ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

سندر سپنا ڀورا ڀورا

صفدر جڏهن سلميٰ کي ڏٺو ته سندس من مندر جي مکڙي جو هو پن کلي پيو هن سلميٰ سان رتيءَ پر رهاڻ مان پئي سمجهيو ته ڪيتري نه گڻائتي اهي کيس نينهن سان نهاريندي صفدر جي اکين کيس سندر نياپو ڏنو ماٺيڻا نيڻ...... سونهن پري مرڪ صفدر کي سنديش جي موٽ ملي ته ڇائنجي ويو نرمل نازڪ ناري گلابي گل مٺڙي مرڪ سلميٰ هن جي جيون جو سپنو ٿي پئي هن عهد ڪيو ته سلميٰ کي حاصل ڪري ئي رهندو سندس جيون ساٿي سلميٰ رهندي نينهن ڀريل نيڻن سان سلميٰ کان ساڳي موٽ ملي ته هن ڪوشش تيز ڪري ڇڏي سندس محنت واري محبت آخر رنگ لاتو. سلميٰ جي پيءُ صفدر جي پيءُ سان هاڪر ڪئي هئي. ٻنهي دلين ۾ من اڇل شروع ٿي وئي ٻنهي هڪ ٻئي کي اکين ئي اکين واڌايون ڏنيون پيار شدت آئي هاڻي شب وصل جو اوسيئڙو هو صفدر پنهنجي من مندر ۾ پنهنجي پيار جي ديوي جي پوڄا ڪندو رهيو من ئي من ۾گهر ٺاهيو ۽ صفدر خوشين جي اٿاهه ساگر ۾ ٽپندو ۽ ڪڏندو رهيو وقت جي اٿل پٿل کان بي خبر صرف هڪ ئي سوچ ۾ مگن هو، اها سوچ سلميٰ هئي. سلميٰ لڪ لڪوٽي ۾ پريت ڀرا پيغام ڏيندي هئي نينهن نياپي سان صفدر گل وانگر ٽڙي پکڙي پوندو هو. جهومي جهومي ٻڌائيندو هو ته پنهنجي منزل کي پاتو آهي. هن دلبر کي حاصل ڪيو آهي سندس لبن تي سدائين مرڪ ڇانيل هوندي هئي زبان تي گيت هئا اوسيئڙي جا سڄڻ جي سونهن جا سڪ جا ملڻ جا زبان محبت ۽ ميٺاج ڀري ٿي پيس هو خلوص ۽ محبت وارو ٿه اڳي ئي هو ويتر محبت جي مانڊاڻ ۾ پچي نڪتو آخرڪار هنن جي هر کي پوري ٿي ۽ شب وصال آيو ان وچ ۾ صفدر هر سور سٺو پنهنجن جا ويڻ ۽ پراين جا زخم پر هن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي سلميٰ به پيار جي ڀرپور موٽ ڏني ٻه دليون مليون ۽ جهومي جهومي مليون هڪ ڏينهن سهرس سلميٰ کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو صفدر سلميٰ کي اجازت ڏني هڪ هفتي لاءِ سلميٰ رنو هن هنجون هاريون سڏڪي سڏڪي صفدر کان موڪلايو پهاڙ جيڏو هفتو اچي پورو ٿيو صفدر وياڪل وياڪل من سان سهراڻي پهرو صفدر ۽ سلميٰ هڪ ٻئي کي چنبڙي ويا زماني کان بي نياز ٻه دليون پريت ڪرڻ ۾ محو ڏوراپا هفتو ڪيئن گذريو نه ماندائپ لوري جيءُ جهوراڻو سلميٰ کي وٺي وڃڻ تي وڏو شور ٿيو سهرس سلميٰ کي موڪل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ڏکائتو صفدر من مونجهائپ ۾ پئجي ويو “ توکي هتي رهڻوپوندو” سهرس جي آواز اندر وڍي ڇڏيس “ مان هتي رهان کيس پوڙها پيءُ ماءُ ننڍڙا ڀائر۽ ڀينرون ياد اچي ويون هنن جي ڪير ڪندو وچن جي زنجير ۾جڪڙيل صفدر سوچيندو رهيو کيس سلميٰ ياد آئي اعتماد پيار ۾ اعتماد هن سلميٰ ڏانهن مڙي ڏٺو “ مان هتي رهنديس” هن جو فيصلو هو جتي اکين جي ساگر ۾ لهرون لهنديون چڙهنديونظر آيون “ مان هتي رهندي توکي به هتي رهڻو پوندو جيئن بابو چئي ٿوتيئن ڪر ” ڪاڪ محل ڪري پيو صفدر جي من جي پيڙا وڌندي وئي سندس پيار سامهون بيٺو اجنبي نگاهن سان نهاري رهيو هو.