سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ شاعر سرور سيف جي ڪھاڻين جو مجموعو ”کير جھڙي ڪاري“ اوھان اڳيان پيش آھي. انور پيرزادو لکي ٿو:
سرور سيف سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم سنڌي عورت جون آهون ۽ دانھون آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1983ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو وڌايل ۽ سنواريل سوغات پبليڪيشن پنوعاقل پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سرور سيف جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com