جيئڻ وهه ٿيوم
ذهن جي پردي تي ماضيءَ جي فلم ورندي پئي ويس. جيئن پئي ساروڻيون ساريائين تيئن پئي چاڪ چڪين ۽ پاڻ کي بجلي جي ننگي تار ۾ ڦاٿل پئي محسوس ڪيائين. جتي ويس رت سڪندي ۽ ڇڪيو پئي ويس ساهه جسم مان علڻ سندس مڙس هو. پاڻ مائٽن جي رضا خوشي سان پرڻيا ها. ڪا عشق جي شادي ڪانه هين. ڪو پڇي ڪا نه هين. ڪو ڀڄي ڪا نه آئي هئي علو سان ۽ شادي کانپوءِ علو ايترو ته موهه ڏنو هيس. جو ڀائيندي هئي ڄڻ پاڻ ازل کان ئي عاشق معشوق هئا. جيڪو گهري حاضر ٿورو اداس ٿيندي يا منهن لٿل هوندس ته ڏينهن ۾ الائي ڪيترا ڀيرا ور ور ڪري پيو اچي پڇندس ڇو ملول آهين نازو ڇا هي نازو ۽ ايسيتائين اٻاڻڪ رهندو جيسين پاڻ سُرهي منهن نه مرڪي نه پوندي بس پوءِ ٺري پوندو ٻلهار پيو ٿيندو. پاڻ هڪ جفا ڪش ۽ هٿ پورهيت هو جيڪو به رت پگهر جي پورهئي سان ڪمائيندو نازان جي هٿ اچي ڏيندو نه حساب نه ڪتاب سهڻي هو اڳ ئي هئي ويتر جو ايترو اڻ ميو پيار مليس ته جوڀن جا ست ئي رنگ چوڌس پکڙجي پيس. لال پٽولي ٿي پئي منهن مان ڄڻ رت پئي پئي ٽميس. جيڪا به نئين وَٽَ لهندي ته سڄي ڳوٺ ۾ اڳ ۾ هي کائيندا پنهنجي هٿن مان گرهه ٺاهي پيو کيس کارائيندو علڻ سان گهاريل هر گهڙي هر لمحو سندس اڳيان چٽو پي ڦريس. رات جو دير دير تائين پيا روح رهاڻ ڪندا. ننڊ کي ڀڄائي ڪڍندا. سڪ ڄڻ لهين نه ٿي. پيار جي پياس تهائين وڌ ڪَتي لڙي ويندي هئي چنڊ اوڀر کان اڀري اولهه ۾ لهي ويندو هو. هي پيا جاڳندا هئا. پريت ونڊيندا هئا. ڍير ساريون ڳالهيون ڪندا، آئيندي جا سپنا اُڻيندا. هڪڙا ڊاهي ٻيا ٺاهيندا. هيئن ڪبو، هيئن نه ڪبو، پنهنجي ٻارن جا نالا هي رکبا. هي هي رکبا. پهريان پٽ ڄمندو ، نه پهريائين ڌيءَ ڄمي، هتان جون ڳالهيون هُتان جون ڳالهيون، کوڙ ساتريون ڳالهيون ڪندي وقت جي وري وڃڻ جي ڪا ڪل ئي نه پوندي هين. مٿان جڏهن پکين جي کنڀن ڦڙڪڻ جو آواز، چون چون، چپن جون مٺيون لاتون فضا ۾ ٻرنديون هيون. ڪُڪڙ دس هڻندا هئا. مينهين ڀتارين جا چڙا مڌر موسيقي جو روپ وٺندا هئا ۽ دور ڪنهن فراق جي ڦٽيل جو درديلو گيت ڪنن ۾ سرندو هون. تڏهن ڇرڪ ڀري اٿندا هئا. هڪ ٻئي ڏي مرڪي نهاري اکين ۾ اکيون پائي رات جي ننڍي هجڻ تي ارمان ڪري ۽ پوءِ پاڻ هٿ منهن ڌوئي سانجهڻ تي ويهندي هئي.