ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

بئنسري کان رائفل تائين

ڊگها وڏا لڙڪندڙ شهپر، منهن تي ماتا جا گهرا چگهه چاپئين ڏاڙهي، چنجهيون اکيون، ويڪرو منهن کليل پيشاني ساورڙو رنگ، ڪارن ڊگهن وارن جو چوٽو ڪلهي تي رائفل جنهن سيم سان ڀريل واڳي، چيلهه ۾ گولين جو ڀريل پٽو، ساڄي پاسي چولي مان ليڪا پائيندڙ ڪاري پيٽي ۾ بند طمانچو پنهنجي ساٿين سان جيڪي به رائفلن ۽ بندوقن سان جهنجيل اجرڪ جون ٻٽون ٻڌل، مٿي تي وڏا اجرڪ جا پڳڙ ڍنڍ ڪناري گهاٽي وڏي ٻٻُر جي هيٺان اچي بيٺو. هيٺ ڍنڍ سڪل ٺوٺ پاڻيءَ جو چئا ڪوبه نه هو.ڍنڍ جي تري ۾ نانگن جون لٿل چٽڪڙيون کلون، مئل گدڙ جو ڍونڍ جانورن جا هڏاوان پڃرا، لومڙين جا سرنگهه نما ڊگها ٻر، ڳيرن ۽ تترن جا ٽڙيل پکڙيل پر، ڪانون جا کوهيل کنڀ،اڻ ڄاتي ڍور جي منڍي جنهن جي اکين جي جاءِ تي تارن بجاءِ ڊگها اونها چگهه جنهن کي ڏسي بدن ۾ سياڪو اچي وڃي. ڪپرم ٿي ڪانهن ۽ سر جا ڊگها ٻوڙا ٻٻرجا ڊگها وڻ ڪنڊيون،اڪ ۽ ڊڀ. هيءَ ساڳئي ئي کينجهو ڍنڍ هئي. جتي پنهنجي ٻاروتڻ گذاري هئائين.اهي هن ڍنڍ جا جوڀن ڏينهن هئا مڙس تار پاڻي ڪپر تي سبزي ۽ ساوڪ چئو طرف ڇٻر جي ساواڻ وڻن ۾ تترن ڳيرن ۽ ڪبوترن جي غٽرغون ڪيڙو ڪيڙو، تهه ڪڪ چيهي جي چهڪار، ڪوئل جي ڪوڪو،بلبل، ٽيٽيهر، ڪاٺ ڪٺي ۽ پکين جي مختلف سرن واريون ٻوليون.پاڻيءَ تي آڙي،ٻگهه ڪنگ، ڪاز ۽ ڪارايل جا لامارا، جي ور ور ڪيو پنهنجين ڊگهين چهنبن سان پاڻيءَ ۾ گُهتان هڻي نڍيون چچين ۽ پاٻڻين جا شڪار ڪندا وتندا هئا. ڏيڏرن ۽ ڪُمين جي ٽان ٽان ڍنڍ ڪپر تي قسمين قسمين اڀريل گاهه گل ۽ وليون ڪانڊيري، ساوڙي، لاڻي، ،ڪوتڪ،ٻوڪن.چلُ، پاوڙي، ، ڪنڙو، ڳنڍير، ميڻو، ، موٺ، واسئو جي ڍنڍ جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي بيهندا هئا. وري جو ڌڙيهير گهلندي هئي ته ماڻهو کي بيٺي ئي ننڊ کنيو وڃي.