ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي غزل
غزل بنيادي طرح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهن جو مطلب آهي محبوبا سان عشق محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. صدين تائين سنڌي غزل جو اهو ئي موضوع رهيو. ناز ۽ نياز جي ڪيفيتن، حسن ۽ عشق جي ڳالهين کي نرم ۽ شيرين لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو هو. اهي آزي نيازيءَ ۽ ڏک ڏوراپي وارا بيان دل تي اثر ڇڏيندڙ ته هوندا هئا، پر منجهن ڏاڍو دهراءُ هوندو هو. هالانڪ ان وقت غزل جا نيم پوريءَ طرح نڀايا ويندا هئا. ائين ته نٿو چئي سگهجي ته هاڻي رومان غزل ۾ڪونهي، ڇاڪاڻ ته عشق محبت انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي. پر اڄ سنڌي غزل جي فن ۽ فڪر ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي.
منهنجي خيال ۾ دوهو غزل جو اوائلي روپ آهي. غزل دوهي جي تمام ويجهو آهي. جيڪڏهن يُتيءَ جي ڳالهه کي پاسيرو رکي ڇڏجي ته غزل جو مطلع بلڪل دوهي وانگر ٿئي ٿو جنهن جو قافيه ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ اچي ٿو ۽ غزل جا ٻيا سڀ شعر مقطع سميت بيت (يعني دوهي ۽ سورٺي جي ميل مان تيار ڪيل سنڌي بيت) وانگر ٿين ٿا. بيت جي ٻين مصراع هم قافيه ڪري سگهجي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿو ته جيئن وائيءَ ۾ وراڻي ٿيندي آهي تيئن غزل ۾ به ڊگهو رديف استعمال ڪيو وڃي ٿو. رديف بندش کي پختو بڻائيندو آهي. سنڌ جي ڪن اديبن جو چوڻ آهي ته وائي غزل جو آڳاٽو روپ آهي ۽ غزل وائيءَ مان پيدا ٿيو آهي. ڪجهه به هجي پر منهنجي خيال ۾ اهي سڀ ڳالهيون تحقيق گهرن ٿيون.
ڪن جو چوڻ آهي ته غزل ‘غزالا ’ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ڌاڳو ڪَتَڻُ يا نوڙي وَٽَڻُ. غزل ۾ به مصراعن کي ڌاڳي وانگر ڪتڻو ۽ نوڙيءَ وانگروٽڻو پوي ٿو. ڏٺو وڃي ته غزل ۾ به ٻن مصراعن ۾ آيل لفظن کي جڏهن ڌاڳي وانگر ڪَتي يا نوڙيءَ وانگر وَٽي حشو لفظن کي ڪڍجي ٿو، جئن گهرگهلائپ نه اچي، تڏهن وڃي غزل جو اهو بند شاندار بڻجي ٿو.
ٻيو هڪ لفظ آهي ‘غزال’ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Gazelle چوندا آهن. ان جي معنى آهي هرڻي. غزل ڀلي ان لفظ مان نه به نڪتو هجي، پر ان لفظ جو غزل سان واسطو ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته غزلگو شاعر لاءِ خيال کي هرڻيءَ وانگر ڇلانگون ڏيارڻ ضروري هوندو آهي. جنهن کي ڪي جمپنگ چون ٿا.
