هيڏا هاڃا
تنهنجو اسان جي خوش يا ناخوش هجڻ سان ڪهڙو واسطو نواب صاحب... تون ويٺو شهرن ۾ موجون ڪر ۽ شهري يارن سان ڊاڙون پڄاءِ.”
“پر پيارا ايتري ناراضگي ڇو؟ شهر ٿو رهان ته سو به ڪم سان ظاهر آهي مان به ماڻهو آهيان انڪري دوست بڻائڻا ئي آهن، پر مان ڪو توجهڙن يارن کي وساريو آهي ڇا..........”
“نه ادا تون اسان کي وساريو آهي....15.....16 مهيني اچي منهن ڏيکاريو پيو وڃين. اهو ڪو وڏو عرصو آهي ڇا؟” “...” “بابا مون هٿ ٻڌي معافي ورتي.. ڪاوڙ ڇڏيو اڳتي هر مهيني پيو اچبو هاڻي ٻڌايو ڪو حال احوال ڳوٺ مان وڏي تبديلي پيو ڏسان........ ماشاءَ الله چڱي ترقي ٿي آهي..” ادا زاهد ڳوٺ ۾ واقعي وڏيون تبديليون ٿيون آهن“ پهريون پاڻي پيءُ هلڪو ٿيءُ ته پوءِ ٿا حال احوال ڏيون.”
ڪافي عرصي بعد ڳوٺ آيو آهيان. گهر ۾ ڪي گهڙيون گهاري نوري جي اوطاق تي آيس. سڄي ڳوٺ ۾ منهنجي اچڻ جي خبر پئجي ويئي هئي.ان ڪري ننڍپڻ جا سڀ ساٿي خاوند، عرضو، نهال، نبو، راضن شاهه ۽ ڪرمون نوري وٽ اڳ ۾ ئي اچي سهڙيا هئا.... کين پڪ هئي ته زاهد گهران ٿي ضرور نوري جي اوطاق تي ايندو جيڪا بيٺڪ به هئي ته اوتارو به هئي ته هوٽل به... اڇا اجرا ڪڻڪ جي سهڻن سنگن جهڙا ساٿي پريت جي پيالن سان پر پهتس سڀني وٺي ڀاڪرن ۾ کنيو ملي جلي ماٺ ڪري ويهي رهيا. ڪوبه نه پيو ڳالهائي....... اهو هنن جي احتجاج جو طريقو هو وقت رڙهندو رهيو. همراهه جهڙي ڀت ڄڻ ڪک سنگهي ويو هجين. سانوڻ جي ڪڪرن جيان گجگوڙ ڪندڙ شينهن جهڙا مڙس خاموش نگاهن سان ڇڙو پيا نهارين. آخر ماٺار کي پاڻ ئي ٽوڙڻو پيو پوءِ ککر هڻڻ جي دير هئي همراهه قنڌاري ڏينڀن جيان اٿي پيا. “ تون ايترو نواب ٿي ويو آهين جو ڳوٺ وارن غريب دوستن تي تنهنجي نظر ئي ڪانه ٿي پوي. ٻانهون ٻڌي بخشايومان.... همراهن چيو پهريان تون احوال ڏي.... شهر جا..... تنهنجي تحريڪ ۽ ادبي سنگت ڪيئن پئي هلي. ... کين سارا حال احوال ڏنم تنظيم، ادبي سنگت فنڪشن ماڻهن ۾ سجاڳي ملڪ جي سياسي صورتحال انقلابين جا ڪارناما، آفريڪا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون،السلوڊور ۾ آمريڪا جا ظلم، لبنان ۾ رتوڇاڻ فلسطينين جو ڪوس، ايران ۾ خميني جي سوڀ افغانستان ڀارت ۾ خانه جنگي، ڪمپوڊيا جو مسئلو، نڪاراگوا ۾ سامراج جي سازش اهو دور دور ناهي جو ڪير ڪنهن جو استحصال ڪري سگهي. هاڻي مظلوم طبقا ۽ قوتون سجاڳ ٿي رهيون آهن.... هاري مزدور عورتون پنهنجن حقن ۽ قوتن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي. هينئر اهو دورپري ناهي جڏهن ڦرلٽ کان آجو امن ۽ خوشحالي جو معاشرو ٺهندو چو طرف بهاريون هونديون هي کيت هي باغ هي ڪارخانا هي مليون توهان جون هونديون. هن ملڪ جي پيڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن جون هونديون. جتي راضن شاهه کي هٿ جو پورهيو ڪري کائڻو پوندو پر پيءُ جي مريدن کان ڏن نه وٺندو.”
