ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

ماريل ڌيءَ

ماڻس شانل جي سڪيلڌي ڌيءَ هئي پيرن کان پني ورتل شانل کي پرڻي ست سال ٿي ويا هئس پر ڪک سائي نه ٿي هئس دوا درمل سٿي ڦڪي ڳوٺاڻين ماين جا ڏس پتا سنوڻ ساٺ سڀ حيلا هلايا هئائين پر ڀاڳ نه ڀڙايو هوس، ملڻ موراڻن پيرن فقيرن ڏي پنڌ مُلي عيسيٰ کان ڪيئي ڪتاب پٽرايو هئائين جنهن ۾ آيوهوس ته ڪنهن بندش ڪئي آهي ڪير ڪندو تعويذ ڪارڻ ماڻس گلان ۽ سسڻس جادل به پنهنجي ليکي هٿ پير هڻنديون رهيون هيون پر سڀ ڪجهه بيسود هاڻي ته سس نڻانن ۾ سس پس شروع تي وئي هيس مڙسنس تي زور بار شروع ٿي ويو هو ٻي شادي لاءِ مڙسينس جون سوٽيون ماساتيون ماروٽيون پڦاٽيون ويٺيون هيون کيس چيو ويو ته جنهن لاءِ چئي ته سنڱ ڇڪيون پر علي محمد ناڪار ڪندو ۽ صبرلاءِچوندو رهيو توڪلي هو لکيو پڙهيو هو پنهنجي ڳوٺ ۾ استاد هو سندس روز جو معمول هو ته صبح سان نماز پڙهي قرآن جي تلاوت ڪري لطيف سائين جا لئي سان وڏي آواز بيت پڙهندو هو. سندس تلاوت ۽ لطيفي لات ويڙهي وارن کي موهي وجهندي هئي “ سڀ ئي سبحان جيڪر حوالي ڪم” ڄڻ سندس تڪيه ڪلام هو شانل سان پيار جو پرڻو هوس شانل پاڻ به اٺ درجا پاس هئي هوءَ ٻي ذات جي هئي جي ٻين ۾ سنڱ ڏيڻ عيب نه سمجهندا هئا شانل جي خوشي ۾ خوش ٿي علي محمد سان مٽي ڪئي هئائون جڏهن ته علي محمد جو قبيلو ڏکيو هو . هو سنڱ بند صرف پنهنجي پاڙي ۾ ڪندا هئا.. هنن وٽ ٻه ٻه ٽي ٽي زالون پرڻجڻ عام هو. ڪيترن گهرن ۾ ته سالن جون سامايل دهه بالغ ڇوڪريون ويٺل هيون علي محمد جيڪو گهٽ ڳالهائو هو مائٽن جي طعنن طنڪن ڱي ليکيندو ئي نه هو شانل ۾ سندس ساهه هو جا هئي به مورڻي ڪونج خانل کي مرجهايل ڏسي پاڻ به ڪومائجي ويندو هو. شانل کيس چوندي رهندي هئي ته وڏي شهر هلي ڪنهن وڏي ڊاڪٽرياڻي کان دوا وٺجي جي پوءِ به پيٽ نه ٿئي ته ڀلٻي شادي ڪري پهاج مکڻ جي به گهوري پر گهر ۾ تا ٻاتن ٻولن جي رونق ٿيندي نيٺ شهر ويا ٻنهي جون ٽيسٽون ٿيون ته شانل جون ٽيسٽون صحيح آيون پر علي محمد جا تخمي جيوڙا ڪمزور آيا جي علاج سان ٺيڪ ٿيندا علي محمد پنهنجي دوا ڪرائي ته شانل ڳڀجي وئي پيڪن ۽ سهرن ۾ سرهائي آئي سسڻس مٺائي ورهائي ۽ لاڏ کڻڻ شروع ڪيا. سانوڻ رت ۾ جڏهن اڀ آگميو چوڏس ملهاري ٿي ته هنن کي سنجها ڄائي سند گهر ۾ خوشين جو خزانو کليو ۽ گهر ۾ ٽهڪ ئي ٽهڪ ٻرڻ لڳا. سنجها سڀني جي دادلي سڀني جي موهه علي محمد جيڪو گهٽ ڳالهائو مشهور هو. سنس وات کليو سڄو ڏينهن پيو سنجها سان ڳالهائندو سندس ٻاتا مٺا ٻول ٻڌندو هو هن جنهن ڪڏهن به شانل ڇڙٻ نه ڏني هئي سنجها ڪري پيو جهڻڪندو هو سنجها جو هر انگل پورو ٿيندو هو ڏاڏو ڏاڏي پڦيون سڀ گهور گهور ڌيءَ جي ذات ڊاڀوڙي وڻ جيئن وڌي سنجها به ٻاروتڻ مان جواني ڏي پير ڌريو اسڪول کان ڪاليج پهتي ڳوٺ کان شهر جو سفر نئين زندگي آاد هوا وڻ وڻ جون ڪاٺيون جيون ڪينجهر جون لهرون جيئن پوءِ تيئن ڦلار نکار ڪڻڪ رنگ گلاب رنگ ٿي پيو شانل ۽ علي محمد جي قبيلي جي پهرين ڇوڪري هئي جاشهر پڙهڻ وئي هئي سا به اڪيلي ڇوڪرن سان گڏ ان ڪري خوف ۾ رهندا هئا. جو مائٽ وتيا پئي ڪاوڙ ڪندا ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا. ڊپ هُين ته متان ڪو ممڻ نه مچائين هوڏانهن شهر ۾ سنجها هوا ۾ پئي اڏامي. آزاد هوا ڇا ٿيندي آ پروز بنان پر ڪيئن هوندا جي تعبير مست شوخ چلولي سرتين سهيلين ڀريا سهڻا سفيد گل مٿان ڀونرن جا ڦيرا ۽ انهن ڀئنورن ۾ هڪ سارنگ به هو. هو جنهن جي نگاهه جو مرڪز سنجها چنڊ ۽ سارنگ چڪور سنجها ڀنڀوريجيئن پئي ڀڻندي هئي اندر ۾ اڇل ۽ اڌما اٿڻ لڳس پر بيحد محتاط رهي ڪاليج جي هڪ ٽرپ لڳي ويجهي شهر سفاري پارڪ سارنگ ۽ هي ٽلندا گلن سان جهنجهيل ڪچنار جي ننڍي وڻ هيٺان پيل بينچ تي اچي ويٺا مڄاڻ ته اتي جو هڪ مالهي سنجها جي ڳوٺ بلڪ هنن جي ويڙهي ۾ ايندڙ ويندڙ هن کي سڃاڻيندڙ هو هنن کي هيئن گڏ ڏسي کامي پچي ويو ککر کي کڙو هڻندي علي محمد جي سوٽن کي ٻڌايائين بس ڀنڀور کي باهه لڳي ويئي علي محمد ۽ شانل جون هيٺيون مٿيون مٿي ٿي ويون.متيون منجهي وين سنجها کي گهر وٺي آيا ڳوٺ ڳالهين جو ڳڙ بڻجي ويو چوپچو چئن ئي پاسي چنبا کوڙيا ڪني ماني شانل وارن کي ياد ئي نه رهي سنجها جهڙي گونگي آزادي مان قيد قيدياڻي ٿي پئي اکيون تالاب پنبڻيون پانارا بنجي ويس اوچتو مڙسالن جو ڊنب هوائي فائر ڪندو سندس گهر ڪاهي پيو پڻس جي سوٽ اچي چوٽي کان ورتس کنڀي کيانونس علي محمد چنبڙين ته ڪا ڌڪ هڻي ڌڪو ڏنائونس وڃي ڀت سان لڳو مٿي ۾ سر جي ڪنڊ ڦاڙ ڪيس رت ڳاڙيندو ڪري پيو شانل مٽي ۽ ڪيري منهن کي ملي ٻهار جا ٻڪ ٻري مٿي ۾ وڌائين چرين وانگر رڙندي مڙس کي چنبڙي ڍاڍ منهنجي سنجها منهنجي مارلڌيءَ.....!