ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

ڪارو ماڻهو ڳاڙهو درياءُ

نيري آڪاس تي ڀورن ناسي بادلن جي اڏام گُگهه اوندهه، اماس جي اوڻٽيهين ڪرن جي اوٽ مان ڪڏهن ڪڏهن ليئاپائيندڙ جهرمر جهر مر تارا تاريڪيءَ جو مڪمل راڄ احمدو هٿ ۾ اچي ڪهاڙي، اجرڪ جي ٻٽ ٻڌل خيالن جي بحر ۾ غرق، درياءَ شاهه جو ڪنارو ڏيندي پئي آيو. درياءَ جي ڪنڌي تي گهاٽن وڻن جون قطارون ،باهڻ،لئي ۽ ٻٻر جا ڊگها وڻ ڪانهن ۽ سرن جا گهاٽا ٻوڙا،رکي رکي ايندڙ نانگن جون ڦوڪون، جيتن جون ٻوليون پکين جي چر مر ۽ سيٽيون ڏکڻ جي تيز هوا سان پنن جي کڙڪڻ جو ڀوائتو شور، ڪڏهن ساڪڙ ۽ ڪنگو جي مڌر خوشبوءِ ۽ ڪڏهن ڪنهن مئل گدڙ يا لومڙ جي ڍونڍ جي هانو ساڙيندڙ ڌپ، سنڌوءَ جون مست ڇوليون مڇين جي ٽپڪن جو دلفريب منظر، احمدو ان سڄي سونهن اسونهن ڄاڻڻ ۽ اڄاڻڻ جي پرواهه ڪرڻ بغير اڳتي اڳتي هلندو پيو وڃي. پنهنجي سوچ ۾ گم، ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ لڙي پئي آيس ۽ ڪڏهن چپن تي مرڪ تري پئي آيس. اڄ پورن ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو. جتي سندس انڌي ماءُ هئي، پوڙهي جهور جوڻس هئي آستي پٽ هو گلو. انهن سڀني کان وڌ ڳوٺ ۾ اداس ياد هئس. ان ڪومل ۽ نرمل هستيءَ جي جنهن سندس پيار ۾ سر جي ڀيٽا ڏني هئي. خيران هن ٿڌو ساهه ڀريو۽ درياءَ اندر مڇين کي ٽٻڪندو ڏٺائين. کيس محسوس ٿيو ته درياءَ ڳاڙهو ٿي ويو آهي ۽ مڇيون خيران جهڙين گگدام نياڻين نارين جون سِريون آهن جي نينهنجي نازڪ وڻج واپار جي تهمت ۾ ڪنڌ کان ڪپيون ويون آهن ۽ درياءَ جي حوالي ڪيون ويون آهن. پيقار جي پاپ ۾ ،جي پاڻيءَ ۾ گهڙي هيٺ ته گهڙي مٿي پيون ٿين. رتاڻا نيڻ کڻي پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاءِ اکيون پانارا بڻجي ويس. گوندر جومينهن ٽهه ٽهه ڪري پئي زمين تي ڪريس. سانوڻ رت سمان ذهن ۾ خيران جو دردناڪ تصور اڀري آيس. ڪيئن نه خيران کي درياءَ ڀڪ آندو ويو هوندو. ٻوٿ ٻڌي ڪيڏا نه خيال آيا هوندا خيران کي موت اکين اڳيان ڏسي سندس هرڻيءَ جهڙين اکين ۾ موت جو پاڇولو پسي نيڻن جي سڄي سونهن رک ٿي وئي هونديس ۽ ان ويلا ڪهڙي حالت هوندي سندس هن جي ته چوٽي ڪپي وات ۾ ڏني وئي هونديس ۽ ڪهاڙيءَسان سير ڏني هونديس. علڻ وار ڪيا هوندس. ڀاڻس خميسي ڪيڏا نه هٿ پير هنيا هوندا هن پنهنجي ساهه بچائڻ لاءِ جڏهن ٻڪريءَ کي سير ڏبي آهي ته ڪيترو نه ڦٿڪندي آهي. ساهه ڏيڻ وقت هيءَ ته ماڻهءَ جو ٻچڙو هئي. رت ڦوهارو بڻجي سڄي جسم کي رڱي ڇڏيو هوندس ۽ هٿن تي لال لهو جي ميندي لڳي وئي هونديس ۽ لاش بنا ڪفن جنازي جي درياءَ جي حوالي ڪيو ويو هوندو.