اسان نه ماريو....
اختر به ٻارن سان گڏ،“ اسان نه ماريو، ڪاري ڪتي ماريو” چوندو تاڙيون وڄائيندو گهر ڏي اچڻ لڳو. رستي ۾ ذهن ۾ اهي ئي ٻول ڦرندا رهيس ۽ جڏهن پنهنجي گهر جي ويجهو پهتو ته پنهنجي در تي ڪيترائي ماڻهو بيٺل ڏٺائين در جي ٽپڻ سان اندر ڀيڻ ۽ ماءُ کي کٽ جي ٻانهين کي چنبڙي روئندي ڏٺائين ننڍڙي ڀيڻ چيس “اخو بابا مري ويو.” بابا مري ويو.” ائين چئي کڻي تاڙي وڄايائين “ اسان نه ماريو ڪاري ڪتي ماريو..........” ماسينهنس کڻي وات تي هٿ رکيس ته “بابلا ڀلا ٻار ائين ناهن چوندا.” ۽ پوءِ گم سم ٿي ويهي رهيو هو، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته بابا کي ڪنهن ماريو ڪاري ڪتي.....ڪنهن ماڻهو يا الائي ڪنهن ٻئي شئي..... اڄ ٻن سالن کانپوءِ جڏهن مٿي تي ڇولا کڻي گهٽي ۾ پئي هوڪا ڏنائين. تڏهن به کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخرڪار هن ڪهرو ڏوهه ڪيو هو جو هن جي مٺڙي بابي کي ماريو ويو ڪنهن ماريو هو هن جي پياري پيءُ کي..... اڄ جي پڻس نه مري ها ته هو ڇولا نه وڪڻي ها. هن جي جيجل ماءُ سدائين جهرندي ۽ روئندي نه رهي ها ۽ ننڍڙي ڀيڻس سڏڪندي نه رهي ها پاڻ ٻئي درجي مان نه نڪري ها هو خيالن ۾ گم سم جيئن اڳتي وڌيو تيئن اڳيان ڇوڪرن جو انبوهه نظر آيس جي هڪ ڪريل روئندڙ ڇوڪري جي مٿان بيهي تاڙيون وڄائي چئي رهيا هئا.“ اسان نه ماريو ڪاري ڪتي ماريو..........!”