خادم جي ڪوتائن جو فني پهلوُ
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ سنڌي ادب کي شاعريءَ جا پنج مجموعا ڏنا، جن ۾ ٻه روباعين جا مجموعا، ٻه نئين ڪوتا جا مجموعا ۽ هڪ غزلن جو مجموعو شامل آهن. ان کان سواءِ سندس ٻه مضمونن جا مجموعا ڇپيل آهن. هن ‘ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ’ سري وارو هڪ ڪتاب ايڊٽ به ڪيو. جيتريقدر ترجمن جو سوال آهي ته ٻين ٻولين جا ٽي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ پنهنجي ئي رباعين جو سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو ڪري ‘رنگين رباعيان’ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيائين. اهو ڪتاب هندي ٻوليءَ جي ادبي حلقن ۾ ڪافي مشهور ٿيو.
شاعريءَ ۾ رباعي ۽ غزل کي سخت گيـِر گهاڙيٽا ( فارم ) ليکيو ويندو آهي، جن تي قلم آزمائي ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ تجربي جي درڪار هوندي آهي. ان بعد ئي غزل ۾ تغزل جو احساس اڀرندو آهي. رباعي ته وري چئن مصرعن واري هڪ جادوئي دٻليءَ مثل ٿيندي آهي، جنهن جي آخرين مصرع ڄڻ هڪ ڪنجي هوندي آهي، رباعيءَ جو سڄو سار ان آخرين مصرع ۾ هوندو آهي. چوڻ جو مطلب اهو ته اها آخرين مصرع ئي رباعيءَ کي رباعي بڻائيندي آهي، جيئن غزل جي بند جي ثاني مصرع غزل ۾ تغزل جو احساس ڏياريندي آهي. رباعيءَ لاءِ اخرم ۽ اخرب جا 12-12 وزن يعني ڪل 24 وزن مقرر ڪيل آهن، پر غزل ۾ اهڙي ڪا بندش ڪانه آهي. اهو ڪنهن به فارسي وزن يا ڇند تي لکي سگهجي ٿو. ها، پر غزل جي بند جي ٻن مصراعن ۾ ربط جو هئڻ لازمي هوندو آهي.
نئين ڪوتا ۾ پڻ اختصار، تز لفظ ۽ هڪ اندروني لئه هوندي آهي. ڏسڻو اهو هوندو آهي ته لکڻيءَ ۾ شاعري آهي يا نه؟ ڪوتا جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ/آنند ماڻڻ لاءِ پاٺڪ کي پڻ اڳواٽ اها ڄاڻ هئڻ لازمي آهي، جيئن هو فني باريڪيون ماڻي سگهي. اها سوجهي ۽ ڄاڻ هر پاٺڪ جي پنهنجي آزمودن ۽ شخصيت موجب سندس نجي ٿيندي آهي. پر سمورين ادبي تخليقن سان هڪ شرط لاڳو آهي ته اهي ڪيتري قدر ديرپا آهن. اڄ اسان ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو سؤ سالا جشن ملهائيندي سندس لکڻين جي اوک ڊوک ڪري رهيا آهيون، اها بذات خود هڪ ثابتي آهي ته هن جون لکڻيون/ اسان کي ڏنل ورثو ديرپا ثابت ٿيو آهي.
هتي ان ڳالهه تي سوچڻ جي به ضرورت آهي ته غزل ۽ رباعيءَ جهڙي ڪهنا مشق فارمن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ آزاد نظم ۽ نئين ڪوتا طرف ڇو مڙيو؟ اها ته پڪ آهي ته هلندڙ بس ۾ ٻين شاعرن کي ويٺل ڏسي ان ۾ چڙهي مشهوري ماڻڻ جي تمنا کيس نئين ڪوتا طرف آمادهه ڪونه ڪيو هوندو. منهنجي خيال ۾ حقيقت اها آهي ته تخليقڪار جڏهن ڪا تخليق ڪندو آهي ته ان جو اظهار ڪرڻ کان اڳ سندس ذهن ۾ ڪئين خيال، جذبا ۽ عڪس هوندا آهن ۽ ائين ڪنهن فارم کي چونڊي اظهار ڏيڻ خاطر ڪيترو ئي خزانو سندس نيم تحت الشعور ۾ ڪٺو ٿيندو رهندو آهي، پوءِ اهو ڪڏهن گرم پاڻيءَ جو چشمو بڻجي يا ڪڏهن ٻرندڙ جبل جو لاوا بڻجي ڦاٽ کائي نڪرندو آهي. اها تخليقي قوت ٻاهر نڪرڻ لاءِ سدائين موزون رستو ڳولهيندي رهندي آهي. انومان لڳائي سگهجي ٿو ته ‘خادم’ سان به ضرور ڪجهه اهڙو ئي ٿيو هوندو، جنهن کيس انهن فارمن طرف متوج ڪيو هوندو.