“پر زاهد صاحب سچ پچ ائين ٿي رهيو آهي يا صرف خيالي پلاءُ پيا پچايو؟” “بلڪل ٿئي پيوشاهه ”مون راضن کي مرڪندي رندي ڏني.
“ها زاهد” سڀني وڏي گنڀيرتا سان چيو پر پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو آهي..
اها توهان جي فتح آهي دوستو. هن آيل ڦيري ۾ توهان جي محنتن جو رنگ هوندو” “ اسان جي منهن ۾ ڌوڙ فتح ان ڀاڙي نظام جي آ جنهن اسان جا هانوَ ئي کائي ڇڏيا آهن. اوهان شهري انقلابي صرف شهر جي هوٽلن تي چانهه ڪوپن تي انقلاب پيا ڏسو پر ڪجهه ڳوٺ جو حال احوال وٺ ته خبر پويئي انقلاب جي”
ماسترنهال جي اوپري لهجي ۽ تلوار کان به تکن لفظن ڄڻ مغز تي هٿوڙا وهائي ڪڍيا. بلڪ بيهي ٽٽندڙ لفظن ۾ کانئن پڇيم “ ڇا ٿيو آ ساٿي.... ڇا ٿيو آ، ڳوٺ ۾” “ حاضر بابن ٻڌندين ته رڙيون نڪري ويندو... پهران اسان مسڪينن جي چانهه پيءُ نبو نذيران جو ڇا حال آ؟” ننڍپڻ جو پيار ياد آيو، پاسي واري ڳوٺ جي نذيران سان پريت جا پيچ ننڍي هوندي وڍ چونديندي پيا هئا ۽ ان جي يارن کي پروڙ هئي. .
“ماٺ ڪري چانهه پيءُ ته توکي سڀ احوال ڏيون ٿا نذيران جا به گلان جا به نواز جا به ته نٿو جا به”
مان چانهه پيتي ۽ پيالو واپس ڪيو مان ته نبو پڇيو “ ڪنهن جي ٽانگي تي آئين“
ڏتي جي يار ٽانگو ته ڀلو ڌاريو اٿائين همراهه ڪو پئسو هٿ ڪيو آهي گهوڙو به ڀلوڙ هوس ۽ ٽانگو به سينگاريل هوس.” زاهد صاحب اها ته ترقي آهي.” هن وراڻيو “نبو اڳ ۾ زاهد صاحب کي ڏتي جي ترقيءَ جو راز ٻڌاءِ.“ نبو کنگهڪار ڪئي.” زاهد تو اڳ ۾ عورتن جي آزاديءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، تو ڏتي جي ڌيءَ ڏٺي هئي بهاران ملوڪڙي ڇوڪري نماڻي ڳوڀ،ڏنو بي غيرت ڀاڙي اها نياڻي ماءُکان چوري ناناڻن گهمائڻ جي بهاني الائي ڪٿي وڪڻي آيو آهي. ستن هزارن ۾ اهو ٽانگو ان ڇوڪري جي رت جي قيمت اٿي ڪيئن ترقي ٿي آهي نه” نبو مون کان دانهن نڪري ويئي” ،“ هيڏو هاڃو ” ، “ترس” خانوندي چيو اچ ته توکي نذيران جو قصو ٻڌايان.
