ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

پنهنجي پاران

ڪهاڻيءَ جي ابتدا ته انسان جي تخليق کان شروع ٿي ۽ ان جو ارتقا جو سفر تيسيتائين جاري رهندو جيسيتائين  دنيا قائم آهي هر انسان بلڪ هر چيز جي زندگي ۾  ڪيئي ڪهاڻيون جنم وٺنديون رهن ٿيون جن ۾ اُس به آهي ته ڇانوبه هر ٻولي  هر زبان ۾ شاعريءَ جيان ڪهاڻي به ڇپجندي رهي آهي. لوڪ ڪهاڻين جي صورت ۾ زباني ڪلامي ڳالهه کڻڻ جي شڪل ۾ توڙي   صورت خطيون جڙڻ بعد تحرير  جي صورت ۾.
سنڌ ٻولي جيڪا دنيا جي قديم ترين ۽ شاهوڪار زبان آهي ان ۾ اهو سفر جاري ساري رهيو آهي ۽ خاص طور موجوده سنڌي صورتخطيءَ جڙڻ بعد ۽ ٻين ٻولين جي  مطالعي ڪري سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ماشاءَ الله اڄ اسان وٽ ڪيئي ڪهاڻيون اهڙيون سرجيون ويون آهن جي عالمي ادب جي پايي جون آهن.
ڪهاڻيءَ سان منهنجي دلچسپي ٻاروتڻ کان رهي آهي. ننڍي هوندي منهنجي ويڙهي ۾ موجود “ملا بکر” نالي سگهڙ کان روز ڳالهه آکاڻي قصو ٻڌندا هئاسين. ٿورو وڏو ٿيس ته پرائمري اسڪول جي پيٽي واري لائبرري پنهنجي والد جي ننڍڙي لائبريري  ۾ ڪهاڻين جا سنڊريلا ۽ سنڌباد جهڙا ڪتاب پڙهيا. سعدي ۽ رومي جون حڪايتون پڙهيون.سيڪنڊري ۾ اسڪول جي لائبرري سان گڏ افضل جي ڪرايي تي هلندڙ پاڪستان لائبرري مان سنڌي، اردو ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب آنڪ روز جي حساب سان وٺي پڙهيا ۽ پوءِ ڪهاڻيون لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڇهين درجي ۾ ٻارن  جي ٻاري(عبرت اخبار) ۾ بزم گلشن ادب جون شاخون کوليون بزم گلشن جو مهندار اياز پاٽولي(ٽنڊومحمد خان) هو. ائين ادبي سرگرميون شروع ٿيون ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جي ٻارن جي ٻاري نواءِ انقلاب،نواءِ سنڌ، خادم وطن ۾ شايع ٿيون. تڏهن غلام سرور غمگين جي نالي سان لکندو هوس. نائين ڏهين ڪلاس ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي سان ملاقات،نور الله ملڪ ۽ هادي بخش مهر جي ڪچهرين ڪري  سياسي طور سرگرم ٿيس ته غمگيني  مان  جان ڇڏائي سرور سيف بڻجي ويس.SNSF  سان واڳجڻ ۽ ڪامريڊن سان گڏجڻ ڪري سياسي ادب جو مطالعو پهرين ترجيح بڻيو. 1975ع ۾ پني عاقل ۾ س ا س جي جي  قيام بعد وري شاعري ۽ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي.“ٽاڪا ٽٽي پيا” پهرين ڪهاڻي هئي جا انجنيئر مخزن مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ڇپي جنهن جو مدير پيارو دوست منظور شيخ هو. جو سئي سدرن گيس مان ڊپٽي جنرل مينيجر  جو عهدو ماڻي مون وانگر رٽائرمينٽ وارو جيون گهاري رهيو  آهي. ٻي ڪهاڻي“78 ماڊل” هئي جا ساٿي پبليڪيشن جي ڳٽڪي “لاوارث شهزادو” ۾ شامل هئي ان بعد کير جهڙي ڪاري ، ڪارو ماڻهو ڳاڙهو درياهه سميت ڪيئي لکيون جي هلال پاڪستان ميگزين تحرڪ وغيره  ڇپيون.
 ضياءَ جي حدود آرڊينس جي حوالي سان ٻه ڪهاڻيون ‘هٿ ڪرائي وڍيا’ ۽ “جيون ٿوهر کان” لکيون.جيڪي ڪنهن به ڇاپڻ جي سڪت نه ڪئي. بدقسمتيءَ سان ڇاپن جي خوف کان گهر ڇڏڻ جي دوران مائٽن منهنجي مارڪسي لٽريچر سان گڏ اهي به ساڙي ڇڏيون. ان جو سخت ارمان آهي.