غزل ڀلي کڻي يارهن صديون اڳ ريگستاني ڌرتيءَ تي عربي ٻج مان ڦٽو هجي، پر اهو فارسي ويس وڳي سان صوفي درويشن سان گڏ تيرهين صديءَ ڌاري اچي سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهتو. ان کان پوءِ غزل ڪلهوڙن جي حڪومت واري دؤر يعني ارڙهين صديءَ ۾ سنڌي ويس وڳو پاتو، پر رنگ وري به عربي فارسي گاڏڙ سنڌي هوس. سبب اهو هو جو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ فارسي سرڪاري ٻولي هئي. چوڻي به هئي ته ‘فارسي گهوڙي چاڙهسي’. ان وقت شاعر گهڻي ڀاڱي درٻاري هوندا هئا، ان ڪري حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ فارسي ٻوليءَ جا لفظ غزلن ۾ ٽُنبيندا هئا. اهو سلسلو پوءِ به ڪافي وقت تائين رهيو. پوءِ ڌيري ڌيري گهٽجندو ويو ۽ ان جي جاءِ سنڌي ٻولي وٺندي ويئي. شروعاتي دؤر ۾ غزلگو شاعرن جو فن، فڪر، امنگ، اڌما ۽ احساس به فارسي شاعريءَ کان متاثر رهيا. هر شاعر جو ذهني رَوَيو لڳ ڀڳ ساڳيو رهيو ۽ اهي گل، بلبل، سعياد، ساقي، مئخانو، شمع ۽ پرواني جهڙا اڪيچار لفظ غزل ۾ دهرائيندا رهيا، جن جو عام سنڌيءَ ۽ ان جي حالتن سان ڪو سڌو واسطو ڪونه هوندو هو. انهن تفصيلن ۾ نه وڃي ڀارت ۾ سنڌي غزل جي اپٽار ڪجي.
ڀارت جي ورهاڱي وقت ڪيترا اهڙا شاعر به سنڌ مان لڏي آيا جيڪي سنڌ ۾ غزل لکندا هئا جهڙوڪ ليکرج ڪشنچند ‘عزيز’، هوندراج ‘دکايل’، پرسرام ‘ضيا’، هرومل سدارانگاڻي ‘خادم’، کيئل داس بيگواڻي ‘فاني’، ارجن ‘شاد’، پرڀوُ ڇڳاڻي ‘وفا’ ۽ هري ‘دلگير’ وغيرهه پر انهن جو لاڙو به رومانوي غزل طرف هو. ورهاڱي کان پوءِ به غزل ۾ عربي فارسي لفظن جو استعمال وڌيڪ ٿيندو هو. مثال َ ڏسو :
آزمايا غمزا جو ڪارين اکين،
پيو حوس ۾ پارسائيءَ جو دماغ.
( ليکراج عزيز )
بيخودي اڄ عشق جي ظاهر پشيماني بڻي،
خوامخواهه الجهن اندر جي آ پريشاني بڻي.
( هوندراج ‘دکايل’ )
رقيبن کي راحت مون کي رنج ڏين،
اها آهي ڪهڙي عدالت مٺا.
( هرو مل سدارنگاڻي ‘خادم’ )
ان کان پوءِ عربي فارسي لفظن جو استعمال ڌيري ڌيري گهٽجندو ويو، پر موضوع وري به ساڳيو عشق محبت وارو ئي رهيو.
هن ڏسي مون کي دري ٻوٽي ڇڏي،
پر وِٿِيُن مان ويهي واجهائڻ لڳي.
( پرڀو ڇڳاڻي ‘وفا’ )
ڀارت جو ورهاڱو هڪ اهڙو قهري واقعو هو، جنهن سنڌين جي سماجي ۽ مالي حالتن کي نقصان رسايو. ثقافت، تعليم، ادب، ڪلا وغيرهه سڀ ڊانواڊول ٿي ويا. ڳوٺ، شهر، گهر، مڪان، زمينون، ڄميل ڌنڌا، ننڍپڻ جا يار دوست، نوڪريون سڀ ڇڏائجي ويا. اهو سڀ ڏسي هرڪو وائڙو هو. ڪنهن کي به اهو ڪونه ٿي سمجهه ۾ آيو ته آخر اوچتو هيءُ ڇا ٿي ويو.
پکي وڻ ڇڏي ڇو اچانڪ اُڏاڻا،
ڇڏي ماڳ پنهنجو وڃي ٿيا ويڳاڻا.
