو“ پر تنهنجو نالو ته نرگس هجڻ کتو ٿي.”
“اوه... نرگيش؟ نرگيش ته منهنجي آنٽيءَ جو نالو آهي.”
“لاحول ولا قوت.... !” خورشيد عالم پنهنجائپ واري نموني سان ائين چيو ڄڻ هن کي هميشه کان سڃاڻندو هجي.
“نرگيش، کهورشيٽ، پيروجا ... توهان ماڻهن حسين ايراني نالن جي ڇا ته ستياناس ڪئي آهي. آئون توکي فيروزه سڏيان ته توکي اعتراض ته نه ٿيندو؟”
“هرگز نه.” پيروجا کِلي جواب ڏنو هو... ۽ پوءِ هڪ دفعي خورشيد درياءَ جي ڪناري واڪ ڪندي هن کي چيو هو: “هي تنهنجيون وهندڙ درياهه جهڙيون اکيون ... هفت زبان اکيون، کڙ کٻيتي جهڙيون اکيون، وهائو تاري جهڙيون، هيرن جواهرن جهڙيون، چمندڙ اُس ۾ ٽم ٽم ڪندڙ برسات جهڙيون، لڳي ٿو نرگس جا گل تنهنجين اکين ۾ بدلجي ويا هجن.”
“مون پڇيو ته ڇا نالو آهي ان صاحب جو؟” الماس جي تکي آواز تي هوءَ ڇرڪي.
“کهورشيٽ عالم.” هن جواب ڏنو. ڪجھه لمحن جي سڪون کان پوءِ هن گھٻرائجي نظرون مٿي کنيون. ڪاري رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس، چيلهه تي هٿ رکي ڪاري اٺ وانگر هن جي سامهون الماس هن کي چئي رهي هئي “ڪيڏو عجيب اتفاق آهي پيروجا ڊيئر! منهنجي مڱيندي جو نالو به خورشيد عالم آهي، هو به وائلن وڄائي ٿو، هو به پئرس کان آيو آهي ۽ اڄڪلهه پنهنجي پيءُ سان ملڻ پنهنجي ڳوٺ ويل آهي.”
آگسٽ جي آسمان تي زور سان کنوڻ جو تجلو ٿيو، پر ڪنهن نه ڏٺو ته اها ڪڙڪندڙ کنوڻ مس پيروجا دستور مٿان اچي ڪري، هو ڪجھه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي وئي، ۽ پوءِ هن عاليشان محل تي نظر وڌي ۽ پنهنجي غريب علائقي سان سادي ۽ اڌ اونداهي فلئٽ جو تصور ڪيو. کنوڻ وري چمڪاٽ ڪيو ۽ مالا بار هِل جي هن منظر کي روشن ڪري ڇڏيو. پيروجا جي دماغ ۾ سڄي ڳالهه اچي وئي. هوءَ سمجھي وئي ته خورشيد عالم پنهنجي خطن ۾ هن جو ذڪر ڇو نه ڪيو ۽ هو ڪجھه عرصي کان شادي جي ذڪر کي ڇو ٽاريو ويٺو آهي. هو آهستي اٿي ۽ ڌريج سان چيو: “چڱو الماس، مڱڻو مبارڪ هجنئي. خدا حافظ.”
“ڇا وڃين پئي پيروجا؟ ترس، منهنجي ڪار توکي پهچائي ايندي ... ڊرائيور!” الماس سڪون سان سڏ ڪيو.
“نه الماس .. تنهنجي مهرباني.” هوءَ ذري گھٽ ڊوڙندي ڦاٽڪ کان ٻاهر نڪتي. رستي جي ٻئي پاسي ان وقت بس اچي ترسي هئي، هوءَ تکو رستو ٽپي بس ۾ وڃي سوار ٿي.
ڦوهاري وٽ بيٺل الماس ڦاٽڪ ڏي ڏسندي رهي. سانوڻيءَ جي زبردست برسات پام جي وڻن کي جھڪائي جھڪائي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ تکيون تکيون وکون ڀري، پنهنجو پاڻ کي گپ کان بچائيندي وڃي اڏاوت هيٺ بيٺي.
