ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

کير جهڙي ڪاري

ماسي “پاسي ٿجانءِ” گاهه جي ڀري مٿي تي کنيون هوءَ پنهنجن پورن ۾ مگن هلندي پئي وئي ته پٺيان کيس مٿيون آواز ٻڌجڻ ۾ آيو هوءَ رڙ تي پاسي ٿي بيٺي ماسي چوڻ وارو نوجوان نينگر هو جيڪو سائيڪل تي چڙهيو سامهون واري شهر پئي ويو. “ماسي” لفظ هن جا ڪپاٽ کلي ٽاڪاڇڏيا. هوءَ درد جي درياءَ ۾ جهاڳڻ لڳي ماسيءَ هوريان ورجايائين ۽بي اختيار سڏڪو نڪري آيس. اکين جا بند ڀڄي پيس ۽ پاڻ کي هڪ تيز طوفان سان گهلجندو محسوس ڪيائين. وقت جي ڦيٿي وڌيڪ پوئتي ڌڪي ڇڏيس. دور جتي پنهنجائپ هئي، پيار جي پالوٽ هئي قرب جو درياءُ هو، سڪ جو سمنڊ هو، جيڪي نفرت جي آگ سڪائي ڇڏيا هئا ۽ هاڻي باقي رهيو هوس اکين جي نيريءَ ڍنڍ جو ميرانجهڙو پاڻي جيڪو حياتيءَ جي هر اذيت ناڪ پل ۾ سدائين ٽمندو رهيو هوس. اکيون پانارا بڻجي ويون هيس. سدائين ته وسندو رهيو هوس گوندر جو مينهن اڄ سالن پڄاڻان کيس ڪنهن ماسي ڪوٺيو هو. ماسي پيار جي اٿاهه ساگر ۾ سمويل لفظ جيڪو پاڻ سان محبت جا ست ئي رنگ ٿو آڻي هوءَ يڪا ڪڏهن ڪنهن جي ڪجهه هئي، ماسي ادي، ڌيءَ ڪنهن جي اکين جو نور،ساهه جو سرور، پر سڀ سڱ ڇڄي ويا هئس. سڀ رستا رسي ويا جيڪي دلين کي ڳنڍيندا هئا. ڪوبه سندس نه رهيو ڪنهن جي به پڻ نه هئي. نڌوري سسئيءَ کان وڌ سرائتي عمر ڪوٽ ۾ قابو مارئي جنهن کي پنهنجو ئي کيت پنهنجا ئي مارو! اڇلي ويا هئا هئس آڙاهه ۾ ڍول ڀائر، ڪڙي ويا هئس ڪوٽ ۾، لتن بجن جو ڏاج ڏي ڊگهيون ديوارين جي اندر جنهن جا ڪنگرا ڊگها هئا. سنڌ جي ريتن رسمن جيان وقت جي وهڪري کيس ڪٿان کان ڪٿان آڻي ڪڍيو هو. دل مان درد جا دونهان اٿڻ لڳس. دونهين جي غبار۾ ڏٺائين پاڻ کي پتڪڙي، ابي امان جي ننڍي پيٽ گهروڙي ڌيءَ چلولي اربيلي وڏي گهاٽي نم هيٺان گهر جي پڌر ۾ وڏي ڀيڻس هنج کڻي کيڏايو هوس ۽ ڀائرن لال ڦيري گل ڦيري ڪرائي هيس. کلي کلي کيري ٿي پوندي هئي. هر قسم جي غم ڳڻتي ڏک ڏولاوي کان آجي، حياتي ٽهڪ ئي ٽهڪ، هاءِ ڙي ٻاروتڻ جيڏو ننڍو، اوڏا ٽهڪ، جيڏو وڏو اوڏا چهڪ، نياڻي ست قرآن ۽ پوءِ ست قرانن جي ڳنڍ ٻڌي اڇلائي ويا هئس. مرن جي اڳيان بنان احترام جي جتي ڪنهن به کيس اکين تي نه لاتوهو.مقدس سمجهي، گهنڃيل چهري جي جهرين مان لڙڪ ٿڙندا ٿاٻڙندا ڌرتيءَ کي آلو ڪندا پئي ويا. گهاريل جيون جا لمحا چٽا پئي اکين اڳيان ڦرندا ويس. هر تصور اذيت ناڪ هر ياد دل چيريندي پئي ويس. ڀيڻ ڀائن جون شاديون ٿي ويس. وڏا ڪاج دهل دماما،سهرا ڳيچ، پڻس ماڻس جون هنبوشيون ۽ هن پاڻ جهمر پائي ادن جا ڳيچ ڳايا هئا. ڀيڻ کان روئي موڪلايو هئائين. ان وقت کيس معلوم ٿيو هو ڪنهن جي وڇڙڻ جوپهريون پل،ڏاڍي رني هئي. جيڪس ڀيڻ هميشه لاءِ ويندي هجي. هميشه لاءِ ته پاڻ وڇڙي هئي ولر کان وري پاڇو به نه ڏٺو هئائين. پنهنجن پيارن جو ڀيڻس ڳچيءَ لڳي رني هئس. ۽ پوءِ ڏاڍو اداس ڏاڍو ويڳاڻي گذاريو هئائين