ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

ست نام

ڦٽيون چونڊيندي سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا رئي سان جلد اگهي ورتائين پريان سهرس اوڀايي هڪل ڪيس “ ڇوڪر جود ڪر هٿ هلاءِ پورو ٻارو ڇڏائڻو اٿئي، اڃان ته هڪ ڪانبو به نه لاٿو اٿئي.” اکيون وري آليون ٿي ويس رات کان بخار هو سڄو جسم ٻريس پئي مٿو ڄڻ ڦاٽس پئي ڪير به ته حال ڀائي نه هئس وهٽ جيان وهي پئي هيس ڪانه چونڊو ڪري سانجهي جو وڃي سانجڻ ڪندي پيٽ جي ڀرڻا هئس ٻين سان گڏ پنهنجي نياڻين جا الا ڪنهن کي دانهن ڏئي ڪنهن سان سور سلي بس منهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو پنهنجي وڍي جو ويڄ نه طبيب عاشي جا هٿ ۽ مٿو هلندا رهيا هٿ وونئڻاٺين ۾ ۽ مٿو بي ربط ويچارن ۾، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وڏي ڌيءَ شمل سام اور اوريندي هئي پر هوءَ اٺن سالن جي معصوم کيس ڪهڙيون آٿتون ڏئي! بس کيس ڀاڪر پائي ۽ مٿي ۽ پيرن کي ننڍڙن هٿن سان زور ڏيندي هئي ڀائيندي هئي ته امي راڄ ٻائي کيس ڀڪوڙيندي هجي “ امي منهنجي امي منهنجي مما” سڏڪو آيس سڏڪا ۽ ڳوڙها پي ڇڏيائين “ڇا مان ڇا ڦٽيون ڇا ڀينڊيون” ڀينڊيون پٽيندي سندس آڱريون رتورت ٿي پونديون هيس آڱرين کي پني يا اڳڙيون ويڙهي ڀينڊيون پٽيندي هئي ڪپڙن کي ليو لڳندي هئس ته بڇان ايندي هئس پر چا ڪري ۽ مٿان سس ڏيراڻين نڻاڻن جا ويڻ ته ٽوٽي آهي ڪمچور ، پاڻ ته......ننڍي هوندي ڀينڊيون کائيندي ئي نه هئي ۽ هاڻي اڄ سڄو ڏينهن پور هئس، مغز وڳس پئي ماضي فلم جي ريل جيان اکين اڳيان ڦرندو رهيس انٽر سنڌي ۾ سنڌي جي استاد جو ٻڌايل لطيف سائين جو بيت هانوَ تي تري آيس
ڪڏهن ائين هياس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
هاڻي ائين ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين
عاشي جا ڪڏهن آشا هئي. شهر جي وڏي سيٺ جي سڪيلڌي سندس پپا شهر ۾ ڪپڙي جي هول سيل جو وڏو واپاري ۽ پئينچ پاڙي جو مکي ڀاڻس رامون کي پنهنجي رائيس مل هئي ماما چاچا سڀ بيٺل هئس شهر جي نجي اسڪول ۾ پڙهندي هئي ذهين ته هئي پر اٿي ويٺي ڪري به سندس سرتين تي داٻو هو هندو مسلمان ڇوڪريون سندس جيڏيون ٿيڻ لاءِ جتن ڪنديون هيون هونئن به کلمک هئي ان ڪري جيڏين سرتين جا ولر گڏ هوندا هئس سهڻي به واهه جي هئي سڀني وصفين ڀوري جهڙي باهه ڊگها ڪڪا وار چيلهه تي اچي پوندا هئس چيريون وڏيون اکيون کاڏي تي ناسي مسو پري لڳندي هئي گهر ۾ کيس جدا هر طرح سينگاريل ۽ سيٽ ٿيل ڪمرو هوندو هئس. مستي سان گذريندي هئي سڄي گهر جي دادلي جيڪو طلبي