( کيئلداس بيگواڻي ‘فاني’ )
هرڪو نين جڳهين تي نئين ماحول سان پاڻ کي ٺهڪائڻ ۾ رنڀي ويو هو، پر اڻ سڃاتل جڳهين تي پاڻ کي ٿانئيڪو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ته ڪونه هو. ان وقت جياپي جو سنڪٽ پيدا ٿي ويو هو. نارايڻ شيام کي لڳو:
ٺنڊڪ نه چنڊ ۾ نه ڪمي سج جي تاوَ ۾،
بدليل زمين جي به هوا ڀانئجي پئي.
آزادي ملڻ جو ڀرم ٽٽي پيو هو، نئين ماحول جون بدزيبايون ڏسي هر سنڌيءَ جو من دکي هو. هر ڪنهن جي منهن تي صرف هڪڙو ئي سوال هو:
حاصل نيٺ ڇا ٿيو آ، زهر پيئڻ لاءِ ئي ته مليو،
آزاديءَ جي امرت خاطر، سارو سمنڊ ولوڙيو هو.
( پرڀو ڇڳاڻي ‘وفا’ )
وطن جو حال اهڙو هو، غلامي ائن وئي چوندي،
ته صحرا ۾ بهارن جي اچڻ سان ڪجهه نه ٿيو آهي.
( ڪرشن ‘راهي’ )
سڄو ڏيهه آهي ڏکوين جو ڏيرو،
هتي چين جو ٿيندو ڪهڙو بسيرو؟
( ڊاڪٽر موتي پرڪاش )
دکن ۾ انسان کي سدائين پنهنجو وطن ياد ايندو آهي، وطن ۾ ماڻيل سکن جون گهڙيون ياد اينديون آهن، پنهنجا ياد ايندا آهن.
سڀ تري آيا وري دل تي ٻنيون ٻارا اٿم،
ڪي ڍنڍون ڍورا ۽ ڪي آب سان تالاب تار.
( ڊاڪٽر ارجن ‘سڪايل’ )
ڊاڪٽر ارجن ميرچنداڻي ‘شاد’ کي وطن ڏسڻ جي ايتري ته شديد چاهت هئي جو جذبات وهيڻو ٿي هيءُ لفظ لکيائين.
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،
اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو.
مگر افسوس هو آخر تائين پنهنجي جنم ڀومي ڏسي ڪونه سگهيو. ها، اصلي وطن ڏانهن ضرور هليو ويو، جتان ڪو اڄ تائين ڪونه موٽيو آهي.
هتي اهو ٻڌائڻ واجب ٿيندو ته ان دؤر ۾ مسلسل غزل لکيا ويندا هئا، جن ۾ هڪ ئي خيال/ ڪيفيت/ موضوع جو وستار هوندو هو، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته اهي غزل گيت جو احساس ڪرائيندا هئا. انهن غزلن مٿان گيتن وانگر سرا به ڏنا ويندا هئا ۽ ان سري مطابق غزل جو مضمون هوندو هو.
ورهاڱي وقت سنڌيءَ سميت ڀارتي ٻولين جي ادب تي ڪميونسٽ ويچارن جي پرچارڪ ترقي پسند ڌارا جو زور هو. اهو اثر سنڌي غزل تي به هو.
آئيندي جا خيال ائين سمجهي ئي ڪجن،
‘مزدور - راڄ ’ آيو ڪ آيو جهان ۾.
( سڳن آهوجا )
ترقي پسند ويچارڌارا جو اهو اثر هتي سنڌي غزل تي گهڻو ڪونه هو. اهو اثر فقط چئن پنجن شاعرن تي وڌيڪ هو، جيڪي ممبئيءَ جي سنڌي ادبي ڪلاس ۾ ويندڙ هئا. انهن نؤجوان شاعرن تي به اهو اثر پنج ڇهه سال مس رهيو.
غزل جو گهاڙيٽو ۽ مزاج ڪنهن به ڌارا يا واد جو محتاج ڪونهي. ڏٺو وڃي ته اهي ترقي پسند ڌارا کان متاثر ٿيل سنڌي شاعر درحقيقت آشاوادي هئا، جن پوءِ ان وقت جي ڏتڙيل سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ جو ڪم ڪيو، اها ان وقت جي ضرورت هئي. هيٺيان مثال ان ڳالهه جي تائيد ٿا ڪن.