ڄڻ خيران ڪو حرام ٿي ويل ڍورهجي. جنهن کي مالڪن کل لاهي اڇلائي ڇڏيو هجي. سندس لاش الائي درياءَ جي بلائن جو کاڄ ٿي ويو.الائي ڪٿي ڪنهن پار اڇلايو ويو هوندو. درياءَ جي لهرين هن ندوريءَ جو مڙهه احمدي جا هٿ پير ٺري ويا. لڳس ڄڻ ساهه نڪرندو هجيس ۽ ڪهاڙيءَ جي ڳڳن تي مٿو ٽيڪي ويهي رهيو. سندس اکين آڏو خيران جي وڍيل چچريل سري اچي وئي. رت ۾ وهنتل چهرو ڪارا ڪجلا نيڻ گهرا گلابي اڌ کليل چپ، ڄڻ ڪو سنيهو ڪو ڏوراپو احمدو کي ڏيندي هجي ته جاني مان ته مئي به تنهنجي ۽ پوءِ ذهن جي پردي تي ڦرڻ لڳس خيران سان گڏ گهاريل پيارين گهرين جي فلم سنڱ ۾ خيران سندس سڪي ڦاٽ هئي. هنن جوگهر سندس ڳوٺ کان به ٽي نمبر اورتي پنهنجي ٻنيءَ ۾ هو خيران هن کان چار پنج سال ننڍي هئي. پنهنجي ماءُ جي پيٽ گهروڙي ۽ سڪيلڌي اڪيلي ڌيءَ ننڍڙي هوندي کان ئي هن کي ڏاڍو وڻندي هئي. ڄڻ هوءَ ڪا ڳاڙهي جپاني گڏي هجي. ۽ پوءِ جيئن وئي وڏي ٿيندي تيئن وئي احمدي جي دل ۾ پيهندي جن راندين ۾ خيران نه هجي سا نه کيڏندو خيران کي ٻير ڌوڻي ڏيندو. ڪڻڪ جا سهڻا سنگ پٽي مهٽي ڦوڪي ڏيندو. چڻن جا ٽانگا پٽي ڏڌڙي ڪري کارائيندو. مٽرن جا ڪڪل سيڪي ڏيندو. ماکي لاهي ايندو ته خوشي خوشي آر خيران کي ڏيندو. ڪڏهن ساڪڙ جون جهوليون ڀري خيارن جي رئي ۾ ٻڌندو هو. خيران به جيڪا شيءِ لهندي سا احمدو کي ڏيندي ڀڳڙا، ڦلا، مٺا ترن جي بوڙينڊا، رڌل ڪوهر، پنبڻ جي مٺائي، لڪايو اچي احمدو کي ڏيندي معصوم پيار ويو وڌندو ۽ ويجهندو ۽ ائين ئي جسماني طور وڏا ٿي ويا هئا. پڻس احمدي جي موهه ۽ خيران سان پريت ڏسي خيران جي پيءُ کان سندس سڱ گهريو. سنڱ ڇا گهريائين اصل ککر ۾ کڙو لڳي ويو. خيران جي چاچي ۽ سوٽن کي جنسي باهه لڳي وئي. همراهه اصل هٿن مان پئي ويا.“ ڪڪير ٿوخيري جو سنڱ گهري.....” ذري گهٽ فساد برپا ٿي ويو ۽ خميسو جيڪو پنهنجي سوٽ پرڻيل هو چاچي جي ميچ تي منگهو کڻي آيو. “ جهلي ڇڏيو پنهنجي احمدو کي ٻيهر کوهه تي آيو ته ٻوٽيون ڪتن کي کارائيندو سانس.” ائين احمدو ۽ خيران جي وچ ۾ وڇوڙي جو پهريون ورهه پيو ۽ او سڄو ڏينهن پاڻ رنو هو وڪ کان لڪي ٻه ڏينهن سارا ته گرهه ڳڀو به وات نه آندائين پر ان ريءَ ڪيئن سري، انسان بک اڳيان بيوس آهي ۽ وقت ويو ورندو. ستت ئي خيران جي شادي ٿي سندس سوٽ علڻ سان علڻ جهڙو ڪارو ٽنڊڻ ناسون ڦاٽل نڪ بينو ٽويو، ڪارڙي منهن تي ماتا جا ڪارا گهرا چگهه سڄو چهرو ڄڻ ماکيءَ جو مانارو ڀوائتو لڙڪندڙ شهپر ۽ داڦوڙا پير ۽ مائٽن احمدو جي به شادي ڪرائي ڇڏي. آستيءَ سان ماسات مٺي ذات، جاڙيون ڀروون، نشيلا نيڻ، ننڍڙا هٿ پير چَتون جي نڪ نڪ چپ چڻ گلاب جون پنکڙيون پر دل جي لڳي آ نه آستيءَ جي سونهن ۽ صحبت خيران جي کوٽ نه ڀري سگهي.