ماڻس سان گڏ ڀيڻس توڙي جو هئس به ساڳئي ڳوٺ ۾، ماڻس سدائين سڪندي رهي هئي ۽ هاڻي شايد روئندي هجي، حيات هجي يا..! منهن جي اورڻ ماءُ تو به ياد نه ڪيو يا تنهن جا چپ سبيا ويا مان جي تنهن جي سامهون ماري ڪٽي ڪڍي ويس تو سڀ ڪجهه سهي ورتو هوندو امان! تون ته پير ۾ ڪنڊو به نه سهندي هئينءَ ياداٿم ابي هڪ لڱان جهڻڪو هو ته تون وڙهي پئي هينئيس ۽ مون کي جهوليءَ ۾ سمهاري مٺي لولي ڏني هيئه پوءِ ههڙي جاڙ تو ڪيئن سٺي هوندي تون ته مري وئي هوندينءَ اان. تون ته مري وئي هوندينءَ......
سڀ ڪجهه معمول تي اچي ويو هو. ڀيڻين جي جاءِ ڀاڄائين والاري هئي ساڳيا سک ساڳيون خوشيون ۽ پوءِ اڱڻ تي وڌيڪ گل کڙيا هئا. ٻاتا ٻات ٻول ٺري پوندي هئي ڀائيٽا،ڀاڻيجا سدائين ڪڏندي وتندي هئي ڪو رئو ڇڪيندو هوس ڪو چولي پڪڙيندو هوس ڪو چولي کي سٽ ڏيندو هوس.ننڍا پتڪڙا هٿ منهن تي هڻندا هئس. اصل وڇائجي ويندي هئي. ڪوڙ پچاڻي روئندي هئي. مري ويندي هئي ۽ سڀ روئندا هئس مٿان ماسي،پڦي ڪري۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي هئي. سڀ ٽهڪڙن ۾پئجي ويندا هئا هيڏي پڦي هوڏي ماسي، پوري نه پوندي هئي. هنن جون ننڍريون پتڪڙيون ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پوندي هئي گلاب جي گل جيان........ ۽پوءِ هيءَ مکڙيءَ مان گل ٿي پئي. سدا بهار گلاب هٿين پيرين ميندڙي جوڀن جو هڳاءُ نچندڙ ڪڏندڙ هرڻي، چيلهه تي پوندڙ ڪارا ناسي وار، پير کڻڻ سان ڇير جو گمان ٿيندو هوس. ڪيڏي نه ڀلي لڳندي هئس ڪائنات، محبتن جا ميڙ، سڀ مٿانئس ٻلهار سڀني جي دادلي ڪيڏي نه خوش هئي پاڻ ٽمٽار تار ۽ تار پاڻي ته ٻوريندو آهي. هڪ ڏينهن دهل شرنايون سندس گهر آيون.ڀيڻس جيئن رات جو هارجي سينگارجي ڀيڻ ڀاڄاين هٿان پيش ڪئي وئي هئي. هن دئوس جي، جيڪو سندس پيءُ کان به وڏو هو،جهريون جهريون چهرو، چچيون سِتُ ڀريون اکيون پوپلو وات،ڊگها وڏا شهپر جهڙو جِنُ، سڀئي سپنا ڀورا ٿي پيس، وڏيون ڍنڍڪران ڏئي رني هئي. ڦسيل هانو سان بابل جي گهر مان تڙي پئي وئي ڄڻ حوا کي جنت مان ڪڍيو پئي ويو.حوا ته کڻي ڪيو هو ڏوهه آدم کي برغلائڻ جو، هن جو ڪهڙو ڏوهه هو، ۽ پوءِ به هن ڪيڏي نه خدمت ڪئي هئي ان پوڙهي جي هر ڳالهه تي جهڻڪون سهندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي پوپلي وات مان گارين جي ناڙي، جڏهن ماءُ ڏي ويندي هئي. ته روئي روئي رڄ ڪندي هئي. جيجل جي ڳچيءَ ۾ چنبڙي سڏڪن ۾ پئجي ويندي هئي. ان ويل پڻس ۽ ڀاڻس جن گهر کان ٻاهر نڪري ويندا هئا.پڻس ڳوڙهن سان ڏاڙهي ڀڄائي آٿتون ڏيندو هوس. “ڌي لکڻي جو امر ڪير ٽاري بس جهڙو اٿئي منهنجي ڏاڙهي جي لڄ رکجانءِ”. ۽ ائين ئي پيءُ جي ڏاڙهي کي ڏسي جواني ساڙيندي رهي پاري جهڙي پوڙهي سان ٻڌو هئاسين. مڙسنهس جي خاندان مان پڻس ڏي ڪو پيٽ رهيل هو ۽ پاڻ اهو پيٽ بڻجي ريتن ۽ رواجن جي ڀيٽ چڙهي هئي. اهي ريتون جي ڪالي ديويءَ کان به وڌيڪ رت پياڪ آهن.