چپن ۾ ڪومٺڙو گيت به پئي جهونگاريندي ۽ لولا به پئي ٿڦيندي ۽ علو تڙ ڦليل کان واندو ٿي تڙ تڪڙ ۾ مانيءَ جا ٻه گرهه هڻندو. چانهه جا وڏا ڍڪ ڀريندو ڍوڍو رومال ۾ ٻڌندو نازان تي پيار ڀري نظر اڇلائيندو شهر ويندو هو ڪمائڻ ۽ نازان گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪيو پراڻن ڪپڙن جي رنڱيل ٽڪرن سان ڀريل ڇٻو کڻي سئي ڌاڳي سان ويهي رلهيون ٺاهيندي ۽ پور پچائيندي قسمين قسمين سهرا لوڪ گيت جهونگاريندي ويندي هٿ به پيو هلندس ته وات به پيو هلندس. روح رچنديون ڳالهيون ڪندي ڪندي مُک تي مٺيون ڏيندي علو پڇي وٺندو هوس.“نازان مان توکي پيارو آهيان” “ڏاڍو” ڀلا ڪيڏو.....“...” جيڏي ڌرتي جيڏو چوڏهينءَ جو چنڊ جيڏو سمنڊ، جيڏي ڏکڻ هير “...” “سچي” “سچي” ۽ پوءِ علو پيار جي ورکا لائي ڏيندو هوس. محبت جا اڪيچار موتي پکڙجي ويندا هئا. ۽ هوريان هوريان چوندو هوس ته “مونکي ڇڏي ته نه ويندينءَ” “ توکي ڇو ڇڏيان، اهڙيون ڪنيون وايون ته نه واريندو ڪر ۽ پوءِ علڻ چوندو هوس ،“ نازان الائي ڇو الائي ڇو ڀئو ٿيندو اٿم ته ڪٿي پنهنجي پيار کي ڪا نظر نه لڳي ڪوئي ڇني نه وٺي مونکان توکي جي تون مون کان ڇڄي وئينءَ جي تون ڌار ٿئينءَ مون کان ته مان تو بن هڪ گهڙيءَ به جي نه سگهندس. مري ويندس مان مري ويندس توريءَ..ائين چوندي نيڻن جا گهاگهر ڇلڪي پوندا هئس. پاڻ به روئي روئي پوندي هئي ۽ ائين اڻ ڄاتي خوف کان هڪ ٻئي کي چنبڙي پوندا هئا. ٻانهن جا مضبوط گهيرا وڌيڪ سوڙها ڪندا هڪ ٻئي ۾ پيهي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته متان ڪو ٽوڙي نه وجهين. نازان کي جيئ پئي ڳالهيون ياد پيون تئين پئي ڏسي علوو جون پيار ڀريون اکڙيون من تي هُري پئي آيس. وٺي پئي رڙ ڪيائين. “علڻ مان تنهنجي ڏوهارڻ آهيان،پاپڻ، پنهنجو پيار لُٽجي ويو هنن چراخن، هنن آدمخورن هٿان، مون هنن ويين جو مقابلو نه ڪيو. مان لوڪ جي بوڪ کان ڊڄي ويس. مون توکي ماريو. وقت جي قهري وڄن اسان جي دلين کي ڦٽي وڌو ۽ اسان جو پيار رواجن جي قهري ڪاريهر نانگن کان ڏنگجي ويو مان تنهنجي موت جو ذميوار آهيان جاني ذميوار آهيان.