ان واقعي جي ٽئين ڏينهن خورشيد عالم جو خط الماس جي پيءُ جي نالي آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي والد جي سخت بيمار هجڻ ڪري موڪل جا ڏينهن وڌائڻ لاءِ عرض ڪيو هو. هن الماس جي پيءُ کي اهو نه لکيو هو ته، ان خبر کان ته هن جو اڪيلو پٽ ڪنهن مسلمان رئيس زاديءَ بدران هڪ غريب پارسياڻيءَ سان شادي ڪري رهيو آهي، هن جي ڪٽر مذهبي پيءُ جو صدمي کان ساهه نڪري رهيو هو. خورشيد عالم جي خط مان ظاهر هو ته هو بيحد پريشان آهي. جواب ۾ الماس پاڻ هن کي لکيو.
“توهان کي جيترا ڏينهن وڻن اوترا رهو. ڊيڊي توهان کي پرايو نٿو سمجھي. اسان سڀ توهان جي پريشانيءَ ۾ شريڪ آهيون. توهان پنهنجي بابا کي علاج لاءِ هيڏانهن ڇو نٿا وٺي اچو.
“هلندي هلندي اهو به لکان ته ڪالهه آئون سئمنگ لاءِ سن ائنڊ سينڊ وئي هيس. اتي هڪ تمام دلچسپ پارسي ڇوڪري مس پيروجا دستور سان ملاقات ٿي، جيڪا پيانو وڄائي ٿي ۽ پئرس کان آئي آهي، ۽ شايد ڪنهن آمريڪن جي گرل فرينڊ آهي ۽ شايد ان سان ئي گڏ سَن ائنڊ سئنڊ ۾ ٽڪيل آهي. آئون توکي ان ڪري لکي رهي آهيان جو ٿي سگھي ٿو توهان به هن سان ڪڏهن مليا هجو، پئرس ۾.
“چڱو هاڻ توهان پنهنجي والد کي وٺي هليا اچو. تار ذريعي اطلاع ڪجو ته جيئن هتي جي ڪنهن سٺي اسپتال ۾ هن لاءِ ڪمرو ريزروَ ڪرائي ڇڏيون.”
توهان جي مخلص “الماس.”
شام جي وقت مس پيروجا جي غريب علائقي جي پراڻي عمارت اڳيان هڪ ٽئڪسي اچي بيٺي ۽ خورشيد عالم ٻاهر لٿو. کيسي مان نوٽ بڪ ڪڍي هن ائڊريس کي جانچيو ۽ گھر جي در وٽ پهچي دريءَ مان اندر ليئو پاتو. هڪ پوڙهو پارسي صدري ۽ ميري سفيد پتلون ۾ نظر آيو. سندس مٿي تي گول ٽوپي هئي. هو چيلهه سان ٻڌل “ڪسٽي” کولي ان کي ڳنڍيون به ڏئي رهيو هو ته چپن ئي چپن ۾ دعائون به پڙهي رهيو هو. هڪ طرف پراڻي زماني جي ڪرسي رکي هئي. ميز تي رنگين ڪور وڇايل هو. ڀت تي پارسين جي مذهبي رهنما زوروسٽر جي وڏي تصوير ٽنگيل هئي. ڪمري مان ناريل ۽ مڇيءَ جي تکي ڌپ اچي رهي هئي. هڪ پوڙهي پارسياڻي ڳاڙهي جارجٽ جي ساڙهيءَ ۾ مٿي تي رومال ٻڌل، ٻاهر نڪري رهي هئي.
“مس پيروجا دستور آهي؟” خورشيد عالم پڇيو.
“پيروجا؟” پارسي عورت ڌنڌ لڳل اکين سان خورشيد عالم کي جواب ڏنو، “جو هُو وئي آهي_ سن ائنڊ سينڊ”
“ڇا؟ ڇا مس پيروجا سن ائنڊ سئنڊ شفٽ ٿي وئي آهي؟” اڌ ٻوڙي ضعيف عورت هائوڪار ۾ کڻي ڪنڌ ڌوڻ ڪئي.
“ڪنهن سان ... ڪنهن سان گڏ؟” خورشيد عالم هٻڪندي پڇيو.