سو حاضر گهمڻ ڦرڻ جي آزادي قيمتي پرس ۽ مهانگو موبائيل سيٽ هٿ ۾ بس زندگي سکن جو هندورو هئس مئٽرڪ ڪري جيئن ڪاليج ۾ آئي ته محسوس ڪيائين ته ڪو سندس پيچو ٿو ڪري گهر کان ڪاليج، ڪاليج کان گهر صبح شام پهريان ته لنوايائين ڪڏهن ڪڏهن کيس آڏي اک سان ڏسي وٺندي هئي قداور ڪشادي پيشاني سهڻا وصف ڀلو لڳندو هس پر ليکي ۾ ئي نه آندائين. ماڻهن جهڙو ماڻهو ته آهي هون! وقت گذرندو ويو پيڇو جاري رهيو دل ۾ ڪجهه ڪجهه ٿيڻ لڳس. هر کر ماندائپ جنهن ڏيننهن نه نظري ته بي چيني بيتابي محسوس ڪري ۽ پوءِ ننڊ خواهه خواب ۾ بائيڪ وارو ڇوڪرو ۽ ان جا خيال ڪنهن طرح چوڪري چٽ تي سيل جو نمبر لکي ڏانهس اڇلايو اڻ لکي انداز ۾ کڻي ڇاتي ۾ رکيائين ٻه ٽي ڏينهن اڻ تڻ ۾ رهي نمبر ملائي نه ملائي آخر ملائي ويٺي دل جي ڌڪ ڌڪ هلو هلو جا آواز هيءَ چپ سندس آواز رسيلو هو ٻڌندي رهي پاڻ کان اکر به نه اڪليس......... آخر رابطو ٿيو پيچ پيا، ڏينهن جو ميسيج رات جوڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪڏهن هِت هُت ملي به ورتائون شريفاڻو انداز اعتماد اهو سلسلو انٽر جي امتحانن تائين هليو قابو ٿي وئي وس پڄيس ته سهڻي بڻجي لُنڊيون لتاڙي دريا پار وڃي ساهڙ سان ملي ڇوڪرو مسلمان ڇا ڪري جاويد جاويد سندس حواسن تي ڇانئجي ويو نيٺ ليکا چوکا لاهي جاويد سان نڪري پئي جنهن قرآن مصحف تي سر ڏيڻ سميت ڪيئي عهد پيمان ڪيا پير آف چڪر پور پهتا پير سوڍي جي هٿ تي مسلمان ٿي آشا مان عائشه بڻجي جاويد سان نڪاح ڪيائين پٺيان ممڻ متو واويلا ٿي احتجاج پوليس چڱا مَٺا وڏيا ميڊيا انساني حقن جون تنظيمون گهوڙا گهوڙا معاملو ڪورٽ پهتو. ڪورٽ ۾ هڪ پاسي جاويد، جاويد جي برادري چڪورپور جي پير جا گول ٽوپين وارا ڏنڊا بردار ٻئي پاسي سندس مائٽ پيءُ ماءُ ڀائر ماسيون پڦيون جهور پوڙهي ڏاڏي سڀني سڀني ڪنڌ جهڪيل سڀني جون اکيون آليون ۽ هراسيل گاڏي مان لٿي ته ماءُ کيس چنبڙي پئي ڪراڙي ڏاڏي ڍنڍڪران ڏيندي ڀاڪر ۾ڀريس پوليس سڀني کي پري ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. ڪورٽ مائٽن سان ملڻ جي مهلت ڏني پاسي واري روم ۾ موڪليو ماڻس چميون مٺيون ڏنس پيرن تي هٿ هٿن پرن تي چميون ڌيءَ گهر هل پيءُ جي ٽوپي پيرن ٿي سڀ چنبڙي ويس راڻي ڏاهي ٿي. پر هيءَ جهڙي بت ڪورٽ ۾ جاويد جي حق ۾ بيان ڏنائين ته پنهنجي رضا خوشي سان مسلمان ٿي آهي. ڪورٽ پوليس پهري ۾ مڙس موڪلڻ جو حڪم جاري ڪيو ٻاهر نڪتي ته ماءُ ۽ ڏاڏي سندس پييرن ۾ وڇانئجي ليٿڙيون پائيندي ٻاڪارڻ لڳيون. پر هوءَ جهڙوڪر گونگي جاويد سان ڪلهي لڳي وڃي گاڏي ۾ ويٺي.