علي بخش ۽ نازان هڪ ئي ڪڙم هڪ ئي قبيلي، هڪ ئي ذات جا هئا. علو جو پيءُ اڳ ئي مري چڪو هو. علڻ ڇورو ڇنو چاي جي در ٿي پليو هو. جڏهن چاچي لاءِ کاٽائو پٽ هو ته ڏاڍو ڀلو هو. شادي کانپوءِ جڏهن گهر تڙ وارو ٿيو ته چاچي کي به پوءِ ڪوڙو لڳو. جهڙو ٽوهه چاچنهس ئي نازان جي پيءُ کان نازان جي پيءُ کان نازو جو سنڱ گهريو هو. پنهنجي ڌيءَ ڏني هئائينس وٽي ۾. جيڪا انهن ڏينهن ۾ اڃان ننڍي هئي. ۽ نازان جي شادي وقت ئي انهن جو مڱڻو ٿيو هو. نازان جي ڀاءُ گهرام سان جيڪو نازان کان ٻه اڍائي سال وڏو هو. ۽ پوءِ جڏهن ڇوڪر جوان ٿي ته نازان جي پيءُ ٻانهن جي ڇڪ ڪئي علوجي چاچي کتو جواب ڏنو. چيائين وڃي علو کان سنڱ وٺو ناهي مون وٽ سنڱ ڪهڙو کنيو ٿو کارائي مون کي نازان جي پيءُ چڱا مٺا گڏيا ميڙون ڪيون ڇڪ ڇڪاوت ٿي. مگر هو صفا پڙ ڪڍي بيٺو. صفا بر ڄڻ ڪنهن جو ڏٺل ئي ناهي ۽ پوءِ علو تي زور ڀريو سهري چاچي ڱان سڱ وٺي ڏي يا نازان ي ڇڏ ٻئي سراپجي ويا هئا لڳو هون هنن پيار ونڊيندڙ پکين جي آکيري ۾ ڪنهن ظالم ٻه نالي ڇوڙي هجي. اکين ۾ خوف جا وحشت ڀريا پاڇولا ڀرجي آيا هئن. لڳو هون ان گهڙيءَ ڄڻ پاڻ صدين کان پنڊ پهڻ ٿيل هجن. اک به نه جهپڪيائون پوءِ وس ڪيا هئا علي بخش چاچي سان قرآن مصاف کڻي ويس. پير فقير ميڙيائين.منٿون ايلاز گيسيون گهگراٽيون، مئل پيءُ جا واسطا نياڻيون ميڙ پر چاچنهس ڪورو جواب ڏنس. صفا ڊِٺو ٿي بيٺو نه ڏيندس ٻانهن هڪ ئي ورندي ائين آخر چاچي کان مايوس ٿي نازان جي پيءُ کي منٿائون ٿيو هو. پيٽ پٺي، گهر ناٺي الائي ڇا ڇا آڇيائين پر اڳيان ٺپ جواب، پنهنجو سڳو چاچو ٿو لوڙهئي. مون ڏي ڇو آيو آهين...... پٽ مون کي سنڱ کپي جواڻ جماڻ گهرام لاءِ نه ته هو رستو هو گوءِ. منهنجو پٽ وتي رلندو ۽ تون ڪرين جوءِ سان جولاٽيون،ايڏو ڀڙوو سمجهيو اٿئي ڇا ۽ ائين نازان کي پيءُ ۽ ڀاءُ وٺي آيا هئا رُسائي پنهنجي گهر علو چيو هوس نازان تو بن جي نه سگهندس م0ري ويندس مان....... ۽ پاڻ علو جي ڀريل ڇاتي ڏي نهاريندي رهي هئي اکيون جهڪائي ڪوبه اکر نه وريو هوس وات تي. ڄڻ ڄڀ وڍجي وئي هجيس. هري ڀري گهر کي گونگين جيان ڏسندي رهي ۽ پوءِ ڀاڻس ۽ پڻس ڪاوڙ مان ڇڪي گهلي آيا هئس گهر مان....... گهر جيڪو هن جو پنهنجو هو جيڪو هن کان کسيو پئي ويو بنان ڏوهه گناهه جي ان کانپوءِ علو کي روڪيو ويو هو سندن ڳوٺ اچ کان ۽ وري نه ڳالهايو هئائون پاڻ ............وچ ۾ اچي پيا هين پوءِ وڇوٽ پٽا جيڪي ڪڏهن ملي نٿا سگهن.