پوڙهي پٺيان پير ڪري اندر وئي ۽ هڪ وزيٽنگ ڪارڊ آڻي خورشيد عالم جي هٿ تي رکيو. ڪارڊ تي ڪنهن آمريڪن جو نالو ڇپيل هو.
“تون مسٽر کهورشيٽ عالم آهين؟ پيروجا چيو هو ته تون اچڻ وارو آهين. جيڪڏهن ڳوليندو هتي اچين نڪتين ته آئون يڪدم هن کي جوهُو فون ڪريان ۽ توکي ٻڌايان ته ڪيڏانهن وئي آهي!” هن بلائوز جي کيسي مان فون ڪرڻ لاءِ پنجويهن پئسن جو سڪو ڪڍيو.
خورشيد عالم وائڙو ٿي پوڙهيءَ ڏي نهاريو.
“توهان هن جي چاچي ٿيو. ڇا توهان کي ان ڳالهه تي ڪو اعتراض ناهي؟”
ٻوڙيءَ جي مٿي ۾ خبر ناهي ڳالهه ويٺي يا نه، هن کڻي ڪنڌ سان ناڪار ڪئي. “اسين تمام غريب آهيون پر هاڻ پيروجا هڪ آمريڪن...”
اتي اوچتو پوڙهيءَ کي ياد آيو ته هن معزز مهمان کي اندر نه سڏايو آهي، ۽ پوءِ هن جھڪندي چيو، “اچو ... اچو. اندر ته اچو.”
خورشيد عالم جهڙو بي جان بيٺو هو ۽ پوءِ جھٽڪي سان پٺيان مڙيو ۽ وڃي ٽڪئسيءَ ۾ ويٺو.
“باءِ باءِ.” پوڙهيءَ هٿ لوڏي موڪلايو.
پوڙهو پارسي دعا ختم ڪري ٻاهر نڪتو، پر ٽڪئسي زوم مان اڳيان وڃي چڪي هئي.
جنهن ڏينهن الماس ۽ خورشيد عالم جي مڱڻي جي دعوت هئي، اهڙي ته برسات ٿي جو سڄو ملڪ جل ٿل ٿي ويو. ڊنر کان ٿورو اڳ برسات جَھڪي ٿي ۽ خورشيد عالم ۽ الماس جي پيءُ جو دوست ڊاڪٽر صديقي، جنهن جي ويجھڙائيءَ ۾ پوني کان هتي بمبئي بدلي ٿي هئي، بالڪنيءَ ۾ اچي بيٺا، جتان ڪجھه مفاصلي تي ماٺ جو منارو (برج خموشان) جو اونداهو جهنگل ڀنل هوا ۾ شائين شائين ڪري رهيو هو. اندر ڊرائنگ روم ۾ مهمانن جي ٽهڪن جا آواز هئا ۽ گرينڊ پيانو تي رکيل شمعدان ۾ ميڻ بتيون ٽم ٽم ڪري رهيون هيون. بيحد رومانٽڪ ۽ پُرڪيف وقت هو. ايتري ۾ گئلري ۾ رکيل فون جي گھنٽي وڳي. هڪ نوڪر اندر اچي الماس کي چيو: “خورشيد صاحب لاءِ فون آهي.” ڪنوار جي روپ ۾ سجايل الماس لامارو هڻي فون کنيو. هڪ لوڪل اسپتال مان هڪ نرس پريشان آواز ۾ معلوم ڪري رهي هئي: “ڇا مسٽر خورشيد عالم اتي موجود آهي؟”
“توهان ٻڌايو ته توهان جو مسٽر خورشيد ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟” الماس ٿورو چڙ مان پڇيو.
“مس پيروجا دستور هڪ مهيني کان سخت بيمار پئي آهي. اڄ هن جي حالت بنهه خراب آهي ۽ لڳي ٿو ته وڌيڪ جيئري نه رهي سگھي. هن چورايو آهي ته جيڪڏهن خورشيد عالم ڪجھه منٽن لاءِ هتي اچي سگھي.”
“مسٽر خورشيد عالم هتي نه آهي.”