ڍنڍ جي اورئين ڀر جوئر ۽ ٻاجهري جا مڙس مٿي فصل ٿيندا هئا. جنهن جي جهار هڪلڻ لاءِ نمبر نمبر تي پيها جڙيل پيه تي نينگر ۽ نينگرين جا هوڪارا،کانڀاڻيءَ سان ڳوڙهن جي چٽ ۽ جهار هڪلڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا ٻول پيا فضا ۾ ٻرندا هئا. هل ڪٻر، اچئي ٿو اچئي ٿو جا سنهڙا ٿلهڙا آواز پيا پکڙبا هئا. کانڀاڻي جي ڳوڙهن سان پکين جا ولر چون چون ڪندا اڏامندا ويندا هئا ۽ ڍنڍ جي ٻئي ڀر پري پري تائين پکڙيل ميدان۾ جن ۾ ڪانڊيرن ۽ اَڪن جو راڄ ۽ انهن کان پري نظر نهار تائين ٻيلي جي خوبصورت وڻراهه پاڻ انهيءَ ڍنڍ ڪناري پيو ڦرندو هو مينهين جي ڌڻ سان چپن تي بانسري ۽ چنگ هوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن مٽيءَ جي بوڙينڊي مان به سُرڪڍندو هو. چار پنج ڌنار۽ ميهار سنگتي هوندا هئا. هڪ جيڏا پاڻ بئنسري مان قسمين قسمين مٺا سر ڪڍندا هئا. بئنسري جي تار تي ڀٽاريون به ڪنڌ ورائي پيون ڏسنديون هيون. چنگ سدائين چپن تي بئنسريءَ جو لهرو بند ڪندو ته وري چنگ مان پيو مزو وٺندو، ٻيا به سنگتي وارو وٺندا هئس. باک سان ئي مينهون ڪڍندو هو. ڇا ته مينهون هئس بور، ڪنڍي، گُهنجه،ڦڙي پور، دالي، مينهون ته پالي پاڻ سدائين چمڪندڙ مک ويهي ته ترڪي وڃي. مهٽ سهٽ، سانجهيءَ جو جڏهن سج اولهه ۾ ڍير ڪندو هو. پنهن جو رنگ مٽائي نارنگي ڪندو هو. سڄو اولهه لالي وهنتل ڳاڙهيسرو ٿي ويندو هو تڏهن پاڻ مينهون ورائي دز اڏائيندي چڙن جون گهنٽيون وڄرائيندي ڳوٺ واري ڳهڻ وٺندو هو ۽ مال کي واڙي ۾ واڙي ڦر ڇوڙي ونگ وجهي مينهون ميڙيندو هو. کير ڏهي چئونريون ڀري ڀيڻ ۽ ماءُ کي ڏيندو ۽ پوءِ ڪوسا ڪوسا کير جا گوها پنهنجي وات ۾ هڻندو. مٺا گوها کيس ڪيڏي نه راحت بخشيندا هئا.جڏهن ڌرتي ٽامڻي هڻندي هئي سج اکيون ڪڍندو هو. پير ٽڙڪندا هئن پکي ٽيئون ٽيئون ڪندا اچي آکيرن ۾ آرامي ٿيندا هئا. تڏهن پاڻ مال کي ڍنڍ ۾ لاهي انگوڇا ٻڌي ڍنڍ ۾ تڙ ڪندا هئا. هڪ ٻئي کي پاڻيءَ جون لپان ڀري هڻندا. ساهيون پٽائيندا ٽٻيون هڻندا، ٿاڦوڙا هڻي هڪ ٻئي کي پاڻيءَ جي اندر ئي پيا پڪڙيندا هئا.