۽ هڪ ڏينهن اوچتو دل ديويءَ اڳيان ڪو چنڊ نميو هو ٻري اٿيا هئس جڳ جڳ ستارا پريت جي اڀ تي وڄي اٿيون هيون. من مندر جون گهنڊڙيون پرهه جا پيغام کڻي راتيون ڇير جي ڇڻڪار بڻجي ويو هيون. ٽڙي پيو هيس اندر جو گلاب سپنو جيڪو سترنگي شهزادي جو ڏٺو هئائين مکڙي مان گلاب ٿيندي سو ساڀيا ٿي ويو،وڳيون هئس تن جون مرليون برهه جي بين کڻي ڄڻڪ سڄي ڪائنات سُر ئي سُر ٿي وئي هيس. ساهن ۾ سرهاڻ پکڙجي وئي هئس. نيٺ هڪ ڏينهن جياپي جا سڀ جا سڀ حق لتاڙي نڙيءَ تي ننهن ڏنو ويس پاڻ ڄڻ توڙئون چنڊي ائين لڇي پئي جيئڻ ڄڻ ڪيئن پنڇي جا پر کوهيا ويا هجن. نينهن جا سڀ نشا لهي ويس هڪ مار سان جيڪا سندس ڀائرن هن پوڙهي کوڳ سان ڏني هيس بيدرديءَ سان، ۽ سڄي جسماني اذيت کان وڌ هئس اهو سور ته جن کيس بجو به ڏنو هو اهي کيس لتن ۽ بجن جو نشانو بنائي رهيا هئا. هر ڌڪ دل تي محسوس ڪيو هئائين بي وس اکن سان ڀائرن ڏي نهاريندي رهي هئي ۽ ڪٿي به ڪو رحم جو ترورو رت جي سٽ پيار جي رتي نظر نه آئي هيس.لال ڦيري گل ڦيري ڪرائڻ وارن رتو رت ڪري ڇڏيو هوس. سڄي رات سڏڪندي رهي هئي ۽ پوئين پهر گگهه اوندهه ۾ کيس گهلي ٻه ضلعا اڪاري کيس قهري ڪوٽن ۾ اڇلائي ويا هئس. ڄاتو هئائين پاڻ اهو ڍونڍ هجي جنهن کي حرام ٿي وڃڻ ڪري ل لاهي پريص اڇلائي ڇڏجي ته ڀل ڪتن ڪانون جو کاڄ ٿئي. لهولهان، ساڳيا ادا جن لاءِ سدائين ڳائندي وتندي هئي“ادل منهنجا چوڏهينءَ جا چنڊ دلپند” ۽ اڄ ساڳيا ادا چنڊ جهڙي جهڙي ڀوري ڀيڻ کي ٿوڪاري رهيا هئا ڪاري چئي ڪاري پر پاڻ ته ننهن چوٽي اڇي هئي جهڙي کير،ڪاري ڪيئن تي بدن جي ڪنهن به حصي تي ڪارنهن جو نشان نه هئس. کيس ڌڪي ڪوٽ جي اندر اڇلايو ويو هو. قهري ڪارو ڪوٽ جتي رنگ رنگ جون ڪاريون ويٺيون هيون،هيسيل معصوم گگدام بي وسيءَ جي صليب تي ٽنگيل ۽ ٽياس تي ٽنگيندڙ مون جيئن سندن ابا ادا رات جو نئين ڪاري کي سردار اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. بنان ڪڇڻ پڇڻ جي گهلي اڇلائي وئي هئي. هڪ سينگاريل ڪمري ۾ جتي ڀوائتن شهپرن وارو ٿلهو متارو ماڻهو ريشمي هنڌ تي ويٺو