“آر يو شوئر؟”
“ييس. آءِ ايم ويري شوئر.” الماس وڏي رعب سان جواب ڏنو، “ڇا تون سمجھين ٿي، ته آئون ڪا ڪوڙ پئي ڳالهايان؟” ۽ پوءِ ٺڪ ڪري کڻي فون رکيو ۽ اڳتي وڃي پنهنجي مهمانن سان ملي.
ٻن ڪلاڪن بعد وري فون آيو.
“ڊاڪٽر صديقي توهان جي ڪال.” گئلري مان ڪنهن آواز ڏنو.
“توهان کي اسپتال ۾ جلدي پهچڻ جو سڏ ٿيو آهي.”
ڊاڪٽر صديقي جلدي جلدي فون ڏي وڌيو ۽ پوءِ هن الماس کي آواز ڏنو: “بابا معاف ڪجانءِ، مون کي ڀڄڻو پئجي رهيو آهي.”
“ضرور... ضرور... گڊ نائيٽ” ڊاڪٽر صديقيءَ چيو ۽ ٻاهر نڪري ويو.
شهر جي وڏي اسپتال ۾ صحتياب ٿي خورشيد عالم جو والد خوش خوش پنهنجي ڳوٺ پرتاب ڳڙهه واپس وڃي چڪو هو. جيستائين ڪمبالا هِل وارو فلئيٽ تيار نه ٿيو هو، جيڪو ڪنوار کي ڏيج ۾ مليو هو، شاديءَ کانپوءِ گھوٽ صاحب ڪنواريتن وٽ ئي رهيو. گھڻو ڪري هو صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيهندو هو. هيٺ گھاٽي باھ مان وڪڙ کائي لنگھندڙ رستو پارسين جي برج خموشان ڏي ويو ٿي. ڪنهن نه ڪنهن وقت سفيد ڪپڙا پهريل پارسي “نسيار” سفيد رومالن ذريعي هڪ ٻئي جا هٿ جھلي، قطار ٺاهي، جنازو کڻي ان ماٺ جي مينار ڏي وڌندا نظر آيا ٿي. لاش کي کائڻ لاءِ ڪانگ ۽ ڳجھون وڻن تي انتظار ۾ ويٺا رهيا ٿي. ان مينار جي اڱڻ جو ڦاٽڪ ڪنڊ تي کليو ٿي. ڦاٽڪ تي هڪ پوڙهو ڏاڙهيءَ وارو خوفناڪ پارسي درٻان ويٺل رهيو ٿي. سفيد ساڙهين ۽ سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس سوڳوار پارسي “ماٺ جي مينار” تي ميت چاڙهڻ بعد سرسبز پهاڙيءَ وٽان ڦري پنهنجين موٽرڪارن ۾ اچي ٿي ويٺا. ڦاٽڪ کان ٻاهر زندگيءَ جو پرجوش سمنڊ معمول مطابق هلندڙ چلندڙ رهيو ٿي. ڀر واري وڏي عمارت تي ايئر ڪمپنيءَ جو اشتهار انهن زنده انسانن کي سڄي دنيا ۾ پکڙيل هڪ کان هڪ دلچسپ شهرن تائين سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني ٿي.
هن هڪ دفعو خط ۾ لکيو هو .... ذهن جون هزارين اکيون آهن. دل جي اک فقط هڪ آهي. پر جڏهن محبت ختم ٿي وڃي ته سڄي زندگي ختم ٿيو وڃي.”
سمنڊ جي لهر پَل جو پَل ۾ فنا ٿي وئي. آسمان تي گذرڻ وارا ڪڪر فضا ۾ رلي ملي ويا. جڏهن هوءَ مُئي هوندي ته ڪانگن ۽ ڳجھن هن جو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪيو هوندو؟ ان طوفاني رات جو اسپتال جي وارڊ مان نڪري هن جو روح جڏهن آسمانن تي پهتو هوندو ۽ عالم بالا جي گُگھهَ اونداهه ۾ ڪنهن ٻئي روح ان سان ٽڪرائجي پڇيو هوندو “ تون ڪير آهين؟” ته هن جواب ڏنو هوندو “ خبر ناهي .. آئون ڪالهه ئي ته مُئي آهيان.”
هيستائين هن جو روح ڪٿان کان ڪٿان نڪري چڪو هوندو... مئل انسان گھڻي تکي رفتار سان سفر ڪن ٿا.