ڇا ته اهي به ڏينهن هئا اڃان بچاءُ بند نه پيو هو. جنهن ڍنڍ جي حسن کي پيرسن ماڻهو جي پوڙهن گهنڃيل جهريل چهري جيان بڻائي ڇڏيو هو. نه هاڻ اها کينجهو هئي نه اهو حسن هو نه اهي چوپاريون هيون. ۽ نه اهو پاڻ هو چوڏس سڃ ئي سڃ هئي. ملوڪ ڪيتري دير تائين بيٺو پنهنجين ننڙين اکين سان ڍنڍ جي تري کي گهوريندو رهيو. اهي به ڏينهڙا هئا جڏهن پاڻ ڪنهن جي به اوڏڙو نه هو، هٿ ۾ بئنسري چپن تي چنگ ۽ هڪ هي به ڏينهن آ جڏهن ڪلهي ۾ رائفل ۽ چيلهه ۾ تمنچو اٿس. اهو به وقت هو جو پاڻ ڀلوڙ ميهار ڪوٺبو هو ۽ هي به وقت آ جو پاڻ ملڪ جو ناميارو ڌاڙيل آهي. ان وقت مينهون اڳ۾ هونديو هيس. ۽ هاڻ پوليس پويان اٿسپاڻ جو ڪنهن پکيءَ کي سير ڏيندو به نه سهي سگهندو هو. تنهن جي ماڻهن جي رت سان راند ڪرڻ شروع ڪئي سا به عجيب ڪٿا هئي ڇا ڇا نه سٺائين پاڻ ڌاڙيل بڻجڻ کان اڳ ۾ گهر ي کاٽ لڳس. واڙي مان ٻه ڀٽاريون چوري ٿي ويس پير کنيائون ٿم تي پهتا پر اڳيان هئا وڏيرن جا خاص ماڻهو سو صفا الي ويا. ۽ پاڻ ڀيلو منهن ڪري اچي وٿاڻ ڀيڙوٿيو هو. اڃان ڀٽاريون دل کان لٿيون ئي نه هئس ته سندس مڱ زينب جنهن سان ننڍي لاڪون مڱيل هو سا ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيائون. گهڻا مٿا مونا هنيائين قرآن مصاف کنيائين راڄ پاڙي کي دانهن ڏنائين وڏيري ڏي ويو.پير ڏي ويو پر ڪجهه نه وريس. پير ۽ وڏيرو ته خانو جا ڀرجهلو هئا ٻئي اڳ ۾ ئي لبجي ويا هئا. وري جو وڏيري سان تکو مٺو ٿيو ته پوليس هٿان ڪٽرايو ويو ۽ پڻس گهنجهه وڪڻي ڇڏائي آيو هوس. انهيءَ کان پوءِ پاڻ سدائين گم سم پيو شڪارو ڀريندو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو هو. بئنسري مان آلاپ ڪڍندو هو. جڏهن زينب جو تصور ايندو هوس ته اکين مان الاپيا نڪرندا هئس. منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هوس اڀا ساهي وٺي ويندي هئس مٺيون ڀڪوڙجي وينديو هيس ۽ تيڏي مهل ڀور جي ڳچيءَ تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ڇڏيندو هو.ڀور جو ڪنڌ ڳوڙهن سان ڀڄي آلو ٿي ويندو هو ۽ ڪا مهل ائين بيٺو رهندوهو. من ۾ وير وٺڻ جا جذبا پيا جاڳندا هئس ۽ منجهي پوندو هو ته ڇا ڪري؟
زينب جو ڦٽ مڙيو ئي مس هئس ته مٿس ٻي ڇپ ڪڙڪي هئي ڳوٺ واري وڏيري هن جي ملوڪ ڀيڻ مريم جي سنگ ڇڪايو اکين ۾ رت ڀرجي آيس. ايڏي گار، مريم ننڍي هوندي کان سندس سوٽ انور سان مڱيل هئي ۽ انور پڻس جي مربي ڀاءُ جيڇڏيل نشاني هو. جو پڻس کي مريم ۽ ملوڪ کان وڌ پيارو هو. پڻس وڏيري کي کتو جواب ڏنو هو ۽ جواب جي ڪجهه ڏينهن پڄاڻان سانجهيءَ ويلي چئن پنجن گهوڙن تي سوار رهزنن سندس گهر تي حملوڪيو هو. پاڻ ان وقت مينهن ڏهي رهيو هو رهزنن پڻس ۽ هن کي ڌڪ هڻي مريم کي کنڀي