ٽاڪا ٽٽا
“اڃان تنهنجو ڦٽ ڀريو ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن لڳندا”
“سائين ماکي ڦٽ جي نه، پر پنهنجن ٻڄن جي لڳل آهي. پاڻي الائي ڪيترا ڪيس ڪيا هوندا.” هو رڙي اٿيو.
“ٺيڪ آ ترس تنهنجو ٻن ڪلاڪن بعد فيصلو ڪيو ويندو. هي ڪئپسول کائي ڇڏ. ۽ ٽڪي به جيڪا توکي آرام ڏيندي.” ڊاڪٽر هن کي وئبرامائيسن ڪئپسول ۽ ڊائزاپام جي ٽڪي ڏيندي وراڻيو.
مقامي اسپتال جي مردانه وارڊ ۾ھيڏا ھا بستري نمبر 2 تي سمهندي رسول ڪنجهي رهيو هو. اسپتال ۾ ٻوڏ جون خبرون گشت ڪري رهيون هيون. اڄ صبح ئي ريڊئي پاڻي جو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪس ٻڌايو هو. ڪچي ۾ ٻوڏ زبردست ڦهليل هئي. بيمارن جي طبع پرسي ڪرڻ وارن جا ڪمپائونڊرن جا ڊريسرن، نرسن ۽پٽيوالن جا منهن لٿل هئا.. هر هڪ پنهنججي منهن اٻاڻڪو هو پريشان چهرا، پريشان خيال، ڄڻ ڪنهن سڪل وڻ جا ڏار، ڄڻ ڪنهن پراڻي قبرستان جو ويران قبرون هر ڪو پنهجي منهن پورالو هر گهڙي فڪرات جا ڪارا ڪڪر هئا جي هر مک تي ترڪي رهيا هئا. هر اک اوجاڳيل هر پنبڻ ڦاٽل نه ڪنهن کي ڪپڙي جي هئي. نه ميڪ اپ جي، مصنوعي ميڪ اپ تي چمڪندڙ چنڊ جهڙا چهرا، چنڊ جي اصل حقيقت وانگر رک لڳي رهيا هئا.
ڊائزاپام رسولي تي اثر ڪيو هو هوپاڻ کي پر سڪون سمجهڻ لڳو. عارضي سڪون جيون جي عارضي جهوٽي وانگيان گهري کن ۾ هن جي سوچن جي ساگر ڦيرو کاڌو. هن جو ذهن کائجي رهيو هو. ائين جيئن سنڌو پائڻ پائيندو آهي. هن جو ذهن ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو. جيئن سنڌو پنهنجي مست ڇولين سان ڪپر ڪيرائيندو آهي. هن جي من ۾ مانڌاڻ هو، جيئن چاڪي جو گهاڻو جيئن ماٽي ۾ جهيرڻو هو. هوسوچي رهيو هو ۽ روئي به رهيو هو. جيئن ڪا پرديس ۾ پرڻيل ڇوري اباڻن لاءِ روئي. جيئن ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪوڪاري.
“ مرشد لال لڄ پال ڪر ڀلايون ڀال، ڀٽ ڌڻي تون رکوالو آهين. پروردگار پت رکجان” هن من ئي من ۾ سڀني پيرن کي ساريو.” راڻيپور وارا رحم ڪجانءِ” ڄڻ سڀ هن جي دانهن تي گڏ ٿي هن جي گهر کي پاڻي کان مٿي ڪري بيهندا. “ تون ڇپر تون ڇانوَ اسان تنهنجو آسرو” اندر ئي اندر ۾ ڀڻڪي رهيو هو. ها روئي رهيو هو ائين جيئن بيڪس، بيوس ۽ مجبور نياڻي نماڻي جيڪا ٻهراڙي ۾ ڪنهن وڻي ۾ ويندي آهي. ۽ اسر ويل جڏهن دليون محبت جا گيت آلاپينديون آهن. تڏهن هوءَ جنڊ پيهي امڙي کي ياد ڪندي آهي ته کيس هن سورن لاءِ ڇو ڄڻيو هو.