جسماني طور شادي نه ٿي سگهي ته ڇا ٿيو ڪنهن ملان مولوي نڪاح جا ٻه ٻول نه پڙهايا ته ڇا ٿيو جي تن نه ڳنڍيا ته پا ٿيو من ته ڳنڍيا هئن حضرت عشق جي قاضيءَ هٿان ۽ ائين لڪي ڇپي ملندا رهيا. راتين جو اونداهيءَ جو سهارو وٺندي گگهه اوندهه ۾ جڏهن پريت جي پياس ٻجهائڻ لاءِ وهندا هيا لڳندو هجين ته ڄڻ مٿان نور جي ڇٺ ٿيندي هجين. رهاڻيون ڪندي الائي ڪيترا پل لنگهي ويندا هئن. بنا ڪنهن ڪل جي ۽ پوءِ اوچتي الڪي سان تهمتان ڪو جاڳي نه پوي. خيران ننڊاکئان نيڻ کڻي پير جي هلڪڙي کڙڪي ڪرڻ سواءِ سنڀالي وکان کڻندي ڊيل سمان موٽندي هئي ۽ پاڻ سدائين ڏسندو رهندو هو گهڻي دير تائين پوٺي ڏي ويندڙ پيچري کي جو وصال جو به آ، ته وڇوڙي جو به پوءِ پاڻ به هلندو هو پنهنجي ڪکن ڏي جهونگاريندو گيت گلابي محبت سان سرشار خوشي ۽ غم گاڏڙ ۽ائين وڇڙندي ملندي رهاڻيون ڪندي ۽ ڏک سور سليندي ٻه ٽي سال لنگهي ويا. سڪ جي ڇڪ وقت جي وهڪ ۾ ويئي وڌندي ۽ ائين هڪ رات ٻئي تاڙجي ويا.“ڪارو آن تنهنجي ته..............” هن پري کان ئي خميسي جي رڙ ٻڌي ۽ ڪهاڙين جا چمڪاٽ ڏٺا “ڀڄ جاني” خيران ڏڪندي ڀڻڪيو هو “ نه نه توکي ڪيئن” نه نه ” قسم اٿئي منهنجو سر بچاءِ پنهنجو” ۽ ائين خيران هڪ پاسي لوهه پاتي هئي. احمدو پوءِ پاڻ بچائيندو پنهنجي تبر سان خميسي جا ڌڪ گسائيندو ڀڄي نڪتو هو ۽ وري ڳوٺ ڏي منهن نه ڪيو هئائين ڀريا ٽي سال لنگي ويا هئس،پنهنجي خيران. آستي،امڙ، گلوءَ کان وڇڙي هت هُت لڪندي.