“ تنهن جي نذيران نذيران جي پيءُ ٻي شادي ڪرڻ لاءِ ڏاڏي گلو سان پرڻائي ڇڏي ۽ پاڻ ڏاڏي گلو جي ڏهن سالن جي پوٽي ايمڻان سان پرڻيو آهي. زاهد تون هجين ها ته ٻنهي نياڻين جون رڙيون ٻڌي ڦاٽي مرين ها.” “ اوءِ نذيران” دل ويٺل محسوس ٿي ڏاڏو گلو 70 سالن جو پوڙهو ڪٻو لٺ تي هلندو آهي. نذيران ان جي ڪنوار....!
۽ ٻڌ زاهد نهال چيو “ ڳوٺ واري وڏيري جي پٽ، ڏني جيڪو هنن جو راهڪ هو، ان جي ڌيءَ کي ڇڪيو،ڇوڪريءَ منهن نه ڏنس ته هن کي پوڙهي پيءُ جي سامهون زوري ڪيائين ۽ پوءِ ڏني هن گگدام کي هٿن سان ڪهي لاش مٿان رڙندو مري ويو”ڀوتار زرعي سڌارن جي اعلان سان پنهنجي ڳوٺ وارن ڪڙمين کي ڪڍي زمين سيري ڪري ڇڏي آهي.” سڀ چوندا رهيا مان ٻڌندو رهيس” اسان واري يارراضن کي پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. جو هن ڀيڻ جو حق بخشائڻ جي مخالفت ڪئي هئي.” “ڳوٺ ۾ ترقي اچي وئي آهي” عرضو آواز ڪڍيو” آمريڪا جي امداد سان ڳوٺ ۾ اسڪول لاءِ ٻه ماڙ عمارت ٺهي آهي. پر نهال ٻار وڻن هيٺان پڙهائي رهيو آهي ۽ عمارت وڏيري ڌڱاڻي خان جي اوطاق ۽ گودام آهي.” ۽ پاڻ وارو جذباتي يار ڏسين ٿو. لطو ڪچهري ۾ آهي تو ته يار ئي وساري ڇڏيا آهن، توتي ڪهڙي ميار شهري بابو، تواسان کي شعور ڏنو. تو اسان کي ظلم سان ٽڪر کائڻ سيکاريو ۽ پوءِ اسان کي واٽ تي ڇڏي وڃي شهر وسايئه اڄ اسان وٽ انقلاب آهي لطو لطو وڏيري کي وچ ڪچهريءَ ۾ للڪاريو هو ته هو هارين کي پورو پورو حق ڏئي، پوءِ انهن هارين ئي وڏيري جي هُشيءَ تي لطو کي پير واهه جي ڪڇ ۾ هميشه لاءِ ڳاڙهو بڻائي سمهاري ڇڏيو هو. ۽ اسان سڀ پوليس کان مارجي ڪٽجي نڪتا آهيون دوست “لطو” مون کان دانهن نڪري ويئي. ڪا گهڙي ٽٻي ۾ پئجي ويس. انقلاب ضرور ايندو، انقلاب ظلم ڪيترو به وڌي پر ان جو انت ضرور ايندو يارو گهٻرائڻ ۽ مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي. لطو جي رت سستي ناهي. ان مان گل ڦٽندا، ڳاڙها ريٽا، ظلم مات ڪبو قهري ڪوٽ ڪرندا.امن ۽ سک جي باک ضرور ڦٽندي ظلم جي انتها ظلم جو موت ٿيندو آهي. مان اچي ويو آهيان، مان نه موٽندس ٻڌيون ڪنداسين، ايڪا ڪنداسين ڳوٺ ڳوٺ سجاڳ ڪبو وستيون وستيون جاڳائبيون هلو ته هلي لطو جي لال قبر تي عهد ڪريون.