سسڪندڙ آرزو
اوچتو منهنجي ذهن ۾ چمڪاٽ ٿيو. شايد مون هنن نينگرن مان هڪ کي ڪٿي ڏٺو آهي. ۽ مون هنن کان پڇي ئي ورتو جيڪو لسي ڪرمنڊل ۾ وجهرائي رهيو هو. “بابلا ڇا نالو اٿئي” “عطا حسين” وراڻيائين ڇا پڙهندو آهين،سائين ٻه ٽي مهينا ٿيا اٿم، مدرسي ۾ ويٺو آهيان. هونءَ پنج درجا سنڌي پڙهيو آهيان.” ڀلا انگريزي ڇو نه ٿو پڙهين؟”، “غريب آهيان نه سائين ان ڪري.” ائين چوندي مون محسوس ڪيو ته سندس آواز ڀرجي آيو هو. اکين جي ڪنڊ مان ٻه لڙڪ ڳڙي اچي ڳلن تي پيا هئس. انگريزي اسڪول وارن ابي کان پئسا گهريا ٿي ابو ڪٿان آڻي غريب آهيون نه سائين غريب انگريزي تعليم ناهن وٺندا. ائين چوندي ابهم ٻارڙو سڏڪن ۾ پئجي ويو. ان وقت منهنجي ذهن جي ڳڙکي مان هڪ ياد جهاتي پاتي. هن نينگر جون ڪيل منٿون سڏڪا ۽ روئڻ ياد پيوم. ڇا ته رنو هو هي سسڪندڙ ٻار ان ڏينهن. هي اهو ئي ته ساڳيو ٻارڙو آهي. منهنجي اکين اڳيان هو پورو واقعوڦرڻ لڳو. اهو شايد گذريل اپريل جو پهريون هفتو هو هن ئي شهر ۾ مان اڄ جيئن گهمڻ آيو هوس. هن ئي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي چترڪار دوست جيڪو اتي ڊرائنگ ماستر آهي. ان سان ملڻ ويو هوس. جتي سندس چتر گهر ۾ ساڻس رهاڻيون ڪندي سندس ٺاهيل نوان شاهڪار ڏسندي ڀت تي فريم ٿيل هڪ ايراني پينٽنگ تي نظر پئي هئي. ننڍڙو پتڪڙو ٻار اداس مغموم پيلو چهرو زرد اداس اکين مان وهي هلندڙ ڳوڙها جيڪي ڳلن تان وهندا پئي نظر آيا. ڇا ته ڪمال هو ايراني مصور جو.هي مصوري اصل فوٽو گرافي هئي. انهن لکين ڪروڙين ٻارڙن جي جيڪي ايشيا لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ گرهه ڳڀي لاءِ پريشان کير جي لاءِ تڙپندڙ جن جي مائرن جون ڇاتيون بک وچان خالي ٺوٺ ٿي ويل هجن. هي فوٽوگرافي هئي. انهن يتيم بي سهارا ٻارڙن جي جن جو ڪو مائٽ نه هوندو آهي. جيڪي هن طبقاتي سماج ۾ چتين لڳل ڪپڙن لاءِ به اتولا هوندا آهن.جي سياري ۽ اونهاري مٿي اگهاڙا پيرين خالي ليڙون لٽن سان سڙندا پچندا وتندا آهن. جيڪي قسمين قسمين بيمارين جو بک بڻجي روزانو موت جي وادي ڏي سفر ڪندا آهن. مون اهو ذڪر ان مصور دوست سان به ڪيو. جنهن ٿڌو شوڪارو ڀريو . هڪ فنڪار کان سواءِ ڀلا ان درد کي ڪير ٻيو وڌيڪ محسوس ڪندو. جنهن جا ٻچا خود ننگا ۽ بکيا هجن. هن اٿي پنهنجي البم مان ايل سلواڊور واري معصوم ٻارڙي جي ورتل تصوير ڏيکاري. پنگلو سنهڙو سڪلڙو ننڍو ٻار ڪنهن گندي ڍير مان ماني جا ٽڪر وغيره ڳولي رهيو هو.
ايل سلواڊور جي پنگلڙي سڪلڙي ٻارڙي جي تصوير ڏسندي اوچتو منهنجي ۽ ان مصور دوست جي نگاهه سامهون اسڪول جي ايف اي جي آفيس ڏانهن وئي. جتي هي معصوم پنهنجي پيءُ سان بيٺو هو. اداس پيلي چهري سان سڏڪندڙ جنهن هر هر ايف اي صاحب کي پتڪڙن هٿن سان ٻانهون پئي ٻڌيون. پيرين پئي پيو داخلا ڏيو. سائين مان غريب آهيان، ايترا پئسا ڪٿان آڻيان پر صاحب ڪو به روح ۾ رحم نه آيو هو. ۽ سخت لهجي ۾ کين چيو هئائين، ڪانهي ڪا داخلا اڳ ۾ ئي رش آهي اسڪول ۾ فرنيچر ڪونهي. ڪٿي ويهاريون پئسا ڏيو ته ڪرسي وغيره جو بندوبست ڪيون هي ڪو ملاڻڪو مدرسو ته ناهي جو هر ڪو......
۽ اسان جي ٻاهر نڪرندي ئي پورهيت پيءُ آلين اکين سان پنهنجي سڏڪندڙ پٽ کي ڀاڪر پائيندو وٺي ويو هو ۽ چوندو پئي ويو ته پٽ هي اسڪول اسان غريبن لاءِ ناهي. هل ته مان تو لاءِ ڪو ٻيو بندوبست ڪيان ٿو ۽ اسان بي وس ٿي انهن کي روڪي به نه سگهياسين ۽ اڄ اهو ساڳيو ئي ٻارڙو منهنجي اڳيان بيٺو هو،مٿي تي ٿالهه هٿ ۾ ڪرمنڊل روحاڻيون مانيون وٺندڙ اکين ۾ سڪل خواب کڻي هلندڙ سڪندڙ آرزو سان.............