نازان ڪيترا دفعا ماءُ کي ايلازي ٿي. پيءُ کي نٿائو ٿي. ڀاءُ کي چيائين اکين مان لڙڪ ڀري موٽ ۾ اهڙيون ورنديون ملنديون هيس جو هيٺ مٿي سڙي کامي ويندي هئي. ڇوري کي.......... سخت کپي. رن تخت نه گهريو هو... پر .......ڀاءُ کان.........مٺواٿس ڀاءُ پيءُ جي ڏاڙهين کي ڇا ڪندي ٻڏين نٿي رن ڪتي، پنهنجا ٿي ٻوڙين اسان جي ستن پيڙهين ۾ ائين نه ٿيو ڇوري چوٽي ڪپي ڇڏيندوسانءِ جي علو جو وري نانءُ کنيو اٿئي. سوئر جي ڌيءَ پڻس ڀونڊو گهروڙي ڏيندوو هوس وٺ ٻڏين نٿين. کاري تان ڀاءُ ٿو لهڻي تون ي علو علو ڪرين.آهي ڪو اسان ڏي ڏوهه چاچا ڀائٽين جو ڏوهه چٽيون ڀريندا آهن. هيءَ جو حق ٿو کائي. ماڻس جو پاسو وٺندي هئي ته اها چوندي هئس ته ڏائڻ ڀاڻين گهوريو آڱوٺي توکي کپي علو پاڻ روئي روئي رئي جي پلوسان ڳوڙها اگهي ڇڏيندي هئي اوڙي پاڙي جون مايون ڌاريون مائٽائڻيون هن کي مونجهو ۽ ملول ڏسي نڪ کي موڙو ڏينديون هيون! مائي ڇوري ته ڏسو،ڇوري ڄڻ هيءَ ئي هڪ پرڻي آهي. پرڻي لاءِ ته ڪي باسون هئائين. خبر هجين ها ته اڳ ئي پرڻائينس ها. مائي مڙس لاءِ ڪيئن پيءُ جي تاوڻي تپايون ويٺي آ، نه ابو امڙ ايندا نه ڀائر ڄڻي ڏيندا . هاڻي اڇي مٿي ۾ ڪا ڦاپل پٽ ڄڻيندي مڙس گهوريا ڀائن تان هڪ ڏاڙهي ڪوڙيو ويو ته ٻيو رنن لاءِ ڪا مڙس کوٽ ۽ ائين گهر پاڙي ۽ سڄي ڳوٺ جون گاريون ويڻ وايون ٻڌندي ٻنهي ڪنن ۽ توڙتائين ويندي هئي پڄرجي. ڄڻ ڦٽي تي لوڻ ۽ مرچ ٻرڪندا هجنس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻس ۽ پڻس ويهي سمجهاڻيون ڏيندا هئس. اسان ڏي ڪو لهڻو هون جو تو مورن جهڙي ڌيءَ اڳواٽ ڪاهي ڏني سين. (ڄڻ پاڻ ڪا ٻڪري يا ڳئون هئي. سودي۾ ڪسُ لڳي هئن ۽ هاڻي موٽائي ورتي هجي) وچ ۾ علڻ ڪيترائي جتن ڪيا. چاچي کي، سهري کي، پر ٻنهي پاسي ننهن جا نَوَ ڪوٽ. ڪنهن جو به من نه ڀنو. هن جي ڪوماڻيل مک ڌارا ڏنل اکين ۽ ڪوريل ماس ڏسي اڻڀا وار جنهن کي ڪيترا ماهه تيل به نصيب نه ٿيو هو. اهڙي حالت ڏسي ڪنهن کي به جُهٻو نه آيو هو. رت جا ريلا سڪي ويا هئا. ماڻهو پٿر ٿي پيا. ڪنهن کي به ڪوڻي جهڙي دل جو قدر نه ٿيو. علي بخش جي اهڙي حالت جو جڏهن ڪا ڳوٺ جا مائي اچي حال سڻائيندي هئس.ته سڄي ڏڪي ويندي هئي. پنهنجي بي وسيءَ تي ماتم ڪندي هئي. تن ۾ باهه لڳي ويندي هئي ته متان هن جو ڪوحال بي حال ڏسي ڪوويڻ نه ڪڍي وجهي. ڪنهن سان سور سلي. ڪنهن سان اوري اوري ۽ اٿندي ويهندي گارين ٿڪن بجن ڪري علوجو نالو کڻڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. صرف اندر ۾ پئي جهڄندي ۽ کيس ياد ڪندي هئي.