هن جي چيٽ تي ڪمپائونڊرڀڄندو آيو “ خير ته آهي ڇالائيءَ پيو ڪوڪين.” سائين سورآ ......... سور. ڏکي پيو اٿم ڪا مرهم مکيو. ڌڻي کي سنڀار ڏاهو ٿي،مڙس ڪيڏو آهين. دل ڏاڍي ڪر. هان وٺ هي ٽڪي سور جهڪو ٿي ويندو. ڪمپائونڊر رامچند هن کي پاڻي جو گلاس ۽ سوساگن جي ٽڪي کارائي. ڏاڍو ٿيان، ها ڏاڍو مڙس آن!! ڳوٺ ۾ سڀ کان ڏاڍو سڀ چوندا آهن. هاٺيڙو جوان آهين. رسولو، پنهنجي ڇاتي ڏسي ٿو ۽ شهپرن کي هٿ ڦيرائي ٿو. ۽ ڀوتارکي ياد ڪري ٿو. ڀوتار هن کي ڳوٺ جو سڀ کان وڏو دلير ۽ ڏاڍو مڙس سڏيندو آهي. رسولا تو جهڙي هاٺي ڪاٺي ته ڪنهن کي ملندي آهي. کيس ڀوتار ڪانڊيري خان جا چيل لفظ ياد پيا پيا هن کي ياد آيو پنهنجو ڇائون ڳوٺ، ڳوٺ جي منڍ ۾ ڇن سان ٻڌل منهن اڳيان ڪانائتي موڙي تي ويٺل ڪانڊيرو خان اسان جو ڀوتار به ڏاڍو حشمت وارو سندس اکين ۾ جلال آهي. مجال آهي جو ساڻس اکيون ملائي ڳالهائي ته ان جو ساهه پي ڇڏي صوبيدار به سندس يار آهي. هن پاڻ تي ڀوتار جي ٻه ٽين سنڌي گهه پنج ڳوڻيون ڪڻڪ تي ٽين ماکي ۽ پنج شيشا تيل جا صوبيدار کي پهچايا هئا. پر سال هوندڙو سندس وانگار تي نه آيو هو. سو کيس صوبيدار کي چئي 110 ۾ هڻائي ڇڏيو هئائين. اڃ پيو اٺن شيخن اندر رڙي، ڪير ساڻس اکيون ملائي. هن کي ڪاليجي ڇورو شاني جو پٽ اڪو ياد آيو. اڪو جڏهن ڪاليج پڙهي سکر ئون ڳوٺ گهمڻ آيو ته ڀوتار جي گهٽي وٽان لنگهندي ڀوتار ڀيڙو ٿيو ۽ سلام عليڪم چئي ڀوتار ڀرسان بيهي رهيو. ڪمدار وڏي اک سان اشارو ڪيو ته هيٺ منجي تي ويهي ته به پٽ تاڻيو بيٺو آهي. ڀوتار کيس ڏٺو ته ڇوري اکيون ملايس. ڇورو پاڻ زورو ڀوتار ڪٿي ٿو سهي سگهيلوڻي کان وٺي هنيائينس چماٽ، بولاٽي کائي وڃي ڪريو پوءِ ڀوتار به ڀنترجي پيو. ڇورو ته ڏڪي پيو. چئي وڏيرا وقت ٿورو اٿئي اسان وڏن آمرن جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن. تون ڪير آهين ظلم جو وقت ٿورو آهي گذري ويندو. اها چماٽ تنهنجي ڳل تي لڳندي.
“ڀڄ ڀڙوا بڪ تو ڪرين” ڀوتار کيس چيو ۽ ڇورو ڳاڙهين اکين سان ڪچهريءَ تي اک اڇلائيندي ڳوٺ مان نڪري ويوهو.
اوهه! رسولي چيو ته وڏيري ويهي واکاڻ ٿو ڪيان. ماکي ڪهڙي پڳ ٻڌايائين. بس ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ته ڪوڏسي ٿو ڪا سامايل ڇوري ڀيڻيان نمرود ڪالهوڪر جي ڳالهه آهي جوڪموءَ جي ڇوري سان زوري منهن ڪارو ڪري مارائي ڇڏيو هئائين. ويچارو نازو “ مروئان موت ملوڪان شڪار” پڇ پائي وٺي ڀڳو خبر ناهي ڪٿي هوندو.
