گيتانجليءَ جا سنڌي ترجما ۽ انهن جو سنڌي شاعريءَ تي اثر
گيتانجلي ڪتاب کي نوبل انعام ملڻ کان پوءِ ان جا دنيا جي ڪئين ٻولين ۾ ترجما ٿيا. ڀارتواسين به پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ترجما ڪيا. سڀ کان پهرين گيتانجليءَ جو اردوُ ترجمو 1914ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سال 1915ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڇپيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ گيتانجليءَ جو پهريون ترجمو نوبل انعام ملڻ کان 13 سالن بعد يعني 1926ع ۾ ڇپيو، جيڪو دليپ سنگهه ماڻڪاڻيءَ ڇپايو. اڄ اهو ڪتاب اڻلڀ آهي. شري لالسنگهه اجواڻيءَ جي ڪتاب ‘سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس’ ۾ به ان جو ڪو ذڪر ڪونهي. بهرحال سنڌيءَ ۾ هيل تائين گيتانجليءَ جا ڪل چار ترجما ڇپجي چڪا آهن.
گيتانجليءَ جو ٻيون سنڌي ترجمو منگهارام ملڪاڻيءَ ڪيو، جيڪو سال 1942ع ۾ ڇپيو. ان ڳالهه جي تصديق اجواڻيءَ جي مٿئين ڪتاب جي صفح-189 تي ڪيل آهي.حالانڪ 1956ع ۾ هندستان ڪتاب گهر ممبئيءَ وارن جڏهن ان ڪتاب جو ٻيون ڇاپو ‘هندستان ساهتيه مالها ( سال-3، پستڪ-4)’ طور ڇپايو، تڏهن ان ڪتاب جوٻيون ڇاپو هئڻ جو ذڪر ڪونه ڪيائون. ايتريقدر جو ڪتاب ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جي لکيل مهاڳ جي هيٺان تاريخ به 8 جون 1956ع پيل آهي. البت منگهارام ملڪاڻيءَ مهاڳ ۾ ان جي ٻئين ڇاپي هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. لکي ٿو-“ ....ٻي مدد مون کي چوهڙ مل هندوجا ڪئي، جنهن سنڌ ۾ ‘رتن ساهت منڊل’ پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪڍيو هو...” پر ملڪاڻي صاحب ان پهرئين ڇاپي جو سال ڪونه لکيو آهي. منظوم شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيل اهو ڪتاب اڄ به ميسر آهي.
گيتانجليءَ جو ٽيون ترجمو گوبندرام سلامتراءِ رائسنگهاڻي ‘سائل’ نثري نظم ۾ ڪري ڇپايو. اهو ڪتاب به ڪٿي ڪونه ٿو ملي. چوٿون ترجمو کيمن يوُ. موُلاڻيءَ جو ڪيل آهي جيڪو سال 2012ع ۾ ڇپيو آهي، ان ۾ گيتانجليءَ جي انگريزي ترجمي ۾ شامل 103 ڪوتائن جي ترجمي کان سواءِ رابيندرناٿ ٽئگور جي ٻين مجموعن ۾ شامل100 ڪوتائن کي به شامل ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح ان ڪتاب ۾ 203 ڪوتائون آهن. منگهارام ملڪاڻيءَ جو ترجمو منظوم شاعريءَ ۾ ڪيل آهي ۽ باقي ٽي ترجما نثري نظم ۾ ڪيل آهن.
جيئن مٿي چيو ويو آهي ته گيتانجليءَ کي نوبل انعام ملڻ کان پوءِ ان جا دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ٻولين ۾ ترجما ٿيا، انهن ترجمن جي ڪري ڀارت جي ڪيترين ئي ٻولين جي شاعريءَ سان گڏ سنڌي شاعريءَ تي به ان جو اثر پيو، اها ڄاڻ ان وقت جي سنڌي شاعريءَ جو مطالع ڪرڻ مان پوي ٿي.