1983ع نيل ڪنول اشاعت گهر پاران ايس جي ڀاڳيا منهنجي ڪهاڻي ڪتاب کير جهڙي ڪاري ڇپيو. جنهن  ۾ سهڪار لاءِ مان  ڪامريڊ غلام رسول سهتي،پروفيس منظوربيدار ۽ پروفيسر اونڪارلال جو انتهائي احسانمند آهيان.پيش لفظ انور پيرزادي صاحب ۽ تعارف پياري اياز گل لکيو جن جا گُڻ اڄ سوڌو ڳايان ٿو. هن ڪتاب جو  ٽائٽل ۽ڪهاڻين جي اسڪيچز پياري دوست سنڌ جي مشهور مصور سائين هارون چنا ٺاهيا ۽ ڪئليگرافي محترم شوڪت سيٺار جن ڪرڻ فرمائي. جن   جو مان سدائين زير احسان آهيان. جيئن ڪتاب ڇپيو ته ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ڀتين تي نعرا لکجي ويا. “اسين جاڳيا آهيون” دراصل اهو به منهنجي هڪ ڪهاڻي جو عنوان هو، جنهن ڪري زراعت کاتي وارا چوڪس ٿي ويا. ڪتاب اسٽالن تان کڻڻ شروع ڪيائون. هڪ اهم اداري وارن نعيم شيخ جي دوڪان تي ڇاپو هنيو جتي اسان اڪثر گڏبا هئاسين. نعيم شيخ ،بشير سميجو ۽ غلام حيدر سميجو جي اتي موجود هئا گرفتار ڪيا ويا. دوڪان تان س ا س ،سگا پارٽي جا آرگن هلچل سرخ پرچم سان گڏ کير جهڙي ڪاري  جون ٽي چار سو ڪاپيون کڻي ويا. نعيم شيخ،بشير کي قيد ۽ ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. دراصل نعيم سان گڏ مونکي ڀاڳيا کي ۽ ڪامريڊ رشيد کي گرفتار ڪرڻو هُين پر منهنجي سس جي اوچتي وفات تي ان ڏينهن اسان جو گڏجڻ نه ٿيو هو!
“کير جهڙي ڪاري جي نئين وڌايل ڇاپي لاءِ نعيم شيخ سميت مختلف زور ڀريندا رهيا ۽ نه لکڻ ڪري ۽ ادبي سرگرمين کان پري ٿيڻ ڪري محمد علي پٺاڻ سميت ڪيئي دوست ڪاوڙيل به  رهيا نه لکڻ ۽ ادبي سرگرمين کان پري رهڻ جا ڪيئي سبب هئا انهن جي پچار ڪرڻ مناسب ناهي پر ان وچ ۾ منهنجي پياري سنڌي ۽ اردوءَ جي نامور ڪهاڻيڪار جهانگير عباسيءَ منهنجي ڪهاڻين جا ترجما ڪري ڇپرايا.جن جي تمام وڏي پذيرائي ٿي.
پنهنجي فخر لائق فرزند ۽ بهترين شاعر ڊاڪٽر سجاد سرور جڏهن سوغات پبليڪيشن قائم ڪئي تڏهن هُن مونکي هن ڪتاب جي نئين ايڊيشن ڇپائڻ لاءِ اتساهه ڏنو. مونکي خوشي آهي ته ٻن نين ڪهاڻين سان گڏ مجموعو کير جهڙي ڪاري اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. پنهنجي سڀني ڪچاين سميت ۽هڪ وضاحت ته اهي سڀ ڪهاڻيون 2000ع تائين جون  لکيل آهن هاڻي 2021ع آهي ۽ ڪافي ڪجهه بدلجي ويو آهي.ماحول به ته ماڻهو به انڪري پراڻ وري به پراڻ آهي. هن مجموعي ۾ “ست نام” ۽ “مارُل ڌيءَ” تازو لکيل ڪهاڻيون آهن.
هن ڳٽڪي جي ڇپائي،سهڪار،رهنمائي ۽ محبت لاءِ پروفيس جهانگير عباسي،محترم ممتاز بخاري،پياري امر اياز مهر، سهڻي شاعر جميل سومري، نئين ٽهيءَ جي منفرد ڪهاڻيڪار محمد الدين راڄڙي ۽ ابراهيم کرل جا وڏا وڙ گڏوگڏ نوجوان اديب،ڪهاڻيڪار شوڪت چاچڙ جا قرب جن ڪتاب ڇپائي لاءِ هر وک تي پبلشر ڊاڪٽر سجاد سرور  سان گڏجي ڪتاب جي سهڻي ڇپائيءَ جو ڪم پنهنجائپ سان نباهيو.

سرور سيف
( پنوعاقل 25 ڊسمبر 2020)