هتي اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته هيئيت (فارم) ۽ مواد جڏهن پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيندا آهن، تڏهن ئي ڪنهن ڪلا جو جنم ٿيندو آهي. اهڙي وقت فارم مواد جو محتاج آهي يا مواد فارم جو، اهو بحث اجايو ٿيو پوي، ڇاڪاڻ ته ڪابه ڪلا تڏهن پيدا ٿيندي جڏهن آهي ٻئي عناصر هڪ ٻئي سان رل مل ٿيندا آهن ۽ ائين هڪ نئين ايڪائي ڪوتا جي روپ ۾ پيدا ٿيندي آهي.
خير، مون کي هتي ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جي صرف ٻن مجموعن ۾ ڇپيل ڪوتائن جي فني پهلوءَ جي اوک ڊوک ڪرڻي آهي. سندس پهريون مجموعو ‘پرهه جي باک’ 1972ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. 120 صفحن ۾ ڦهليل ان مجموعي ۾ ٿورا آزاد نظم ضرور شامل آهن، پر ٻيون سڀ نيون ڪوتائون آهن. ڪتاب جي قيمت صرف اڍائي روپيا آهي. اهو مجموعو هن پنهنجي استاد ليکراج ‘عزيز’ جي نالي ڪيو آهي، جنهن کيس شاعريءَ جي فن سان روشناس ڪرايو. ليکراج‘عزيز’ سنڌي غزل ۾ پنهنجو جيڪو يوگدان ڏنو، اهو ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. هوپابند شاعريءَ جو پڪو پختو شاعر هو.
‘پرهه جي باک’ ۾ ڏنل آزاد نظمن جو طرز- بيان اردوءَ جي آزاد نظمن جهڙو آهي. اهو شايد ان ڪري جو سنڌيءَ ۾ آزاد نظم اردو شاعريءَ معرفت آيو. منهنجي خيال ۾ هاڻي جنهن کي نئين ڪوتا ٿو چيو وڃي، اها آزاد نظم (فري ورس) ۽ ادب لطيف (بلئنڪ ورس) جو ئي ايڪسٽينشن آهي.
جنهن وقت ‘خادم’ جا مٿيان ڪتاب ڇپيا، اهو دؤر آزاد نظمن جو ئي هو، ان دؤر ۾ شيخ اياز، هري دلگير، نارايڻ شيام، ڪرشن راهي، ايشور آنچل ۽ ارجن شاد وغيرهه ڪيترن ئي شاعرن آزاد نظم لکيا، پر پوءِ آهستي آهستي نون لاڙن، نئين ذهنيت ۽ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال سان ڪوتا جي ٽريٽمينٽ ۾ ڦيرو ايندو ويو. هونئن به بدلاءُ اڻ ٽر آهي. جڏهن سنسار جي هرهڪ چيز بدلجي ٿي ته پوءِ ڪوتا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
‘خادم’ جو ٻيون ڪوتائن جو مجموعو ‘چيخ’ سري سان 1977ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن تي مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ کيس 1978ع ۾ انعام سان نوازيو. ان ۾ 53 نيون ڪوتائون ڏنل آهن،پر ڪتاب جي سر-ورق تي انهن کي آزاد نظم لکيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اهي آزاد نظم ڪونهن پر نيون ڪوتائون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪو وزن بحر ڪتب آندل ڪونهي. آزاد نظم ۾ ڪونه ڪو ردم ضرور هوندو آهي. ڀلي قافيي جو استعمال هجي نه هجي.
