ڇپر ڪالهه ڇڏي ويا
ٻئي ڏينهن ٽئين پيرڊ ۾ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ مان سگريٽ دکائي خيال ڏيئي سندس آواز ٻڌندو رهيس “ڀاءُ وڌيڪ تفصيل سان توکي ڪونه ٻڌائبو تون ڪهاڻيڪار آهين مان سمجهان ٿي ته منهنجي دل جي درد کي تون محسوس ڪندين ۽ ڪا ڪهاڻي گهڙي وٺندين خير ڪهاڻي لکين يا ٻيو ڪجهه....”
“ادا مان شروعات کان ئي مطالعي جي تمام ويجهي رهي آهيان. سنڌي ۾ ڇپجندڙ سڀ رسالا ۽ ڪتاب گهرائيندي رهندي آهيان. ايسيتائين جو رات جو ڪتاب نه پڙهان ته ننڊ ئي نه اچي ڏسڻ ۾ ته اها سٺي عادت آهي. پر غليظ ۽ سرڪش سماج ۾ منهنجي ان مطالعي جي عادت مون ڪٽي پپل جي سڪل پن جيان مروڙي اڇلائي ڇڏيو ۽ هاڻي مان سورن جي ساگر ۾ ساهن جا سڙهه پکيڙيو دکن جا دريا جهاڳڻ لڳي آهيان پر ڪنهن ڪناري تي پهچڻ محال ٿي پيو آهي. .” ادل ! منهنجو پيءُ هڪ جذباتي پراڻن خيالن جوماڻهو آهي. هن منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي شادي هڪ ئي هنڌ سنڌ جي پراڻي رسم ڏي وٺ تحت ڪرائي. هن جي چونڊ واقعي لاجواب هئي اسان ٻنهي کي سونهن ۽ سوڀيا صورت ۽ سيرت وارا شريڪ حيات مليا منهنجو مڙس ڪراچي جي ملازمت ڪندو هو گهر ۾ مان پنهنجي سهري ۽ سس سان گڏ رهندي هئس منهنجي ڪتاب پڙهڻ تي ڳوٺاڻين ماين منهنجي سس کي ٽوڪڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سس طرفان مونکي اٿندي ويهندي ويڻ پوڻ شروع ٿيا پيا جنهن کان تنگ ٿي پيم. جڏهن مان پيڪن گهمڻ آيس ۽ ڀاڄائي منهنجي جاءِ تي ويئي ته مون ساري ڪر ڪر کان بابا کي آگاهه ڪيو جنهن لاءِ مان سڄي ڄمار پڇتائيندي رهنديس مهنجي پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي ادي کان زوري طلاق لکرائي ورتي ۽ منهنجي مڙس مون کي گهر ويهارڻ ۽ طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو مان هينئر ٽن سالن کان پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهيان منهنجي زندگي مسلسل عذاب آهي ادي گهر چڏي ڏنو آهي ۽ چرس ۽ ڀنگ واپرائڻ لڳو آهي. مان سمجهان ٿي ان سڄي ڪرب جي قصور وار مان آهيان ۽ ان احساس مونکي چريو بنائي ڇڏيو آهي. بابو اڌ رنگ جو مريض ٿي ويو آهي گهر جو چين ڦٽجي ويو آهي. منهنجو پيءُ ڀاءُ مڙس ڀاڄائي ۽خود مان جيئري دوزخ ۾جلي رهيا آهيون مون کي ڪهڙي خبر ته منهنجي ٻن ٻولن سان اهڙي جاڙ ٿيندي ناهيد جي اکين مان لڙڪ وهي آيا ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويئي مون اياز جي وائي جا ٻول ٻرندا ٻڌا.
ور ور ڏيندم ڪيترا
اوٺي ڳوٺي وڍ
ڇپر ڪالهه ڇڏي ويا.