هو. اکين مان شعلا پئي نڪتس وڌي پيرين پئي هيس. “سائين سردار” لفظ نڪتا هئس وات مان ۽ پوءِ پهنجو پاڻ کي گهٽيل محسوس ڪيو هئائين. ۽ پاڻ ڪري پئي هئي سردار جي ڪارن پيرن تي انصاف لاءِ پر جتي چوٽيون پنهنجا ڪپين اتي ڪهڙو داد فرياد“ رن ڪتي.....” هڪ دفعو وري وسڪارو ٿي ويو هئس لتن مڪن جو ڪيترو وقت ڌڪبي رهي.اکيون پوري ڇڏيائين بيوس ڪنهن سان روئي ڪير پرچائيس ۽پوءِ پاڻ کي هنڌ تي ليٽيل محسوس ڪيائين جتي سڄي رات لوئبي ۽ کوئبي رهي ننگي ننگپال هٿان ڪارين ڳاڙهين جو مالڪ جنهن کي اٻوجهه ماڻهو پيئرن کان وڌ سمجهندا آهن. ٿڌي ڪوسي ۾ حاضر،جنهن جي جي زبان مان نڪتل اکر ڄڻ قرآن، جنهن کي ميٽڻ ڪفر. جنهن جي خلاف اکر ڪڇڻ وارو ڄڻ مرتد ٿيو واجب القتل ۽ سر لڻجي ويندس هن کي هِن پيءُ وٽ لوئڻ کوٽڻ لاءِ هُن غيرتمند پيءُ جي عين سامهون پهچايو ويو هو. هن سسڪندي هٿ پنهنجي سڄيبُت تي ڦيريو، جتي اڃان تائين ڌڪن جا نشان چٽا هئس. جيڪي هن کاڌا هئا جوانيءَ جي پورالن لمحن جڏهن چوڏس ڦهليل هوندي آهي. اڻ ميي مهڪ ۽ متل هوندي آهي. من ۾ جذبات جي جنگ پر هن کي هر ويل مليا هئا ڏينڀوءَ جا ڏنگ، جن جي سوڄ لهڻ واري ئي ناهيس. ڪوٽ ۾ هن کير جهڙي اڇي کي هر روز ڪاري ڪيو ويو. محافظن هٿان هر رات هن جو جسم لويو ۽۽ کوهيو ويو هو. نياڻي ست قرآن بي حرمتيءَ جو بک بڻجي وئي هئي. جيون جهڙو جنڊ، ڏينهن جو خاناڻو جنڊ پيهندي هئي ۽ جُهرندي رهندي هئي جنڊ مٿان ۽ رات جو جسم جنڊ بڻجي پيسجي رهيو هوس واري وٽي سان وڏي سائين، ننڍي سائين،منشين مڙن، ڪاروان ڪڙن، نوڪرن،چاڪرن هٿان ڄڻ پاڻ ڪتي هئي ۽ هي سڀ بکايل جنسي ڪتا،وڏا ڪتا پيٽ ڀري ننڍن ڪتن لاءِ ڇڏيندا پئي ويس. ۽ ائين ادي ابي وارن جي لڄ بچندي پئي آئي ڪوٽ اندر،ادن پنهنجي ڪاري ڀيڻ ڪتن اڳيان اڇلائي نڪ ڌوتو هو. خيالن جو وهڪرو ويس پئي وڌندو.اڄ سالن پٺيان اکين جي ٻنڌ ٽٽي هئس. کرنڊ لٿا هئس ناسورن مان لڙڪ ٽيپا ٽيپا رت بنجي ڳلن کي پاڙڇا بنائيويس پئي ڌرتيءَ کي آلو ڪندا. شايد ه جا لڙڪ ڌرتيءَ کي ڌوڏي قهري ڪوٽ ڪيري وجهن وري ڪا ڪاري نه ٿئي........