کنيو. لوڙهه کڻي گهوڙن جي پٺيان گهوڙ جي پٺيان ڊوريو هو ۽ پري پري تائين مريم جون دانهون ڪوڪون ڪنن ۾ پئي سريس ٻه ڏينهن پورا ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهيا مريم جي موٽائڻ لاءِ مريم ته موٽي پر مرڙهه جي صورت ۾ مريم ڦاهو کاڌو هو ۽ پاڻ ڪيتري دير ڀيڻ جي مٿان بيٺو رهيو. ڇتين نظرن سان گهوريندو، پوءِ ڊڪپائي بئنسري ۽ چنگ کنيائين. بئنسري کي ٻه ٽڪر ڪري زوم سان پري اڇلائي ڪڍيائين. چنگ کيمروڙي ڀُر ڪري سٽيائين. پاڻ ڊوڙندو ٻيلي ۾ گم ٿي ويوهو. ٻيلي ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي وڃي نازو ڌاڙيل سان مليو هو. هاڻي بئنسري جي جاءِ رائيفل ورتي هئس. چنگ جي جاءِ تمنچي واراري هئس نازو جو ٽولو ڏيهان ڏيهه مشهور هو. ڇا ته پاڻ ڌاڙا هنيائين وارداتون ڪيائين اهي بهادريون ۽ دليون ڏيکاريائين جو نازو ڪا ساعت سراپجي ويندو هو ڪيترا ويرا پوليس سان آمهون سامهون ٿيا پر بازن جيان پوليس کي ٽوٽا چٻائيندا پاڻ ۽ پنهنجي سنگتين کي بچائيندا واءُ ٿي ويندا هئا. هنن جي ٽولي ڪنهن غريب تي هٿ نه کنيو. ڪنهن مسڪين کي نه ڏنڀيو. ڪنهن زائئفان ذات کي نه ستايو. سندن نشانو پيٽ وڏا سيٺيون وڏيرا ۽ رت پياڪ ڪامورا هوندا هئا. اک ڇنڀ ۾ مارو ڪندا ڍيرسارو مال کڻي بازن وانگر جهڙپون ڏيئي ورندا هئا. تاڙ ايڏي تکي جو جتي هٿ پوندن ته مايا سان ڀريو ايندن ٻه ٽي وڏيرا ۽ سيٺيون هنن جي گولين جو بک بڻيا هئا ڪافي ورهيه لنگهيا هئس ڌاڙا هڻندي جيڪو به حصو پتي ملندو هوس ته واٽ ويندي ڪنهن غريب مسڪين يارن زال کي ڏئي ڇڏيندو هو. جتي به ڪنهن ڪنهن غريب تي ڪو قهر ٿيندو ٻڌندو هو جهٽ وڃي اتي ڪڙڪندو هو انهيءَ وچ ۾ ڪيترا ڀيرا ڳوٺ جي ياد آئي هئس پر پهه ڪيل هوس ته هو جڏهن به ڳوٺ ڌاڙو هڻندو ته اهو هن جو آخري ڌاڙو هوندو ۽ اڄ پنهنجن سنگتين کي ساڻ وٺي هو ڳوٺ ڏي ويو هو نيري ٽپهري هئي جو هو اچي کينجهو تي پهتا هئا. ڪا دير اتي بيٺا رهيا. ملوڪ پنهنجي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هڻندو رهيو ۽ جڏهن سج هيٺ ڌرتيءَ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ پنهنجو رنگ مٽائي نارنگي ڪيو ته ملوڪ گهوڙي کي اڙي هنئي ۽ پاڻ واءُ مينهن ٿيندا اچي ڳوٺ پهتا وڏيري جي اوطاق تي گولين جو مينهن وسائيندا حويلي ۾ داخل ٿيا اڱڻ ۾ وڏيري جون نياڻيون،زالون ۽ٻيون مايون مٿن تي قرآن کنيون خوف کان ڏڪنديون بيٺيون هيون. انهن ۾ نازان به هئي سونهن جي ديوي مريم جو تصور اکين اڳيان ڦري آيس دل ۾ خواهش جاڳيس پر وري پاڻ کي ڇڙٻيائين، متان ڀاڙيا اهو مڙسن جو وڙ نه آهي. اڳتي وڌي ماين جي اڳيان آيو اديون امڙيون ڌيرج ڪيو مان توهان جو اوڏڙو ناهيان. مان وڏيري جهڙو بي غيرت ناهيان جو نياڻين