نازو!! نازو جو ته ايترو ڏوهه هو جو هو ڀوتار جي ڀڙوت ڪرڻ کان انڪاري ٿيو هو! “ڏي خبر رسولا هاڻي آرام اٿيئي” ڊريسر هن وٽ اچي کانئس پڇيو ۽ سندس پٽي ڇوڙي زخم تي مرهم لڳائڻ لڳو. ادا دعا ڪر، ڊريسر ڦٽ صفا ڪري “نيرومائسن” جو پائوڊر ٻرڪي مٿان مرڪيوري مکي آهستي آهستي ڪري پٽي ٻڌي رسولي کان پنج رپيا وٺي رمندو رهيو.
رسولي جي خيالن جو وهڪرو وهڻ لڳو. نا حق ولو سان وڙهيم، نه وڙهان ها، نه ئي اسپتال اچان ها، نه وري الڪو هجي ها، الائي پاڻي ڪيڏا هاڃا ڪيا هوندا.
هن کي ڪوٺو ياد پيو. جنهن کي هن تازو پاٻوهه سان جوڙايو هو. اهو به ته ڪري پيو هوندو. هاءِ الائي منهنجا ٻار ڪٿي هوندا هنن کي مڏ ڪير ٻڌي ڏيندو. هن کي گهر واري ياد پيئي زينو. جنهن هاڻي ويم ڪيو هو. ننڍڙي گُڏي جو الائي ڇا حال هوندو. انو ڪيئن هوندو. هن جي سيني مان سٽ اڀري انو هن جو پيارو پٽ ڪيڏو نه صدورو انو. جڏهن گهر ايندو ابا ابا ڪري چنبڙي ويندو. انو جا ٻاتا ٻول مٺيون ڳالهيون زينو! خدا خير ڪري الائي ڪيئن هوندي. سڪل هڏن جي مٺ ته آهي زينو. هن جي ذهني ساگر ٻئي پاسي کان روڻ ڪئي. مان زور آوري آهيان جو ڀوتار جي چوڻ تي وڃي ولو سان ٻکين پيم. ولو جي رن ڀوتار سان ٺهڻ کان جواب ڏنو هو. ويترجو ولو کي ڪل پيئي ته ڇتو ٿي پيو. چئي وڏيري منهنجي عزت کي تڪيو آ.مان ڪهاڙين سان ڳترا ڳترا ڪندومانس. اسان ڪڏهن هن جي ڪوٽ ڏي تڪيو آ. سڃاڻان ٿو وڏيري جي جوءِ کي ٻني ٻارو اٿس ته ڀئه ڪونهي اسان به پگهر جو پورهيو ڪري پنهنجو ٿا کائون. اهي گانڊو ٻيا اٿس. جيڪي چلم جي گڙ گڙ تي پيا گڙڪندا آهن. جيل ائين ڏسي ڇڏيو آ. مڙس ئي جيل ويندا آهن ڀتين کي به ڪن خبر پئي ڀوتار کي ته گهرايائين مون کي کيس ياد آيو. وڏيري کيس ڀرسان ويهاري ڳاڙهي پني وارو خوشبودار سگريٽ ڇا چئبو اٿس گڊليف پياري سرٻاٽيو هو.“رسولا ڀاءُ تون منهنجو پيارو يار آهين تنهنجو بابو منهنجي بابي جو مٽ يار هو. ڏکي وقت يار ڪم ايندا آهن. هاڻي هينئر ڪر، جو کيس وڏيري ڪن ۾ چيو هو” “ولو ورو ڪري ڏينم، پوءِ ڳالهيون نه ٻولهيون جي ها ته پوءِ پوٺي وارن ٻنهي نمبرن جو راهڪ تون آهين ٺيڪ آ.”
