کوهيل کنڀ
ٽريڪٽر جي ٽراليءَ ۾ ڪافي سامان سٿجي ويو هو ڳوٺ ۾ گهري ماٺار ڇانيل هئي صرف نبو وارن جي گهر ۾ ڪتي پئي ڀونڪي ڪيترا گهر پالها پيا هئا. ڊٺل ۽ ويران هي سڀ ڪجهه ڇڏي هو ڪاڏي هليا ويندا.
هي گهر جنهن ۾ بانبڙا پاتا هئائين پنڌڙو ڪيو هئائين کيڏيو هو. ڪڏيو هو اهو گهر ڇڏي ويندو هي اسڪول هيءَ مسجد هي سڀ گهر گهٽيون ڪاڏي ڇڏي ويندا. ننڍڙي دماغ ۾ اها ڳالهه ئي نه پئي ويٺس ته کانئن سندن ڳوٺ ڇو پئي ڦريو ويو ڇو پئي سندس وستيون ويران ٿيون. سامهون واڍن جي ڳوٺ ۾ ٽي بلڊوزرپئي وهيا. ساڳيا بلڊوزر هن جي ڳوٺ کي به هڻي تري ڪري ڇڏيندا. کوهيل کنڀن وارو طوطو ته آکيري ۾ به نه پهچي سگهيو هو. هنن جا آکيرا ئي پٽيا ويا الائي ڇا ٿي ويو هي ڪهڙا ماڻهو هئا خاڪي ڪپڙن ۾ ڪاري ناسي ٽوپن ۾ جيڪي ڪالو بڻجي آکيرن مان طوطن کي ڪڍي کنڀ کوهيندا ٿي رهيا. الائي هنن جا آکيرا پٽي هنن جي ڳوٺن ۾ ڇا پئي ٺاهيو ويو. اکيون ڀڄي پيس سڏڪو نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هوس. سامهون ڏٺائين ماڻس گهر جي ڀتين کي چميون پئي ڏنيون ۽ ڍاڍون ڪري پار به پئي ڪڍيائين. ماڻس جي ڍاڍ تي هن کان دانهن نڪري وئي.رڙندو اچي ماءُ کي چنبڙي ڪڏهن ماءُ کي پئي چميائين . ڪڏهن گهر جي ڀتين کي۽ ائين روئندي روئندي ليٽڻ لڳو. گهٽيءَ جي مٽيءَ ۾ مٽي جنهن کيس آخري ڀيرو ڇهيو پئي ۽ چميو پئي.