‘خادم’ جي هن مجموعي جو عنوان ‘چيخ’ بلڪل صحيح ٿو لڳي. ڪوتا شاعر جي اندر جي سنهي چيخ ئي ٿيندي آهي، جيڪا سندس زندگيءَ جي انڀون جي دٻاءَ/لوڇ پوڇ مان پيدا ٿي لفظن ۾ اظهار پائيندي آهي. شاعر اهي انڀو پنهنجي آسپاس واري ٻاهرين دنيا مان حاصل ڪندو آهي. اهي انڀو ئي سندس سنويدنا کي جاڳائيندا آهن. انڀون ۽ سنويدنائن جو ڪو روپ ڪونه ٿيندو آهي، اهي امورت آهن. لفظن جو جامو پائڻ کان پوءِ اهي ڪوتا جو روپ اختيار ڪندا آهن. شاعر لاءِ انڀو ۽ سنويدنائون ٻئي مسلسل ڪريائون هونديون آهن. جن لاءِ هو سدائين سجاڳ رهندو آهي، ڇو ته شاعر باشعور ٿيندو آهي.هيءَ ڪوتا ڏسو، جنهن ۾ ڏنل انڀو اسان کي به ضرور ڪڏهن ٿيو هوندو.
“جبل جيئن زور سان ٻانهون وڌائي/ماٿريءَ کي/ٻک وجهي/ سيني لڳائي/پاڻ ڏانهن کينچي/۽ هوءَ/ڦٿڪي/ڇڏائڻ جي ڪري/روئي/نديون نارا وهائي/رڙ مچائي.../مگر چارو نه پائي/انت ۾ سڌ ٻڌ ڀلائي/وڃي ٿي سانت../ منش به تيئن مصيبت جي شڪنجي ۾ اچي/روئي رڙي/ٻانهون هڻي/بيوس بڻي/آخر/ڪري ٿو پاڻ کي قسمت حوالي” ( ‘پرهه جي باک‘، صفحو- 40)
اهو عالمگير سچ آهي، جيڪو لازمان، لامڪان ۽ لاانسان آهي. هر ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي مصيبتن سان دوبدو ٿيڻو پوي ٿو. ڪوبه مصيبتن کان ڇٽل ڪونهي. ڪوتا جي ان ٽڪري جو فني پهلو اهو آهي ته شاعر تخليقي ٻوليءَ جو استعمال ڪندي پهرين ايهام ۽ پوءِ استعارو ڪتب آندو آهي.
يٿارٿ/سچ جو گيان، ترڪ ۽ ويچار وسيلي ملندو آهي.ويچار ئي ڪلپنا شڪتيءَ کي جاڳائيندا آهن ۽ ڪلپنا وري سوجهيءَ ذريعي ملندي آهي. استعارن جو واسطو به ڪلپنا شڪتيءَ سان ئي هوندو آهي. اڄڪلهه علامت کي به هڪ قسم جو استعارو ٿو مڃيو وڃي، پر منهنجي خيال ۾ اها اجائي مونجهه پيدا ڪرڻي آهي. علامت ۽ استعاري ۾ فرق آهي. حالانڪ علامتون ۽ استعارا شاعر جي شعور مان پاڻمرادو اڀرندا آهن. شاعر جو شعور سدائين ڪنهن نه ڪنهن سچ جي تلاش ۾ رهندو آهي. علامتون ۽ استعارا ان سچ کي شدت سان ظاهر ڪرڻ ۾ شاعر جي مدد ڪندا آهن. ڪلپنا انهن مان ئي پريرڻا حاصل ڪندي آهي. ڪلپنا کي پر لڳي ويندا آهن. هيٺين ڪوتا ۾ شاعر زندگيءَ لاءِ پهاڙ جو استعارو ڪتب اڻي زندگيءَ کي گهڻ ڪُنڊو ارٿ عطا ڪيو آهي. ڏسو:
“زندگي آهي پهاڙ/سخت پٿر ۽ ڇپون/لڪ اڻانگا، آڏا/ڇا ته اوچيون چاڙهيون!/ ڇا ته اونهيون لاهيون!!/ ڪيئن رسان چوٽيءَ تي/ پير ترڪي نه وڃي/ ساهه سرڪي نه وڃي/هڏ ڀڄي ڀل ٿين چور/پهچڻو آهي ضرور”(پرهه جي باک،ص11)
هن ڪوتا ۾ انسان جي زندگيءَ جو چتر چٽيو ويو آهي. انسان آد جڳاد کان ائين ئي پنهنجي زندگي جي رهيو آهي. زندگيءَ جو پهاڙ چڙهندي هو ان ڊپ ۾ ئي رهي ٿو ته ڪٿي پير ترڪي نه وڃي، پر پوءِ همٿ ٻڌي سوچي ٿوته ڀلي هڏ گڏ ڀڄي چور چور ٿين، پهاڙ جي چوٽيءَ تائين پهچڻو ته ضرور پوندو. جيئڻو آهي ته ماٺ ڪري ويهي ته ڪونه رهبو.