تي هٿ کڻان. ائين چئي ورانڊي ۾ لوهه پاتائين. جتي وڏيرو هنڌن ۾ لڪيو ڇپيو هو سڄا هنڌ وڏيري سميت ٽنگ پروڻ ٿي ويا. گولين جو مينهن وسائيندو ٽپڙ ٽاڙي پئسو پنجو کڻندو پير جي اوطاق تي پهتو. جتي پير صاحب ته مڻين ماس سان ويهاڻي کي ٽيڪ ڏنيون حقي مان دونهان ڪڍي رهيو هو. گهوڙي تي ويٺي ئي رائيفل ڇوڙيائين. “ گهڻا ڏينهن دلالي کاڌءِ دلا مروان” هڪل ڪيائين رائفل ڪم پورو ڪيو هو ۽ ويهاڻن مان ڪارو ڳاڙهو رت ريلا ڪري هيٺ وي هليو. گهوڙو هڪلي زينب جي گهر آيو زينب چلهه جي ڀرسان بيٺي هئي. سامهون ملوڪ کي گهر ۾ گهڙندو ڏسي بت بڻجي وئي. هانوَ وڃي پيرن ۾ ڪريس. ملوڪ رائفل جو سڌو ڪئي ته نظر وڃي وڏي نڪتل پيٽ تي پيس. رائيفل جو نال هيٺ ٿي ويس. انهيءَ پيٽ جي اندر پلجندڙ معصوم جوڪهڙو ڏوهه خود زينب جو ڪهڙو ڏوهه اسان وٽ ته نياڻيون ڍور جي ڪڍ لائبيون ته به هليون وينديون.ذهن پلٽو کاڌس ۽ تئين ئي واپس وريو. ورندي ڇپر ۾ ويٺل زينب جي پيءُ تي نظر پيس. هڪل ڪيائينس “ڌيءَ ڀيڻ کي گارهڪ دفعو ڏبي آ دلا” مڇ کي وات ۾ چٻاڙيندي رائيفل جو وسڪارو لائي ڏنائينس. سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ڀاڄ پئجي وئي. مايون ٻار هنجن ۾ لڪايون ملوڪ کي ڏسي رهيون هيو. هڪ ملوڪ هو، جيڪو ڪنهن جي به اوڏو نه هو ۽ هڪ ملوڪ هي آ جو رت جي راند ٿو کيڏي....... زينب جي گهر کان ڦرندي ملوڪ پنهنجي گهر ڏي وريو ڀُتي ڇپر اڳيان گهوڙو جهلي ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو جتي انور لٿل منهن سان ونڱيل مينهن جي ڀر ۾ بيٺو هو. واڙي ۾ نه اهي ڪنڍيون هيون، نه ڀوران باقي ٻه چار ڪن هئا ڇڙا هڏا. ٻه ٽي منٽ بيٺو رهيو. چار ئي ڪنڊون چتائي ڏٺائين نه پڻس هو، نه مريم هئي نه ماڻس هئي اکيون آليون ٿي پيس. سامهون کٽ تي انور جي بئنسري پيل ڏٺائين ڊوڙ پائي وڃي بئنسري کنيائين کير جي ڏڌل چونئري وات تي آندائين. اڌ چونئري پي ويو انور جي ڪلهي تي هٿ هڻندو وڃي گهوڙي تي چڙهيو. ڪميت اڙي لڳڻ سان ريل ٿي ڇٽو. پنهنجي سنگتين سان واءُ مينهن هڪ ڪندا ڪوهه لتاڙي آيا. گهاٽي وڏي بڙ جي هيٺان اچي بيٺا. گهوڙن تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿا تيرهينءَ جو چنڊ ڪياڙيءَ مٿان کڙيو بيٺو هو. هن انور جي کنيل بئنسري کي چپن تي لاتو، سڄي ٻيلي ۾ سر ئي سر پکڙجي ويا. جيئن پئي بئنسري مان لهرا ڪڍيائين تئين پئي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهيس. هڪ هٿ ۾ بئنسري جهليائين ٻئي هٿ سان رائيفل ڪلهي مان لاهي بيٺل پاڻيءَ جي ڍوري ۾ اڇلايائين. تمنچو ڪڍي سامهون بيٺل وڻ جي ٿڙ ۾ ڀر ڪري سٽيائين. سنگتي مٿان اچي بيٺس ۽ هي هو جو بئنسري مان ڍاپيو ئي نٿي. ڄڻ ته بئنسريءَ مان سالن جي سڪ پئي لاٿائين.