ائين هڪ ڏينهن پڻس ڀاڻس جن ويجهي شهر ۾ علو تي طلاق جو ڪيس ڪيو. ڪيس جو ٻڌي پاڻ ڍرڪي پئي هئي. پيءُ کي رئو لاهي اکين ۾ آب آڻي چيو هئائينس. اهڙو ٽڪو نه لاءِ بابا..... سڄي عمر ويهاري ڇڏ. تنهنجي در تي مري ويندس..... پر طلاق نه وٺراءِ. ڪورٽ نه چاڙهه پر پڻس ۽ ڀاڻس ڪهاڙيون ڏيکاريون هيس....ڇوري جي وڌيڪ بڙ بڙ ڪيئه يا ڪورٽ ۾علو تي بيان نه ڏنئه ته ڳترا ڳترا ڪري درياءَ ۾ اڇلي ڇڏينداسين. تون ئي آ هيءَ هڪ مڙس واري..... اڙي قهر خدا جو ٻين کي به ڌيئرون آهن..........يا مونکي ئي آ هڪ ...ٻين جون ڌيئرون ناهن چڙهيون ڪورٽ تي هي آ هڪري. ڀاڻس شادي نه ڪرڻ سب جڙيو چڙيو وتندو هو. تنهن ڪهاڙي اولاريندي چيو هوس.” وات جي ڏيندوسانءِ ڪهاڙي ڪڃري اڳيان ٿي وات پئي هڻين.....”
۽ ائين پاڻ چڙهي هئي ڪورٽ تي.... پيءُ ڀاءُ جي ڀوءَکان علو تي ڪوڙو بيان ڏئي آئي هئي..... لفظ لفظ وڪيل ياد ڪرايوهوس.......پاڻ هر لفظ اوڳاڇيندي رهي هئي.وهه جيان اکيون ٻوٽي پريان علي بخش پٿر جو بت بڻيو گهورندو رهيو هوس. نماڻيل وساميل اکين سان.... دل مان سمورو پيار اوتجي آيو هيس اکين ۾...... هن جي من چاهيو ڊڪي وڃي علي بخش جي ڳچيءَ لڳي ڍنڍڪرات ڏئي روئي. چنبڙي پئي ۽ وڏي واڪي ڪورٽ ۾ چئي جج کي........ ڪوڙ سڀ ڪوڙ...... جيڪي مون چيو آ ......سڀ سڀ..... علو منهنجو هنئين جو هار.....علو ته صفا سون آ.......نسورو سون آ.... جئين خيال جي اٿل آيس ته چپ لڙڪڻ ۽ پير ڏڪڻ لڳا هئس. . پيرن ۾ پيل پنجوڙ قابو ڪري بيٺا هئس ..اکيون مٿي ڪري علو جي گهرين سڪل ڍنڍ جهرين اکين ۾ نهاريائين. جتي ڄڻ علو جا خاموش نيڻ چئي رهيا هجنس. .....ائين نازو تون به تون به ساٿ ڇڏي وئينءَ....... ايڏو گهرو هو تنهنجو پيار....... نيري آسمان جيڏو چوڏهينءَ چنڊ جهڙو، اٿاهه سمنڊ جيڏو، سڀ ڪوڙ هو تنهنجو صفا ڪوڙي هئينءَ تون....... ۽ پوءِ اجرڪ منهن کي ويڙهي ڇڏيو هئائين.......نه ڪُڇي سگهي هئي نه لڇي سگهي هئي....... تازي ويم ڪيل زائفان جيان ٿڙندي ٿاٻڙندي وچڙندي ڪورٽ مان نڪتي هئي..... بي ساهي بت جيان ڄڻ سڄو رت ڪنهن پي ڇڏيو هجيس. وحشي آدم خور ۽ پاڻ صفا اڪيلي ٿي پئي هئي. پڻس ۽ ڀاڻس کنڀي کڻي گهر پهچايو هوس.... اها سڄي رات پاڻ تڙپي هئي تپ اچي ورايو هوس.... ٻه ٻه سوڙيون مٿان وڌيون هئائونس. ٻه ڏينهن سارا بنان کائڻ پيئڻ جي بخار ۾ لوهه لڳي پئي هئي.... پٽ کوههه ۽ دَبر هيس... علو علو پئي دبريائين. ... اڳيان ڦريس پئي جون نيرون اداس ڍانڍيون اکيون...ڏوراپن سا ڀريل.. پيلو چهرو........ڄڻ چونديون هجن “نازو ڪيڏو پيار هو مانءِ جيڏو چنڊ..... جيڏو آسمان جيڏو ،جيڏي ڌرتي، ۽ ائين هن کي طلاق ملي هئي... پاڻ طلاقڻ ٿي پئي هئي. سڀ رشتا ڪچي ڌاڳي جيان هڪ ئي سٽ ۾ ٽٽي پيا هئس. ڪاغذ جي ٽڪري ڪري.... ٻنهي جي وچ ۾ ٻوڙان ٻوڙ درياءُ وهي هليو هو. ..... جنهن جي پل ڪري پئي هئي هڪ ئي قلم جي رهڙ سان.........