مان به اچي ويس انڌ ۾، ڀوتار جو يار سڏيو هو. ياري نڀائڻ جي پرکا هئي سڌو ويس ولو وٽ. بس پوءِ ياد آيو ته اسپتال ۾ پيوهوس. الائي ڪير کڻائي آيا هئس. ولو کيس وار کان اڳ ۾ منگهوهڻي بي سرت ڪري ڇڏيو هئس. جانب ٻڌايو ته وڏيري ولو کي ٻڌرائي ڇڏيوآهي. “آهه غريبان قهرخدائي.” هنکي پاڻ تي خار آئي کيس ياد آيو ته پر سال جڏهن هو ميلي تي سنگتين سان ويو ته هڪ جاءِ ٿي وڏن ماڻهن جي ميڙ۾ هڪ وڏن وارن سان سهڻي جوان سنڌي ٽوپي ۽ ڀلي ريشمي اجرڪ ويڙهيل تيز تيز ڳالهائي رهيو هو. ڇا چوندا اٿس جيڪو تقرير ڪري رهيو هو. ان وقت ائين سمجهو هو ته ڀوتارن جي گلا ڪري وڏو ڏوهه ڪري رهيو هجي. پر ان جا موتين جهڙا لفظ ياد پيا. منهنجي ديس جا هاريو، پورهيتو! پاڻ ۾ ٻڌي ڪريو. وڏيرا ۽ پيٽ وڏا ڀوتار توهان کي ٽيڪرائي پاڻ ۾ وڙهائي. اوهان جي طاقت وڃائي رهيا آهن. دراصل توهان کي ويڙهائڻ سان ڀوتارن جي ڀوتاري قائم آهي. اٿو ڏاٽا ۽ ڏڦا کڻي پاڻ ۾ڀاڪري پئي هنن ظالمن جو ڪوڪين جو مقابلو ڪيو.” هان ڀيڻسان ڇوڪرئو ڀلا توهان جو سچ. بروبر وڏيرا اسان کي ويڙهائين ٿا. ڊاڪٽر صاحب گهرايو اٿئي. رسيلي آواز خيالن جو بند ڀڃي وڌو. اڇن ڪپڙن ۾ اڇي نرس کيس ڊاڪٽر صاحب جو پيغام ڏنو.
“پاڻي وڌي ويو آ رسولا” اسان توکي موڪل ٿا ڏيون پر لَياني نه ڪجانءِ هي ڪئپسول هر ڇهين ڪلاڪ بعد کائيندو رهجانءِ ۽ جڏهن سور وڌي ته هي ٽڪيون به! خدا نگهبان...! ڊاڪٽر صاحب ڪجهه ايمڪسل ڪئپسول ۽ apc جون گوريون ڏنيون . هو آهستي آهستي ٻاهر نڪتو. هن آزادي جو عارضي ساهه کنيو. جيئن برصغير جي ماڻهن انگريزن کان آزادي ملڻ وقت کنيو هو. پروري اٻاڻڪو ٿي ويو. ڄڻ ڪو هيٺين ڪلاس جو غريب ڪلارڪ هن جي ذهن جي چرخو وري چرڻ لڳو. گڏي، زينو،انو ۽ هن کي پنهنجو گوئر ڏاند “مور پکي” ياد آيو.مون پکي هن وڏيري رونجهي خان کان ٻه مينهون ۽ ٻه هزار ڏيئي ورتو هو. مور پکي سهڻن سڱ وارو ڪڪڙ مور پکي مون سدائين کٽندو رهيو آهي. سواءِ هڪ دفعي جي سوبه هن نورجن واري مٺڙو جي تعويذن سان خدا جي مار پوي انهن ملڙن تي گهرن جا گهر اجاڙي ڇڏيائون. ماڻهن کي ته ڇڏيو پر بي زبان گگدامن کان به نٿا مڙن. هن ۾ ڪجهه قصور سوارن جو به هو. هنن رائي ڪئي هئي. پر الله توهر واري به ته ڊوهه ڪيوهو. جڏهن منهنجا ڏاند ٽاهڙيا ۽ اڃا ٺهي به نه بيٺا ته کڻي الله توهر ڪئي. ويچارو بنگل مور کي نٿ کان ورتيون بيٺو هو. سو پهرين سٽ ۾ چٿجي ويوشڪر جو مور پري ڪري اڇلايس نه ته گاڏڙي هيٺان اچي ها ته جيڪر مري وڃي ها. هن ان گوءِ ۾ جمعدار کي ٻه سو روپين سوڌا ٽي هزار هاريا هئا. مورڀيڻسان مور آ. پياري واري پڙن تي پر جو وٺي ڀڳو ته گاڏين تي ماري ويو. ان وقت هن پنج هزار کٽيا هئا. جن مان ٽي هزار پنهنجي تر۾ ڏنل هئس، جيئي مور جيئي. بس پوءِ خوشيون هيون اکين ۾ خوشي جي جهلڪ پيدا ٿي ۽ پاڻ مرڪي پيو. اجرڪ جي پڳ ٻڌائون. سوار ڪلهن تي پادر لڪڻن تي اڀا هو هوڪيو قادر قلندر مست جا نعرا هڻندو هو روڊ تي پهتو.