منظرڪشيءَ ذريعي پنهنجي ڳالهه چوڻ ڪوتا جو جهونو نمونو آهي. ‘خادم’منظر ڪشيءَ ذريعي سهڻو ڪلاتمڪ اظهار ڪيو آهي.ڪي مثال ڏسو:
(1)“....آ ڪنهن جو سينو آئينو/جنهن مان پيو مرڪي تاج محل؟/ ڇا اها آهي ساڳي جمنا-/رنگ راس سندي راڻي جمنا؟/ڇا گهري سپني مان جاڳي/جل وستر ۾ اوڍيل جمنا؟....” (‘پرهه جي باک’، صفحو- 26 )
‘جل وستر’ هڪ نئون نڪورو استعارو آهي، جيڪو آنند جو انڀو ڪرائي ٿو. ان ۾ تجسم ( پرسنيفڪيشن )جو به ڪامياب استعمال ڪيل آهي. جمنا نديءَ کي ‘رنگ راس سندي راڻي جمنا’ ٿو ڪوٺي.
(2)“....سج باکون ڪڍيون/مِٽيو ڌنڌ/صاف ٿي پيئي فزا/ماڪ/ڊپ ڀؤ کان/سسي/گم ٿي وئي/ٽهڪڙا ڦولن وڌا/۽ ڪليون -/موج مستيءَ ۾/نچي/پيون ٽڙي....”(‘پرهه جي باک’ص - 46 )
هتي‘ماڪ جو ڊپ کان سسي گم ٿي وڃڻ’ سهڻو شاعراڻو اظهار آهي، جيڪو شاعر جي شاعراڻي قوت ڏانهن اشارو ٿوڪري.
(3)“....اڀ آهي صفا/۽/صاف فضا/ڪهڙو نه چٽو ٿيو آهي ڏينهن!/ سورج ٿو وسائي سون جو مينهن/ڇا چهچ ٿي پيئي آهي زمين!/شايد ٿي زمرد جي ورکا/هر ٽاريءَ جو/ٻيءَ تي/ڏونڪو هڻڻ/سر تال ملائي ٿو پن پن/هر ٻوٽو/ ناچ ۾/مست/ مگن......” ( ‘پرهه جي باک’، صفحو-21 )
‘سون جو مينهن’ ۽ ‘هر ٽار جو ٻيءَ تي ڏونڪو هڻڻ’ نج شاعراڻا اظهار آهن، جن مان شاعر جي شاعراڻي فطرت عيان آهي.
شاعر ‘ڪالڪا-سملا’ رستي تي هلندڙ ريل کي ڏسي، ان ريل گاڏيءَ جو هن ريت فنائتو اظهار ڪيو آهي: “... ڪاري، تهه ڪاري ٻر مان/اوندهه گهر واري ٻر مان/چين چين، پوءِ رڙ ڪوُڪ ڪندي/دانهيندي/ور کائيندي/نڪتي ٻاهر اڇي ڪوُئي./ننڍڙي ننڍڙي/۽ سنهڙي/وک وڌايائين تڪڙي/اکڙين ۾ مشعال ٻريل....” (پرهه جي باک’، صفحو-28 )
مٿين ڪوتا ۾ معنوي صنعت‘ڪنايو’ جو استعمال ڪيل آهي.ان کان سواءِ ‘چين چين، پوءِ رڙ ڪوڪ ڪندي / دانهيندي / ور کائيندي’ جهڙا لفظ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال جا بهترين مثال آهن.
‘خادم’جي خوبي اها آهي ته هو انڀو مان پيدا ٿيل سنويدنا کي ڪوتائن ۾ بلڪل سهج نموني اظهاري ٿو: “ چاهيان ته مران-/غير رواجي ڪو مؤت:/جيئن پاڻي ٿئي ٻاڦ/داڻو اڀري/سورج ڏئي ٽٻي/اڀ ٿئي بادل....”
ڪوتا جو اهو انس ‘پرهه جي باک’ جي صفحي 59 تي ڇپيل آهي. ان ۾ قدرتي سلسلي کي داخلي رنگ ڏيئي اظهاريو ويو آهي.