تارا ٻائيءَ پنهنجين روشن اکين سان صاحب جي گھر جي هر شيءِ کي حسرت ۽ حيرت سان ڏٺو ٿي. هوءَ صاحب کي حيرت سان تڪيندي هئي. الماس بيگم هاڻ اميد واري ٿي آهي. تمام جلد تارا ٻائيءَ جو ڪم ٻيڻو ٿي ويندو.
اڄ صبح جو آئي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر صديقي آيو هو. جڏهن تارا ٻائي هن لاءِ چانهه کڻي ورانڊي ۾ وئي ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ پوءِ خوش ٿيندي پڇيو: “ اڙي تارا ٻائي ... تون هتي ڪم ٿي ڪرين ڇا؟”
“جي داگدر صاحب” تارا ٻائيءَ شرمائيندي جواب ڏنو.
“هاڻ صاف ڏيکائي ڏئي ٿو؟” ڊاڪٽر پڇيو.
“جي ها داگدر صاحب، هاڻ مون کي سڀ ڪجھه صاف نظر اچي ٿو.”
“گڊ.” ۽ پوءِ هو الماس بيگم ۽ مسٽر خورشيد عالم ڏي مخاطب ٿيو، “ڀائي هيءَ ڇوڪري ڏهن سالن جي عمر ۾ انڌي ٿي وئي هئي، پر خوش قسمتيءَ سان هن جي اکين جي نابيني عارضي ثابت ٿي. توکي ياد آهي الماس! تنهنجي مڱڻي واري رات دعوت مان مون کي اسپتال ڀڄڻو پيو هو؟ هڪ خاتون مس پيروجا دستور گذاري وئي هئي. هن مرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ پنهنجون اکيون آئي بينڪ کي ڊونيٽ ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئي. ان ڪري هن جي مرڻ تي مون کي يڪدم سڏايو ويو ته هن جون اکيون ڪڍي وٺان. بيحد نرگسي اکيون هيون ويچاريءَ جون. خبر ناهي ڪير هئي غريب. هڪ پوڙهي ۽ ٻوڙي پارسياڻي هن جي پلنگ جي سيرانديءَ کان بيهي روئي رهي هئي. ڏاڍو ڏک وارو منظر هو. خير پوءِ چند ڏينهن بعد هن تارا ٻائيءَ جو مامو هن کي مون وٽ وٺي آيو. هن کي ڪنهن ڊاڪٽر ٻڌايو ته نئين ڪورينا لڳائڻ سان هن نينگريءَ جي بينائي موٽي سگھي ٿي. مون اهي ئي مِس دستور جون اکيون اسٽور مان کڻي انهن جي ڪورينا هن ڇوڪريءَ جي اکين تي گرافٽ ڪئي. ڏس مس دستور جهڙيون اکيون ٿي ويون آهن هن جون. واقعي ميڊيڪل سائنس اڄڪلهه معجزا ڏيکاري رهي آهي.”
ڊاڪٽر صديقيءَ ڳالهه ختم ڪري سڪون سان سگريٽ دکايو پر الماس بيگم جو چهرو خوفناڪ ٿي ويو. خورشيد عالم ٿڙندي ٿاٻڙندي اٿيو ۽ انڌن وانگر هوا ۾ ڪجھه ڳوليندو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. تارا ٻائي هن جي اها ڪيفيت ڏسي اندر ڀڳي ته پٺيان مڙي هن کي چرين وانگر گھورڻ لڳو. تارا ٻائيءَ جي سمجھه ۾ ڪجھه نه آيو ۽ هوءَ بدحواسيءَ جي عالم ۾ رڌڻي ۾ وڃي ٿانوَ ڌوئڻ لڳي.
ڏور ڏور ماٺ جي مينار (بُرج خموشان) تي هميشه وانگر ڳجھون ۽ ڪانگ لامارا ڏئي، ڪنهن مري ويل پارسيءَ جو گوشت کائي رهيا هئا.
ڪانگا سب تن کهائيو، چُن چُن کهائيو ماس،
دوئي نينان مت کهائيو، جن سي پيا ملن کي آس.

(قرت العين حيدر)