سَچَ __ حياتيءَ ڀر جو ڪهاڻيڪار پروفيسر سرور سيف
سنڌي ڪهاڻي کيتر جي صنف ۾ پروفيسر سرور سيف جو تعلق ستر واري ڏهاڪي کان اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن ملڪ آگاڻي،شوڪت شورو،زيب سنڌي، نورُ گهلو، رزاق مهر، رسول ميمڻ،بادل جمالي، اخلاق انصاري، ڪيهر شوڪت، ابراهيم خشڪ ۽ سليم ڪورائي واري ٽهيءَ سان جُڙي ٿو، اهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي نالا اڃان آهن، جي سڀ جا سڀ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر کي ترقيءَ پسنديءَ وارن رجحانن سان ارتقا جي هن نئين دور تائين وٺي ويندڙ آهن. انهيءَ سفر ۾ ڪجهه ڪهاڻيڪار وقت ۽ حالات آڌار مستقل طور تي ڪهاڻي سان نڀاءُ نه ڪري سگهيا جن ۾ ابراهيم خشڪ،سانول(امداد حسيني) ڪيلاش (آغا پير محمد) بادل جمالي ۽ سرور سيف وغيره اچي وڃن ٿا. باوجود هن ڳالهه جي سرور سيف بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهي. جنهن پنهنجي منفرد موضوعن ،اسٽا.ئيل،۽ ڏانءُ سبب هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار واري جيڪا سڃاڻپ پيدا ڪئي ۽ مڃتا ماڻي اڄ به سندس سنڌي ڪهاڻي ۾ اهوئي مرتبو موجود آهي.
پروفيسر سرور سيف جي ادبي سڃاڻپ جا حوالا نثر نگار،مقالا نگار،شاعر ۽ محقق وارا به آهن. جنهن ادب ۾ مسلسل لکڻ سا گڏ لوچڻ ۽ سوچڻ جي ڪرت هٿان نه ڇڏي آهي هو هڪ اهڙو تخليقڪار رهيو آهي جنهن جي عملي ۽ علمي شخصيت جا ڪيترائي ڀرپور حوالا رهيا آهن.هڪ مُدبر، مستقل مزاج طبيعت جو مالڪ ۽ تعليمي ميدان ۾ به چاليهه سالن کان مٿي علمي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندڙ با شعور،باعمل ماهر تعليم دان طور به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.اهڙن ئي املهه انسانن لئه نامور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي ته “ جنهن ماڻهو جو نصيب ئي سندس تخليق هجي، انهيءَ کان ڀلاوڏو ادب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.”
سچ ته هن حوالي سان پروفيسر سرور سيف واقعي به هڪ اهڙو خوش نصيب تخليقڪار رهيو آهي. جنهن جو فڪر عمل ادب کان وٺي سماجي، تهذيبي،ثقافتي، سياسي ۽ قومي ڌارائن تائين متحرڪ ڪردار جي علامت بڻيل ترقي پسنديءَ وارن لاڙن جو جتي ترجمان آهي اتي تنظيمي طور کان عام فهم واري زندگي ۾ متحرڪ هجڻ سان گڏ اتساهه جو هڪ وڏو مثال ٿي رهيو آهي.اهڙيون لياقتون قدرتي طور تي به تمام ٿورن انسانن کي پلئه پونديون آهن. جن مان سائين سرور سيف به هڪ آهي.
هڪ ڪهاڻيڪار طور تي پروفيسر سرور سيف جي ڪهاڻيءَ واري سفر کي ٻن دورن ۾ورهائي ٿو سگهجي پهريون ستر واري شروعاتي دور کان اوڻويهه سو پنجاسي تائين جنهن دوران ئي هن جو پهرين ڪهاڻي ڪتاب “ کير جهڙي ڪاري” جي ٽائٽل سان سن 1983ع ۾ جڏهن ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو، هن جي ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ کي اڃان به وڌ غير معمولي طور تي سڃاڻپ ۽ مڃتا ملي. انهيءَ ۾ مجموعي طور تي ست عدد ڪهاڻيون شامل هيون جيڪي پنهنجي گهڙت، ٻوليءَ،منظر ڪشيءَ ۽ موضوعن جي نواڻ سبب ادب ۽ جتي هوا جي تازي جهوٽي جيان اڄ تائين احساس ڏيارن ٿيون اتي سنڌي ادب جون به نمائنده ڪهاڻيون سڏجن ٿيون.
سائين سرور سيف جي ڪهاڻين جو ٻيو دور سن 1985ع کان سن 2000ع تائين ڳڻائي سگهجي ٿو بلڪل ائين جيئن ڊاڪٽر اياز قادري ۽ بادل جمالي ٻن دورن ۾ سنڌي ادب کي جاندار ۽ شاندار ڪهاڻيون ڏنيون آهن، ائين سرور سيف صاحب به پنهنجي ٻئي دور ۾ بهترين ڪهاڻيون تخليق ڪيون آهن. هن جي ٻنهي دورن واريون ڪهاڻيون هاڻي ساڳي پهرين ڪهاڻي ڪتاب “ کير جهڙي ڪاري” جي اشاعت ادب ۾ جتي مڃتا ماڻيندو اتي ادب جي عام قاريءَ سان گڏ نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ۽ ايندڙ دور جو ليکڪ به سرور سيف جي ڪهاڻين سندس ڏات ۽ ڏانءُ کان آگاهي حاصل ڪندو. وقت ۽ حالتن جي ور چڙهي ويل هن جي ڪهاڻيڪار واري بنيادي حيٿيت ۽ سڃاڻپ کي مڃتا ملندي . ان ڪري جو ادب ۾ محض خانه پوري ڪندڙ ۽ ڪاپي ڪٽ پيسٽ محققن سرور سيف سميت ڪيترن ئي بنيادي ڪهاڻيڪارن کي ڪهاڻي جي تاريخ ۾ ڪنڊائتو ڪندي جيڪو نا انصافي وارو رويو اختيارڪيوآهي هاڻي انهيءَ جو به ازالو ٿيڻ گهرجي.
آءٌ پروفيسر سرور سيف کي سندس گڏيل ڪهاڻي ڪتاب “کير جهڙي ڪاري” جي اشاعت تي مبارڪباد پيش ڪندي پاڻ لئه به اهو اعزاز ٿو سمجهان ته ڪتاب جي ٽائٽل ڪلاسڪ ڪهاڻي “کير جهڙي ڪاري” جو اردو ۾ سن 2006ع ۾ ترجمي ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري چڪو آهيان. اميد رکجي ٿي ته هي ڪتاب هڪ ڀيرو وري سنڌي ادب ۽ ڪهاڻي کيتر ۾ غير معمولي طور تي مڃتا ماڻيندو.
جهانگير عباسي
لاڙڪاڻو