طنز جهوني وقت کان اظهار جو ذريعو رهي آهي. هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جي ڪن ڪوتائن ۾ طنز به آهي. اها طنز سندس ڪوتائن جي رچاو سان جڙيل آهي. انهن ڪوتائن ۾ نئين ڀاو ٻوڌ جو اظهار نظر اچي ٿو. مثال ڏسو:
(1)“اڪيچار گرهن جي پهري وچان/ويو اوچتو ڪوئي ڌاڙو هڻي..../ ڪيم ڪيڏي محنت سان پالي وڏا/مگر.../هاءِ!هاءِ!!/ويو هو کڻي پاڻ سان بي ڌڙڪ/نه هڪ چنڊ/پر ساڻ/منگل/ٻڌر.” ( ‘پرهه جي باک’، صفحو-67 )
(2)“هنئر ٿو مان سمجهان/ورهين بعد پرجهان/ته هيءُ آسمان/جوتشي /غيب ڄاڻو/هئوآشنا خوب گرهن سندم کان/رنو ٿي انهيءَ کان” (صفحو-79 )
(3)“اڳي/ميرن لٽن جي لڏ/هينئر/ڌوتل اڇا ڪپڙا/گڏهه جو شان اعلى آهه.” (‘پرهه جي باک’، صفحو- 13 )
اها پوڍاون ۽ نيتائن تي چوٽ ڪيل آهي، جيڪي فقير مان امير بڻجي ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪونه ٿا سمجهن.
ڏٺو وڃي ته ڪوتا شاعر جي لاشعور ۾ دٻيل انڀو جي ڦٽ جي سوُٽ آهي. هلڪي چوٽ رسڻ سان ئي شاعر جي انڀو جو اهو ڦٽ تازو ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ سندس سنويدنا ان کي اظهارڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. هن ڪوتا ۾ اهڙي ئي سوٽ جو سهج اظهار ۽ فڪر جي گهرائي آهي:“ مون کان جي پڇو/انسان آهه/ ٻپيرو حيوان/سڱ/پڇ/نه اٿس/چري نٿو گاهه ۽ پن.” (‘چيخ’، صفحو- 19 ) اهو انڀو اهڙو آهي، جو اسان به ڪڏهن نه ڪڏهن ائين ضرور حاصل ڪيو هوندو. ان ڪوتا ۾ ‘ٻپيرو حيوان’ انسان جي علامت آهي.
هاڻي مجبوري، بيوسي ۽ ڇٽپٽاهٽ مان پيدا ٿيل ڪن ڪوتائن جا ڪي انس پيش آهن، جن شاعر جي قلم جي نوڪ تي سهج نموني اچي پاڻمرادو اظهار پاتو آهي:
(1)“ڀاڳ جي دونهين آ گهٽيو دم/تازي هوا ڏي/ڪجهه ته جيئڻ ڏي.” ( ‘چيخ’ صفحو-9) ( ڇٽپٽاهٽ )
(2)“شڀ اڇائون ڏيان/کڻان دعا جا هٿ/ان سواءِ منهنجي هٿ ۾/ڇا آهي؟/ڇا ڪرڻ گهرجي؟؟ڇا ڪري ٿو سگهان؟؟؟” (چيخ، صفحو-11) ( بيوسي)
(3)“اهڙي ٿي لڳي ماٺ/نه اڪلي ٿي زبان/چاهيان ٿو چوڻ/خوب چوڻ /سڀ کي وڄائڻ منهن تي/پر/ائين ٿو لڳي/ شايد/ ڪجهه چئي نه سگهان.” (‘چيخ’، صفحو-18 ) ( مجبوري )
(4) “ڀتيون/ڀتيون ئي ڀتيون/۽ انهن پٺيان به ڀتيون/ مٿاهيون/وڏيون/چوڙيون/اڳيان/پٺيان/چوگرد دري نه آهي در./ سڏيان ته ڪنهن کي سڏيان؟/ ڪيئن سڏيان؟/ٻڌندو ڪير؟“ (‘چيخ’ – صفحو44 ) ( بيوسي )
مَٿيُن ڪوتائن ۾ ڪو رڙ واڪو ڪونهي. ٻوليءَ ۾ هڪ گهري سانت آهي، پر عالمگير سوچ جا پڙاڏا آهن.‘ڀتيون’ لفظ ۾ گوناگون معنائن جا تهه آهن.اهو پاٺڪ تي ڇڏيل آهي ته اهو ڪهڙو تهه ٿو کولي. جيئڻ ڪا سٿري ڳالهه ڪانهي. زندگيءَ ۾ انسان جي آڏوطرح طرح جون ڀتيون اينديون آهن، اهي ڀتيون اڳ به هيون، اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به رهڻيون آهن. ڪامل شاعر جي اظهار جي اها فني ڪاريگري ئي ڪوتا کي جاوداني بخشيندي آهي.