بڻجي بادل، سر پهاڙن سان گسايون ٿا اسين،
بوند بڻجي جڳ جا ويرانا سجايون ٿا اسين.
( ايشور ‘ آنچل ’ )
بر ۾ بازاريون لڳن۽ ساوڪون سڃ ۾ ٿين،
جهنگلن ۾ اي ضيا منگل منائيندا هلو.
( پرسرام ‘ضيا’ )
اڌ روٽيءَ سان بصر به آهه،
ان کي فاقو ڪير چوي.
( اندر ڀوڄواڻي )
ان بعد سنڌي غزل غم-جانان کان پنهنجو پلاند ڇڏائي غم-دؤران طرف پنهنجو رخ ڪيو. غزل ۾ ان وقت جا عڪس ۽ پڙاڏا نظر اچڻ لڳا.
ڪيڏا ڪيس ٿيا مندر ۾،
ڀڳون ويٺي جاچيو چپ چپ.
( هري دلگير )
ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي غزل جي شروعاتي لاڙن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو دؤر لڳ ڀڳ 1956ع تائين رهيو. حالانڪ انهن لاڙن جو ٿورو گهڻو اثر پوءِ به رهندو آيو، پر ڌيري ڌيري اظهار ۾ نواڻ ايندي وئي.
نارايڻ شيام ۽ سڳن آهوجا ٻه اهڙا پختا شاعر هئا، جن فن ۽ فڪر ذريعي روايتي غزل کي وستار ڏنو. انداز بيان ۾ ڦيرو آندو. سنڌي غزل کي نوان گس ڏيکاريا. روايتي غزل جي زمين تي ئي نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار ڪيو. مثال طور هتي نارايڻ شيام جي 1953ع ۾ ڇپيل پهرئين شاعريءَ جي ڪتاب ‘ماڪَ ڦُڙا’ ۾ صفح 105 تي درج غزل جو هڪ بند پيش آهي.
هي ڇاکون ويٺي ويٺي وئي دل اداس ٿي،
محفل ته اڳ کان سرس سوا ڀانئجي پئي.
روايتي غزل جي زمين تي ڀارت ۾ اهو پهريون سَلو هوجنهن جديد غزل جو احساس ڪرايو هو، مطلع ۾ رديف جو استعمال ڪيل ڪونهي، ڪٿي به گرهه لڳايل ڪانهي، تنهن هوندي به مصراعون پاڻ ۾ ائين ڳنڍيل آهن جو انهن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. شعر جي بيهڪ، بناوت ۽ بندش به ڪجهه الڳ قسم جي آهي. غزل ۾ انداز-بيان ئي ته اهم ٿيندو آهي. غزل جي ان انداز- بيان کي غزلگو استاد شاعر ارجن حاسد straight line sensibility ڪوٺي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ شروع شروع ۾ سنڌ وانگر مصرع طرح ڏني ويندي هئي. هڪڙي مصرع طرح ڏنل هئي، ‘روح سان راس رچائڻ وارا’. اها رومانوي مصرع هئي، نارايڻ شيام لکيو:
روح سان راس رچائڻ وارا،
آءٌ نيڻن کي سِڪائڻ وارا.
‘نيڻن کي سِڪائڻ’ نئون اصطلاع هو. سڳن آهوجا لکيو:
روح سان راس رچائڻ وارا،
نيڻ پائن ٿا ڪي پائڻ وارا.
زمين ساڳي آهي پر ٻنهي شاعرن جي ثاني مصرع الڳ الڳ آهي. ٻنهي جو مصرع اول سان نباهه لاجواب آهي. ٻنهي جا ڀاو الڳ نکري بيٺا آهن. ٻنهي شاعرن ڪٿي به گرهه ڪانه لڳائي آهي.