رات چنڊ جي جوڀن ونتي رات هئي...... سڄي رات جاڳي هئي پاڻ.... ڄڻ علو ساڻس ستو پيو هجي. سچي رات ڳالهايو هئائين چنڊ سان.... چنڊ جيڪس علو...... گهري ڪاري ڪڪر چنڊ کي ڪي لمحا لڪائي پئي ڇڏيو ۽ چنڊ اوجهل پئي ٿيو علو جيان.. وري جڏهن ڪڪر مان جان ڇڏائي چنڊ نکري نروار پئي ٿيو ته پاڻ به پئي ڀڻڪيائين من من ڪا راهه کلي وري ملڻ جي... ۽ ڪنهن ويل ڪاري ڪڪر جيان ڪاغذ جو ٽڪرو اڳيان پئي آيس هاڻي ته مان علڻ لاءِ سدا ڪاڻ مري ويس .... ياد آيس علو چوندو هوس نازان جي توکان جدا ٿيس ته جي نه سگهندس..... نه علو تون سدا جيءُ مران مان چنڊي جنهن توتي ڪتي جيان باهيو..... ڪڪڙن دس هنيا ته پيٽ ۾ وڪڙ پيس.... اٿي پڇواڙي ڏي وئي....موٽي آئي ته محسوس ٿيس ڄڻ ڪجهه وڃايو هجائين..... من ۾ مونجهه محسوس ڪيائين ساهه مٺ ۾ هجيس منهن ۾ مُنڊو وجهي منجي تي ويهي رهي پريان ماڻس چاڏي ۾ ڏڌ پئي جهڳيو ۽ سهرو به پئي چيائين ڀاڻس گهرام جو......... گهرام گهوٽ گهوريان نوٽ......لهي آءُ لاري مان.....سهري جي رونگٽ تي ماءُ ڏي تڪيائين جنهن هاڻي هٿن سان لسيءَکي ڇاڇولي جهيرڻي کي پاسي رکي مکڻ جهٻي پئي ڪڍيو. .... ڏانهنس ڏسندي هوريان ڀڻڪي ڏائڻ! پٽ گهوٽ ٿينس... ڌيءَ ڀل ڦاهي چڙهيس اکيون آليون ٿي ويس ۽ ائين اوچتو پاڙي واري مائي راڻي گهر ۾ ٽپي آئي......... مائي ڪا خبر ٻڌو رات مئو ڇورو علي بخش مري ويو....... ويچارو ويٺي ويٺي ڦهڪو کائي ڪري پيو ...ساهه نه تو ڏٺس نه مان ڏٺس!
نازا اوڇنگار ڏني.... وٺي دانهون ڪيائين علو ناهي مئو ....علو ناهي مئو.......علو ماريو ويو آ.. مون ماريو آ علو...... مان آهيان خونڻ.......مان آهيان ڏوهارڻ ..مان ماريو آ علو.. توهان آهيو خوني....... منهنجا مٺا ور...... منهنجا جانب...... منهنجا چنڊ..... ڪڏهن منهن تي پئي هٿ هنيائين..ڪڏهن وارن جون چڳون پئي پٽيائين مٿي ۾ مٽي ۽ ڇار.... چهرو ڀڀوت .... ڪڏهن پيءُ کي گاريون .......ڪڏهن ماءُ کي گاريون........ اکين مان آگ جا اُلا شعلا پئي نڪتس اکين مان آلاپ ورلاپ بند ئي نه پئي ٿيس.........پاڙي اوڙي جا ماڻهو.......مرد مايون اچي ڪٺا ٿيا هئا... ۽ هن جي رڙ پئي پئي.....مان هان پاپڻ....مان هان خونڻ توهان آهيو پاپي توهان آهيو خوني.......