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ‘خادم’ جنهن وقت پنهنجي ڪوتائن جا اهي مجموعا ڇپايا، ان وقت سنڌ کان وڇڙڻ جو ڏنگ اڃا تازو هو. سندس ڪوتائن جي مجموعي ‘چيخ’ جي صفحي 46 تي ڏنل‘اي امڙ!’ سري واري ڪوتا ڪجهه اهڙو ئي احساس ڪرائي ٿي، حالانڪ ڪوتا ۾ ڪٿي به سنڌ لفظ ڪتب ڪونه آندل آهي، پر ڪوتا پڙهڻ وقت اهو ظاهر ٿي ٿو بيهي ته ‘امڙ’ لفظ سنڌ جي ئي علامت آهي. هونئن به امڙ کان وڏو ڪو رشتو ڪونه ٿيندو آهي ۽ شايد ان ڪري ئي جنم ڀوميءَ کي جنني چيو ويندو آهي. شاعر چوي ٿو:
“اي امڙ! تون هُتي آهين/مان هِتي/وچ ۾/آهه ديوار هڪ/اتاهين کڄيل/ جيئري/جڳ ۾/ ٽپڻ..جا آهي محال/نه مون کي ٿي/ ٻُڌي سگهين/نه اچي ئي لهي سگهين سڌ- سار/تو بنا/ياد تنهنجيءَ ۾/ڪيئن ٿو گذري سمو/ڌڻي ڄاڻي../دل اداس آهه/ننڊ نيڻين ناهه/چؤطرف آهي ٻاٽ سناٽو/ڪاش ديوار کي هجي ڪو در!” ( ‘چيخ’- صفحو46 )
اختصار ڪوتا جي هڪ خوبي مڃي ويندي آهي. هرومل سدارنگاڻي ‘خادم‘جي هيءَ ننڍڙي ڪوتا ان جو تز مثال آهي، جيڪا گهڻو ڪجهه چئي ٿي.
“حملي جي رات/ نؤورنين سان سيج تي سرگرم نؤجوان/ .../ ڪيڏين نه ڏهاڳڻين کي ڇورا ڄمندا !” (‘پرهه جي باک’ – صفحو 71 )
آخر ۾ مان ڪوتا جو هيءُ انس لکڻ کان پاڻ کي روڪي ڪونه ٿو سگهان. ائين ٿو لڳي ته هيءَ ڪوتا ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي نه پر ايڪويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي جي لکيل اڄوڪي تازي رچنا آهي.“ماٺ/ساڳي ماٺ/ساڳي ماٺ واري ماٿري/رات پڻ/هر رات جهڙي- /ارد.../لنبي.../ظلم واري.../مان/۽ دوري/۽ اڪيلائي/۽ ڀٽڪڻ عمر جو.” (‘پرهه جي باک’ – صفحو99 )
ڪوتا ۾ ڏسڻو اهو آهي ته شاعر وشيه کي ڪهڙي ڪُنڊ کان کنيو آهي ۽ ڪوتا کي ڪهڙو ٽريٽمينٽ ڏيئي اڀاريو آهي. وقت جي محدودگيءَ سبب مان وڌيڪ مثالن کان ڪنارو ٿو ڪريان. ليڪن ايترو اوس چوڻ چاهيندس ته هيءُ ڪوتائون زندگيءَ جي حقيقتن مان حاصل ڪيل انڀون ۽ سنويدنائن جوتخليقي ٻوليءَ ۾ ڪيل اظهار آهن. اهي اڄ جي ڪوتا جون لڳ ڀڳ سڀ گهرجون پوريون ڪن ٿيون. منجهن اندروني ردم آهي. فني خوبين سبب کين وقت جي دز اڃا لَٽي نه سگهي آهي، حالانڪ اهي ان وقت جون آهن جنهن وقت نئين ڪوتا سنڌي ادب ۾ اڃا ٻاروتڻ ۾ هئي. (سماپت)