روايتي شاعريءَ جي هلندي مغربي اثر کڻي نئين ڪوتا به سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي. اها ڪوتا حيات جي مسئلن سان دوبدوُ هئي. ان ۾ بدلجندڙ ماحول ، انسان جي نقلي وهنوارن، غلاظتن، پنهنجن جي بي رخين، بيگانيت، بي سلامتي، اڪيلائپ، سماج ۾ وڌندڙ دغا دولاب، مادي زندگي وغيرهه جو اظهار هو. انسان جي سڃاڻپ گم ٿي ويئي هئي. جديد غزل نئين ڪوتا جا اهي اثر کڻي انسان جي سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
گهر جا ڀاتي، ڄڻ گهر ۾ گڏ اڪيلا ٿا رهن،
پنهنجي پنهنجي گهر ۾ آهن پنهنجا پنهنجا اجنبي.
(ڪرشن راهي )
جديد غزل حقيقتن تي ٻَڌل سوچ ۽ فڪر جو غزل هو. ايم ڪمل چيو:
وڪڻڻو پاڻ ٿَو ته ماٺ ڪيو،
اگهه خريدار جي خوشيءَ تي ڇڏيو.
ماڻهو آهيان ٿو وِڪامان حاسد،
۽ وري ڪيڏو نه سستو آهيان.
( ارجن حاسد )
جديد غزل ۾ گهڻو ڪري شاعر پنهنجي ڳالهه اشاري ۾ چوڻ لڳا. عبارت ۾ لفظي خواهه معنوي صنعتن جو استعمال چمتڪاري نموني ٿيڻ لڳو. اظهار ۾ Synaethesia (حواسن جي ڪمن ۾ ڦير بدل ) جو استعمال ڪيو ويو.
ذهن ۾ جن جي هٿوڙا آهن،
لڱ انهن جا ئي ته ٻوڙا آهن.
( ارجن حاسد )
بدلاءُ قدرت جو نيم آهي. ادب ۾ به آد کان بدلاءَ ايندا رهيا آهن. ڀارت ۾جديد غزل جو اهو دؤر 1965ع کان 1985ع تائين رهيو، ان کان پوءِ بعد جديد غزل جو دؤر آيو. هونئن ته ڪنهن به دؤرکي وچ ۾ ڪا ليڪ پائي الڳ نٿو ڪري سگهجي، تنهن هوندي به اهو چوڻو پوندوته بعد جديد غزل شاعر جي اندرين لوچ ۽ لوڇ وارو غزل آهي. ان ۾ تهدار معنى سمايل رهي ٿي. بعد جديد غزل ۾ تجسم سگهارو آهي. اهو برهمانڊ جي هر بي جان چيز ۾ جان وجهي ٿو ڇڏي.
ڀوُنءِ جا چپ به ڦٽي پيا آهن،
مينهن سمنڊن تي وسائڻ وارا.
( نارايڻ شيام)
شام ٿيندي ئي سنجها جي ٽاڻي،
هڪ ڏيئو رات رکي ويندي آ.
( ارجن حاسد )
پڪ شرارت ڪا هوا هن سان ڪئي،
سمنڊ ايڏو اڳ ڀڙڪيو نه هو.
( گوپ ڪمل )
بستري صبح کي ٻڌايو سڀ،
چادرن وٽ هيو حجاب ڪٿي.
(کيمن يوُ. موُلاڻي)
سڌ نه پيئي غشي هئي يا مؤت،
پير مهٽي ڏٺا مون جذبن جا.
( شريڪانت صدف )
ڪنهن وقت غزل پنهنجي گهاگهر ۾ کوُهه سمائيندو هو، پوءِ تلاءُ سمائڻ لڳو ۽ هاڻي سمنڊ سمائڻ لڳو آهي.غزل جو هيءُ بند ڏسو:
اڄ هو سرڪاري ڦوُلدان ۾ آ،
ڇا به هو اڳ، گلاب آ هاڻي.
( ايم. ڪمل )
بعد جديد غزل جو ماٺيڻو اظهار ٿوري ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهڻ جي سگهه رکي ٿو. اهو غزل مٺڙو ڏنگ هڻي ٿو ڪڍي.