گيتانجليءَ جو سنڌي شاعريءَ تي پيل اثر ڏسڻ لاءِ اسان کي لاڙڪاڻي جي ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ واري اسڪول ۾ هلڻو پوندو، جيڪو ان وقت سنڌي شاعريءَ جو مرڪز هو. ان وقت بيوس سنڌي شاعريءَ تي ڇانيل هو. بيوس 1885ع ۾ ڄائو هو. 1913ع ۾ جڏهن ٽئگور کي گيتانجليءَ تي نوبل انعام مليو، تنهن وقت هو 28-27 سالن جو ڳڀروُ جوان هو. هوُ 21 سالن جي عمر ۾ ئي پختو شاعر بڻجي چڪو هو. فتحچند واسواڻي سندس ڳوٺائي ۽ گهرو دوست هو. ان صاحب بيوس شتابدي گرنٿ “سڏ پڙاڏو ساڳيو” جي صفح 6 تي لکيو آهي-“ ٽئگور جي شعر بيوس تي ڪافي اثر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻيا شاعر جيوت کي دک درسي نظر سان ٿا ڏسن، جنهن ڪري ويراڳ ۽ تياڳ جون صلاحون ٿا ڏين، پر ٽئگور ئي آهي جو هر نظاري، جيوت جي هر پهلوُءَ کي سک درسي نظر سان ڏسي آنند ڀريو ماڻڻ جو مارڳ ٿو بتائي. ماڻيو پر ‘مان-بنا ’،‘منهنجو-بنا’. پرڀوُءَ جون ڏاتيون، آنند مئه آهن. انهن مان آنند وٺو، پر نرمل رهت سان، ڪنول گل بڻجي .”
فتحچند واسواڻيءَ اڳتي لکيو آهي-“ رابيندرناٿ جي ڪتابن پڙهڻ سانگي بيوس وڏي عمر ۾ انگريزي سکيو. شؤق ڇا نٿو ڪري سگهي؟ ڇهن مهينن ۾ ايتري ته انگريزي سکيو، جوٽئگور جو ‘ساڌنا’ جهڙو فيلسوفيءَ جو ڪتاب به پڙهي ۽ سمجهي سگهندو هو، نه رڳو ايترو بلڪ ڪاليجي شاگردن کي ان فيلسوفيءَ جي سمجهاڻي ڏيندو هو.”
لالسنگهه اجواڻيءَ “ سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس ” جي صفح 192 تي صاف اکرن ۾ لکيو آهي –“ شاهه ۽ رابيندرناٿ ٺاڪر، بيوس جي ڪوتا جا آدرش هئا.” جنهن شخص ٽئگور جو ايڏو اڀياس ڪيو هوندو ۽ ٽئگور جنهن جو آدرش رهيو هوندو، ان تي ٽئگور جي شاعريءَ جو اثر ڪيئن نه پيو هوندو؟ ۽ جيڪڏهن اثر پيو هوندو ته ضرور ان جي شاگردن تي به اثر پيو هوندو. شاگردن تي ئي ڇو؟ ان وقت سنڌ جا ذري گهٽ سڀ سنڌي هندو شاعر بيوس جي اثر هيٺ هئا، انهن سڀني تي به ضرور اثر پيو هوندو.
رابيندرناٿ ٽئگور گيتڪار هو ۽ گيتانجلي گيتن جو مجموعو آهي. ڪوي ڪشنچند بيوس پڻ گيتڪار هو. سندس گيتڪار هئڻ جي تصديق لالسنگهه اجواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ساهتيه ڪا اتهاس’ ۾ ڪئي آهي. چوي ٿو-“ بيوس ۾ هڪ گيتڪار جا حقيقي گڻ هئا.” هتي اهو چوڻ به بي واجب نه ٿيندو ته بيوس جي لاڙڪاڻي واري شاعريءَ جي اسڪول جا گهڻي ڀاڱي سڀ شاگرد پڻ گيتڪار ئي هئا. هو گيتن سان گڏ وايون، نظم ۽ بيت به لکندا هئا. اُهي غزلگو شاعر ڪونه هئا. ايتريقدر جو بيوس غزل جي ٻن مصرعن وانگر جيڪي بند لکيا، انهن کي غزل نه چئي ‘پوُر’ ڪوٺيو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سندس ٻن مصرعن وارا اهي بند غزل جون فني تقاضائون پوريون ڪونه ٿا ڪن. اهڙو هڪ بند ڏسو:
منهنجي دل جا ديوتا ! تنهنجو لهان مندر ڪٿي؟
عشق جو جنهن ۾ اُجالو آهه سو اندر ڪٿي؟
بيوس جي مٿئين بند تي ٽئگور جي ڪوتا جو اثر صاف نمايان آهي. ٽئگور جي ڪوتائن ۽ گيتن ۾ مکيه وشيه تڙڦ آهي. تڙڦ ۾ من سدائين محبوب سان ملڻ لاءِ آتو رهندو آهي. مٿئين بند ۾ پڻ پرڀوُءَ لاءِ تڙڦ نظر اچي ٿي. ٽئگور پنهنجي هڪ ڪوتا ۾ چيو آهي:
“ڇا سندس خاموش آهٽ نا ٻڌين ٿو؟ هو اچي پيو: هو اچي پيو-نت اچي پيو.” بيوس به چوي ٿو:
نيڻ درسن لاءِ کوليو، شهسواري ٿي اچي،
دل اندر درٻار لڳندي، ذات باري ٿي اچي.