پوءِبه ڪيترا ورهيه نهاريا هئائين پنڌ پيچرا ته من اچن مارو ڀائر ڍوليا ڀائر، پر هوءَ ته ڄڻ ٽيپ ۾ آئي هئي جتي ملاقات جا سڀ دروازا بند هجنس. پڻس سڀني کيس پنهنجي پر ۾ ماري ڇڏيو هو. ان ڏينهن جڏهن ڪڙم مان لوڌجي نڪتي هئي . ان ڏينهن کيس ڪونج جي ڪڻڪ سمجهه ۾ آئي هيس ته ڪيئن ورهه جي وڍ ڪري ولر کان وڇڙجي تڙپيو آهي ۽ هڪ ڏينهن سندس زنجير ڍلا ڪيا ويا ۽ کيس ڏورانهين ڏيهه وڪاڻيو ويو ڀڳڙن مٺ تي بي زبان ڍور جيان اڳ ۾ ادن ابي پيٽ تي وڪيو ڪيو هوس ۽ هاڻي راڄ جي ابي هٿان وڪاڻي وئي دڪن تي جو بک مري وئي هين هن مان ۽ ڪيتريون نيون ڪاريون آيون هين ڪوٽ ۾. ڪوٽ ۾ڪيترا دفعا پيٽ ۾ چر پر ٿي هئس. جيڪر هر ويلي خالي ڪرايو ويو هئس ڪوٽ جي دائي هٿان جنهن جو ڪم ئي هو ڪوٽ ۾ ڪارين وٽ ڪتن جا ڇڏيل نشان ريٽڻ ۽ ڪيترا دفعا جيئري ٿي هئي مري ڪري پوءِ هن ڳوٺ ۾ آئي هئي ملهه ٻڌي ٻانهي بنجي کيس ياد آيا ڀائيٽا ڀاڻيجا جيڪي ساڻس چلولايون ڪندا کيڏندا ڪڏندا هئا. هن آهه ڀري مٿي آسمان ۾ ڏٺوجتي ڪارا ناسي بادل وسڻ جا ويس ڪيون بيٺا هئا. هن جيئن ڏکايل ڄڻ ڄاڻ رنا،ڪيئن هوندا اهي اربيلا هوءَ ڀڻڪي بت تي هٿ لاتائين ته ٻري اٿي. سڄي حياتي کوري ۾ پچندي گذاري هيس چوڏس باهه جا الا هئا. پاڻ ڄڻ آلي ڪاٺي هئي. جيڪا اهستي آهستي ٻرنفي هجي. الائي ڪڏهن ٻري رک ٿيندي پاڻ ننڍي هوندي ريڊيو تان سسئي جا بيتٻڌي چهچي پوندي هئي.
هتي اچي هن ڳوٺ ۾ به هن ڇا ته سٺو هو،سڄو ڏينهن چاڪيءَ جي ڏاند جيان گهاڻي ۾ پئي رهندي هئي ڪاٺيون گاهه جنڊ سڄو ڏينهن ولوڙ پوءِ به لفظ ڪاري ڦرندو هوس چوڌاري ڳالهه ڳالهه تي ڪاري ڄڻ ته مٿس نالو ئي ڪاري بڻجي ويوهوس. هڪ پل به ته سک نه ستي هئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هئائين بس ڪٽبي رهي هئي لفظ “ڪاري” جي هٿوڙي سان ماٺ گهوريندي رهدي هئي مٿي نيري آڪاس ۾ جتي ڪا وڄ ڪري ساڙي هن سماج کي ڪري پٽ ٿين ڪوٽ جا ڪنگرا شل ڪا ڪاري نه ٿئي. اڄ سندس ايون مينهن وسائي رهيون جيس دکن جي درياءَ ۾ سانوڻي جي اٿلآئي هي. اکين جو ڍورو سڪو ئي نه ٿي.لفظ ماسي سارا سور سامهون آندا هئس. سڀ رشتا ڪوڙ ادا ابا ڪوڙ،ڪير به سندس نه هو، جا ڪڏهن سڀ ڪجهه هئي ادي،امڙ جيڏي ماسي ،پڦي پر هاڻ ڪجهه به نه هئي ڪنهن ڪاڻ صرف ڪاري هئي ڪاري اکين جا ڇپر کڻي مٿي ڏٺائين سڄو آڪاس ڪارن بادلن سان گهيريل هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سج ليئو پئي پاتو ۽ هيٺ پپل جي گهاٽي وڻ تي ڪا ڪاري ڪوئل ڪوڪي رهي هئي هن جيان.......! .