مٺو مٺو ۽ ڏنگ ڏنگ پڻ،
جيون ماکيءَ جو مانارو.
( لڪشمڻ دُٻي )
سج سان ٿي منهن اٽڪائي،
جرئت ڪڪريءَ جي ته ڏسو.
( ڍولڻ راهي )
بعد جديد غزل ۾ وينجنا به خوب استعمال ٿيوآهي. وينجنا لفظ جي اها شڪتي آهي، جيڪا لفظ جي اصلي معنى جي بدران ٻي ڪنهن معنى جو ٻوڌ ڪرائيندي آهي. ارجن حاسد جي غزل جو هيءُ بند ان جو سٺو مثال آهي.
ديهه جي سونهن، جهرڻن کي اڃ ٿي لڳي،
مان ته هرڻين ڳڻڻ ۾ لڳي لڳي ٿو وڃان.
ان شعر ۾‘جهرڻن’ لفظ جي معنى جوان ڇوڪرا ۽ هرڻين جي معنى ڇوڪريون آهي. واسديو موهيءَ جي هيٺئين شعر ۾ ’موتي’ لفظ جي معنى پگهر جا ڦڙا آهي. چوي ٿو:
ڪيئي موتي چُهي وٺي ڌرتي،
ڪوڏرون جئن هلن تکي اُس ۾.
سنڌي غزل ۾ ايهام جو به خوب استعمال ٿيو آهي. مثال ُ ڏسو:
پيٽ ڏني آهي لاچاري،
باهه تڏهن آ هرڪنهن ٻاري.
( کيمن يوُ. موُلاڻي )
هتي ‘باهه’ لفظ ٻٽي معنى ۾ ڪتب آيو آهي. هڪ چلهه جي باهه جيڪا پيٽ ڀريندي آهي. ٻي جتي به ڀڙڪندي آهي اتي تباهي آڻي ڇڏيندي آهي. ‘باهه ٻارڻ’ اصطلاع به آهي.
غزل ۾ رومان هر دؤر ۾ رهيو آهي. بعد جديد غزل ۾ به آهي، پر ان جي اظهار جو ڍنگ بدليو آهي. اڄ جو شاعر اِشاري ئي اِشاري ۾ نئون ڪجهه چئي رومان جو ائين احساس ٿو ڪرائي جو تپرس لڳيو وڃي. هيءُ بند ڏسو:
چؤنڪ تان ويڻي به هڪ ورتم کڻي،
رات ڇنڇر جي اگهاڙي بي حيا.
( ارجن حاسد )
بعد جديد غزل ۾ نيون تشبيهون ۽ استعارا وغيرهه استعمال ٿين ٿا. ان ۾ جماليات ڀري پيئي آهي. هاڻي غزل جو ائبسرڊ دؤر هلي رهيو آهي. ان ڊيگهه ۾ نه وڃي هتي صرف غزل ۾ ورهاڱي بعد ٿيل تجربن جو ٿوري ۾ ذڪر ڪجي ٿو. روايتي غزل واري دؤر ۾ ليکراج ‘عزيز’ ٽن مصراعن وارو غزل لکيو هو. ان جا ٻه بيت مثال طور پيش آهن، ڏسو:
پلنگن ۽ پوشن کي هت ڪير پائي،
سمهان شال سرتين سان واري وڇائي،
عمر ساج تنهنجا نه هڏ ٿي سڃاڻا.
بندياڻيءَ کي مارن سان مالڪ ملائي،
پنان ٿي عزيز آءٌ نت پاند پائي،
ڀرم سان ڪريان من ڀٽن پاسي ڀاڻا.