جاويد کيس شهر ۾ رهايو اٿاهه پيار هر سک هر خوشي ٻارهين مهيني ڌيءَ ڄايس شمل........سحر ٽٽڻ شروع ٿيو شهر کان ڳوٺ پهتي جتي کيس ڪمل چائي عشق ڦشق ٿي ويو جاويد جاويد نه رهيو سڀ ڪم سندس بلي جو ڳوٺاڻي عورت جوڄڻ ورثو لابارا مال جا ڇيڻا گاهه ڪتر، ڀيندي جي پٽائي ڦٽين جو چونڊو سندس سڀ نشا لهي ويا. وري ڳالهه ڳالهه تي ڏيراڻين نڻائن وياڻي ڪِراڙي ڪوٺڻ ڌيءَپڇيس امي ڇوريون مونکي وياڻي جي ڌيءَ ٿيون چون امان تون وياڻي آن ڳوڙها ڳڙي پيس “نه امان مان ته مسلمان آهيان.”
وياڻي! خيالن لڙهندي وئي ٽڪاڻا مندر درٻار سماڌي مٿو ٽيڪڻ رهڙڪي سچو سترام ڪنور ڀڳت سخي بابا وسڻ گهوٽ ساڌ ٻيلو سنت ست سنگ سڀ ڇڏيم پوءِ به وياڻي پوءِ به ڪِراڙي الله اڪبر کيس ياد آيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڳوٺ مان سُک کڻي ويا ها حاجنا شاهه حضوري روهڙي پاڻ به ساڻ گڏ وئي هئي سامهون ئي وسڻ گهوٽ جي درٻار هئي دل اڇل کاڌي ته وڃي وسڻ گهوٽ ۽ پارو شاهه سنت جي سماڌي آڏو مٿو ٽيڪي آسيس وٺي......پر يڪدم ٻئي هٿ ڪنن تي رکي نڪ تي آڱر ڦيريائين. جڏهن کيس ٽين ڌيءَ ڄائي ته جاويدٻي شادي جا سانباها ڪيا. “ هن رن به پٽ نه ڄڻيو” تڏهن رت رني هئي جنهن ڪاڻ ابو امان ڇڏيم ڌرم ڇڏيم سک ڇڏي سور پرايم اهو به ان لاءِ رن ٿي ويم چپن ۾ ڀڻڪو ڪيائين. الله الله واهگرو ۽ پوءِ وئي پوڻي پوندي تپ کنگهه سيني جو سور سسڻس غلام شبير سائين کان پاڻي پڙهائي آئي ۽ هٽ تان اسپرو جون گوريون بس اهوعلاج کيس ياد آيو ته جڏهن ٿورو مٿي جوسور ۽ هلڪو بخار يا پيٽ ۾ سور پوندو هوس ته پڻس وڏن مهانگن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندو هوس ٽيسٽون ايڪسرا الٽرا سائونڊ ۽ اڄ غلام شبير سائين جو پاڻي گڻ شاهه جي مٽي اندر مان ٿڌو شوڪارو نڪس اکين جا بند ڀڄي پيس ساهه وچڙڻ لڳس ڌيڻس پڙهيل پاڻي کڻي چپن تي رکيس جيڪو واڇن مان وهي هليو کٽ جي ٻانهين کي زور ڏئي اٿڻ جي ڪيائين ته سيني جي کاٻي پاسي سور جي سٽ اڀريس دل تي هٿ رکي ڀڻڪي ” هري رام..........رام يام ست نام” ۽ ڪنڌ ڍرڪي پيس.