خبر پئي هيس ت خميسي وارن انهيءَ رات ئي خيران کي درياءَ داخل ڪيو هو ۽ هنن ڪنهن به فيصلي ڦرڙي کان ناڪار ڪئي هئي. خميسي ۽ علڻ ڪيتريون ئي ميڙون موٽائي ڇڏيون هيون سندن چوڻ هو ته هو ڪارو ماريندا، ٻيو ڪوبه عيوضو نه وٺندا. ائين احمدو جيڪو لاشڪ راڄ جي روايتن موجب ڪارو هو سو هِت هُت پانهه وٺندو جيئندان گهرندو پاڻ لڪائيندو روئندو هڄندو من اندر جلندو تن اندر پچندو رهيو هو. سڄي سڄي رات ساروڻيون ساريندي گذرنديون هيس ۽ ڏينهن وهمن ۽ ويچارن ڪندي. هر ساعت نانگجو ڏنگ، هر ويلا سڪرات ويلا ۽ هر پهر زهر سمان پيو ڀاسندو هوس. پاڻ هڏڪاٺ واري ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو. اکيون جهڙيون کڏون، ڄاڙين چگهه ڏند نڪري آيا هئس. ٽن سالن ۾ سڄي جواني ڌوپجي وئي هيس ۽ صفا اڇو ٿي ويو هو، جيل ۾ قابو قيدين جيان هتا هُتان ڳوٺ جون خبرون چارون پڇندو هو. جيجل ماءُ جيڪا هڪ رات به ٻاهر وڃڻ نه سهندي هيس. سا روئي روئي اکين جو نور وڃائي چڪي هئي. پڻس راڄ ۽ ڀاڻيجن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهيو هو. سدائين ماٺ، مٿي آسمان ۾ پيو گهوريندو هو، پڦيس ته انهيءَ سال ئي وڃي خيران کي پهتي هئي. احمدو جا سوٽ پنهنجي ليکي چڱن مٺن کي گڏ ڪندا رهيا فيصلي ڪارڻ هڪ کان ٽي سڱ ڀري ڏيڻ لاءِ، هر ڏوهه چٽي ڀرڻ لاءِ هاضر پر خميسو پڙ ڪڍي بيٺو هو. چئي “ نڪ احمدو جي رت سان ڌوئبو” ۽ علڻ پنهنجي ڊگهين مڇن کي وات ۾ چٻاڙيندي امالڪ چي اٿندو هو. “عيوضي ڏيڻ وٺڻ واري جي ته........... ائين وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ احمدو سسڪندو رهيو هو.هڪ پاسي خيران جي دردناڪ موت جو غم ۽ ٻئي پاسي جيجل جي جهوري ٻچڙن و اونو آستيءَ جو ويچار ۽ پيءُ جو جهرين ڀريل اداس چهرو، روز ڦٿڪندو ۽ ڪڪسندو رهندوهو ويچارن جي ڪاتن سان. ڪاش پاڻ به ا ڏينهن ڪهاڙين جو بک ٿئي ها خيري جيان ته سندس رت به ملي وڃي ها خيران جي پوتر رت سان، ته ڦٽن ها پريت جا ڳاڙها گلاب............”.
سامهون ڌامون ٻيلوهوس، ٻيلي کان ڪوهه پنڌ تي سندس ڳوٺ هو. درياءَ مان ٻه ٻڪ پانيءَ جا پيتائين ۽ انهيءَ سمي اوڪ ڪري الٽي ڪيائين. سمورو پاڻي ٻاهر نڪري آيس لڳس ته درياءَمان پاڻي نه ڄڻ خيران جهڙين نماڻين وينگسين جو رت پيتو هجائين. جيڪي هٿ ٺوڪي غيرت جي آڙ ۾ بي غيرت ڀائرن درياءَ داخل ڪيون آهن هن کي ياد آيو ته هن جي ئي سانڀر ۾ هن جي ڳوٺ جون چار ندوريون درياءَ ڪنڌي آڻي ڪنه ڪپي درياءَ ۾ اڇلايون ويون هيون. انهن جون ڊنل هراسيل ۽ هيسيل اکيون پاڻ به ڏٺيون هئائين. الا ڪيڏو نه درد هو. ڪيڏي نه التجا هئي ڪيڏو نه خوف هو. انهن اکين ۾ پر ڪنهن به ڪٺور کين جيئندان نه ڏنوهو. هون ڀيڻسان نڪ ڌوئڻ وارا ڪير ڪارو ناهي هتي ڪير ڪاري ناهي هتي. جڏهن ماڻهو پاڻ ئي ڪارو هجي ته ٻئي کي ڪهڙو ڏوهه! هو ڪهاڙيءَ جي ڳن جي ٽيڪ تي اٿي بيٺو. درياءَ ۾ چتائي گهورڻ لڳو ڄڻ اجهو خيران درياءَ ما رت ٻڌل چهرو ڪڍي سواگت ڪندي ۽ ڪا ساعت ائين ئي بيٺورهيو. پنڊ پاهڻ ٿيو. پري گدڙن جا اوناڙ لومڙين جا آواز پئي آيا. جيڪس هن جي بيوسيءَ تي ماتم ڪري رهيا هجن. هن درياءَ جي ڪنٺار کي ڇڏيو اڳتي چريو آهستي آهستي مئل ساهه سان ٻيلي جي وچ مان نڪرندڙ پهو ڏيئي هلڻ لڳو.