ڪجهه سماجي ورڪر ڀت جون ديڳيون ٽرالي ۾ وجهي بند تي وڃي رهيا هئا. هو منٿ ايلاز ڪري ٽريڪٽر ۾ ويٺو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي۾ ٽريڪٽر جي رفتار سان سوچيندو رهيو، پنهنجي پتڻ تي لهي هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو. ڪارڙو پاڻي بند تي ڪوڪراٽ لڳو پيو هو، جيئن ڪنهن ملاکڙي ۾ هل هلاچو. پاڻي جو خوفائتو آواز ائين ڀائنجي رهيو هو. جيئن نيري اڀ تي جهاز جو شور ڳوٺاڻن جا ٻارٻچا ڍڳا، ڌڻ، ڪتا ٻيرين مان لهي رهيا هئا. ڄڻ ته ڪنهن ملڪ جي ورهاڱي تي لڏ پلاڻ هن کي ڪتا ياد پيا. “هيرو ۽ موتي” جن تازو سياري ۾ پنج ست آنڱريا دسيا هئا. هن ٻيڙي ۾ پنهنجي ڳوٺاڻي ڪرمون کي لهندي ڏٺو. “ڏي خبر يارڪرمون ڳوٺ جي” هن واڪو ڪري ڪرمون کان پري کان ئي پڇيو. “ادا ڳوٺ ۾ خير” سڄو ڪري پيو. پاڻي چوٿين سال واري کان به چار ڳراٺيون مٿي آ.” منهنجي گهر جي ڪا خبر چار” ها ادا جوڻين کي مڏ ٺاهي ڏنوهوسين. ان تي هئي. پئي تولاءِ واجهائي.تو وارو ڇوڪر تپي پيو هو. رکي رکي پئي رڙيون ڪيائين. ابا ابا ڪري پيو دانهين. مور هيٺ منهه مان ٻڌو پيو هو. نانگ بلائن جي ڳالهه نه پڇ. وک وک تي لنڊي، کپر، ڪارو ۽ ٻه منهين جا ڦوڪاٽ ٿا ٻڌجن. باقي يار تو وارا ڪتا رئيس پاڻ وٽ گهرائي ورتا.
رسولي جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي. انو، زينو مان اجهو آيس هن ڀڻڪو ڪيو هن کي ياد ڪتا آيا. جي رئيس گهرائي ورتا هئا. هن مينهن ڏيئي ڪتا ورتا هئا. هاڻي وڏيرو ٿو ڪتا ڏئي؟ ڀيڻسان نمرود جي پڙ پيا. هن ٻيڙي واري کي سڏ ڪيو “اوجمعا او ٻيري وارا” اوچتو بند تي رڙيون پئجي ويون.” روڻ روڻ پئجي وئي واروڪيو خبردار جلدي ڪريو. هو تڪڻ لڳو بند کي ۽ بند جي ٻنهي پاسي.
هل ڀيڻسان سوئر!! وڏو آيو آ پٽ آڪريو بيٺو آ، صوبيدار صاحب پٺي تي لڪڻ هڻندي چيو، “ هل هيڏي روڻ ڏي.” لڪڻ هن زخم تي لڳو ۽ “ گهوڙا ڙي گهوڙا مري ويس.” چئي هيٺ ڪري پيو. سندس زخم تان پٽي لهي ويئي. صوبيدار ٺوڪر هڻندو اڳتي وڌي ويو ۽ ڪلاڪ کان پوءِنظر ڦيرائي ته بند جي ٻنهي پاسن ڏي پاڻي هو. پڪي جي ماڻهن جو روڄ راڙو هو ۽ هو سوچ ساگر ۽ سنڌو جي وچ ۾ بيٺو هو. سندس زخم جا ٽاڪا ٽٽي پيا هئا.