بيوس جي هيٺئين بند تي به ٽئگور جو اثر عيان آهي:
اڄ غريبن جون ڪکايون جهوپڙيون مالڪ گهمي،
ٿو مڙهيءَ، مسجد، مندر ،ديول ٽڪاڻي کان ٽهي.
مثال گهڻا آهن پر مان انهن کان ڪنارو ٿو ڪريان. هاڻي لاڙڪاڻي جي شاعريءَ واري اسڪول جي شاگرد هري دلگير جون به ڪي ڪوتائون ڏسو:
پريم پوڄارڻ ڇڏي پنهنجي وئين پريتم ! پري،
دل جي ديپڪ ۾ اڃا ٿي پريم جي جوتي ٻري،
دل-دري کولي اچين هڪوار منهنجا هوت!تون،
تنهنجو درشن ديد –درپڻ ۾ ڪري ٺاڪر! ٺري.
هري دلگير جي ديس ڀڳتي گيت جون هيءُ سٽون ڏسو:
او منهنجا داتار،
سڻ منهنجا ڪرتار.
منهنجي ديس جي مٽي مٺڙي، ٿي جل ۾ ميٺاج،
وايوُءَ ۾ ميٺاج مدامي، هر ڦل ۾ ميٺاج،
ميٺُ هجي ميٺاج کان پيارو،
مصري ۽ ماکيءَ کان نيارو،
ڏي ميٺاج اپار.... او منهنجا داتار، او منهنجا ڪرتار.
هري دلگير پاڻ پنهنجي ‘نامعلوم لفظ’ سري واري ڪوتا ۾ مڃيو آهي ته مٿس ٽئگور جو اثر هو. سندس ئي لفظن ۾ ڪوتا ڏسو:
گيت مون گرديو جو رات ريڊيو تي ٻڌو،
لفظ نامعلوم ها، غير ٻوليءَ کان هيس،
لفظ لهرن کان اجهل، هير کان هلڪا سڌير،
ٽُٻَ هنيا ميٺاج ۾، خاص خوشبوءِ ۾ ڀنل،
دل اندر جهومڻ لڳا، خوب جهومائڻ لڳا.....
ڪوتا وڏي آهي ان ڪري اها اتي ئي ختم ٿو ڪريان. پرڀوُ ‘وفا’ به بيوس جو شاگرد هو. سندس ڪوتائن جي مجموعي ‘پرواز’ ۾ صفح-2 تي ڏنل ڪوتا جون ڪجهه سٽون ڏسو، جن مان ظاهر آهي ته مٿس ٽئگور جو اثر هو:
جڏهن ويهي مندر ۾ چپ چاپ مان،
اي ڀڳون ٿو تنهنجو جپيان جاپ مان،
ٿو چاهيان فقط تنهنجو ميلاپ مان،
نج جت دخل دنيوي خيالن جو ڪو،
اُتي آتما کي اُڏائي سگهان.
ڪشنچند ‘بيوس’ جي هڪ ٻئي شاگرد هوندراج ‘دکايل’ جي هيٺين ڪوتا مٿس پيل ٽئگور جي اثر جو مثال آهي:
منهنجي گيتن جو سـُر-لئه سنگيت به تون آهين!
ڀيڙ ڀري دنيا ۾ منهنجو ميت به تون آهين!
مندر، مسجد، گردئارو، ديول ۽ پاڪ ڪليسا؛
سڀني جي تـُل منهنجي لاءِ پـُنيت به تون آهين!
تنهنجي تابع آهي هن سنسار جو راڄ سڄو ئي،
تير-تبر ڌاران لاشڪ جڳ جيتُ به تون آهين!....
ها، اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءُ سنسار پل پل مٽجي ٿو. هر چيز بدلجي ٿي. هر ٻوليءَ جي ڪوتا به آد جڳاد کان پنهنجا رنگ، ڍنگ، رخ ۽ لاڙا مٽيندي رهي آهي. ان ڪري سنڌي ڪوتا تي ٽئگور جو اثر گهڻو وقت ڪونه رهيو، جيئن ڪن ٻين ٻولين تي به گهڻو وقت ڪونه رهي سگهيو. ( سماپت )