پهي سان چهچ چها اڀري آيا هئا لنون ۽ لاڻن جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ سان ساڪڙ، جي سڳنڌ ۽ مکن جي ڀڻ ڀڻ هن جي ذهن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. ڌامون ٻيلي ۾ ڪيڏو سارو جيون گهاريو هئائين. ڪلهي ۾ ڇانگ جي ننڍڙي ڪهاڙي هٿ ۾دکندڙ پليتو. ڌو ٻيلي ۾، راکن کان اک بچائيندو مختلف چوڪڙين ۾ ماکيون لاهيندو وتندو هو. يا وري ٻٻرن جون لامون ڪپي،“ آ ڪو آ، ڪو” ٻڪرين کي سڏيندو يارن دوستن کي سينڍان ڏيندو پيو ٻيلي ۾ ڦرندو هو ۽ سانجهيءَ ويل ڌڻ ڌڻ مان دز اڏائيندو ماکيءَ جي چونئري ڀريو گهر ڏي ورندو هو. گهر پهچڻ شرط ٻڪريون واڙ ۾ واڙي اڪ جا ڇوڏا نم جون ڪاٺيون اچو ته ٻار راند رچايون” جا نعرا هڻندو ۽ پوءِ هر گهر مان ٻار ڇوڪر، ڇوڪريون ننڍڙا وڏڙا نعرا هڻندا ڀڄندا ايندا هئا مٽي اڏائيندا ، واري اڇلائيندا، وڏي گهاٽي بڙ واري ميدان ۾، ۽ انهيءَ ٻيلي ۾ ٻڪرين سان گهمندي چنگ ۽ بوڙينڊي مان طرح طرح جا سر ڪڍندو هو. الا پاڻ ڪيڏو نه چنگ وڄائڻ جو شوقين هو ۽ بوڙينڊو ياد آيس. ڪيڏي نه چاهه مان خيران چيڪي مٽيءَ مان هڪ بوڙينڊو ڏنو هيس. جيسيتائين اهو بوڙينڊو ڀڄي ڀري نه پيوهيس چپن تان نه لاٿو هئائين ڪيڏو نه واس هو خوشبوءِ جو ان ڪيڏي نه مٺي لڳندي هيس مٽي بوڙينڊي جي محبوب ماڻهو هٿان محبوب ڌرتي جي مٽي.
هاڻي باقي هڪ چوڪڙي پار ڪرڻي هيس. اڄ هو وچن ڪري نڪتو هو ته پنهنجي ڳوٺ پنهنجي وستي ضرور ايندو پنهنجي جيجل ماءُ جي هنج ۾ منهن لڪائي ڍاڍيون ڪري روئندو. من جو ميرو پاڻي ڪڍي هانو کي هلڪو ڪندو. پنهنجي آستيءَ سان ملندو. پنهنجي گلوءَ سان ملندو. جنهن کان ته هن جو مهانڊو به وسري ويو هوندو هن جون نياڻيون سڏڪي پونديون هن کي ڏسي ڪيترو ته لوڙيو هو هن جي آڪهه هن ڪارڻ.............
وري من کي خوف ورائي ويس خميسي وارن ڏٺو ته ٻوٽي ٻوٽي ٿي ويندو قاسو وانگيان جيڪو هن جيان ڪارو ڪري ڪٺو هو. جانو وارن پنج ست آرهڙ اڳ ڦري ويس پنهنجي ئي گوشت جا لوٿڙا وڍيل سري ٻوٽيون عضوا، اکيون ٻوٽي نرڙ کي هٿ سان مهٽائين “متان ڀاڙيا! چئيي خوف کان جان ڇڏايائين” ڀل ڪن ٻوٽيون ٻوتيون پوءِ به وڃي خيران سا ملبو نه ڳوٺ وڃبو ضرور وڃبو هن جيئن کان موت ڀلومان وڌيڪ ترسي سگهان. تبر مون کي به آهي ۽ احمدو ٻيلي پار ڪري ڳوٺ ڏي ويندڙ ڳهڻ ورتي جتي سامهون سندس اباڻا ڪک هئا جيجل امڙ هئي آسائتي آستي هئي ٻلڪندڙ گلو هيو سڏڪندڙ نياڻيون هيون. خيران جي ياد هئي ڦهليل آواز هو. حسن جو هڳاءُ هو. خميسي ۽ علڻ جي روپ ۾ موت جو ڪارو ديو هو.