ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

اسين جاڳيا آهيون

هو اکيون مهٽي اٿيو، دلي جي ٿڌي پاڻيءَ جومنهن تي ڇنڊو هنيائين ۽ ڇپر ۾ گهڙي ويو ڪوٺيءَ جي ڪرنگهل مان چمڪندڙ ڪهاڙي ڪڍيائين اڇي کير جهڙي چنڊ وانگر چمڪندڙ ڪهاڙيءَ جي ڌار تي هٿ ڦيريندي هن ڀڻڪاٽ ڪيو “اڄ تنهنجا مهمان آهيون جانو! گهڻا ڏينهن عيش ڪئيه” هن جي اڳيان پيرل جو رت ٻڏل چهرو تري آيو، جنهن تي ڪيئي ڪهاڙيءَ جا گهاءَ هئا. پيرل هن جوسوٽ هو نه رڳو سوٽ پر سندس پياري ڀيڻ جو ور پڻ گذريل سال جانو وارن پيرل کي خون ڪيو هو ۽ هيل هن پيرل جو پلاند ڪرڻ پئي چاهيو ان لاءِ هن جاڻيجن کي ونگار تي گهرايو هو“ضرور آيا هوندا” هن کي جاڻيجن جو خيال آيو “جاڻيجا به مڙس آهن ويل ڪين وڃائيندا” هن ڪهاڙي کي چميو ۽ ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو چنڊ لهي ويو هو هاڻي گگهه اوندهه هئي هن ننڍڙي پٽ ڏي ڏٺو جيڪو ماضي حال ۽ مستقبل کان بي خبر گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو، هن جي اڳتي وڌي هن کي چمڻ چاهيو “ڇڏينس جاڳي پوندو اصل نه ڇڏيندو.ننڍا ٻار ڪيترا پيارا ٿا ٿين ٻار اکين جي آسيس آهن” هن سوچيو “جيڪڏهن مان مري وڃان ته ........” هن سمجهيو هو مري ويو آهي ماڻهن هن کي ڪفن ڏيئي کٽ تي سمهاري ڇڏيو آهي هن جي زال ڀيڻ ۽ ڪراڙي ماءُ ڍُنڍڪران ڏيئي روئي رهيون آهن ۽ هن جو پٽ بابا بابا ڪري کٽ کي چندڙيو پيو آهي هن کي پاڻ ئي ان منظر تي اکين ۾ ڳوڙها ٿا اچي وڃن پٽس چويس ٿو “بابا بابا، مان تي وٿي هل” توبهه ٿي منهنجا الله هو نڪ تي آڱر ڦيري توبه ٿو ڪري ۽ اڳتي وڌي ٿو. هن جي اڳيان هٿڪڙيون ٿيون اچي وڃن. هو پاڻ کي جيل ۾ ڏسي ٿو ۽ پٽس در در ڌڪا کائي وڏو ٿئي ٿو ڏسي ٿو ت جانو جا پٽ پنهنجي پيءُ جي پلاند لاءِ ان جي پٽ کي ڪهي ٿا ڇڏين. هن کان وري درڙي نڪري ويئي. هن توبهه توبهه ڪري وري نڪ تي هٿ ڦيريو. هاڻي هو ڳهڻ وٺي پوٺي تي آيو آهي. ڪڻڪ جي پڪل آنڀن جي مٺڙي خوشبوءِ ڏکڻ جي مٺڙي هير، هن جي دماغ ۾هڳاءُ وجهي ٿي ڇڏي. هاڻي ڪڙيو وٺي اڳتي وڌندو ٿو رهي هي زمي ڪڏهن هن جي پيءُ جي هئي. هو ۽ هن جو پيءُ هي زمين آباد ڪندا هئا. هن ٻنيءَ جو ڀتر ڀتر هنن جو پنهنجو هو.او اصل ست پيڙهيائتي واڻين لاڪون پر هڪ گوڏر هن کان اها کسي ڇڏي. هن وڙهڻ چاهيو هو ٻنيون ۽ ونيون سر گهرنديون آهن پر رئيس هن کي ڊپ ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هو “خبردار جي چوڌري علم الدين تي هٿ به کنيو اٿئي سر لڻائي ڇڏيندوسانءِ چوڌري اسان جو يار آهي.” ۽ هو پوءِ ڀوتار جي يار کي ڪجهه به نه چي سگهيو هو. پنهنجي ٻني ڦرائي ماٺ ڪري ويهي رهيو هن اڳتي وڌي ٻه پڪل سنگ پٽيا. انهن کي تري تي رکي مهٽيائين هن کي ائين لڳو ڄڻ سردار کين ائين مهٽي ڇڏيو آهي. هن ڦوڪ ڏئي اڇا اجرا سونا آنڀون وات ۾ وڌا هن کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو . هن کي ائين لڳو سڀاڻي ڪو هن جي زال کنيو ٿو وڃي. هو انسان وڙهڻ ٿو چاهي پر رئيس کيس روڪي ٿو. “ملو خبردار جو وڙهيو آهين، اهو منهنجو يارآهي.” هن سوچيو پوءِ اسين ٻنيون ۽ ونيون کسائيندا وتون ۽ انهن کي ڪجهه به نه چئون ڇو جو رئيس جا يار آهن اسان ڇا آهيون؟ اسان جون عزتون ۽ غيرتون رئيس جي هٿ ۾ آهن؟ رئيس هن کي رئيس جا ڪردار هڪ هڪ ٿي ياد اچڻ لڳا. “ نيازو وارن سندس چوڻ نه مڃيو هو چوڌريءَ سان اٽڪي پيا هئا ته رئيس انهن جي گهر کي باهيون ڏياري ڇڏيون نو ئي گهر سڙي رک ٿي ويا. ۽ نيازو جو ننڍڙو پوٽو به جيڪو پينگهي ۾ ستل هو. ڪوئلو ٿي ويو. هن کي ائين لڳو ته سندس گهر کي باهه ڏياري وئي آهي ۽ هن جو پٽ سڙي ڪوئلا ٿي ويو آهي. “ توبهه توبهه” هن وري نڪ تي تي هٿ ڦيريو هو واهي ڀرسان ويهي ٻڪ سان پاڻي پيئڻ لڳو. منهن تي ٿڌا هڻي، چادر جي ٻٽ وڌائين ڪهاڙي کي ڏسي هن ڪلها ڇنڊيا هن کي پيرل جو پلاند ڪرڻو هو پر پيرل کي جانو وارن ڇو ماريو؟ پيرل وڏو ڪاٽڪو هو. رهندو به سدائين رئيس وٽ هو. هو جانو وارن ڏي چوري ڪرڻ ويو. ڪي چون ٿا ته سردار جانو جي ڌيءَ کڻڻ لاءِ موڪليو هئس. جيڪا چنڊ جو ٽڪرو هئي. جنسي باهه ....... پر جانو وارن کي جاڳ ٿي پئي. ۽ هن کيس ٻڌي ماريس ڇڏيو. هن جي اڳيان پيرل جو چچريل چهرو تري آيو. جيڪو رت ۾ ڳاڙهو هو. کيس ڪيئي گهاءَ هئا. پوءِ اهو ته جانو وار جو ڏوهه نه ٿيو” جيڪڏهن ڪوئي منهنجو لوڙهو ٽپي اچي ۽ مون کي جاڳ ٿي پئي ته ڳڀا ڳڀا نه ڪري ڇڏيانس.” هن ڏاڍيان چيو هو هاڻي اڳتي وڌي حد ۾ آيو. هن سينڍ جو جواب سينڍ ۾ آيو ۽ هي اوڏانهن روانو ٿيو “مڙس آهن جاڻيجا گٿا ڪونه اچي ويا” هن کي سامهون ٽي پاڇا چرندا نظر آيا. ۽ باهڻ جي ڊگهي لامن جي هوا ۾ لڏڻ سان پيدا ٿيل آواز هن جي روح کي خوشي بخشي. هن کي ائين ڀاسيو ڄڻ اسر ويل مصري خان جمالي الغوزي تي راڻو ڳائي رهيو هجي. “ساڪڙ جي سڳنڌ حياتي ڪيڏي نه سٺي آهي.” هن سوچيو “جانو کي به حياتي پياري هوندي” هو پاڇن وٽ آيو، ٽيئي اٿي اچي هن سان مليا.هن دل ۾ خيال ڪيو ته “جانو کي نه مارڻ گهرجي پر سسي سردار جي لڻجي جيڪو اسان پورهيتن جو ويري آهي ٻنيون کسي ۽ کسرائي ونيون تاڙي ماري ۽ مارائي جيلن ۾ وجهرائي پاڻ ڪٽي ۽ پوليس کان ڪٽرائي، ڇا جو سردار ! سردار ته ڇانو ٿيندا آهن، نه تتل ڏينهن، جانوءَ پيرل کي ڪونه ماريو هو پيرل کي پنهنجن افعالن مارايو هو. هن پاڻ جهڙ مسڪين جو لوڙهوٽپيو،رئيس جي هشيءَ تي جانو جي نياڻيءَ اسان جي نياڻي نه آهي!ايئن لڳس ڄڻ وڏيري ڪو ٻيو پيرل موڪلي سندس بيوهه ڀيڻ کي کڻائي رهيو هجي.“ نه ويندين وڏيرا” هن کان درڙي نڪري ويئي. “ڇا هي مولو؟” پاڇا هن جي ويجهو آيا. چار ئي چمڪندڙ ڪهاڙيون اڳيان ڪري بڙ جي جهنڊ ۾ ويهي رهيا. حالي حوالي ٿيا. مولو پنهنجي خيالن ۽ ويچارن کان هنن کي واقف ڪيو. سڀئي ڪا گهڙي ماٺ ۾ اچي ويا. سڀني کي وڏيري جا ڏنڀ ياد پيا. هنن سوچيو “هنن سڄيون عمريون رئيس جي چوڻ تي پنهنجن جو رت پيتو آهي.” هنن کي ابٿون پئي آيون ڄڻ سمورو رت اندران ڪڍندا هجن. هي سوچڻ لڳا. “ اسان پنهنجن ڪهاڙين سان ئي پنهنجن ڀائرن،ڀائيٽن، پٽن ۽ پوٽن کي ڪٺو آهي.” هنن ائين سمجهيو ڄڻ انهن پنهنجو هڪ هڪ عضوو وڏي بيدرديءَ سانپاڻ ڪپي پاڻ کان پري ڪيو آهي. نبو سنگهه ڪڍندي چيو،“ اسان هميشه پنهنجو پاڻ کي ڪٺو آهي ۽ وڏيرو سدائين ٽهڪ ڏيندو رهيو آهي. پر اڄ وڏيرو پنهنجا ٽهڪ ختم سمجهي.” خاوندي چيو “اسان جاڳيا آهيون اسان جاڳيا آهيون! هاڻي پيرل جو پلاند جانو کان نه پر رئيس کان ٿيندو!”