اهو غزل سندس ڪتاب “آبشار” جي صفح ٽئين تي درج آهي. هن ٽن مصراعن وارو صرف اهو هڪ ئي غزل لکيو، ان کان پوءِ گهڻي وقت تائين ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر ٽن مصراعن وارو غزل ڪونه لکيو. پوءِ وري واسديو موهيءَ ٽن مصراعن وارا غزل چيا. جن کي هن ‘هائيڪو غزل’(سوچ صورتون- غزل ۽ هائيڪو جو ميل ) ڪوٺيو. مثال ڏسو:
(1)
تکو هيو طوفان،
خالي ڊوڙيو روڊ تي،
ڏڪڻو وڻ حيران.
(2)
پنهنجي وچ ۾ ڪاچ،
ڏسجي سڀ، ٻڌجي نٿو،
ڀڻڪ هئي رازدان.
موهيءَ پهرين ۽ ٽين مصرع کي پيش جي سهاري هم قافيه بڻائي غزل جي تقاضا مطابق وچ واري ٻين مصراع کي مصراع اول ڪري پيش ڪيو.
پوءِ وري ديوي ناگراڻيءَ ٻٽي رديف سان ٻٽي قافيه کي ڦٻائي هڪ نئون تجربو ڪيو. سندس غزل جون هيءُ مصراعون ڏسو :
-احمق هجي ۽ ساڻ جي منهن جو هجي ملوڪ،
ان کي نواب ٿو پوي، چوڻو ڪٿي ڪٿي.
-تُڪ سان نه تُڪ ملي جي، ٿا حامي اتي ڀرين،
اهڙو نقاب ٿو پوي، مٽڻو ڪٿي ڪٿي.
هيري ٺڪر به غزل ۾ هڪ تجربو ڪيو آهي. هن قافيه ۾ هڪ ئي لفظ کي ٽي ڀيرا دهرائي بندش کي چست بڻايو آهي. سندس غزل جون هيءُ ڪجهه مصراعون ڏسو:
ڏڏ ٿي جو ڏاڻ گهريم هن کان، هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو،
جيڪي ڪجهه مون کي کپندو هو، سو ايندو ايندو ايندو ويو.
ڄڀ جيڏو منهنجو دامن هو، اڀ جيڏي هن جي مهر ميا،
مان وٺندي وٺندي ٿڪجي پيس، هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو.
پريم پرڪاش وري غزل جي ڀر ۾ ويهي نيون ڪوتائون لکيون آهن. اهي به ٽن ٽن مصراعن واريون آهن. انهن ۾ بحر وزن، ڇند، رديف ۽ قافيه ڪجهه به ڪونهي. انهن کي غزل ته مڃي ڪونه سگهبو، پر ائين ته چئي سگهجي ٿو ته نئين ڪوتا جا جيڪي اثر کڻي سنڌي غزل ڦليو ڦوليو آهي، اڄ اها نئين ڪوتا خود غزل ڏانهن ڇڪجي ان جي ڀر ۾ ويهڻ چاهي ٿي. اها سنڌي غزل جي ڪاميابي ئي ليکبي.
ڪل ملائي سنڌي شاعرن سنڌي غزل کي پنهنجي تخليقي ٻوليءَ سان اوچائيءَ تي پهچايو آهي. نارايڻ شيام نئين ڪوتا جي عناصرن کي پنهنجي لب و لهجي سان غزل ۾ اوتيو. ارجن حاسد ۽ ايم ڪمل جا غزل نئين ڪوتا جا ئي عڪس کڻي آيا. موهيءَ به اهڙن ئي عڪسن سان پنهنجي مخصوص ڍنگ ذريعي غزل کي نوان روپ ۽ آڪار ڏنا. بعد جديد غزل ڀلي لائوڊ ناهي پر گونگو ڪونهي. اهو اندر ۾ لهي اندر کي ولوڙي ٿو. ٻين شاعرن به پنهنجي پنهنجي نموني اظهار ۾ لاڳيتي نواڻ آڻي سنڌي غزل جو درجو وڌايو آهي ۽ ائين سنڌي غزل ڀارت جي ٻين ٻولين جي وچ ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. مون کي اميد ئي نه پر پوري پڪ آهي ته اهو اڃان به منزلون طئه ڪندو رهندو.
( سماپت )